خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ڇٽيهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي صِفَةِ مِزَاحِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ رسول الله جي خوشطبعي

 ڪرڻ واري صفت بيان ڪندڙ حديثون آهن

 

سمجهاڻي: مزاح : ميم جي زير سان مصدر آهي. ان جي معنى خوش طبعي ڪرڻ. جيئن  القتال. المقاتلة جي معنى ۾ ايندو آهي. مزاح جي (اصطلاحي) معنى آهي ڪنهن سان منبسط ٿي اهڙي نموني پيش اچڻ جو ان جي دل آزاري به نه ٿئي ۽ اجائي ڳالهه ۽ مسخري به نه هجي. هتي ”باب  مزاح رسول الله “ لفظ آهن ۽ بعض علماء جو قول آهي ته ”باب جا الفاظ هيئن هجن ها“ باب کيف کان کلام رسول الله في المزاح“ يعني رسول الله جن جي خوش طبعي ۾ گفتگو ڪيئن هئي؟ پر ائين چوڻ صحيح ناهي ڇوته رسول الله جن جي خوش طبعي صرف ڪلام سان نه هئي بغير ڪلام جي به هوندي هئي جيئن پاڻ زاهر نالي صحابيءَ کي پٺيان ڀاڪر پائي اهڙي طرح قابو ڪري جهليو هيائون جو پوئتي نهاري نه پيو سگهي، ان جي ڪري هن باب ۾ ڪلام جو لفظ ذڪر نه ڪرڻ گهرجي.

اڳئين باب سان تعلق: ان تعلق جو وجھ هي آهي ته خوشطبعي ڪرڻ سان غالبًا کِل ايندي آهي ان جي ڪري کِل واري باب جي ذڪر کان پوءِ مزاح جو باب آندو ويو آهي. ڄاڻڻ گهرجي ته سيدنا رسول الله جن پنهنجي اهل، عيال اصحابن وغيرهم سان ۽ غريب ۽ قريب سان نهايت سيني جي ڪشادگي، هميشه واري مرڪ، سهڻي اخلاق، سلام ورائڻ، بلڪه جنهن سان مليا ان تي سلام ورائڻ ۾ اڳرائي ڪرڻ ۽ جنهن کين بيهاريو ان سان بيهي وڃڻ ۽ جنهن کين سندن هٿ مبارڪ مان وٺي هلڻ لاءِ چيو ڀلي اهو ٻار ڇونه هجي يا ڪا ٻانهي هجي ان سان گڏ هلڻ ۽ صحيح ۽ شريعت جي دائري ۾ رهندي ننڍي، وڏي سان ڪڏهن ڪڏهن خوش طبعي ڪرڻ، دعوت ڏيندڙ جي دعوت قبول ڪرڻ، پاڻ کي نرم رکڻ، تان جو سندن اصحابن مان هر صحابي ائين سمجهي ته اهو کين وڌيڪ پيارو آهي. هي سندن مزاج مبارڪ هئي ۽ هي البت اهڙو ميدان آهي جنهن ۾ اها يا واجب آهي يا مستحب آهي ۽ سندن ان خوش مزاجيءَ مان جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه صرف ماڻهن کي سندن نور مان چمڪڻ، هدايت حاصل ڪرڻ ۽ ان ۾ سندن اقتداء ڪرڻ ۽ انهن ۾ محبت پيدا ڪرڻ تانجو سندن جي لاءِ انهن جي دلين ۾ جيڪا هيبت هوندي هئي اها نڪري وڃي ۽ اهي سندن ذات عالي صفات وٽ ويهڻ ۽ علم ۽ فيض حاصل ڪرڻ جي قدرت رکن ته اها به ڪمال جي وڏي نهايت آهي پوءِ ڪهڙي طرح نه هجي حالانڪه ان سان سامهون ايندڙن کي وڏيون بشارتون نصيب ٿيون. انهن مان (1) هڪ هي آهي جو پاڻ ڪريم جن پنجن سالن جي عمر واري محمود بن الربيع جي منهن ۾ خوشطبعي ڪري پاڻيءَ جو ڇنڊو هنيائون. پوءِ ان ۾ اها برڪت پيدا ٿي جو جڏهن وڏو ٿيو ته سندس ذهن ۾ هن روايت کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه نه رهي ۽ ان جي برڪت سان صحابه مان شمار ڪيو ويو. (2) پاڻ ام سلمه g جي نياڻيءَ جي منهن ۾ پاڻيءَ جو ڇنڊو هنيائون ته اها صفا ڪراڙي ٿي وئي تڏهن به سندس منهن ۾ جوانيءَ واري رونق قائم رهي. (اشرف الوسائل ص 327) علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته حضرت رسول الله جن جي مزاح ڪرڻ ۾ اها حڪمت هئي جو پاڻ گهڻي هيبت وارا هئا جيڪڏهن ماڻهن سان خوشطبعي نه ڪن ها ته انهن کي سندن حضور ۾ ويهڻ جي طاقت نه هئي  ۽ کانئن ملاقات ڪري فائدو حاصل ڪري نه سگهن ها. ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان روايت آهي ته رسول الله جن خوش طبعي ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته ” اِنَّ اللهَ لَا يُواخِذُ الَمَزَّاحَ الصّادِقَ فِي مَزَاحِه“ بلاشڪ الله مزاح ۾ سچ ڳالهائيندڙ، مزاح ڪندڙ کي نه پڪڙيندو.“ پر ان تي هميشگي نه ڪجي ڇوته مزاح سان کِل ايندي آهي ۽ قلب تي ڪٽ چڙهندي آهي ۽ اها الله جي ذڪر ۽ مهمات دين ۾ فڪر کان غافل ڪندي ۽ گهڻا وقت ان سان دل آزاري به ٿيندي آهي ڇوته اها حسد پيدا ڪري هيبت ختم ڪري ٿي ان ۾ افراط ڪرڻ کان منع آيل آهي. مزاح اها جائز آهي جيڪا انهن امرن کان خالي هجي بلڪه جيڪڏهن اها مخاطب جي خوش ڪرڻ ۽ ان جي دل وندرائڻ جي لاءِ آهي ته سنت آهي جيئن نبي ڪريم جن ان ارادي سان ڪڏهن ڪڏهن خــــوش طبعي ڪندا هئا. هن موضوع تي حــضرت امام شافعي ߋ جو هي شعر تمام سهڻو آهي.

اَفِدۡ طَبَعَکَ الۡمَکۡدُوۡدَ بِالۡجِدّرَاحَةً........ بِجَدّ وَّ عَلِّلۡھ بِشَيءِ مِنَ الۡمَزَحِ

وَلٰکِنۡ اِذَا اَعۡطَيۡتَهٗ الۡمَزۡحَ فَلۡيَکُنۡ ... عَلٰي قَدۡرِ مَا تُعۡطي الۡطَعَامَ مِنَ الۡمِلحِ

(پنهنجي ڏکويل طبيعت کي ڪوشش ڪري راحت پڄاءِ. ڪوشش سان ۽ ان کي ٿوري خوش طبعي سان ريجهاءِ ۽ پر جڏهن ان کي خوش طبعي ڏنئي ته اها ايتري قدر هجي جيتري قدر طعام ۾ لوڻ وڌو ويندو آهي.) 

علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته چٿر ۽ مسخري منع آهي. حضرت حبيب ڪريم جن ارشاد فرمايو :” لَا تُمَارِاَخَاکَ وَلَا تُمازِحۡہُ پنهنجي ڀاءُ کي شڪي نه بڻاءِ ۽ نه ان سان (بيجا) خوشطبعي ڪر. علامه نووي ߋ لکيو آهي ته منع ڪيل مزاح اها آهي جنهن ۾ افراط ۽ ان تي دوام هجي اها کِل قلب تي ڪٽ پيدا ڪري ٿي الله جي ذڪر ۽ دين جي مهمات ۾ فڪر کان غافل ڪري ٿي. ۽ بسا اوقات ٻئي جي دل آزاري جو سبب بنجي ٿي. حسد پيدا ڪري، هيبت ۽ وقار کي ختم ٿي ڪري پر جيڪا خوش طبعي انهن ڳالهين کان آزاد آهي ڪڏهن ڪڏهن مخاطب کي خوش رکڻ، ان جي دل وندرائڻ ان کي سڪون ڏيڻ جي لاءِ ڪئي وڃي ٿي اها جائز بلڪه استحبابي سنت آهي. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ”هيءَ ڄاڻ رکڻ گهرجي ته ان جي ضرورت آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 24) علامه ابن قتيبة ߋ چيو ته : سيدنا رسول الله جن ان جي ڪري خوش طبع هوندا هئا جو ماڻهن کي سندن اتباع ۽ اقتداء جو حڪم ڪيل آهي پوءِ جيڪڏهن پاڻ خنده پيشاني، مرڪندڙ چهري جي بجاءِ سخت منهن هجن ها ته ماڻهو کانئن پري ڀڄن ها ۽ صحيح فائدو حاصل نه ڪن  ها ۽ سندن مزاح ۾ به سچ هوندو هو. (جيئن امان عائشه صديقه g جي روايت مٿي لکي آيا آهيون) (شرح المناوي مع جمع الوسائل ج 2 ص 24) محبوب ڪريم جن جو فرمان مبارڪ آهي ”اِنِّي لَا مَزَحُ وَلَا اَقُوۡلُ اِلَّا الۡحَقَّ مان خوشطبعي ڪيان ٿو پر صرف حق چوان ٿو. علامه يوسف النبهاني ߋ لکيو آهي ته سندن خوشطبعي  ۾ ڪوڙ بلڪل نه هو. خوش طبعي ڪرڻ وقت به سندن نظر مبارڪ هيٺ هوندي هئي. الاتحافات الربانية جي مصنف علامه عبدالجواد الدومي ص 276 تي لکيو آهي ته محدث عظيم حضرت سفيان بن عيينه ߋ کي چيو ويو ته خوش طبعي هڪ آفت آهي؟ ته پاڻ فرمايائين ”اها سنت آهي ان شرط سان ته سهڻي نموني ۽ مناسب جاءِ تي ڪئي وڃي.“ (انوارِ غوثيه ص 312) هن باب ۾ ڇهه حديثون آهن.

{235} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو أُسَامَةَ ، عَنْ شَرِيكٍ ، عَنْ عَاصِمٍ الأَحْوَلِ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ لَهُ : يَا ذَا الْأُذُنَيْنِ. قَالَ مَحْمُودٌ : قَالَ أَبُو أُسَامَةَ : يَعْنِي يُمَازِحُهُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d چيو ته مون کي نبي ڪريم ارشاد فرمايو : ”اي ٻن ڪنن وارا!“ محمود بن غيلان d راوي چوي ٿو ته حضرت ابو اسامه d راوي چيو ته نبي ڪريم حضرت انس d سان خوش طبعي ڪئي هئي.

مفردات جو شرح:  ”ذَا الْأُذُنَيْنِ ٻن ڪنن وارا. ”اذن“ جو تثنيه آهي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ سرڪارِ دو عالم جي طرفان حضرت انس بن مالڪ d سان سچ تي بنا ڪيل خوشطبعي جو ذڪر آهي. علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته ان جي مراد سهڻي نموني ٻڌڻ ڏانهن حرص ڏيارڻ ۽ تنبيهه ڪرڻ آهي ڇوته ٻڌڻ جو ڪم ٻڌڻ جي حاسه (ڪن) سان هوندو آهي ۽ جنهن ۾ الله ڪن پيدا ڪيا ۽ پوءِ غافل رهيو ته ان جو ڪوبه عذر قبول نه ڪيو ويندو ۽ هڪ قول آهي ته سرڪارِ مدينه جو اهو قول سندن طرفان حضرت انس بن مالڪ d جي دلجوئي ڪرڻ ۽ سندن سهڻي اخلاق جو اظهار هو. ۽ هتي اهو ٻيو قول وڌيڪ مناسب آهي ڇوته حضرت انس بن مالڪ d  ان وقت ننڍو ڏهن سالن  جي عمر وارو هو سندن خدمت ۾ بيٺو هوندو هو ته ان وقت حبيب ڪريم جي ان سان خوشطبعي ان جي دل کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ئي هوندي . حديث جو راوي ابو اسامه به هن مان مراد خوش طبعي ڪرڻ بيان ڪئي آهي.  علامه مناوي هن روايت  جو شرح ڪندي  لکيو آهي ته يَا ذَا الْأُذُنَيْنِ مان  مراد آهي : اي انهن ٻن ڪنن جا صاحب! جيڪي ٻڌندڙ، ياد ڪندڙ، مضبوط رکندڙ آهن. حضرت انس d جي ذڪاء، قابليت ۽ سهڻي ٻڌڻ جي ڪري کيس ان صفت سان خوش طبعي ڪندي سڏيو ويو. ۽ جڏهن حديث جي راوي ابو اسامه d ان جي خوش طبعي سان وضاحت ڪئي. هن ۾ سندن خوش طبعي ڪرڻ سان گڏ سندن اخلاق جي حسن ۽ عظمت جو به اظهار آهي. جيئن پاڻ هڪ عورت کي سندس مڙس جي لاءِ فرمايائون ته”اهو جنهن جي اکين ۾ سفيدي آهي“  (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 24) علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته ان مان مراد ان کي سهڻي نموني ٻڌڻ يا ياد ڪرڻ تي حرص ڏيارڻ آهي. (اشرف الوسائل ص 328)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الادب باب 92 ماجاء في المزاح رقم الحديث 5002 ج 4 ص 301 {2} احمد في المسند ج 3 ص 117 {3} ابن السني في عمل اليوم والليلة رقم الحديث 422 ص 124 {4} الطبراني رقم الحديث 663 ج 1 ص 240. {5} البيهقي في سننھ ج 10 ص 248 وفي الآداب حديث رقم 540 ص 257

{236} حَدَّثَنَا هَنَّادُ بْنُ السَّرِيِّ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ ، عَنْ شُعْبَةَ ، عَنْ أَبِي التَّيَّاحِ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : إِنْ كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَيُخَالِطُنَا حَتَّى يَقُولَ لِأَخٍ لِي صَغِيرٍ : يَا أَبَا عُمَيْرٍ ! مَا فَعَلَ النُّغَيْرُ ؟ قَالَ أَبُو عِيسٰى : وَفِقْهُ هَذَا الْحَدِيثِ أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يُمَازِحُ وَفِيهِ أَنَّهُ كَنَّى غُلاَمًا صَغِيرًا فَقَالَ لَهُ : يَا أَبَا عُمَيْرٍ ! وَفِيهِ أَنَّهُ لاَ بَأْسَ أَنْ يُعْطَى الصَّبِيُّ الطَّيْرَ لِيَلْعَبَ بِهِ. وَإِنَّمَا قَالَ لَهُ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَقَالَ  يَا أَبَا عُمَيْرٍ ! مَا فَعَلَ النُّغَيْرُ ؟ لِأَنَّهُ كَانَ لَهُ نُغَيْرٌ يَلْعَبُ بِهِ فَمَاتَ ، فَحَزِنَ الْغُلاَمُ عَلَيْهِ فَمَازَحَهُ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : يَا أَبَا عُمَيْرٍ ، مَا فَعَلَ النُّغَيْرُ ؟

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته نبي ڪريم اسان سان گهڻي ميل جول ڪندا هئا تان جو منهنجي ننڍي ڀاءُ کي فرمايائون : اي ابو عمير! تنهنجي بلبل کي ڇا ٿي ويو؟ (عمير وٽ بلبل جو هڪ ٻچڙو هو، ته پاڻ سڳورن ننڍڙي عمير کي خوش طبعي طور ائين چيو.

مفردات جو شرح: ”ان“ هيءَ ان مخففه اصل ثقيله هئي. بلاشڪلَيُخَالِطُنَا اسان سان ملي جلي ويندا هئا. هن جو ثلاثي خلط، يخلط آهي. ”نغير“ هي نغر جي تصغير آهي هن جو جمع ”نغران“ آهي. ڳاڙهي چهنب وارو هڪ پکي آهي. اردو ۾ هن کي ”لال“ ۽ سنڌي ۾ بلبل سڏيندا آهن.

سمجهاڻي: محدث ترمذي ߋ هن حديث جو فقه  بيان ڪندي فرمايو هن حديث مان معلوم ٿيو ته سروَرِ ڪونين جن صحابه ڪرام رضي الله عنهم سان ميل جول رکندا هئا ۽ انهن سان خوش طبعي به ڪندا هئا يعني اهڙي خوش طبعي جنهن ۾ ڪا غير شرعي ڳالهه نه هجي ۽ هن روايت مان اهو به معلوم ٿيو ته سروَرِ ڪائنات جن هڪ ننڍي ڇوڪري کي ڪنيت  ابا عمير سان سڏيو.۽ هن مان اهو به معلوم ٿيو ته ان ۾ ڪا قباحت يا شرعي منع ناهي جو ننڍي ٻار کي راند ڪرڻ، دل وندرائڻ جي لاءِ پکي ڏنو وڃي ڇوته محبوب ڪريم جن ان کي فرمايو ”اي ابا عمير! نُغيرَ ڇا ڪيو؟ هن مان معلوم ٿيو ته ان ڇوڪري جي دل مغموم رهندي هئي ان سان پاڻ ڪريم جن خوش طبعي ڪندي ائين فرمايو هو. علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته هن حديث مان معلوم ٿيو ته ڪنهن اسم کي مصغر ڪري سڏڻ ڀلي اهو انسان نه هجي جائز آهي ۽ حضور ڪريم   جن کي خبر هئي ته اهو پکي (بلبل) مري ويو آهي پوءِ ان کان ان انداز سان پڇڻ مان مقصد ان جي دل کي سرور بخشڻ هو ان جي ڪري خطاب جي شروعات  ان ننڍي سان ڪرڻ فرمايائون ۽ عمير هڪ قول مطابق عمر جو مصغر آهي ۽ هن حديث مان تُڪ بندي تي لفظن جي ڳالهائڻ جو جواز به ملي ٿو.

اعتراض: ننڍي ٻار کي پکي ڏيڻ، ان پکيءَ جي لاءِ عذاب آهي پوءِ اهو ڪيئن جائز آهي؟

جواب: عذاب يقيني ناهي گهڻا وقت پکيءَ کي پيار ۽ نرميءَ سان پالي سنڀاليو ويندو آهي پر جيڪڏهن يقين آهي ته اهو ٻار ان کي عذاب ڏيندو ته پوءِ ان کي پکي ڏيڻ منع آهي. (المواهب ص 393) علامه علي القاري d لکيو آهي ته اهل مدينه نغير کي بلبل سڏيندا آهن ۽ ابو عمير جو نالو ”ڪبشه“ هو. هي حضرت انس بن مالڪ d جو مائيتو ڀاءُ هو. هن  جو پيءُ ابو طلحه بن زيد بن سهل الانصاري هو. ۽ هن حديث مان اشارةً ثابت ٿيو ته فاني شيءِ سان محبت نه رکجي.

حڪايت: هڪ عاشق جو معشوق مري ويو ته اهو ان جي لاءِ روئندو رهيو. هڪ عارف الله جي صالح ٻانهي ان کي ڏسي فرمايو ته ”ان حيي، قيوم سان محبت ڇونه ٿي رکيئي جيڪو مرڻ کان پاڪ آهي ۽ ان جو لطف به فنا ۽ فوت ٿيڻ وارو ناهي“ ۽ ابا عمير!. ممڪن آهي ته حضور ڪريم جن ان کي هن ڪيفيت سان سڏڻ جي شروعات ڪئي هجي، يا اڳ ۾ ئي ان ڪنيت سان سڏيو ويندو هجي. ٻئي احتمال آهن.

اعتراض: هن روايت مان ثابت ٿيو ته ”ڪنهن مرد جو ڪنهن عورت سان اڪيلائپ ۾ ويهڻ جائز آهي جيڪڏهن پاڻ تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو. ڇوته رسول الله جن ابا عمير جي امڙ وٽ اڪيلا ويٺا هئا.

جواب: اهو چوڻ بالڪل غلط آهي هن حديث ۾ عورت سان ويهڻ جو ذڪر آهي ئي ڪونه. عورت سان اڪيلو ويهڻ امت جي اجماع سان اهڙو حرام آهي جنهن ۾ ڪو اختلاف ناهي نه سلف جو نه خلف جو. ڀلي گڏ ويهندڙ سمجهي ته مان فتني ۾ پوڻ کان امن ۾ آهيان. ائين چوڻ ته اڪيلي عورت سان ويهڻ جيڪڏهن فتني کان امن ۾ رهي ٿو جائز آهي. ملحدن، بي دينن ۽ گمراهن جو قول آهي. عارفن بزرگن جو قول آهي ته ”جيڪڏهن خلوت ۾ ويهندڙ، مرد حسن بصري ߋ هجي ۽ عورت رابعه العدوية البصرية  هجي ته به جائز ناهي ڇوته شرعي احڪام مطلق وارد آهن. (جمع الوسائل ج 2 ص 26) علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته حضور ڪريم جن جي طرفان خوش طبعي ڪرڻ ان جي مستحب هجڻ جو دليل آهي. فقهاء ۽ اصولين جي ڪلام جي اها مقتضى آهي ۽ حضرت حبيب ڪريم جن ۾ قدرتي طور اهڙي هيبت، رعب ۽ دٻدٻو رکيل هو جو سندن خوش طبعي ڪرڻ جي باوجود سندن وقار، عزت ۽ احترام ۾ فرق نه پوندو هو. جيئن هڪ ڀيري هڪ شخص سندن اڳيان عرض ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو ته ان تي ڏڪڻي طاري ٿي پاڻ ان کي فرمايائون ته ”پاڻ تي آساني ڪر، (ڏڪ نه، ڊپ نه ڪر، ڊڄ نه) مان بادشاهه يا سختي ڪندڙ حاڪم ناهيان مان ته قريش مان قديد (پنير) کائڻ واري هڪ عورت جو پٽ آهيان جيڪا مڪه ۾ رهندي هئي.“ پوءِ ان ويچاري کين پنهنجي حاجت عرض ڪئي ان کان پوءِ اٿي بيهي پاڻ فرمايائون. اَيُّهَا النَّاسُ اِنِّيۡ اُوۡحِيَ اِلَيَّ اَنۡ تَوَاضَعُوۡا اَلَافَتَواضَعُوۡا حَتٰي لَاَ يبۡغِي اَحَدُُ عَليٰ اَحَدِِ وَلَا يَفۡخَرۡ اَحَدُ عَلٰي اَحَدِ وَکُوۡنُوۡا عِبَادَاللهِ اَخۡوَانًا.“ (اي انسانو! بلاشڪ مون ڏانهن وحي ڪيو ويو آهي ته تواضع (هيٺانهين اختيار ڪيو خبردار پوءِ هيٺاهين اختيار ڪيو تانجو ڪو هڪڙو ٻئي تي زيادتي  نه ڪري ۽ نه ڪو هڪڙو ٻئي تي فخر ڪري ۽ اي الله جا ٻانها ڀائر ٿي رهو. ۽ مسلم شريف ۾ حضرت عمرو بن العاص d کان روايت آهي ان فرمايو ته ”مون رسول الله سان صحبت  ڪئي پر حياء ۽ تعظيم جي ڪري ڪڏهن به پنهنجي اک کي (سندن ديدار مان) ڍؤ نه ڪرايم. (سندن تعظيم جو خيال ڪندو هيس) پوءِ جڏهن اهڙي جليل القدر صحابي جو هي حال هيو ته ٻين جي باري ۾ تنهنجو گمان ڪهڙو آهي. اهو ئي وجه آهي جيڪو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته جيڪڏهن پاڻ ڪنهن سان خوش مزاجي نه ڪن ها ته ڪير به سندن خدمت ۾ نه ويهي سگهي ها ۽ نه فائدو وٺي سگهي ها. خصوصًا ان کان پوءِ جڏهن سندن ذات تي قدرتي قرب جي مواهب جون تجليون  پونديون هيون ۽ فضل عائد ٿيندو هو. ۽ ان ڪيفيت کي گهٽائڻ جي لاءِ پاڻ فجر جي سنت واريون ٻه رڪعتون پڙهي ام المؤمنين عائشه صديقه g سان ڪجهه ڪچهري ڪرڻ، ڳالهائڻ يا زمين تي ڪجهه وقت سمهڻ کان سواءِ ٻاهر نه نڪرندا هئا ڇوته جيڪڏهن ان ڪيفيت ۾ ٻاهر تشريف فرما ٿين ها جنهن قرب جي حال ۾ سينگاريل هئا ۽ جيڪا مناجات ۽ رب العزت جي ڪلام ٻڌڻ  وقت کين حاصل هئي جنهن جي حصي کي بيان ڪرڻ کان به انسان عاجز آهي ته ڪنهن بشر کي طاقت نه هئي جو ساڻن ملاقات ڪري سگهي. پاڻ ٻاهر اهڙي حال ۾ نڪرندا هئا جو ساڻن ملڻ وارا برداشت ڪري سگهن. اها انهن جي لاءِ سندن طرفان نرمي ۽ انهن تي سندن رحمت هئي. (جمع الوسائل ج 2 ص 27، 28) علامه ابن حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته هن روايت مان هي فائدا ملن ٿا. (1) ته پکيءَ کي پڃري ۾ رکي ان جو رنگ ڏسڻ يا ان جي ٻولي ٻڌڻ يا مباح راند ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ جائز آهي ان شرط سان ته ان جي صحيح سنڀال ڪئي وڃي ان کي وقت تي کاڌو کارايو وڃي.  (2) ڪڏهن ڄاڻ هوندي ڪا ڳالهه پڇڻ. جيئن حضور ڪريم جن کي علم هو ته ابا عمير جو نغير پکي مري ويو آهي تڏهن به ان جي دل کي بهلائڻ لاءِ ۽ ان سان لطف و ڪرم ڪرڻ عطوفت، رافت، تواضع جي اظهار ڪرڻ خاطر  ان کان ان نموني پڇيائون. (3) هن مان اهو به ثابت ٿيو ته ضعيفن جي رعايت ڪرڻ، انهن کي اُنس ڏيڻ، انهن کي سرور پهچائڻ محبوب مڪرم  نبي معظم جي اخلاق حسنه مان آهي. (4) ”ليلعب بہ“ لفظ مان مراد آهي ته ڪنهن به جانور کي (حلال جانور کي کائڻ جي لاءِ ڪهڻ کان سواءِ) ايذائڻ منع آهي پر راند ۾ استعمال ڪرڻ منع ناهي ڇوته ان ۾ ان سان دلچسپي هجڻ جي ڪري پکي رکندڙ ان جو گهڻو خيال ڪندو آهي. (5) فَمَازَحَہٗ (پوءِ ان سان خوش طبعي ڪيائون) جو مطلب ته ان جي غمگين دل کي خوشي بخشيائون ڇوته ننڍڙن ٻارن جي مزاج آهي ته انهن کان جيڪڏهن ڪا راند، روند واري شيءِ ويندي آهي ته ڏکوئجندا آهن ۽ ابا عمير ننڍي عمر هوندي به ذڪاء جي قوت ۽ ذهانت وارو هو ان جي ڪري پاڻ ان سان اهو خطاب فرمايائون. (اشرف الوسائل ص 330)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب الادب باب 81 الانبساط الي الناس رقم الحديث 6129 ج 10 ص 526 {2} النسائي في (عمل اليوم والليلة، باب التسليم علي الصبيان والدعاء لهم وممازحتهم رقم الحديث 333، 334، ص 286، 287 {3} ابنِ ماجھ في ڪتاب الادب باب 24 المزاح رقم الحديث  3720 {4} احمد في المسند ج 3 ص 119 وفيھ قصة الصلواة {5} ابن السني في عمل الليوم والليلة رقم الحديث  409 ص 145.

{237} حَدَّثَنَا عَبَّاسُ بْنُ مُحَمَّدٍ الدُّورِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ الْحَسَنِ بْنِ شَقِيقٍ قَالَ : أَنبأَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ الْمُبَارَكِ ، عَنِ أُسَامَةَ بْنِ زَيْدٍ ، عَنْ سَعِيدٍ الْمَقْبُرِيِّ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : قَالُوا : يَا رَسُولَ اللَّهِ إِنَّكَ تُدَاعِبُنَا قَالَ : إِنِّي لاَ أَقُولُ إِلاَ حَقًّا.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي. صحابه ڪرام عليهم الرضوان عرض ڪيو ته اي الله جا رسول   ! اوهان اسان سان خوش طبعي ڪندا آهيو؟ پاڻ ڪريم فرمايو، آءُ سچ کان سواءِ خوش طبعي نه ڪندو آهيان.

مفردات جو شرح: اَلْمَقْبُرِيِّ (ميم جي زبر، قاف جي جزم ۽ با جي پيش سان يا زير سان) المقبرة ڏانهن نسبت ڪيل آهي. اها نسبت ان جي ڪري ڏنو ويو جو مقبرن ۾ رهندو هو يا انهن جي قريب منزل هيس. ”قالَ“ چيائين. اي حضرت ابو هريره d فرمايو.تُدَاعِبُنَا“ (دال ۽ عين سان) اي تمازحُنا“ اسان سان خوش طبعي ڪيو ٿا.غير مگر.

سمجهاڻي: علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته صحابه ڪرام رضي الله عنهم جي طرفان حضرت حبيب ڪريم کان عرض ڪري پڇڻ ته اوهان اسان سان خوش طبعي ڪيو ٿا؟ جو مقصد هو ته اها خوش طبعي ڪرڻ اوهان جي خصائص مان آهي يا اسان جي لاءِ به اجازت آهي؟ حالانڪه پاڻ فرمايو هيائون ته ” لَاتُمَارِ اَخَاکَ وَلَا تُمَازِحۡھ وَلَا تَعِدۡهُ مَوۡعِدًا فَتُخۡلِفَھٗ “ (پنهنجي ڀاءُ کي شڪ ۾ نه وجهه ۽ نه ان سان خوش طبعي ڪر ۽ نه ان سان وعدو ڪري پوءِ وعده برخلافي ڪر) ان سوال جي جواب ۾ حبيب ڪريم جن ارشاد فرمايو:” هائو مگر مان حق کان سواءِ ڪجهه نه ٿو چوان. يعني منهنجي خوش طبعي به سچ تي مبني آهي. پوءِ جيڪو سچ ڳالهائيندي پنهنجي هيبت، وقار ۽ عزت برقرار رکندي خوش طبعي ڪري ته ڀلي ڪري پر جيڪو انهن ڳالهين جي حفاظت نه ڪري سگهي اهو خوش طبعي ڪرڻ کان پاسو ڪري. علامه موصوف اڳتي لکيو آهي ته ”خلاصو هي آهي ته پاڻ نادر طور ، ڪڏهن ڪڏهن خوش طبعي ڪندا هئا ۽ صرف حق ۽ سچ فرمائيندا هئا جيڪو ڪنهن مصلحت يا ڪنهن جي دل کي محبت ۾ آڻڻ جي لاءِ هوندو هيو. ڇوته صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي دلين ۾ محبت سان گڏ سندن هيبت ۽ رعب طاري هوندو هو. خوش طبعي سان انهن کي مانوس رکندا هئا. خصوصًا سندن مٿان جيڪي قدرتي تجليات وارد ٿينديون هيون انهن کان پوءِ. (المواهب ص 394) علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان جو اهو سوال ٻن وجهن جي ڪري هو. (1) هڪ مذڪور حڪمت جي ڪري (2) ٻيو سندن ذات عالي صفات عليه الصلواة والسلام کان سندن مرتبي جي بلنديءَ ۽ مانَ جي عظمت جي ڪري مزاح کي بعيد سمجهڻ خاطر. ڄڻ ته اها انهن جي نظر ۾ وڏي ڳالهه هئي پوءِ پاڻ انهن کي سمجهايائون ته خوش طبعي ڪرڻ ڪمال جي خلاف ناهي بلڪه اها جيڪڏهن شرعي قانون  جي مطابق آهي ته ڪمال جي توابع ۽ تتمات مان آهي ۽ ان ۾ افراط ۽ ان تي هميشگي ڪرڻ ممنوع آهي ڇوته ان ۾ ڪثرت ڪرڻ سان گهڻي کِل ۽ قلب جي قساوت ۽ الله جي ذڪر کان منهن موڙڻ جهڙيون خرابيون پيدا ٿين ٿيون ۽ هيبت ۽ وقار کي ڌڪ ٿو لڳي. بلڪه گهڻا وقت ڪنهن جي دل آزاري ٿئي ٿي جيڪا عداوت ۽ بغض پيدا ڪري ٿي. ۽ حبيب ڪريم جن جي خوش طبعي انهن امرن کان پاڪ هئي. علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي ߋ به علامه علي القاري ߋ واري ڳالهه لکي آهي ته حضور ڪريم جن تي جڏهن قرب جي مواهب ۽ فضل جي عوائد مان تجليات وارد ٿينديون هيون. ته پاڻ فجر جي سنت واريون ٻه رڪعتون پڙهي ام المؤمنين عائشه صديقه g سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ يا زمين تي ٿورو وقت ليٽڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرندا هئا ڇوته جيڪڏهن پاڻ ان حالت تي نڪرن ها جنهن تي مٿن قرب جون تجليون وارد ٿيون هيون ته ڪنهن بشر کي طاقت نه هئي جو سندن ذات سان ڳالهائي سگهي ها۽ زمين تي ان جي ڪري ليٽندا هئا جو زمين انسان جو اصل آهي ان سان نسبت پيدا ڪرڻ کان پوءِ انسان سان نسبت پيدا ڪرڻ آسان ٿيندي هئي. ان نسبت کي صحابه ڪرام عليهم الرضوان لاءِ آساني ۽ انهن تي شفقت ۽ نرمي ڪرڻ جي لاءِ قائم رکندا هئا. (اشرف الوسائل ص 332) علامه مناوي ߋ به اهڙي طرح ئي لکيو آهي.

:(شرح المناوي علي حاشيه جمع الوسائل ج 2 ص 28)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 2 ص 360 {2} ابن السني في عمل الليوم والليلة رقم الحديث 418 ص 148 {3} البيهقي في سننھ ج 10 ص 248 {4} و في الآداب رقم الحديث 537 ص 256 {5} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3602 ج 13 ص 179 {6} و في الشمائل رقم الحديث 312 ج 1 ص 254

{238} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا خَالِدُ بْنُ عَبْدِ اللَّهِ ، عَنْ حُمَيْدٍ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ رَجُلاً اسْتَحْمَلَ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَقَالَ : إِنِّي حَامِلُكَ عَلَى وَلَدِ نَاقَةٍ فَقَالَ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، مَا أَصْنَعُ بِوَلَدِ النَّاقَةِ ؟ فَقَالَ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : وَهَلْ تَلِدُ الإِبِلَ إِلاَ النُّوقُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته، هڪ شخص رسول الله جن کان سواريءَ لاءِ اٺ گهريو. پاڻ سڳورن فرمايو ته”توکي ڏاچيءَ جي ڦر تي سوار ڪريان ٿو. ان ماڻهو  عرض ڪيو، ته يا رسول الله ! آءُ ڏاچيءَ جي ڦر کي ڇا ڪندس؟ ته پاڻ فرمايائون ”اٺ کي ڏاچيون ته ڄڻينديون آهن“ (مطلب ته اٺن کي ڏاچيون ئي ڄڻينديون آهن)

مفردات جو شرح: ”اِسْتَحْمَلَ استفعال جي باب کان ورتل ماضي جو صيغو آهي. هن باب ۾ طلب جي معنى هوندي آهي سواري طلب ڪيائين.”إِنِّي حَامِلُكَ“ اي مُرِيۡدُ حَمۡلِکِ“. يعني توکي سواري ڏيڻ جو ارادو ڪندڙ آهيان.وَلَدِ النَّاقَةِ“ ڏاچيءَ جي ولد تي، ڦرتي. هَلْ تَلِدُ ڇا ڄڻي ٿي. ” اَلإِبِلَ اُٺ کي.

سمجهاڻي: رسول الله جن جو سائل کي فرمان ته ” مان توکي ڏاچيءَ جي ڦر تي کڻڻ جو ارادو ڪندڙ آهيان“ مان مراد ان سان نرمي ۽ خوش طبعي ڪرڻ سان گڏ ان کي فڪر ڏيڻ ۽ سمجهائڻ هو ۽ ان ۾ سادگيءَ کي ثابت ڪرڻ هو. حديث شريف ۾ آهي ته اَکۡثَرُ اَهۡلِ الۡجَنَّةِ الۡبُلۡہُ (يعني جنتي گهڻا ماڻهو سادا هوندا.) پر انهن سادن مان مراد دنياوي امور ۾ سادا هوندا ۽ ديني امور ۾ ذهين هوندا. اهي ابرار هوندا. مَا اَصۡنَعُ بِوَلَدِ النَّاقَةِ (مان ڏاچيءَ جي ڦر کي ڇا ڪندس) هي ان سائل جو عرض هو. ان ولد الناقة“ مان مراد ننڍڙو گورڙو، توڏڙو سمجهيو هو. پر حبيب ڪريم جن ان جي غلط فهميءَ کي دور ڪندي فرمايو ته وَهَلۡ تَلِدُ الۡاِبۡلَ ۽ ڇا اُٺ کي ڄڻڻ واري. الاِبلَ زبر سان مفعول مقدم آهي ۽ الابل اسم جمع آهي جنهن جو ان جي لفظ مان جمع ناهي ۽ اهو الف ۽ با جي زير سان آهي ۽ هلڪو ڪري پڙهڻ جي لاءِ با جي جزم به ٻڌي ويندي آهي ۽ اسماء مان پهرين ٻن حرفن جي زير سان الابل ۽ الحبر کان سواءِ ٻڌو نه ويو آهي. الحبر (ڦڪن ڏندن وارو) جي معنى سان ”الا النوق“ ڏاچين کان سواءِ . ”النوق“ پيش سان فاعل مؤخر آهي پوءِ اٺ ڀلي وڏا هجن پر آهن ته اولاد ڏاچين جو پوءِ ننڍي ۽ وڏي ٻنهي تي ولد الناقة جو اطلاع سچو ۽ صحيح آهي. ڄڻ ته پاڻ ڪريم جن ان کي ارشاد فرمايو ”جيڪڏهن تدبر ڪرين ها ته ائين نه چوين ها “. گويا ان ۾ سندن ارشاد آهي ته ”ٻڌندڙ جڏهن ڪجهه ٻڌي ته ان ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ ان کي سوچڻ کان سواءِ رد نه ڪري. (المواهب ص 396، خصائل نبوي ص 178) علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته : اٺ جي لاءِ عرض ڪندڙ ۾ سادگي هئي ۽ حضور نبي ڪريم جي ارشاد مبارڪ ۾ ان جي سادگيءَ لاءِ شفا هئي ۽ سندن ان ارشاد ۾ نه صرف ان جي لاءِ پر ٻين جي لاءِ به هدايت هئي ته هر ڳالهه ۾ غور ڪري پوءِ جواب ڏنو وڃي. (جمع الوسائل ج 2 ص 29) علامه ابن حجر هيتمي مڪي ߋ به ائين ئي لکيو آهي.                                                                            (اشرف الوسائل ص 332)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البغوي في شرح السنة رقم حديث 3605 ج 13 ص 181 {2} ابو داؤد في الادب باب 92 ماجاء في المزاح رقم الحديث 4998 ، ج 4 ص 300 {3} احمد في المسند ج 3 ص 267 {4} البخاري في الادب المفرد رقم الحديث 268 ص 102 {5} البيهقي في سننھ ج 10 ص 248.

{239} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّزَّاقِ قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْمَرٌ ، عَنْ ثَابِتٍ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ رَجُلاً مِنْ أَهْلِ الْبَادِيَةِ كَانَ اسْمُهُ زَاهِرًا وَكَانَ يُهْدِي إِلَى النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ هَدِيَّةً مِنَ الْبَادِيَةِ ، فَيُجَهِّزُهُ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا أَرَادَ أَنْ يَخْرُجَ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : إِنَّ زَاهِرًا بَادِيَتُنَا وَنَحْنُ حَاضِرُوهُ وَكَانَ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُحِبُّهُ وَكَانَ رَجُلاً دَمِيمًا فَأَتَاهُ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَوْمًا وَهُوَ يَبِيعُ مَتَاعَهُ فَاحْتَضَنَهُ مِنْ خَلْفِهِ وَهُوَ لاَ يُبْصِرُهُ ، فَقَالَ : مَنْ هَذَا ؟ أَرْسِلْنِي . فَالْتَفَتَ فَعَرَفَ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَجَعَلَ لاَ يَأْلُو مَا أَلْصَقَ ظَهْرَهُ بِصَدْرِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ حِينَ عَرَفَهُ ، فَجَعَلَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ : مَنْ يَشْتَرِي هَذَا الْعَبْدَ فَقَالَ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، إِذًا وَاللَّهِ تَجِدُنِي كَاسِدًا ، فَقَالَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : لَكِنْ عِنْدَ اللَّهِ لَسْتَ بِكَاسِدٍ أَوْ قَالَ : أَنتَ عِنْدَ اللَّهِ غَالٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ کان روايت آهي ته زاهر نالي هڪ ٻهراڙيءَ جو ماڻهو نبي ڪريم جن وٽ جهنگ جون سوکڙيون کڻي ايندو هو. جڏهن اهو (يعني زاهر) موٽي وڃڻ جو ارادو ڪندو هو ته نبي ڪريم جن به ان کي (مديني پاڪ شهر جون) سوکڙيون پاکڙيون ڏئي اماڻيندا هئا ۽ پاڻ سڳورا فرمائيندا هئا ته :” زاهر اسان جو ٻهراڙيءَ (وارو) آهي ۽ اسان ان جا شهر (وارا) آهيون.“ رسول الله جن ان کي ڏاڍو ڀائيندا هئا. جيتوڻيڪ هو ظاهري صورت ۾ ڪوجهو هو.

هڪ ڏينهن رسول الله جن (مديني جي بازار ۾) ان وٽ ويا، ته اهو ان وقت پنهنجو سامان وڪڻي رهيو هو. حضور ڪريم جن ان کي اوچتو پٺيان اچي ڀاڪر پاتو ۽ ان حضور جن کي ڪونه ڏٺو هو. ان ڪري چوڻ لڳو، ته ”ڪير آهين؟ مون کي ڇڏ. ائين چئي واجهايائين، ته حضور ڪريم جن کي سڃاڻي ورتائين. سڃاڻڻ کان پوءِ ته هي نبي ڪريم جن آهن (برڪت خاطر) پنهنجي پٺي نبي ڪريم جي پاڪ سيني سان لڳائي مهٽڻ لڳو. نبي پاڪ (خوش طبعي ڪري) چيو ته، هيءُ ٻانهو ڪير وٺندو؟ ان تي (زاهر) چوڻ لڳو: اي الله جا رسول ! خدا جو قسم! ائين ته مون کي کوٽو لهندين. ان تي رسول الله جن ارشاد فرمايو ته :” تون الله وٽ سستو نه آهين“ يا پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو: ”تون الله وٽ مهانگو آهين“ (هيءُ صحابي زاهر مديني منوره جي آسپاس ۾ ڪنهن ڳوٺ يا واديءَ جو رهاڪو هو. سندس پورو نالو زاهر بن حرام اشجعي هو. حضور ڪريم جن سان گهڻي محبت هئس ۽ حضور ڪريم جن به کيس گهڻو ڀائيندا هئا. حضور ڪريم جن وٽ ٻهراڙيءَ جون ساديون سوکڙيون کڻي ايندو هو. بدر  ۾ به پاڻ ڪريم جن سان گڏ هو.)

مفردات جو شرح: ”بَادِيَةِ ٻهراڙي. ”فَيُجَهِّزُهُ تيار ڪري رهيو هو. دَمِيمًا ڪوجهي صورت وارو. اِحْتَضَنَهُ الاحتضان مصدر کان ورتل آهي ان کي ڀاڪر ۾ ورتائين. لاَ يَأْلُواڪوتاهي نه پيو ڪري. ڪمي نه پيو ڪري. أَلْصَقَ چنبڙايائين، سيني سان لڳايائين. كَاسِدًا گهٽ قيمت وارو. کوٽو. غَالٍ مهانگو، گهڻي قيمت وارو.

سمجهاڻي: هن روايت مان حضور پاڪ جــي انتهائـي ڪريمانه اخلاق جو ظهور ٿي رهيو آهي. جڏهن زاهر نالي هڪ الله جو ٻانهو سندن خدمت ۾ ٻهراڙيءَ جا ڦل. ڦروٽ تحفي طور پيش ڪندو هو ته پاڻ ان کان به بهتر کيس شهري تحفا ڏيندا هئا. پاڻ ارشاد فرمايائون ته ” زاهر اسان جي ٻهراڙي آهي ۽ اسين ان جو شهر آهيون.“ يعني ان جي ذريعي ٻهراڙيءَ ۾ ٿيندڙ سبزي، ميوا اسان وٽ پهچن ٿا اسان کي ٻهراڙيءَ ۾ وڃڻو ڪونه ٿو پوي ۽ شهر جون شيون وري اسان جي ذريعي ان کي حاصل ٿين ٿيون انجي ضرورت پوري ٿئي ٿي. سيدنا رسول الله جن ان سان محبت رکندا هئا. اهو ڀلارو ظاهري صورت ۾ حسين نه هو پر سرڪارِ مدينه جن نظرِ ڪرم ان جي ظاهري صورت ۽ شڪل جي بجاء ان جي دل واري محبت ۽ سڪ تي متوجهه ٿيندي هئي ان سان نهايت پيار سان پيش ايندا هئا ان سان محبت ۽ پيار جو اظهار هڪ ڀيري حبيب ڪريم جن هن طرح ڪيو جو زاهر بازار ۾ پنهنجو سامان کپائڻ ۾ مشغول هو ۽ پاڻ ڪريم جن ان کي پويان اچي اهڙي طرح ڀاڪر ۾ ورتو جو اهو ڏسي نه پيو سگهي. اهو چوڻ لڳو ته ” هي ڪير آهي؟“ مون کي ڇڏ.“ ۽ پوئتي واجهائي ڏٺائين ته حضرت حبيب ڪريم جن هئا. پوءِ اهو پنهنجا پٺا حضرت نبي ڪريم جن سان گسائڻ، چنبڙائڻ ۽ مهٽڻ لڳو ۽ حضور ڪريم جن چوڻ لڳا ته ”هن غلام کي ڪير خريد ڪندو؟ اهو ٻڌي اهو چوڻ لڳو ته : الله جو قسم! ان وقت اوهان مون کي کوٽو لهندؤ.“ (وڏي قيمت وارو ناهيان) پوءِ رسول الله جن ارشاد فرمايو :”پر تون الله وٽ کوٽو ناهين“ يا فرمايائون ته ”تون الله وٽ وڏي قيمت وارو آهين.“ ان کي ڀاڪر ۾ وٺڻ نهايت ئي پياري ۽ محبت واري خوش طبعي هئي ۽ ان عاشق جي طرفان سڃاڻڻ کان پوءِ پنهنجن پٺن کي نبي ڪريم جن جي سيني اقدس سان مَلڻ، لڳائڻ، چنبڙائڻ ان جي عقيدت، محبت ۽ سرڪارِ دو عالم جن کان برڪتون، رسالت جا انوار حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش هئي. سبحان الله ! هيءَ خوش طبعي ڪيتري عجيب ۽نفيس هئي جو پاڻ فرمائي رهيا هئا ته ”هي غلام ڪير خريد ڪندو؟ ۽ جنهن تي محبوب ڪريم جن ايترا مهربان آهن ان جي عاجزي، انڪساري ۽ هيٺاهين ايتري آهي جو عرض ٿو ڪري ته ” هن کوٽي کي ڪير خريد ڪندو. مگر نبوي نگاهه ۽ رسالت جي نظر ۾ ان جي ڪيتري قيمت هئي ان جو اندازو لڳائڻ ناممڪن آهي ۽ ڪائنات جي آقا جن ارشاد فرمايو ته ”تون الله وٽ وڏي قيمت وارو آهين. ذَالِکَ فَضۡلُ اللهِ يُوۡتِيۡهِ مَن يَّشَاء بعض بزرگن جو قول آهي ته ”هيءَ حديث ظاهر ۾ خوش طبعي لڳي ٿي پر ان ۾ وڏي حقيقت سمايل آهي ۽ اها هي ته جڏهن حضور ڪريم جن ان کي سامان کپائڻ ۾ مصروف ڏٺو ته پاڻ محسوس فرمايائون ته هن حالت ۾ هي الله   کان بي توجهه ٿي ويو آهي پوءِ ان کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ پهريان کيس ڀاڪر پائي دنياوي توجهه هٽائي ۽ فرمايائون ته هن خواهشات جي غلام کي ڪير خريد ڪندو؟ ۽ جڏهن سندن ڀاڪر پائڻ سان اهو متوجه الي الله ٿيو ته پنهنجي ڪمتري جو احساس رکندي عرض ڪرڻ لڳو ته هن کوٽي کي ڪير خريد ڪندو؟“ تڏهن ان تي پاڻ کيس بشارت ڏنائون ته ”هن وقت الله جي طرف متوجهه ٿيڻ جي ڪري هاڻي تون کوٽو ناهين تنهنجي الله وٽ وڏي قيمت ۽ وڏو قدر آهي.“ (فضائل النبي ص 129) علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته  هن حديث ۾ بلند حڪمتون ۽ روشن اسرار بيان ٿيل آهن ڇوته جڏهن حضرت حبيب ڪريم جن ان وٽ تشريف فرما ٿيا ۽ ان کي سامان وڪڻڻ ۾ مصروف ڏٺائون ته کين اهو خوف ٿيو ته ڪٿي اهو ان مشغولي جي ڪري حق کان پري نه ٿي وڃي ۽ الله کان غير متوجهه نه رهي. پوءِ ان کي اهڙو ڀاڪر پاتائون جهڙو خطري واري کي ڀاڪر پاتو ويندو آهي ۽ سامان کپائڻ جي دوران ان کي پهريان ته اهو ڏکيو لڳو جو سندس ڪاروبار ۾ رڪاوٽ ٿي پئي تڏهن چيو هيائين ته ”ڪير آهين؟ مون کي ڇڏ.“ پر جڏهن حضرت عليه الصلواة والسلام جي جمال جو مشاهدو ڪيائين ته ڪوشش ڪري پنهنجا پُٺا سندن (پاڪ) سيني سان گسائڻ لڳو ته وڌيڪ (روحاني) امداد حاصل ڪري سگهي. پوءِ ان کي ادب جي تلقين ڪندي پاڻ ڪريمن ارشاد فرمايو ”هن ٻانهي کي ڪير خريد ڪندو؟“ جيڪو ان جي طرف اشارو هو ته ”جيڪو الله جي غير ڏانهن متوجهه رهيو اهو پنهنجي خواهش جو ٻانهو آهي پوءِ ان محبوب ڪريم جي برڪت سان ان کي انابت حاصل ٿي ۽. ان جي ڪري ئي حضور ڪريم جن ان کي سندس قدر جي علو ۽ رتبي جي بلنديءَ جي بشارت ڏني. ۽ حضرت حبيب ڪريم جن جي خوش طبعي ان جي لاءِ بشارت فاضله ۽ ڪامل فائدو ٿي ۽ اها ظاهري صورت ۾ خوش طبعي هئي پر حقيقت ۾ روحاني ترقي جي غايت ۽ نهايت هئي. (المواهب ص 400، 401) ان حضرت زاهر جي پيءُ جو نالو حرام اشجعي هو. هي حضرت زاهر بدر جي جنگ ۾ موجود هو. ۽ حضرت حبيب ڪريم جو فرمان ته ” اسين ان جو شهر آهيون“ مان مراد آهي ته اهو شهر ۾ اسان جي ڪري اچي ٿو. ان جو اصل مقصد اسان جو ديدار آهي.

هديو ڏيڻ وٺڻ سان محبت وڌندي آهي: علامه ابن حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته ”ان هديي ڏيڻ وٺڻ سان محبت وڌندي آهي. حضرت حبيب ڪريم جن جو فرمانِ عاليشان آهي ”تَهَادُّوا تَحَابُّوا“ هديا ڏيو وٺو محبت ڪيو.“ ۽ حضور پُرنور جن پنهنجون ٻانهون مبارڪ ان جي بغلن جي هيٺان ڪري ان کي  ڀاڪر پاتو هيائون.“ ۽ ان کي ٻانهي سڏڻ جو وجه واضح آهي ڇوته اهو الله جو ٻانهو هو ۽ ان جي لاءِ ”يشتري“ اشتراء کان ورتل صيغو آڻڻ (جيڪو هڪ شيءِ ڏئي ٻي شيءِ وٺڻ تي ڳالهايو ويندو آ) مان مقصد اهو هو ته ”هن ٻانهي جي اڪرام ۽ تعظيم ۾ ڪير مقابلو ڪندو يا مون وٽ اهڙو ٻانهو ڪير آڻيندو؟

فائدا: هن حديث مان هي فائدا حاصل ٿين ٿا. (1) ٻهراڙي وارن سان دوستي رکڻ۽ انهن کي هديا ڏيڻ، وٺڻ. (2) بازار ۾ وڃڻ، داخل ٿيڻ (3) خوشطبعي طور پُٺيان ڀاڪر وجهڻ (4) آزاد کي ٻانهو سڏڻ (5) واپار ڪرڻ واري جاءِ تي آواز بلند ڪرڻ. (6) اعلى شخصيت جي ادنى سان خوش طبعي ڪرڻ. (7) خوش طبعي جي ارادي سان ڀاڪر پائڻ (8) ۽ ڪن جي ڀر ۾ وڏو آواز ڪرڻ (9) ۽ دوست جي ان شان جي مناسب مدح ڪرڻ جيئن پاڻ حضرت زاهر d جي لاءِ فرمايائون اَنۡتَ عِنۡدَاللهِ غَالِِ (تون الله وڏي قيمت وارو آهين) يالَسۡتَ بِکَاسِدِ (تون الله وٽ کوٽو ناهين) (10) دوست کي ان سان محبت رکڻ جو ٻڌائڻ (11) هديو قبول ڪرڻ (12) ان جو سهڻو بدلو ڏيڻ (13) ۽ ان جو ذڪر ڪرڻ . اتي جتي نه ٿورو ڪيو وڃي نه احسان ڳڻايو وڃي نه ان جي دل آزاري ٿئي بلڪه دوست جو اخروي نفعو مقصود هجي . پوءِ جڏهن رسول الله جن حضرت زاهر  کي پنهنجي رب ڏانهن غير متوجهه ۽ سامان جي کپائڻ ۾ مصروف لڌو ته ان کي ڀاڪر پائي سجاڳ ڪري الله جي ربوبيت جي جمال ڏانهن متوجهه بنايو ۽ ان جي مٿان جڏهن پنهنجا معارف القاء فرمايائون ته ان صرف ان تي اڪتفاء نه ڪئي پر پُٺن کي حضور ڪريم جي پاڪ سيني سان چنبڙائي وڌيڪ امداد ۽ القاء جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.

فائدو: ابو يعلى روايت آندي آهي ته هڪ شخص حضرت نبي ڪريم وٽ گهه يا ماکي کڻي ايندو هو ۽ جڏهن ان کان ان جا مالڪ پيسا گهرندا هئا ته ان کي حضور ڪريم جن وٽ وٺي ايندو هو ۽ کين عرض ڪندو هو ته هن کي پئسا ڏيو پوءِ پاڻ ان جا پئسا مالڪ کي ڏيڻ جو حڪم ڪندا هئا ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته مدينه منوره ۾ جيڪڏهن ڪا به شيءِ کڄي ايندي هئي ته اهو شخص ان مان ڪجهه وٺي سندن خدمت اقدس ۾ ايندو هو ۽ عرض ڪندو هو ته ”هي اوهان جي لاءِ هديو آهي.“ پوءِ جڏهن ان شيءِ جو مالڪ ان کان ان جو ملهه گهرندو هو ته ان کي سرڪارِ دو جهان جن وٽ وٺي ايندو هو ۽ کين عرض ڪندو هو ته هن کي ان شيءِ جو مُلهه ڏيو.“ پاڻ ڪريم ان کي فرمائيندا هئا ته ”ڇا تو اهو مون کي هديو ڪري نه ڏنو هو؟ ته اهو عرض ڪندو هو ته ”مون وٽ ان جو ملهه ناهي.“ ته پوءِ پاڻ کِلندا هئا ۽ مالڪ کي ملهه ڏيڻ جو حڪم ڪندا  هئا. (اشرف الوسائل ص 334) علامه علي القاري ߋ لکيو آهي تهبَادِيَتُنَا جي معنى اسان جي ٻهراڙي ۾ رهندڙ ۽ نَحۡنُ حَاضِرُوۡهُ مان مراد اسين ان جي لاءِ مدينه منوره ۾ موجود آهيون ان کي وڌيڪ مدني شين سان نوازيندڙ آهيون. نحن جمع متڪلم جو صيغو آهي ۽ ان مان مراد  يا اهل بيت النبوة آهي يا تعظيم جو جمع آهي ۽ پهرئين قول جي تائيد جامع الاصول جي ان قول سان ٿئي ٿي ته حضرت زاهر d حجازي هو ، ٻهراڙيءَ ۾ رهندو هو ۽ جڏهن به حبيب ڪريم وٽ ايندو هو ته ڪجهه نه ڪجهه کڻي ايندو هو. تڏهن پاڻ ارشاد فرمايائون ته اِنَّ لِکُلِ حَاضِرِِ بَادِيَةٌ وَبَادِيَةُ آلِ مُحَمَّدِِ زَاهِرُ بنُ حَرَامِِ هر شهريءَ جي لاءِ ٻهراڙي وارو هوندو آهي ۽ محمد جي آل جي لاءِ ٻهراڙي وارو زاهر بن حرام آهي.“ وَکَانَ رَجُلًا ۽ انهن مردن مان  مرد هو جن جي لاءِ قرآن ڪريم ۾ ارشاد آهي.” رِجَالٌ ۙ لَّا تُلْہِیۡہِمْ تِجَارَۃٌ  وَّ لَا بَیۡعٌ عَنۡ ذِكْرِ اللھ (سورة نور آيت 37) مڙس، جن کي تجارت ۽ سامان جو وڪڻڻ الله جي ذڪر کان غافل نه ٿو ڪري. ”دَمِيما“ ظاهري صورت جو سادو ،حسن کان خالي هو پر سيرت ۾ سهڻو هو. هن حديث مان اهو به معلوم ٿيو ته اصل مدار سيرت جي حسن تي آهي ان جي ڪري حديث ۾ وارد ٿيو آهي ته اِنَّ اللهَ لَا يَنۡظُرُ اِلٰي صُوَرِکُمۡ وَ اَعۡمَالِکُمۡ وَلٰکِن يَّنۡظُرُ اِلٰي قُلُوبِکُمۡ وَاَعۡمَالِکُمۡ بيشڪ الله اوهان جي صورت ڏانهن نه ٿو ڏسي پر اوهان جي دلين ۽ عملن ڏانهن ٿو ڏسي. ۽ حبيب ڪريم جن جڏهن حضرت زاهر d کي ڀاڪر پاتو ته ان جي اکين تي پنهنجا هٿ مبارڪ رکيا هيائون تان ته ڏسي نه وٺي ۽ حضرت زاهر d جو چوڻ ته ”ڇڏ مون کي“ ظاهر آهي ته ٻه ٽي ڀيرا ائين چيو هوندائين ”فالتفت“ پوءِ واجهايائين . مطلب ته اک جي ڪنڊ يا پاسي سان محبوب جو ڪو حصو ڏسي ورتائين ۽ ان سان حضور ڪريم جن کي جمال جي صفت سان على وجھ الکمال ڏسي ورتائين ۽ پنهنجا پُٺا حضور نبي ڪريم جي پاڪ سيني سان گسائڻ لڳو ڇوته سندن سينو ان فيوض جي مصدر هو جيڪي ڪائنات ۾ موجود تي وارد ٿيندڙ آهن جيڪي سندن رحمة للعالمين هجڻ واري صفت سان مناسب آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه برڪت حاصل ڪرڻ ۽ محبت جي لذت وٺڻ ۽ سندن اڳيان انڪساري ظاهر ڪرڻ جي لاءِ هو ۽ ظاهر هي آهي ته اهو ان وقت حبيب ڪريم جي هٿن مبارڪن ۾ قابو ۽ سُڪ ٿيل هو نه ته ادب جي تقاضا ته اها هئي ته سندن قدمن تي ڪري پنهنجن اکين جي تارن سان انهن کي چُمي سندن قدمن جي غبار سان برڪت وٺي ان کي پنهنجين اکين جو سرمو بنائي ها.

فائدو: علامه علي القاري ߋ ابو يعلى واري مٿي روايت ڪيل ڳالهه ته ”هڪ شخص شهر مان ڪا شيءِ خريد ڪري حضور ڪريم جي خدمت ۾ هديو ڪري پيش ڪرڻ کان پوءِ وري مالڪ کي ان جو ملهه به حضور ڪريم جن کان وٺي ڏيندو هو.“ لکي پوءِ لکيو آهي ته اهو ڀلارو حضور ڪريم سان محبت رکڻ جي ڪري اهي شيون هديي طور پيش ڪندو هو پر جڏهن انهن جي ملهه  ادا ڪرڻ کان عاجز ٿيندو هو ته مڪاتب ٻانهي وانگر پنهنجي آقا وٽ اچي حقيقت عرض ڪندو هو.“ ۽ حبيب پاڪ مرڪندي سندس عرض کي مڃيندا ۽ انهن شين جي ملهه ادا ڪرڻ جو امر فرمائيندا هئا. اهو ئي حق سچ آهي جيڪو سچ واري خوش طبعي سان مليل آهي . علامه مناوي ߋ هن حديث جي شرح ۾ مذڪور ڳالهيون لکڻ سان گڏ هي به لکيو آهي ته هن مان ظاهر ٿيو ته جنهن سان محبت هجي ان سان اها محبت ظاهر ڪرڻ سٺي شيءِ آهي ۽ اهڙي طرح اها خوش طبعي آهي جيڪا حضور ڪريم جن حضرت ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g سان تيز هلڻ يا ڊوڙ پائڻ ۾ اڳتي وڌڻ سان ڪئي هئي. پاڻ پوئتي رهيا ۽ ام المؤمنين کانئن اڳتي وڌي وئي هئي. بلاشڪ هن ۾ نرمي ۽ دلجوئي سان گڏ جسم کي نفعو ڏيندڙ ، رياضت ۽ غم لاهيندڙ تفريح آهي.                             (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 30)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 3 ص 160 {2} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 3456 ج 6 ص 173، 174 {3} البزار في مسنده رقم الحديث 2735 ج 3 ص 274 {4}  ابن حبان رقم الحديث 2276  موارد ص 565، 566 {5} البيهقي في سننھ ج 10 ص 248 و في الآداب رقم الحديث 541، ص 257، 258 {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3604 ج 13 ص 181 وفي الشمائل رقم الحديث 319 ج 1 ص 257 

{240 حَدَّثَنَا عَبْدُ بْنُ حُمَيْدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُصْعَبُ بْنُ الْمِقْدَامِ قَالَ : حَدَّثَنَا الْمُبَارَكُ بْنُ فَضَالَةَ ، عَنِ الْحَسَنِ قَالَ : أَتَتْ عَجُوزٌ إِلَى النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، فَقَالَتْ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، اُدْعُ اللَّهَ أَنْ يُدْخِلَنِي الْجَنَّةَ ، فَقَالَ : يَا أُمَّ فُلاَنٍ ، إِنَّ الْجَنَّةَ لاَ تَدْخُلُهَا عَجُوزٌ قَالَ : فَوَلَّتْ تَبْكِي فَقَالَ : أَخْبِرُوهَا أَنَّهَا لاَ تَدْخُلُهَا وَهِيَ عَجُوزٌ إِنَّ اللَّهَ تَعَالَى يَقُولُ : { إِنَّا أَنْشَأْنَاهُنَّ إِنْشَاءً فَجَعَلْنَاهُنَّ أَبْكَارًا عُرُبًا أَتْرَابًا } [الواقعة : آيت 35، 36، 37 ].

بامحاوره ترجمو: حضرت حسن بصري d کان روايت آهي ته هڪ پوڙهي عورت نبي ڪريم جن جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ! دعا گهرو ته الله مون کي بهشت ۾ موڪلي. پاڻ سڳورن (خوش طبعي جي ڪري) فرمايو:” اي فلاڻي جي ماءُ! بهشت ۾ ڪابه پوڙهي نه ويندي.“ (راوي حضرت حسن بصري d چيو ته) اها پوڙهي عورت روئندي موٽڻ لڳي. تنهن تي پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو: ان پوڙهيءَ کي وڃي ٻڌايو ته ڪراڙپ جي حالت ۾ بهشت ۾ نه ويندي. جيئن الله قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو:

ترجمو: بيشڪ اسان انهن عورتن کي نئين سر پيدا ڪيو ۽ انهن کي ڪنواريون بنايو.

مفردات جو شرح: ”عَجُوزٌ وڏي عمر واري عورت، پوڙهي. يَا أُمَّ فُلاَنٍ اي فلاڻي جي ماءُ. فَوَلَّتْ پوءِ واپس ٿي، موٽي،تَبْكِي روئي پئي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ جنهن پوڙهي عورت جي اچڻ جو ذڪر آهي ان جي لاءِ چيو ويو آهي ته اها حضرت زبير بن عوام جي ماءُ، سيدنا رسول الله جي پڦي حضرت بيبي صفيه بنت عبدالمطلب هئي. ان محبوب ڪريم کي جنت ۾ داخل ٿيڻ جي دعا لاءِ عرض ڪيو. پاڻ ان کي ”يا ام فلان“ ڪري سڏي فرمايائون ته ”بلاشڪ جنت ۾ پوڙهي عورت داخل نه ٿيندي. شارحن لکيو آهي ته يا ام فلان راوي جو قول آهي ان کان حضرت نبي ڪريم جي پاڪ زبان تي آيل پوڙهيءَ جو نالو وسري ويو تڏهن ”يا ام فلان“ سان بيان ڪيائين ۽ هن مان ثابت ٿيو ته يا ام فلان سان ڪنيت جائز آهي ۽ ان جي جواز جي لاءِ اولاد جي ماءُ هجڻ ضروري ناهي. حضرت ام المؤمنين عائشه g جي ڪنيت ام عبدالله هئي ۽ ڪنيت سان سڏڻ ڪنيت سان سڏيل جو اعزاز ۽ اڪرام آهي. إِنَّ الْجَنَّةَ لاَ تَدْخُلُهَا عَجُوزٌ يقينن پوڙهي جنت ۾ داخل نه ٿيندي. ڄڻ ته محبوب ڪريم جن محسوس ڪيو ته اها پوڙهي ان صورت ۾ جنت داخل ٿيڻ گهري ٿي جنهن حال ۾ عرض ڪري رهي هئي. پوءِ پاڻ ان کي خوش طبعي جي انداز ۾ ارشاد فرمايائون جنهن کي اتي موجود هوندڙ خوش طبعي سمجهيو هجي. ۽ علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته هن مان اها ڳالهه لازم  ٿئي ٿي ته اها جنت جي بشارت ڏنل هئي. الله جو فرمان آهي ته اِنَّا اَنْشَاۡنَا هُنَّ اِنۡشآءً (اسان انهن کي نئون ٺاهيو نئون ٺاهڻ) يعني اسان انهن کي ابتداء کان ئي خصوصي طور ٺاهيو انهن جو ٺاهڻ ٻين وانگر ناهي. انهن جو ٺاهڻ دوام ۽ بقاء جي لحاظ سان آهي جنهن ۾ خلقت جو ڪمال، جسماني قوتون وافر آهن ۽ اهي نقص جي نشانن کان محفوظ هونديون. فَجَعَلۡنَاهُنَّ اَبۡکَارًا“ (پوءِ اسان انهن کي ڪنواريون  بنايو) يعني جڏهن به انهن سان مڙس گڏ ٿيندا ته انهن کي ڪنواريون لهندا. ۽ هڪ نسخي ۾ عُرُبًا اتۡرَابًا به آيل آهي ”عُرُب“ (عين ۽ با جي پيش ۽ راء جي جزم سان) عروب جو جمع آهي جيئن الرسل، الرسول جو جمع آهي عرب جي معنى عشق واريون ، پنهنجن مڙسن کي پياريون ۽ هڪ قول آهي ته عروب جي معنى محبت ۾ زياده رهندڙ ۽ هڪ قول ۾ ان جي معنى ڳالهائڻ جون سهڻيون. ۽”  اترابا“ جي معنى هم عمر. ٽيٽيهن سالن جون ۽ انهن جا مڙس به ان عمر جا هوندا. ۽ هڪ قول آهي ته ٽيهن سالن جون هونديون ڇوته اها دنيا جي عورتن جي اڪمل زندگي آهي ۽ هن حديث مان مراد اهي عورتون آهن جيڪي پوڙهائپ جي عمر ۾ وفات ڪري ويون قيامت ۾ الله انهن کي نوجوان ڪري هڪ عمر تي اٿاريندو. اهي حور عين (وڏين اکين وارين حورن) کان به ڀليون هونديون ۽ ابو الشيخ ڪتاب ” اخلاق النبي “ ۾ مجاهد تائين پنهنجي سنَد سان لکيو آهي ته رسول الله جن بيبي عائشه صديقه g وٽ آيا ته ان وقت ان وٽ هڪ پوڙهي عورت ويٺي هئي پاڻ پڇيائون  ته ”هي ڪير آهي؟“ سائڻ عرض ڪيو ته پوڙهي منهنجي ماسين مان آهي.“ پوءِ پاڻ فرمايائون ته ”ان العُجُزَ“ (ٻن پيشن سان) لاَ يَدْخُلۡنَ الْجَنَّةَ بيشڪ پوڙهيون بهشت ۾ داخل نه ٿينديون. اها ڳالهه ان (پوڙهي) عورت کي ڏکي لڳي. وري جڏهن پاڻ ڪريم آيا ته (سيده) عائشه صديقه g کين عرض ڪيو ته ان پوڙهيءَ کي اوهان جي ان فرمان مان سخت تڪليف پهتي هئي. پاڻ ارشاد فرمايائون ته ”الله انهن کي نئون ڪري پيدا ڪندو پراڻي خلقت ۾ نه هونديون.“ ۽ ابن الجوزي ߋ ڪتاب ”الوفا“ ۾ پنهنجي سند سان حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آندي آهي ته هڪ پوڙهي عورت رسول الله جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪا ڳالهه پڇيائين ته رسول الله جن ان سان خوش طبعي ڪندي فرمايو ”پوڙهي عورت جنت ۾ داخل نه ٿيندي“ ائين چوڻ کان پوءِ پاڻ نماز جي لاءِ (ٻاهر مسجد ڏانهن) نڪري ويا ۽ ان پوڙهيءَ تمام گهڻو رُنو. تانجو رسول الله جن (نماز کان فارغ ٿي) موٽي آيا ته (ام المؤمنين) عائشه صديقه g کين عرض ڪيو ته ”هيءَ عورت (اوهان جو فرمان ته پوڙهي جنت ۾ نه ويندي ) ٻڌي يڪو روئي رهي آهي پاڻ کِلي فرمايائون ته ”هائو پوڙهي جنت ۾ داخل نه ٿيندي پر الله انهن کي نوجوان ڪري پيدا ڪندو.“ ۽ بعض مفسرناَنۡشَانَاهُنَّ جو ضمير ”حورعين“ ڏانهن ورايو آهي ان مان مراد آهي ته اسان انهن کي ڄمڻ جي واسطي کان سواءِ ڪامل ڪري پيدا ڪيو آهي. علامه بيضاوي، علامه حنفي ۽ علامه ابن حجر هيمتي مڪي اها مراد ورتي آهي پر ان قول تي هن حديث ۽ آيت جي مطابقت جو وجهه ظاهر ناهي. ان جي ڪري اظهر قول هي آهي ته ان مان مراد جنت ۾ داخل ٿيڻ واريون عورتون آهن ۽ حاصل هي آهي ته جنت ۾ داخل ٿيندڙ سڀ عورتون اهڙيون نوجوان ڪري آنديون وينديون جن ۾ دوام ۽ بقا هوندو. جنهن مان انهن جي خلقت جو ڪمال، بدني قوتن جو وافر هجڻ نقص ۽ زوال جي صفتن جو نفي هجڻ ثابت آهي ۽ جڏهن هيءَ انهن عورتن جي صفت آهي جيڪي مردن جي لاءِ پيدا ڪيون ويون هونديون ته مردن جي قوت ۽ خلقت جي ڪمال جو ڇا رنگ هوندو؟ حضرت معاذ بن جبل d کان روايت آهي ته ”نبي ڪريم جن ارشاد فرمايو يَدۡخُلُ اَهۡلُ الۡجَنَّةِ الجَنَّةَ جُرۡدًا، مُرۡدًا ، مُکۡحَلِيۡنَ ، اَبۡنَآءَ ثَلَاثِيۡنَ اَوۡ ثَلَاثِِ وَّ ثَلَاثِيۡنَ.“ (يعني جنت وارا جنت ۾ ننڍي عمر وارا لاسڙاٽ، سرمو پاتل، ٽيهن يا ٽيٽيهن (روايت جو اختلاف) سالن جي عمر ۾ داخل ٿيندا) ۽ شايد حضور ڪريم جن جو حديث پاڪ ۾ پوڙهين عورتن جي نوجوان ٿي داخل ٿيڻ جي ذڪر تي اقتصار ڪرڻ حديثن جي وارد ٿيڻ جي سبب (پوڙهي جي طرفان جنت ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ دعا طلبي) جي ڪري هو. ۽ مردن جو ان ۾ شمار قياسًا آهي بلڪه بطريق اولى آهي.“ علامه مناوي ߋ هن حديث جي شرح ۾ لکيو آهي ته اهي عورتون اهڙيون ڪنواريون هونديون جو مڙس جڏهن به انهن سان صحبت ڪندو ته انهن کي ڪنواريون لهندو. اهڙو اثر به وارد آهي ابن قتيبة ڪجهه سلف مان  اڪابر ۽ خلف مان اعاظم جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي مصطفى جي اخلاق جي اتباع ڪندي ڪوڙ ۽ فحش کان بچندي خوش طبعي ڪندا هئا. حضرت علي d جن گهڻي خوشطبعي ڪندا هئا ۽ اهڙي طرح ابن سيرين ۽ القزويني به گهڻي مزاح ڪندا هئا. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 32، المواهب ص 403)

فائدو: علامه ابن حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته حضرت نبي ڪريم جي فرمان کي جيئن صحابي سمجهندا هئا اهو ٻين جي سمجهه کان مقدم آهي ڇوته اهي حالي ۽ مقالي قرائن کي هديو ڪري سمجهندا هئا. ٻين وٽ اهو مشاهدو ناهي. (اشرف الوسائل ص 335)

هيءَ حديث ٻين هنن مفسرن ۽ محدثن آندي آهي: {1} تفسير ابن ڪثير ج 4 ص 291 {2} الدرالمنثور ج 6 ص 158 {3} البغوي في تفسيره ج 4 ص 283 {4} البيهقي في البعث والنشور ص 382 {5} ابو نعيم في اخبار اصبهان ج 2 ص 142.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting