خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب چوويهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي صِفَةِ أَكْلِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ

هن باب ۾ رسول الله جن جي کائڻ جي

 ڪيفيت سان واسطو رکندڙ حديثن جو ذڪر آهي

 

سمجهاڻي: ڪجهه نسخن ۾ ” ماجاء“ لفظ ناهي، پر صحيح ان لفظ جو آڻڻ آهي. ”الاکل“ (همزه جي زبر سان) جي معنى آهي، طعام جو وات جي ذريعي پيٽ تائين پهچائڻ. پوءِ غذا کائڻ جي ارادي سان هجي يا لذت وٺڻ جي ارادي سان جيئن ميوا کائڻ وغيره. ۽ ”الاکل“ (همزه جي پيش سان) کاڌي کي چيو ويندو آهي. هن باب ۾ سرورِ ڪونين جي کاڌي کائڻ جي طريقي جو ذڪر آهي ته پاڻ ڪهڙي طرح ۽ ساڄي هٿ مبارڪ جي ڪهڙين آڱرين سان کاڌو کائيندا هئا. ۽ کائڻ کان پوءِ آڱرين کي ڪيئن صاف ڪرڻ فرمائيندا هئا. پاڻ کاڌي کان فارغ ٿي کاڌي ۾ استعمال ڪيل آڱريون چَٽيندا هئا ان کان پوءِ ڪنهن ڪپڙي وغيره سان صاف ڪندا هئا جنهن مان دليل ملي ٿو ته کائڻ کان پوءِ ٽوال ، توليه وغيره سان هٿ اگهڻ جائز آهي.

(انوارِ غوثيہھ ص 196، المواهب شرح الشمائل ص 254، شرح المناوي على حاشيہھ جمع الوسائل ج 1 ص 188)

 

}137} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ ، عَنْ سُفْيَانَ ، عَنْ سَعْدِ بْنِ إِبْرَاهِيمَ ، عَنْ ابْنٍ لِكَعْبِ بْنِ مَالِكٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يَلْعَقُ أَصَابِعَهُ ثَلاَثًا.قَالَ أَبُو عِيسٰى : وَرَوَى غَيْرُ مُحَمَّدِ بْنِ بَشَّارٍ هَذَا الْحَدِيثَ قَالَ : يَلْعَقُ أَصَابِعَهُ الثَّلاَثَ.

با محاوره ترجمو: حضرت ڪعب بن مالڪ d جو هڪ پٽ کانئس روايت ڪري ٿو ته نبي ڪريم (کاڌي کائڻ کان پوءِ) پنهنجون آڱريون ٽي ڀيرا چٽيندا هئا.

مفردات جو شرح: يَلْعَقُ عين جي زبر سان. لَعِق ان جو ماضي آهي. چٽڻ هتي هن مان مراد آڱريون چٽڻ آهي.ثَّلاَثَا ٽي آڱريون.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ صحابي سڳوري d ٻڌايو آهي ته رسول الله جن کاڌي  کائڻ کان پوءِ ٽي آڱريون چٽيندا هئا. شارحن ان جو طريقو هي لکيو آهي ته پهريان وچين آڱر پوءِ اشهد واري آڱر پوءِ آڱوٺو چٽيندا هئا. ۽ هن روايت ۾ آيل لفظ ثَلاثًا مان مراد ٽي آڱريون آهن. محبوب ڪريم جن آڱريون چٽي ان کان پوءِ هٿ مبارڪ کي ڪپڙي سان اگهندا هئا. لغات الحديث ڪتاب جي مصنف وحيد الزمان لکيو آهي ته حديث مان ثابت آهي ته ڪپڙي سان هٿ اگهڻ درست آهي. بعض علماء ” ثَلاثًا“ مان ٽي ڀيرا چٽڻ مراد ورتو آهي. علامه علي قاري ߋ علامه عبدالجواد دومي ߋ لکيو آهي ته ٽي آڱريون مراد آهن. (انوارِ غوثيه ص 197)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في ڪتاب  الاشربة باب 18 رقم الحديث 2032 ج 3 ص 1605{2} النسائي في السنن الڪبرى في ڪتاب الوليمة باب 10 بکم اِصبَع ياکل؟ رقم الحديث 6752 ج 4 ص 173 {3} احمد في المسند ج 3 ص 454 {4} ابو داؤد ، بنحوه في ڪتاب الاطعمة باب 52 في المنديل رقم الحديث 3848 ج 3 ص 366 {5} الدارمي في ڪتاب الاطعمة باب 10 الاکل بثلاث اصابع رقم الحديث 2033 ج 2 ص 133

 

}138} حَدَّثَنَا الْحَسَنُ بْنُ عَلِيٍّ الْخَلَّالُ قَالَ : حَدَّثَنَا عَفَّانُ قَالَ : حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ ، عَنْ ثَابِتٍ ، عَنْ أَنَسٍ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا أَكَلَ طَعَامًا لَعِقَ أَصَابِعَهُ الثَّلاَثَ.

با محاوره ترجمو: حضرت انس d کان روايت آهي ته نبي ڪريم جڏهن کاڌو کائيندا هئا ته پنهنجن ٽنهي آڱرين کي چٽيندا هئا.

مفردات جو شرح: ضروري ناهي.

سمجهاڻي: کاڌو کائڻ کان پوءِ ٽي آڱريون چٽڻ سنت آهي وچين آڱر، اشهد جي آڱر ۽ آڱوٺو. حضور ڪريم جن انهن ٽن آڱرين سان کاڌو کائيندا هئا. پنجن ئي آڱرين سان کاڌو کائڻ حريص قسم جي ماڻهن جو ڪم آهي. (انوارِ غوثيہھ ص 199) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته پاڻ ڪريم ان کاڌي کان پوءِ آڱريون چٽيندا هئا جيڪو آڱرين کي چنبڙندڙ هوندو آهي ۽ احتمال آهي ته هر کاڌي کان پوءِ پاڻ آڱريون چٽيندا هجن. ۽ آڱريون چٽڻ سنت مؤڪده آهي جيڪو سندن سنت تي عمل ڪندو ان جي لاءِ برڪت آهي.

ٻئي کي آڱريون چٽرائڻ جيڪڏهن آڱريون ڪنهن ٻئي کي چٽائي جيڪو ان کي عيب نه ٿو سمجهي سندس عيال ۽ شاگرد ن مان ته به برڪت آهي ۽ اها وضاحت نه ملي آهي ته حضور ڪريم جن هر هڪ آڱر کي ٽي ٽي ڀيرا لاڳيتو چَٽيندا هئا يا هڪ ڀيرو ٽنهي کي چٽي وري ٻيو ڀيرو، وري ٽيون ڀيرو ٽنهي کي چٽيندا هئا، ۽ ظاهر هي آهي ته ٻنهي نمونن سان چٽيندا هئا، ۽ ظاهر هي آهي ته ٻنهي نمونن مان سنت حاصل ٿيندي. پر پهرين ڪيفيت وڌيڪ آهي ڇوته ان  ۾ هڪ آڱر کي مڪمل صاف ڪري پوءِ ٻيء آڱر ڏانهن وڃڻو پوي ٿو ۽ ٽنهي آڱرين جي علت جي بيان ۾ روايت آهي ته ”جيڪڏهن اوهان مان ڪو کاڌو کائي ته پنهنجيون ٽئي آڱريون چٽي اهو نه ٿو ڄاڻي ته انهن مان ڪهڙي ۾ برڪت آهي.“ ۽ جنهن ٿانوَ ۾ کاڌو کائي ان جو چٽڻ به سنت آهي. امام احمد ߋ جي روايت سان حديث ۾ آيو آهي. ته ”جنهن ڪنهن پيالي ۾ طعام کاڌو ان کان پوءِ ان کي چٽيائين ته اهو پيالو ان جي لاءِ مغفرت جي دعا گهرندو.“ احياءُ العلوم ۾ حضرت امام غزالي ߋ آندو آهي ته ”جنهن پيالو چٽي، ڌوئي اهو پاڻي پيتو ته ان کي ٻانهي جي آزاد ڪرڻ جيترو ثواب ملندو.“ ابو الشيخ ߋ روايت آندي آهي ته ”جنهن شخص دسترخوان تي ڪريل ذرا يا پيالي ۾ رهيل ذرا کڻي کاڌا ته اهو سڃو هجڻ، ڪوڙهه ۽ جذام جي مرض کان امن ۾ رهندو ۽ ان جو اولاد احمق هجڻ کان محفوظ رهندو.“ ۽ ديلمي ߋ روايت آندي آهي ته ”دسترخوان تي ڪرندڙ ذرن مان جنهن کاڌو ان جو اولاد سهڻي منهن وارو ٿي ڄمندو ۽ ان کان سڃائي پري ڪئي ويندي.“

کاڌي واري پليٽ چٽڻ: ”الجامع الصغير“ ۾ حديث آهي ته ”جنهن کاڌي واري پليٽ ۽ آڱرين کي چٽيو الله ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڍؤ ڪرائيندو.“ ۽ اڳ ۾ ذڪر ڪيل ترتيب هڪ حديث ۾ به آئي آهي. ”الطبراني الاوسط“ ۾ حديث آندي آهي  ته رسول الله جن ٽن آڱرين وچين، شهادت واري ۽ آڱوٺي سان کائيندا هئا. ان کان پوءِ ٽنهي کي اگهڻ کان اڳ ۾ چٽيندا هئا، ۽ حڪيم ترمذي ڪعب بن عجرة d کان روايت آندي آهي ته مون رسول الله کي ڏٺو جنهن وقت هٿ اگهڻ جو ارادو فرمايائون ته ٽنهي آڱرين اول وچين پوءِ شهادت واري پوءِ آڱوٺي کي چٽيائون ۽ وچين آڱر کان ان جي ڪري شروعات ڪيائون جو اها کاڌي ۾ گهڻو ڀرجندي آهي ڇوته ڊگهي هجڻ جي ڪري کاڌي تائين اول اها پهچندي آهي. علامه عراقي ߋ فرمايو ته ”سعيد بن منصور وٽ مرسل روايت ۾ آهي ته ”رسول الله جن پنجن آڱرين سان کائيندا هئا. پوءِ انهن روايتن ۾ جمع هن طريقي سان ٿيندو ته اهو مختلف حالات تي محمول آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 255، 256) ظاهر هي آهي ته ٻنهي نمونن مان سنت حاصل ٿيندي. پر پهرين ڪيفيت وڌيڪ آهي ڇوته ان  ۾ هڪ آڱر کي مڪمل صاف ڪري پوءِ ٻئي آڱر ڏانهن وڃڻو پوي ٿو ۽ ٽنهي آڱرين جي علت جي بيان ۾ روايت آهي ته ”جيڪڏهن اوهان مان ڪو کاڌو کائي ته پنهنجيون ٽئي آڱريون چٽي اهو نه ٿو ڄاڻي ته انهن مان ڪهڙي ۾ برڪت آهي.“ ۽ جنهن ٿانوَ ۾ کاڌو کائي ان جو چٽڻ به سنت آهي. امام احمد ߋ جي روايت سان حديث ۾ آيو آهي. ته ”جنهن ڪنهن پيالي ۾ طعام کاڌو ان کان پوءِ ان کي چٽيائين ته اهو پيالو ان جي لاءِ مغفرت جي دعا گهرندو.“ احياءُ العلوم ۾ حضرت امام غزالي ߋ آندو آهي ته ”جنهن پيالو چٽي، ڌوئي اهو پاڻي پيتو ته ان کي ٻانهي جي آزاد ڪرڻ جيترو ثواب ملندو.“ ابو الشيخ ߋ روايت آندي آهي ته ”جنهن شخص دسترخوان تي ڪريل ذرا يا پيالي ۾ رهيل ذرا کڻي کاڌا ته اهو سڃو هجڻ، ڪوڙهه ۽ جذام جي مرض کان امن ۾ رهندو ۽ ان جو اولاد احمق هجڻ کان محفوظ رهندو.“ ۽ ديلمي ߋ روايت آندي  آهي ته ”دسترخوان تي ڪرندڙ ذرن مان جنهن کاڌو ان جو اولاد سهڻي منهن وارو ٿي ڄمندو ۽ ان کان سڃائي پري ڪئي ويندي.“  ۽ الجامع الصغير ۾ حديث آهي ته ”جنهن کاڌي واري پليٽ ۽ آڱرين کي چٽيو الله ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڍؤ ڪرائيندو.“ ۽ اڳ ۾ ذڪر ڪيل ترتيب هڪ حديث ۾ به آئي آهي. الطبراني الاوسط ۾ حديث آندي آهي  ته رسول الله جن ٽن آڱرين وچين، شهادت واري ۽ آڱوٺي سان کائيندا هئا. ان کان پوءِ ٽنهي کي اگهڻ کان اڳ ۾ چٽيندا هئا، ۽ حڪيم ترمذي ڪعب بن عجرة d کان روايت آندي آهي ته مون رسول الله کي ڏٺو جنهن وقت هٿ اگهڻ جو ارادو فرمايائون ته ٽنهي آڱرين اول، وچين، پوءِ شهادت واري پوءِ آڱوٺي کي چٽيائون ۽ وچين آڱر کان ان جي ڪري شروعات ڪيائون جو اها کاڌي ۾ گهڻو ڀرجندي آهي ڇوته ڊگهي هجڻ جي ڪري کاڌي تائين اول اها پهچندي آهي. علامه عراقي ߋ فرمايو ته ”سعيد بن منصور وٽ مرسل روايت ۾ آهي ته ”رسول الله جن پنجن آڱرين سان کائيندا هئا. پوءِ انهن روايتن ۾ جمع هن طريقي سان ٿيندو ته اهو مختلف حالات تي محمول آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 255، 256)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في ڪتاب الاطعمة باب 18 استحباب لعق الاصابع والقصعة رقم الحديث 2034 ج 3 ص 1607 {2} النسائي في ڪتاب الوليمة من سننھ الڪبرى کما في التحفة ج 1 ص 117 {3} احمد في المسند ج 3 ص 177 {4} الدارمي في ڪتاب الاطعمة باب 5 في لعق الاصابع رقم الحديث 2025 ج 2 ص 132 {5} البيهقي في سننھ الڪبرى ج 7 ص 278 {6} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 5228 ج 7 ص 334.

 

{139} حَدَّثَنَا الْحُسَيْنُ بْنُ عَلِيِّ بْنِ يَزِيدَ الصُّدَائِيُّ الْبَغْدَادِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا يَعْقُوبُ بْنُ إِسْحَاقَ يَعْنِي الْحَضْرَمِيَّ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ سُفْيَانَ الثَّوْرِيِّ ، عَنْ عَلِيِّ بْنِ الأَقْمَرِ ، عَنْ أَبِي جُحَيْفَةَ قَالَ : قَالَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : أَمَّا أَنَا فَلاَ آكُلُ مُتَّكِئًا.

با محاوره ترجمو: حضرت ابو جُحيفہھ d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته”آءُ ٽيڪ ڏئي کاڌو نه کائيندو آهيان.“

مفردات جو شرح: اڳ ۾ بيان ٿي چڪو آهي.

سمجهاڻي: هيءَ حديث باب الاتکاء ۾ بيان ٿي چڪي آهي ۽ هتي ٻيو ڀيرو ان جي ڪري آندي وئي آهي. جو هن ۾ کائڻ جو ذڪر آهي. ۽ ابنِ ابي شيبھ جيڪا مجاهد کان روايت آندي آهي ته ”رسول الله جن هڪ ڀيرو ٽيڪ ڏئي کاڌو هو.“ سو جواز بيان ڪرڻ جي لاءِ هو يا ٽيڪ ڏئي کائڻ جي منع کان پهريان هو. ۽ ٻئي قول جي تائيد ان روايت سان ٿئي ٿي جيڪا ابن شاهين عطاء کان آندي آهي ته ”جبريل پاڻ سڳورن کي ڏٺو ته ٽيڪ ڏئي کائي رهيا هئا پوءِ کين عرض ڪيائين ته ”ٽيڪ ڏئي نه کائو“ ۽ ٽيڪ ڏئي کائڻ جي مڪروه هجڻ جي حڪمت مان هي به آهي ته ”کاڌو آساني سان نڙيءَ کان هيٺ نه لهندو ۽ ڳهڻ به ڏکيو ٿيندو ۽ گهڻا وقت ٽيڪ ڏئي کائيندا هئا جو ان ۾ گرهه (يعني لقمو) ننڍو ٿو اچي تان ته زياده مقدار ۾ کاڌو نه کائجي ۽ ٽن آڱرين سان کاڌو کائڻ مستحب آهي. ضرورت کان سواءِ چوٿين يا پنجين آڱر شامل نه ڪري. ها جيڪڏهن ضرورت محسوس ٿئي ته پوءِ ملائي سگهي ٿو. لقمه (گرهه) وڏي ڪرڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪجي اهو مادي تي بار ٿيڻ جو سبب بنجندو آهي.

(خصائل نبوي ص 112 المواهب شرح الشمائل ص 57)

هيءَ حديث ٻين جن محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث نمبر 132، 133 جي تخريج ۾ اچي چڪو آهي.

 

}140} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ  َالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ  الثوري، عَنْ عَلِيِّ بْنِ الأَقْمَرِ نَحْوَهُ.

راوين جو تعارف: هيءَ حديث مبارڪ اڳئين حديث جهڙي آهي.

 

}141} حَدَّثَنَا هَارُونُ بْنُ إِسْحَاقَ الْهَمْدَانِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدَةُ بْنُ سُلَيْمَانَ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنِ ابْنٍ لِكَعْبِ بْنِ مَالِكٍ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَأْكُلُ بِأَصَابِعِهِ الثَّلاَثِ وَيَلْعَقُهُنَّ.

با محاوره ترجمو: حضرت ڪعب بن مالڪ d کان سندس پُٽ روايت ڪئي آهي ته پاڻ ڪريم جن ٽن آڱرين سان ماني کائيندا هئا ۽ آڱرين کي چٽيندا هئا.

مفردات جو شرح: كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَأْكُلُ هتي كَانَ کي يَأْكُلُ سان ملائڻ جي ڪري ماضي استمراري جي معنى ٿيندي. أَصَابِعِِ اصبع جو جمع آهي. آڱر يَلْعَقُ چٽيندو. هُنَّ جمع مؤنث جو ضمير جيڪو اصابع ڏانهن وري ٿو. 

سمجهاڻي: کاڌي کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ يا اگهڻ کان پهريان وچ واري آڱر ۽ شهادت جي ڪلمي واري آڱر ۽ آڱوٺو چٽڻ سنت آهي ۽ ان سنت کي (معاذ الله) برو سمجهڻ جي ڪري ڪفر جو خوف آهي ڇوته جنهن حضور ڪريم جي ڪنهن به عمل کي ڄاڻي واڻي خراب سمجهيو اهو ڪافر آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 256)

کائڻ جا نمونا: امام غزالي ߋ احياءُ العلوم ۾ لکيو آهي ته کائڻ جا چار نمونا آهن. (1) هڪ آڱر سان کائڻ اهو ڪاوڙ جهڙو عمل آهي. (2) ٻن آڱرين سان کائڻ وڏائي آهي. (3)ٽن آڱرين سان کائڻ سنت آهي ۽ چئن يا پنجن آڱرين سان کائڻ حرص آهي ۽ حضرت ابو هريره d کان مرفوع روايت ۾ آهي ته ”هڪ آڱر سان کائڻ شيطان جو کائڻ آهي ٻن آڱرين سان کائڻ هٺيلن جو طريقو آهي ٽن آڱرين سان کائڻ انبياء عليهم السلام جو طريقو آهي. ۽ ٽن آڱرين سان کائڻ ان جي ڪري مطلوب آهي جو اهو وڌيڪ نفعو ڏيندڙ آهي. هڪ آڱر سان کائڻ ۾ تڪبر سان گڏ کائڻ جي لذت به حاصل نه ٿيندي آهي ۽ پنجن آڱرين سان کائڻ ۾ گرهه وڏو ٿئي ٿو جيڪو نڙيءَ ۾ کاڌي کي ڳهڻ واري جاءِ کان ڏکيو اندر وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڦاسي پوندو آهي. مشڪل سان اندر لهندو آهي. ۽ جڏهن حديثن ۾ آڱرين سان کائڻ جو ذڪر آيو آهي تڏهن بعض سلف صالحن (اڳين بزرگن) چمچن سان کائڻ کان پاسو ڪيو آهي ۽ ”الڪشاف“ ۾ (خليفي هارون) رشيد جو واقعو آيو آهي ته ان وٽ جڏهن طعام لڳايو ويو ته ان کائڻ جي لاءِ چمچا گهرايا، ان وقت ان وٽ (حضرت امام) ابو يوسف ߋ موجود هو. ان هارون رشيد کي فرمايو ته تنهنجي ڏاڏي حضرت ابنِ عباس f جي تفسير ۾ آيت مبارڪوَلَقَدۡ کَرَّمَنَا بَنِي اٰدَمَ (اسان آدم جي اولاد کي عزت وارو بنايو.) مان مراد آهي ته اسان انهن کي هٿن ۾ آڱريون ڏنيون آهن، جن سان کائن ٿا. جڏهن چمچا آندا ويا ته هارون رشيد اهي موٽائي ڇڏيا ۽ هٿ جي آڱرين سان کاڌو کاڌائين.                  (المواهب شرح الشمائل ص 258)

 هڪ پاسي تي ٽيڪ ڏئي کائڻ کان به پاسو ڪجي ڇوته اهو کاڌي کي معدي ڏانهن وڃڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندو آهي ۽ پلٿ ڀڃي  ويهي کائڻ کان به پاسو ڪجي جو ان طريقي سان کائڻ ۾ گهڻو کائجي وڃي ٿو ۽ تڪبر جي علامت به آهي ۽ ضعيف سند سان روايت ۾ آيو آهي ته ”کائڻ وقت کاٻي هٿ تي ٽيڪ ڏئي ويهڻ کان رسول الله جن تنبيهه ڪندي روڪيو آهي “ ۽ ابن ابي شيبه ߋ نخعي کان روايت آندي آهي ته ”ٽيڪ ڏئي کائڻ کي ان جي ڪري به ڪراهت سمجهندا هئا جو ان سان پيٽ وڏو ٿيندو آهي.“ ۽ ابن القيم ߋ لکيو آهي ته ”حضرت نبي ڪريم جن الله جي اڳيان ادب ۽ نوڙت ڪندي کاڌي کائڻ وقت ٻن گوڏن تي ويهندا هئا ۽ کاٻي پير جو ترو ساڄي پير جي پُٺيءَ تي رکندا هئا ۽ اها کائڻ جي صورت افضل ۽ انفع آهي ڇوته ان ۾ هر عضوو ان هيئت تي رهي ٿو جنهن تي الله ان کي پيدا ڪيو آهي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 191)

”مشڪواة المصابيح“ ۾ حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ”جڏهن اوهان مان ڪو هڪڙو کاڌو کائي ته تيستائين هٿ کي نه اگهي جيستائين ان کي چٽي يا ٻئي کي چٽرائي“ هن حديث ۾ ”چٽرائي“ لفظ جي وضاحت ڪندي مشڪواة المصابيح جي شرح ”مظاهر حق“ ۾ لکيو اٿس ته اهڙي ماڻهو کي چٽرائي جيڪو ان کي عيب نه سمجهي جيئن گهرواري يا ٻانهي يا خادم يا اولاد آهي ۽ ان حڪم ۾ شاگرد (۽ مريد) به جيڪي ان کي تبرڪ سمجهندا هجن داخل آهن. (مظاهر الحق ج 3 ص 444)

هيءَ حديث ٻين انهن محدثن آندي آهي : جيڪي اڳئين حديث جي تخريج ۾ مذڪور آهن.

 

}142} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا الْفَضْلُ بْنُ دُكَيْنٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُصْعَبُ بْنُ سُلَيْمٍ قَالَ : سَمِعْتُ أَنَسَ بْنَ مَالِكٍ يَقُولُ : أُتِيَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ بِتَمْرٍ فَرَأَيْتُهُ يَأْكُلُ وَهُوَ مُقْعٍ مِنَ الْجُوعِ.

با محاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن وٽ کارڪ آندي وئي. مون ڏٺو ته پاڻ ڪريم اها کارڪ بُک جي ڪري اوڪڙو ويهي کائي رهيا هئا.

مفردات جو شرح: مُقْعٍ الاقعاء کان ورتل اسم فاعل جو صيغو آهي. ڪمزور هجڻ جي ڪري پُٺيءَ جي پويان ڪا شيءِ رکي ان تي ٽيڪ ڏيڻ، اوڪڙو ويهڻ وغيره . اَلْجُوعِ بک.

سمجهاڻي: اڳ ۾ ذڪر ڪيل حديثن ۾ ٽيڪ ڏئي کائڻ کان منع جــــو ذڪر هو ۽ هن ۾ سندن ٽيڪ ڏئي کائڻ جو ذڪر آهي پر اهو بُک جي ڪري ڪمزور ۽ ضعيف هجڻ جي حالت ۾ هو. شمائل جي شارح علامه بيجوري ߋ لکيوآهي ته هن ۾ اهو دليل ناهي ته ٽيڪ ڏئي کائڻ کاڌي جي آداب مان آهي. نبي ڪريم جن ائين ضعف جي ڪري ڪيو هو. ۽ ان ويهڻ مان مراد اهو مسنون ويهڻ ناهي جيڪو ٻن سجدن جي وچ ۾ ويهبو آهي ۽ نه اهو مڪروهه ويهڻ آهي جو رانون اڀيون ڪري چُتڙن تي ويهجي. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته رسول الله جن جي اها بُک ۽ ان سان ضعف اختياري هو ان سان پاڻ هڪ اهو ثابت ڪيائون ته جن کاڌن کي شريعت جائز ڪيو آهي اهي نه کائڻ به جائز آهي ۽ ٻيو اهو طريقو اختيار فرمائي مسڪينن صحابن رضي الله عنهم کي تسلي ڏيڻ فرمايائون نه ته سندن فرمان آهي اَبِيۡتُ عِنۡدَ رَبِّيۡ يُطۡعِمُنِيۡ وَ يَسۡقِيۡنِيۡ (مان رات رب وٽ گذاريندو آهيان اهو مون کي کارائيندو ۽ پياريندو آهي)               (المواهب شرح الشمائل ص 258، سرح المناوي حاشية علي جمع الوسائل ص 192)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: }1} البيهقي في الآداب رقم الحديث 673 ص 320 و في الشعب رقم الحديث 5973 ج 5 ص 107 {2} ابو الشيخ في اخلاق النبي   ص 232 {3} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 407 {4} مسلم واللفظ لہھ في ڪتاب الاشربة باب 24 استحباب تواضع الاکل وصفة قعوده رقم الحديث 2044 ج 3 ص 1616 {5} البيهقي  في سننہھ ج 7 ص 283.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting