خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب اٺاويهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي قَوْلِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَبْلَ الطَّعَامِ وَبَعْدَمَا يَفْرُغُ مِنْهُ.

هي باب انهن حديثن جي باري ۾ آهي جن ۾ رسول الله جي ان قول جو ذڪر آهي جيڪو طعام کان اڳي ۽ طعام کائڻ کان فارغ ٿي پوءِ چوندا هئا.

 

سمجهاڻي: کاڌي کان اڳ ۾ بسم الله پڙهندا هئا ۽ بعد ۾ الحمدلله چوندا هئا. پاڻي پيئڻ به طعام کائڻ وارو حڪم رکي ٿو. هن باب ۾ ست حديثون آهن.

 

}188} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ قَالَ : حَدَّثَنَا ابْنُ لَهِيعَةَ ، عَنْ يَزِيدَ بْنِ أَبِي حَبِيبٍ ، عَنْ رَاشِدِ بْنِ جَنْدَلٍ الْيَافِعِيِّ ، عَنْ حَبِيبِ بْنِ أَوْسٍ ، عَنْ أَبِي أَيُّوبَ الأَنْصَارِيِّ قَالَ : كُنَّا عِنْدَ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَوْمًا ، فَقَرَّبَ طَعَامًا ، فَلَمْ أَرَ طَعَامًا كَانَ أَعْظَمَ بَرَكَةً مِنْهُ ، أَوَّلَ مَا أَكَلْنَا ، وَلاَ أَقَلَّ بَرَكَةً فِي آخِرِهِ ، فَقُلْنَا : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، كَيْفَ هَذَا ؟ قَالَ : إِنَّا ذَكَرْنَا اسْمَ اللَّهِ حِينَ أَكَلْنَا ، ثُمَّ قَعَدَ مَنْ أَكَلَ وَلَمْ يُسَمِّ اللَّهَ تَعَالَى فَأَكَلَ مَعَهُ الشَّيْطَانُ.

مفردات جو شرح: كُنَّا هئاسون. عِنْدَ وٽ. ”ثم“ ان کان پوءِ قَعَدَ “  ويٺا. أَقَلَّ ٿورو.

با محاوره ترجمو: حضرت ابو ايوب انصاري d کان روايت آهي ته اسان هڪ ڏينهن رسول الله جن وٽ مجلس ۾ حاضر هياسون، ته پاڻ سڳورن وٽ کاڌو آندو ويو مون اهڙو کاڌو ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو، جو منڍ ۾ وڏي برڪت وارو هجي ۽ پڇاڙيءَ ۾ بي برڪت ٿي وڃي يا کُٽي پوي. ان ڪري اسان عرض ڪيو ته يا رسول الله اهو ڪيئن ٿيو؟ پاڻ ڪريمن فرمايو ته” جڏهن اسان کائڻ شروع ڪيو ته بسم الله يا الله جو نالو پڙهيوسون پوءِ ڪو اهڙو ماڻهو اچي ويٺو، جنهن الله جو نالو نه ورتو يا بسم الله نه پڙهيائين ته ان سان گڏ شيطان کائي ويو يعني کاڌو کُٽي ويو.

فائدو: علامه بيجوري ߋ جي مذڪور لکت مان ثابت ٿيو ته الله جي پيارن جي وفات کان پوءِ انهن جي وسيلي سان شفا حاصل ڪرڻ جي دعا جائز آهي ۽ ان دعا سان شفا ملڻ. واقع ۽ ثابت آهي.

سمجهاڻي: مذڪور روايت ۾ حضرت ابو ايوب انصاري d جو قول آهي ته سيدنا رسول الله جن فرمايو ته ”جنهن کاڌي کائڻ مهل ”بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ نه پڙهي ويندي ان مان شيطان کائي ٿو.

ڇا شيطان واقعي گڏ کائي ٿو: سلف، خلف، فقهاءِ، متڪلمين ۽ محدثن مان جمهور علماء جو قول اهو آهي ته ”شيطان جو اهو کائڻ حقيقت تي مبني آهي. هڪ ته عقل ان کي محال نه ٿو سمجهي ٻيو ته شريعت ۾ ان جو ڪو مانع ناهي، بلڪه ان جو ثبوت موجود آهي. امام شافعي ߋ وٽ بسم الله پڙهڻ سنت ڪفايه آهي يعني کاڌي ۾ گهڻن ماڻهن جي موجود هجڻ وقت جيڪڏهن هڪ بسم الله پڙهي ته سڀني جي سنت ادا ٿي وئي. ها جيڪو شخص کاڌي کائڻ جي وچ ۾ شريڪ ٿئي ان کيبِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ  پڙهڻ جدا سنت آهي. ۽ بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ وڏي آواز سان پڙهڻ بهتر آهي جو هڪ کان ٻڌي ٻيا به پڙهندا. جڏهن ته هن حديث ۾ صرف بِسْمِ اللہِ جو جمله آيو آهي ان جي ڪري بعض علماء فرمايو ته صرفبِسْمِ اللہِ چوڻ ئي سنت آهي ۽الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِچوڻ اڪمل ۽ افضل آهي مگر هيءَ ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته ” تسميه“”بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ پوري کي سڏيو ويندو آهي.

(انوارِ غوثيھ ص 253، 254)

علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”کاڌي کائڻ مهل” بسم الله“ پڙهڻ استحبابي سنت آهي تان جو احتلام وارو، حيض ۽ نفاس واري به ”بسم الله“ پڙهي کاڌو کائين پر ان سان قرآن پاڪ جي تلاوت جي نيت نه ڪن. ان حالت ۾ اها نيت ڪرڻ حرام آهي ۽ هن حديث ۾ جيڪو ذڪر ٿيو آهي ته کائڻ جي وچ ۾ شريڪ ٿيندڙ ”بسم الله“ نه پڙهي هئي ان مان مراد آهي ته اهو اول کائڻ وارن جي بسم الله پڙهڻ کان پوءِ بغير ”بسم الله“ پڙهڻ جي شروع ٿيو هو. (المواهب شرح الشمائل ص 311، 312) علامه ابنِ حجر ߋ فرمايو ته ”مڪروه ۽ حرام ڪم ۾ ”بسم الله“ پڙهڻ مستحب ناهي. بلڪه جيڪڏهن شراب پيئڻ وقت ”بسم الله“ پڙهيائين ته ڪافر ٿي ويندو. ۽ هن حديث مان حضور ڪريم جي تواضع ۽ انڪساري ثابت آهي. جو پاڻ ٻين سان گڏ کاڌو کاڌائون ۽ بعد ۾ اچڻ وارو به ساڻن گڏ کائڻ ۾ شريڪ ٿيو. (جمع الوسائل  مع شرح المناوي ص 233)

هي حديث ٻين هن محدثن آندي آهي: {1} امام احمد في المسند ج ص 415، 416 {2} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 2824 ج 11 ص 275.

 

}189} حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ مُوسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ قَالَ : حَدَّثَنَا هِشَامٌ الدَّسْتُوائِيُّ ، عَنْ بُدَيْلٍ الْعُقَيْلِيّ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عُبَيْدِ بْنِ عُمَيْرٍ ، عَنْ أُمِّ كُلْثُومٍ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : إِذَا أَكَلَ أَحَدُكُمْ فَنَسِيَ أَنْ يَذْكُرَ اللَّهَ تَعَالَى عَلَى طَعَامِهِ فَلْيَقُلْ : بِسْمِ اللَّهِ أَوَّلَهُ وَآخِرَهُ.

با محاوره ترجمو: حضرت عائشھ g کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو:” جڏهن توهان مان ڪو کاڌو کائڻ لڳي ۽ ان کان مُنڍ ۾ بسم الله پڙهڻ يا الله جو نالو وٺڻ وسري وڃي، ماني کائيندي جنهن مهل ياد اچي، ته هي لفظ چوي : بِسْمِ اللَّهِ أَوَّلَهُ وَآخِرَهُ مطلب ته آءُ هن کاڌي جي اول ۽ آخر ۾ الله جي نالي سان برڪت حاصل ڪريان ٿو.

مفردات جو شرح: فَنَسِيَ پوءِ وساري ڇڏيائين. فَلْيَقُلْ امر غائب جو صيغو. پوءِ جڳائي ٿو ته چوي .

سمجهاڻي: المقصد ته جيڪڏهن کاڌي کائڻ جي شروعات ۾ ” بسم الله“ چوڻ وسري وڃي ته جنهن وقت به کائڻ جي دوران ياد اچي ڀلي آخري لقمو هجي ته به بِسْمِ اللَّهِ أَوَّلَهُ وَآخِرَهُ پڙهي، هي ان کي پهريان ”بسم الله“ پڙهڻ جي لاءِ ڪفايت ڪندو. ابو داؤد جي روايت آهي ته ”هڪ شخص کاڌو کائڻ مهل ”بسم الله“ نه پڙهي تان جو آخري لقمو کائڻ وقت ان کي يادِ آئي ته بِسْمِ اللَّهِ أَوَّلَهُ وَآخِرَهُ پڙهيائين. رسول الله جن اهو ٻڌي مُرڪيا ۽ ان کان پوءِ فرمايائون ته” هن سان گڏ شيطان به کاڌو پئي جڏهن بِسْمِ اللَّهِ أَوَّلَهُ وَآخِرَهُ پڙهيائين ته شيطان کاڌل طعام به الٽي ڪري ڪڍي ڇڏيو.“ (انوارِ غوثيہھ ص 254)

فائدو: بِسْمِ اللَّهِ أَوَّلَهُ وَآخِرَهُ چوڻ ۾ وچ وارو حصو به داخل آهي اول ۽ آخر چوڻ سان عموم ثابت ٿيو. ”اَوَّلَهٗ“ مان مراد پهريون  اڌ ۽ ”آخره“ مان مراد پويون اڌ آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 313) ۽ المحيط ۾ آهي ته جيڪڏهن ”بسم الله“ جي بجاءِ لَآاِلٰهَ اِلَّا اللهُ يا اَلۡحَمۡدُلِلّٰهِ يا اَشَهۡدُ اَنۡ لَااِلٰهَ اِلَّا اللهُ چيائين ته سنت ادا ٿي ويندي.. وضو جي اول ۾ اهڙي طرح کاڌي کائڻ جي اول ۾ . بسم الله چوي.

فائدو: بِسْمِ اللَّهِ أَوَّلَهُ وَآخِرَهُ ۾ زبر پڙهڻ ڀلو آهي ۽ اهو اصل ۾ عِنۡدَ اَوَّلِهٖ وَعِنۡدَ آخِرِهٖ آهي ۽ زير پڙهڻ به جائز آهي. پوءِ اصل ۾ ”في اولھٖ و في آخره“ چيو ويندو. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 234)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الاطعمة باب 15 التسمية علي الطعام رقم الحديث 3767 ج 3 ص 347 {2} النسائي في عمل الليوم و الليلة باب ما يقول اذا نسي التسمية ثم ذکر رقم الحديث 281 ص 261 {3} الدارمي في ڪتاب الاطعمة باب 1 في التسمية علي الطعام رقم الحديث 2021 ج 2 ص 129.

 

}190}  حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ الصَّبَّاحِ الْهَاشِمِيُّ الْبَصْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الأَعْلَى ، عَنْ مَعْمَرٍ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عُمَرَ بْنِ أَبِي سَلَمَةَ ، أَنَّهُ دَخَلَ عَلٰى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَعِنْدَهُ طَعَامٌ فَقَالَ : اُدْنُ يَا بُنَيَّ فَسَمِّ اللَّهَ تَعَالَى وَكُلْ بِيَمِينِكَ وَكُلْ مِمَّا يَلِيكَ.

با محاوره ترجمو: حضرت عمر بن ابو سلمه d کان روايت آهي ته آءُ رسول ڪريم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته سندس اڳيان کاڌو موجود هو. پاڻ سڳورن فرمايو ته اي منهنجا پُٽ! ويجهو ٿيءُ ۽ بسم الله چئي پوءِ ساڄي هٿ سان پنهنجي پاسي کان کاءُ.

مفردات جو شرح: اُدْنُ الدنو کان ورتل امر جو صيغو آهي اي قريب، ۽ ويجهو ٿي ويهه. يَا بُنَيَّ اي منهنجا پُٽڙا!  ”فَسَمِّ اللَّهَ پوءِ الله جو نالو وٺ، بسم الله پڙهه.

سمجهاڻي: اي پُٽڙا ! لفظ جي وضاحت ڪندي شمائل جي شارحن لکيو آهي ته ان تصغير جي صيغي سان خطاب ڪرڻ ۾ ان ڪمال درجي جي شفقت ۽ نرمي جو اظهار آهي جيڪا حضور ڪريم کي ننڍڙن ٻارن سان هوندي هئي. پاڻ ان کي فرمايائون ته ”الله جو نالو پڙهه“ هي استحبابي امر آهي ۽ بسم الله پڙهندڙ جي لاءِ وڏي آواز سان پڙهڻ سنت آهي تان ته ٻيا به ٻڌي پڙهن. علامه ابنِ حجر ߋ جو اهو قول آهي ۽ علامه علي القاري ߋ لکيوآهي ته ابنِ حجر ߋ وارن جو مذهب آهي ته اها سنت علي الکفايه آهي. ها وڏي آواز سان پڙهڻ ٻن سببن جي ڪري مستحب آهي (1) هڪ ته پڙهندڙن کان شيطان پري ٿي ويندو. (2) ٻيو ته اتي جيڪڏهن کائڻ ۾ سندس ڪو رفيق هوندو ته اهو به ٻڌي ياد ڪري پڙهندو. ”سڄي هٿ سان کاءُ“ جمهور علماء جو قول آهي ته هن حديث ۾ ٽئي امر استحبابي آهن. ۽ بعض علماء جو قول آهي ته ” سڄي هٿ سان کائڻ وارو امر وجوبي آهي ان جي تائيد کٻي هٿ سان کائيندڙ جي لاءِ وعيد (عذاب جي وعدي) واري امر سان ٿي رهي آهي. جيئن صحيح مسلم ۾ سلمة بن الاڪوع کان روايت آهي ته ”رسول الله جن هڪ شخص کي کاٻي هٿ سان کائيندي ڏٺو ته پاڻ ان کي فرمايائون”ساڄي هٿ سان کاءُ“ ان چيو ته نه ٿو کائي سگهان پاڻ ان کي فرمايائون ته ”کائي به ڪونه سگهندين“ ان کان پوءِ اهو شخص سڄو هٿ مٿي کڻي نه سگهيو.“ ۽ طبراني روايت آندي آهي ته رسول الله جن ”سبيعة الاسلمية“ عورت کي کاٻي هٿ سان کائيندي ڏسي ان جي سزا لاءِ دعا گهري ته ان کي وبا جي مرض ورتو ۽ ان ۾ مري وئي. ۽ جمهور علماء ان فرمان کي تنبيه طور چيو آهي ۽ هيءَ روايت به آئي آهي ته لَاتَاکُلُوۡا بِالشِمَالِ فَاِنَّ الشَّيۡطَانَ يَاکُلُ بِشِمَالِهٖ (رواه ابن ماجھ عن جابر) حسن بن سفيان پنهنجي مسند ۾ حضرت ابو هريره d کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته اِذَا اَکَلَ اَحَدُکُمۡ فَلۡيَاکُلۡ بِيَمِيۡنِهٖ وَيَشۡرَبُ بِيَمِيۡنِهٖ وَلِيَاخُذۡ بِيَمِيۡنِهٖ وَلِيُعۡطِ بِيَمِيۡنِهٖ فَاِنَّ الشَّيۡطَانَ يَاکُلۡ بِشِمَالِهٖ وَيَشۡرَبۡ بِشِمَالِهٖ وَ يُعۡطِيۡ بِشِمَالِهٖ وَيَاخُذُ بِشِمَالِهٖ (جڏهن اوهان مان ڪو کائي ته ساڄي هٿ سان کائي، ساڄي هٿ سان پاڻي پيئي، ساڄي هٿ سان وٺي ۽ ساڄي هٿ سان ڏئي. بلاشڪ شيطان کاٻي هٿ سان کائيندو ۽ کاٻي سان پيئندو ۽ کاٻي سان ڏيندو ۽ کاٻي سان وٺندو آهي.) ۽ ظاهر آهي ته هي شيطان سان تشبه کان منع آهي ۽ اهو ان امر جي استحباب جو فائدو ڏي ٿو. ”وَکُلۡ مِمَايَلِيۡکَ“ ( ۽ جيڪو پاسو توکي لڳي ٿو اتاهين کاءُ) مطلب ته طعام جنهن ٿانوَ ۾ آهي ۽ ان جو جيڪو پاسو تو ڏانهن آهي اتاهين کاءُ هٿ وڌائي ٻئي جي پاسي کان نه کاءُ. اصح قول مطابق اهو مستحب آهي ۽ هڪ قول مطابق اهو واجب آهي ڇوته ٻئي جي پاسي کان کڻي کائڻ ٻئي کي نقصان پهچائڻ ۽ حرص جي زيادتي آهي. علامه ابن حجر ߋ فرمايو ته ”ان جي تائيد علامه سبڪي ߋ ڪئي آهي ۽ امام شافعي ߋ پنهنجي ڪتاب ”الرسالة“ ۾ نص لکيو آهي ۽ ڪتاب ”الام“ ۾ به مختلف جاين تي آندو آهي، پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن آهي جڏهن طعام تي گڏ ويٺل ساٿي ان جي پاسي کان کائڻ ۾ ناراض ٿئي پر جيڪڏهن ناراض نه ٿو ٿئي ته پوءِ ان جي پاسي کان کڻي کائڻ ۾ ڪابه قباحت يا ڪراهيت ناهي، ڇوته هن کان اڳي حديث گذري آهي ته ”رسول الله جن ”ٿانوَ مان ڪدو جا ٽڪرا ڳولي ڳولي کائيندا هئا.“ ساڻن گڏ ويٺل صحابي ان کي ناپسند نه ڪرڻ جي بجاءِ باعث برڪت ۽ عزت سمجهندا هئا.

سوال: رسول الله جن اڪيلا کائيندا هئا ان جي ڪري ان پيالي مان ڪدؤ جا ٽڪرا ، ڳولي کائيندا هئا.

جواب: ائين ناهي حضرت انس d حضور ڪريم جن سان گڏ کائي رهيو هو. اسان جي حنفي علماء جو قول آهي ته اڪيلو کائڻ واري جي لاءِ به پنهنجي طرف کان کائڻ سنت آهي.“ (جمع الوسائل ص 235 ، المواهب شرح الشمائل ص 314)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في کتاب الوليمة من سننہھ الکبرى باب 13 الامر بالتسمية علي الطعام حديث رقم 6755، ج 4 ص 174 {2} ابن ماجه في کتاب الاطعمة باب 7 التسمية عند الطعام حديث رقم 3265 {3} احمد في المسند ج 4 ص 26، 27 {4} الطبراني في الکبير حديث رقم 8302 ج 9 ص 13 {5} الطحاوي في شرح مشکل الآثار حديث رقم 153 ج 1 ص 145 {6} مسلم في کتاب الاشربة باب 13 آداب الطعام والشراب واحکامهما حديث رقم 2022 ج 3 ص 1599.

}191} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو أَحْمَدَ الزُّبَيْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ الثَّوْرِيُّ ، عَنْ أَبِي هَاشِمٍ ، عَنِ إِسْمَاعِيلَ بْنِ رِيَاحٍ ، عَنْ أَبِيهِ رِيَاحِ بْنِ عَبِيدَةَ ، عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا فَرَغَ مِنْ طَعَامِهِ قَالَ : اَلْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنَا وَسَقَانَا وَجَعَلَنَا مِنۡ الۡمُسْلِمِينَ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابو سعيد خدري d کان روايت آهي ته رسول الله جن جڏهن کاڌي کائڻ کان واندا ٿيندا هئا ته هي دعا پڙهندا هئا: اَلْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنَا وَسَقَانَا وَجَعَلَنَا مِنَ الۡمُسْلِمِينَ مطلب ته سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي، جنهن اسان کي کاڌو کارايو ۽ پاڻي پياريو ۽ اسانکي مسلمان بنايو.

مفردات جو شرح: ”فَرَغَ فارغ ٿيو. فراغت کان ورتل. مُسْلِمِينَ مسلمان.

سمجهاڻي: کائڻ جي شروعات ۾ ”بِسْمِ اللھ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ“پڙهڻ ۽ کاڌي جي اختتام تي ”مذڪور دعاء پڙهڻ سنت آهي. شمائل جي بعض نسخن ۾ وَجَعَلَنَا مِنَ الۡمُسْلِمِينَ آيو آهي. (انوارِ غوثيه ص 252) علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ” اطعمنا“ وغيره جمع جي صيغي آڻڻ ۾ پنهنجي اهل يا مهمانن يا جنهن وٽ مهمان ٿيندا هئا انهن کي شريڪ فرمائيندا هئا. ۽ اهو به ممڪن آهي ته پنهنجي ضعيف امت کي پاڻ سان شريڪ فرمايو اٿن. دعا ۾ کارائڻ پيئارڻ تي الله جي حمد ڪرڻ سان گڏ اسلام نصيب ڪرڻ تي به حمد ڪيو ويو آهي تان ته دنيوي نعمت ۽ ديني نعمت ٻنهي تي حمد گڏ ڪيو وڃي ۽ ان ۾ اهو به اشارو آهي ته ”حمد ڪندڙ جي لاءِ مناسب ۽ لائق آهي. ته صرف سنهين نعمتن تي نه پر وڏين نعمتن تي به حمد ڪري. ڇوته انهن تي حمد ڪرڻ وڌيڪ آهي ۽ الله جو حمد ڪرڻ اسلام جي نتائج مان آهي. (شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ص 236) ” مسلمين“ جي معنى موحد، دين جي سڀني امرن ۾ فرمانبردار ۽ بعض علماء فرمايو ته ”طعام کان پوءِ حمد ڪرڻ جو فائدو منعم جي شڪر ۽ نعمت ۾ زيادتي جي طلب آهي. جيئن الله جو فرمان آهي لَئِنۡ شَکَرْتُمْ لَاَزِیۡدَنَّكُمْ (سورة ابراهيم آيت 7) (جيڪڏهن شڪر ڪندؤ ته مان اوهان کي ضرور وڌائيندس) ۽ هن مان اهو به ثابت ٿيو ته ” جنهن شيءِ جي حصول جي انسان کي توقع هئي ان جي ملڻ يا جنهن تڪليف اچڻ جو خوف هو ان جي دفع ٿيڻ تي شڪر ڪرڻ مستحب آهي ۽ هتي جڏهن ته حمد ڪرڻ جو سبب طعام هو ته اول ان جو ذڪر ڪيو ويو ان جي اهتمام جي زيادتي جي ڪري ۽ پاڻي پيئڻ کي ان جي پورائي طور ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ان کان پوءِ ظاهري نعمتن کان باطني نعمت اسلام کي آندو ويو. (جمع الوسائل ج 1 ص 236)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الاطعمة باب 53 ما يقول الرجل اذ اطعم رقم الحديث 3850 ج 3 ص 366 {2} النسائي في عمل اليوم والليلة باب ما يقول اذ اشرب اللبن رقم الحديث 279 ص 265 {3} احمد في المسند  ج 3 ص 32 {4} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 188 {5} البيهقي في الشعب ج 5 ص 123 {6} البغوي في الشمائل رقم الحديث 1036 ج 2 ص 662 ، 663.

 

}192} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا ثَوْرُ بْنُ يَزِيدَ ، عَنْ خَالِدِ بْنُ مَعْدَانَ ، عَنْ أَبِي أُمَامَةَ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا رُفِعَتِ الْمَائِدَةُ مِنْ بَيْنِ يَدَيْهِ يَقُولُ : اَلْحَمْدُ لِلَّهِ حَمْدًا كَثِيرًا طَيِّبًا مُبَارَكًا فِيهِ غَيْرَ مُودَعٍ وَلاَ مُسْتَغْنًى عَنْهُ رَبَّنَا.

با محاوره ترجمو: حضرت ابو امامھ d کان روايت آهي ته جنهن وقت رسول الله جن جي آڏو دسترخوان کڻبو هو. ته هيءَ دعا پڙهندا هئا. اَلْحَمْدُ لِلَّهِ حَمْدًا كَثِيرًا طَيِّبًا مُبَارَكًا فِيهِ غَيْرَ مُودَّعٍ وَلاَ مُسْتَغْنًى عَنْهُ رَبَّنَا  (ترجمو : سڀ ساراهه خاص الله کي سونهين ۽ اهڙي تعريف جنهن جي ڪا حد نه آهي ۽ اها رياءُ کان پاڪ آهي. اهڙي برڪت واري آهي، جنهن ۾ سڀ تعريفون اچي وڃن ٿيون ۽ نه اسان کي انهن تعريفن ڪرڻ کان بي پرواهي نه آهي. اي اسان جا پالڻهار! (اسان جو شڪر قبول فرماءِ!)

مفردات جو شرح: ”المائدة“ دسترخوان. غَيْرَ مُودَّعٍ جيڪا شيءِ ڇڏڻ جهڙي نه هجي. جيڪا شيءِ ختم ٿيڻ واري نه هجي.وَلاَ مُسْتَغْنًى عَنْهُ جنهن کان استغناء ، لاپرواهي نه ڪئي وڃي.

سمجهاڻي: حضرت ابي امامه d حضرت نبي ڪريم جن کان کاڌي کان فارغ ٿيڻ ۽ سندن اڳيان دسترخوان کڄڻ کان پوءِ هي دعا پڙهڻ روايت ڪئي آهي. ”الحمد لله“ سڀ ساراهه الله جي لاءِ ثابت آهي، يعني سندس ذات، صفات ۽ افعال تي جن مان کاڌو کارائڻ به آهي. حمد ثابت آهي. حَمۡدًا کَثِيۡرًا گهڻو حمد. هتي ”حمدا“ جو لفظ اڳ ۾ آيل ”الحمد“ کان مفعول مطلق آهي يا ذات جي اعتبار سان يا فعل جي معنى کي متضمن هجڻ جي ڪري يا ان جو فعل مقدر آهي. کَثِيۡرًا مان مراد آهي ته جيئن ان جي نعمتن جي نهايت ناهي تيئن ان جي حمد جي به نهايت ناهي.طَيِّبًا يعني ڏيکاءَ ۽ ٻين کي ٻڌائڻ جي سوچ کان پاڪ. مُبَارَکًا فِيۡهِ ان ۾ برڪت پيل آهي، جيڪو هميشه آهي ڪٽجندڙ ناهي ڇوته الله جون نعمتون به ڪٽجندڙ ناهن. ۽ اهو حمد نيت ۾ هجي يا عقيدي ۾ هجي. غَيْرَ مُودَعٍ غير کي معتمد قول تي نصب پڙهي ويندي. ۽ ”الله“ جي لفظ کان حال آهي ۽ اهو قول وڌيڪ ويجهو آهي ۽ هڪ قول مطابق  ”مودع“ ۾ دال کي زير پڙهي وئي آهي پوءِ معنى ٿيندي. حمد نه ڇڏيندڙ، وَلاَ مُسْتَغْنًى عَنْهُ مطلب ته ان کان لاپرواهي ڪيل ناهي انسان ان جو هميشه محتاج آهي پوءِ اهو اڳ ۾ ذڪر ڪيل جو تاڪيد آهي. عطف تفسير جو ناهي.  الله جو حمد هر حال ۾ واجب آهي ”ربنا“ اي اسان جا رب! اسان جو حمد ٻڌيا اسان جي پڙهيل دعا ٻڌ. ۽ هڪ روايت ۾ حضور ڪريم جن کان هيءَ دعا آيل آهي: اَللّٰهُمَّ اَطۡعَمۡتَ وَ سَقَيۡتَ وَاَغۡنَيۡتَ وَاَقۡنَيۡتَ وَهَدَيۡتَ وَاَحۡبَبۡتَ فَلَکَ اَلۡحَمۡدُ عَلٰي مَا اَعۡطَيۡتَ ۽ رسول الله جن جيڪڏهن ڪنهن وٽ کاڌو کائيندا هئا ته انهن جي حق ۾ دعا گهرڻ کان سواءِ نه نڪرندا هئا. پاڻ حضرت عبدالله بن بسر d جي گهر ۾ دعا گهريائون.اَللّٰهُمَّ بَاِرکۡ لَهُمۡ فِيۡمَارَزَقۡتَٰهُمۡ وَاغۡفِرۡ لَهُمۡ وَارۡحَمۡهُمۡ (رواه مسلم)  اي الله! جيڪو تو هنن کي رزق ڏنو آهي ان ۾ هنن کي برڪت ڏي ۽ انهن کي مغفرت عطا ڪر ۽ انهن تي رحم ڪرڻ فرماءِ ۽ پاڻ ڪريم جن حضرت سعد d جي گهر ۾ هي دعا جا الفاظ فرمايا هيائون. اَفۡطَرَ عِنۡدَکُمۡ الصَّائِمُوۡنَ وَاَکَلَ طَعَامَکُمُ الۡاَبۡرَارُ وَصَلَّتۡ عَلَيۡکُمُ الۡمَلَائِکَةُ (رواه ابو داؤد) (اوهان وٽ روزيدارن روزو کوليو ۽ اوهان جو طعام نيڪوڪارن کاڌو ۽ اوهان تي ملائڪن رحمتون موڪليون، ۽ هڪ شخص رسول الله جن کي کير پياريو ته پاڻ ان کي هيءَ دعا ڪيائون اَللّٰهُمَّ اَمۡتِعۡھ بِشَبَابِهٖ اي منهنجا الله! هن کي سندس جوانيءَ سان نفعو عطا ڪرڻ فرماءِ. ان جي دعا جي برڪت سان ان جي عمر اسي سال کي پهتي ته به ان ۾ اڇو وار نظر نه آيو. (رواه ابن السني) ۽ بيهقي وٽ مرسل روايت“۾ آيو آهي ته حضور ڪريم جن جيڪڏهن ٻين سان گڏ کاڌو کائيندا هئا ته پاڻ سڀني کان آخر ۾ هٿ ڪڍندا هئا ۽ ابن ماجه ۽ بيهقي مرفوع روايت آندي آهي ته ”جنهن وقت دسترخوان وڇايو وڃي ته (اتي ويٺلن مان) ڪوبه تيستائين نه اٿي ڀلي کائي ڍؤ ڪيو هجيس جيستائين سڀ (گڏ ويٺل) کائي فارغ نه ٿين اهو اٿڻ وارو  (طريقو) ساٿيءَ کي شرمائي ٿو ۽ ممڪن آهي جو ان کائي ڍؤ نه ڪيو هجي. (شرم کان اڌ ۾ بس ڪري ويهي) علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته هر مڪلف (عاقل بالغ) تي حمد ڪرڻ واجب آهي ڇوته ڪوبه الله جي نعمت کان خالي نه آهي مطلب ته الله جي نعمت تي حمد ڪندڙ کي واجب ادا ڪندڙ وارو ثواب ڏنو ويندو. ابن العربي ߋ فرمايو ته ”مون بعض علماء کان ٻڌو ته ڪوبه لقمو وات تي پوءِ رکيو ويندو آهي اهو اول 360 ملائڪن جي هٿن تي ايندو آهي پوءِ ان تي حمد ڇونه ڪيو وڃي.

(جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 237 ، المواهب شرح الشمائل ص 316)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب الاطعمة باب 54 ما يقول اذا فرغ من طعامه رقم الحديث 5458 ج 9 ص 580 {2} ابو داؤد في ڪتاب الاطعمة باب 53 ما يقول الرجل اذا طعم رقم الحديث 3849 ج 3 ص 366 {3} احمد في المسند ج 5 ص 252 {4} الحاڪم في المستدرڪ ج 1 ص 528 {4} البيهقي في سننہھ ج 7 ص 286 {5} الطبراني في الڪبير ج 8 ص 110، 111.

 

}193}  حَدَّثَنَا أَبُو بَكْرٍ مُحَمَّدُ بْنُ أَبَانَ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ ، عَنْ هِشَامٍ الدَّسْتُوائِيِّ ، عَنْ بُدَيْلِ بْنِ مَيْسَرَةَ الْعُقَيْلِيِّ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عُبَيْدِ بْنِ عُمَيْرٍ ، عَنْ أُمِّ كُلْثُومٍ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَأْكُلُ الطَّعَامَ فِي سِتَّةٍ مِنْ أَصْحَابِهِ فَجَاءَ أَعْرَابِيٌّ فَأَكَلَهُ بِلُقْمَتَيْنِ ، فَقَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : لَوْ سَمَّى لَكَفَاكُمْ.

با محاوره ترجمو: حضرت عائشھ g کان روايت آهي ته نبي ڪريم پنهنجن ڇهن اصحابن سڳورن عليهم الرضوان سان گڏ کاڌو کائي رهيا هئا ته هڪ بدوي (يعني ٻهراڙيءَ جو رهاڪو) آيو ۽ ان انهيءَ کاڌي کي ٻه گرهه ڪيا يعني ٻه گرهه ڪري کائي ويو. تنهن تي حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو ته ”جيڪڏهن (اهو بدوي) بسم الله پڙهي کائي ها ته کاڌو توهان سڀني کي پورو ٿئي ها.“

مفردات جو شرح: الطعام ۾ الف لام عهد ذهني جو آهي  ”في ستة“ في مع جي معنى سان آهي ۽ هي به ٿي سگهي ٿو. ”في ستة“ ظرف مستقر هجي. ”اي کائنا في ستة“ ڇهن ۾ هوندڙ. ”اعرابي“ زبر سان انصاري وانگر. هن جو هن جي لفظ مان واحد ناهي. اعرابي، ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙن کي سڏيو ويندو آهي.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ ڪمال درجي جي تنبيھ آهي ته کاڌو بسم الله پڙهڻ کان سواءِ شروع نه ڪيو وڃي، ڇوته بسم الله کان سواءِ انتها درجي جي بي برڪتي هوندي آهي ۽ کاڌي جي لذت  نه رهندي آهي ان جي ڪري اهو کاڌو پورو به نه پوندو آهي ۽ حضور ڪريم جن جو ارشاد آهي ته ”جيڪڏهن بسم الله پڙهي ها ته اهو کاڌو اوهان لاءِ ڪافي ٿي وڃي ها.“ مان ثابت ٿيو ته بسم الله نه پڙهڻ جي ڪري ان ۾ برڪت نه پئي. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته اهڙي روايت حضرت ابو ايوب انصاري d کان به آيل آهي پوءِ احتمال آهي ته اهو واقعو ٻه دفعا ٿيو هجي. ۽ اهو به احتمال آهي ته ام المؤمنين سيده عائشه g اهو پردي جي حڪم نازل ٿيڻ کان پهريان ڏٺو هجي يا پردي کان پويان ڏٺو هجي ۽ هي به احتمال آهي ته هيءَ روايت مرسل آهي ۽ امان عائشه g اهو واقعو اتي مجلس ۾ موجود ڪنهن صحابي d کان ٻڌو هجي. (جمع الوسائل ج 1 ص 238)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث نمبر 189 جي بيان ۾ لکجي آيو آهي.

 

}194}  حَدَّثَنَا هَنَّادٌ ، وَمَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا أَبُو أُسَامَةَ ، عَنْ زَكَرِيَّا بْنِ أَبِي زَائِدَةَ ، عَنْ سَعِيدِ بْنِ أَبِي بُرْدَةَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : إِنَّ اللَّهَ لَيَرْضَى عَنِ الْعَبْدِ أَنْ يَأْكُلَ الأَكْلَةَ ، أَوْ يَشْرَبَ الشَّرْبَةَ فَيَحْمَدَهُ عَلَيْهَا.

با محاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو :” بيشڪ الله ان ٻانهي کان راضي ٿئي ٿو، جو مانيءَ جو گرهه کائي يا پاڻيءَ جو ڍُڪ پي الله جو حمد پڙهي ٿو.“

مفردات جو شرح: لَيَرْضَى“ البت راضي ٿو ٿئي ”اَلْعَبْدِ“ ۾ الف ، لام جنس يا استغراق جو آهي. ”أَنْ يَأْكُلَ“ ۾ ان سبب جي لاءِ آهي. اي بسبب ان ياکل او لاجل ان ياکل ”اَلأَكْلَةَ“ (همزه جي زير سان.) هڪ ڀيرو کائڻ . ”الشَّرْبَةَ“ هڪ ڀيرو پيئڻ ۽ هر هڪ هنن ٻنهي مان پنهنجي فعل جو مفعول مطلق آهي.

سمجهاڻي: هي حضور ڪريم جن جي طرفان کائڻ پيئڻ کان پوءِ الله جو شڪر ڪرڻ تي ٻانهي کان الله جي راضي ٿيڻ جي خوشخبري آهي. ”الاتحافات الربانية“ جي صاحب ߋ لکيو آهي ابو نعيم روايت آندي آهي ته رسول الله جن کاڌي کائڻ کان (فورن) پوءِ ننڊ ڪرڻ کان منع ڪئي آهي ۽ طبي اصول موافق رات جو کاڌي کائڻ کان پوءِ چهل قدمي ڪرڻ گهرجي. (انوارِ غوثيه ص 259) شمائل جي هڪ شارح هيءَ دعا لکي آهياَللّٰهُمَّ لَکَ الۡحَمۡدُ وَلَکَ الشُّکُرۡ عَلٰي مَا اَنۡعَمۡتَ اي منهنجا الله! تنهنجي لاءِ ان نعمت تي جيڪا (تو مون تي ڪئي آهي) حمد ۽ شڪر آهي.

(فضائل النبي ص 106)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في ڪتاب الذڪر والدعاء والتوبة والاستغفار باب 24 رقم الحديث 2734 ج 4 ص 1602 {2} النسائي في ڪتاب الوليمة من سننہھ الڪبرى باب 6 ثواب الحمد لله رقم الحديث 6899 ج 4 ص 202. {3} احمد في المسند ج 3 ص 100، 117 {4} ابو يعلى في سننہھ رقم الحديث 4332 ج 7 ص 298.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting