تقريظ
از : حضرت علامه مولانا ڊاڪٽر
عبدالرسول قادري
مدظلھ
(سڪرنڊ
نوابشاهه)
اَلصَّلٰوةُ
وَالسَّلَامُ عَلَيۡکَ يَا رَسُوۡل الله...وَعَلٰي
اٰلِکَ وَاَصۡحَابِـکَ يَا حَــبِيبَ الله
رحمة
للعالمين جو فيض جاري آ حديث
گلشنِ
اسلام جي ٿـي سبز ٽاري آ
حديث
الله
ﷻ
قرآن شريف ۾ رسول الله
ﷺ
جي اطاعت ۽ تابعداري جو حڪم فرمايو آهي. اسان مسلمانن لاءِ قرآن ڪريم سان گڏ صاحبِ
قرآن جي حديثِ نبوي به حجت دليل ۽ قابل عمل نمونو آهي، برصغير ۾ حديث جا منڪر
اعتراض ڪندا رهيا آهن. پاڪستان ۾ پرويزي فڪر جو فتنو مشهور آهي، خاص ڪري هن وقت سنڌ
۾ عزيز الله ٻوهيو”فتنه انڪار حديث“ جو سرغنو آهي. عجب آهي جنهن پاڪ هستيءَ جي مٿان
ڪلمو پڙهن ٿا، انهيءَ جي قول ڪلام جو انڪار ڪري، خبر ناهي دين اسلام جي ڪهڙي خدمت
ڪري رهيا آهن؟ ان ڪري هن ڳالهه جي وڏي ضرورت هئي ته”حجيت حديث“ بابت ڪو مجاهد محدث
عالم سنڌي زبان ۾ قلم هلائي حق ظاهر ڪري ۽ ”فتنه انڪار حديث“ جو تحقيقي دليلن سان
رد لکي.
الحمدلله
ﷻ
! اها سعادت سنڌ جي مايه ناز عالم، ليکڪ، مقرر ۽ مشهور مفسرِ قرآن علامه مولانا
مفتي محمد ادريس ڏاهري”بلبلِ مدينھ“ جي ڪُڻي ۾ آئي، جو هن عشقِ رسول
ﷺ
جي تقاضا کي سامهون رکي، حضور ڪريم
ﷺ
جي سهڻي صورت ۽ دلپذير سيرت ۽ عملي زندگيءَ بابت مشهور ڪتاب ”شمائل ترمذي“ جو سنڌي
ترجمو ۽ تفصيلي شرح لکيو آهي، خاص ڪري هن بهترين ڪتاب جي منڍ ۾ ”حجيت حديث“ شاندار
تحقيقي مقدمو لکيو آهي ته مسلمانن لاءِ قرآن ڪريم سان گڏ صاحبِ قرآن جي حديث ۽ سنت
به حجت ۽ قابلِ عمل دليل آهي.
علامه
ڏاهري صاحب هن مقدمي ۾ حديثِ نبويءَ جي اهميت عظمت ۽ قابلِ عمل هجڻ بابت هيٺين
عنوانن تي ڀرپور جامع مستند ۽ تحقيقي حوالن سان قلم هلايو آهي. ”وحي متلو، وحي غير
متلو، حديث پاڪ جي ضرورت ، حديث جي هجڻ جا منڪر هندستان ۾ سر سيد احمد خان، مصر ۾
ڊاڪٽر
طٰھ
حسين، ترڪيءَ ۾ ضياء گوک الپ رهيا آهن. حديث جي منڪرن جا ٽي نظريا ۽ انهن ٽنهي
نظرين جو زبردست تحقيقي رد، حديث جي منڪرن جا سوال ۽ انهن جا جامع جواب، حديث جي
ترتيب ۽ تدوين، حديث جي پهرئين ڪتاب ”الصحيفھ ھ الصادقة“ کان ”صحيفھ همام بن منبھ“
تائين چوڏهن ڪتابن جو احوال، خلفاءِ راشدين جي دور ۾ حديث جي خدمت، عمر بن
عبدالعزيز جي زماني ۾ علمِ حديث جون خدمتون، پهرين صدي هجريءَ کان ٽين صدي هجري
تائين مرتب ٿيل حديث جي ڪتابن جو تفصيل، حديث جي موضوع تي لکيل الجوامع کان
المسلسلات تائين مختلف ٻٽيهه ڪتابن جو ذڪر انهن لفظن جي مواد ۽ مفهوم جي سمجهاڻي ۽
تاريخ شامل آهي.“
مقصد
ته حجيت بابت مقدمي ۾ وڏو علمي خزانو سمايل آهي، جنهن مان مصنف جي علمِ حديث ۾ ڄاڻ
۽ مهارت به معلوم ٿي رهي آهي. علمِ حديث بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو تفصيلي ۽ تحقيقي
مواد اڳ ۾ نه لکيو ويو آهي. اها الله
ﷻ
علامه ڏاهري صاحب جي قلم کي ڏات ڏني آهي، جو هن تحقيقي مقدمي پڙهڻ کان پوءِ ڪنهن کي
به حديث جي انڪار جي گنجائش نه ٿي رهي. شال الله
ﷻ
مسلمانن کي قرآن شريف سان گڏ حديثِ نبوي ۽ سنتِ رسول تي عمل ڪرڻ جي توفيق رفيق
فرمائي!
الله
ﷻ
علامه ڏاهري صاحب کي قرآن مجيد جي تفسير لکڻ جي سعادت کان پوءِ حديث پاڪ ۽ حجيت
حديث بابت خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آهي. دعا آهي ته الله
ﷻ
سندس عمر خضري ڪري ۽ پاڻ علم، ادب، قرآن ۽ حديث جي قلمي خدمت ڪندو رهي!
وڏي ڄام
ڄمار، جنهن مياڻيون موکيون! (شاهه)
فقير
عبدالرسول قادري
25
جمادى الثانيہھ
1432 هه سڪرنڊ