خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

تقريظ

استاذ العلماء ، شيخ الحديث والتفسير، فاضل جليل،

عالمِ نبيل حضرت علامه مولانا مفتي قبلھ

 سيد فهيم احمد شاهه راشدي دامت برڪاتهم العاليھ ھ

(مدرس و صدر دار الافتاء مدرسھ جيلانيھ قادريھ لاڙڪاڻو)

اَلۡحَمۡدُ لِلّٰهِ رَبِّ الۡعٰلَمِيۡنَ وَالۡعَاقِبَةُ لِلِّمُتَقِيۡنَ () وَالصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلٰي سَيِّدِ الۡاَنۡبِيَاءِ وَالۡمُرۡسَلِيۡنَ سَيِّدِنَا مُحَمَّدِ وَّ عَلٰي اٰلِهٖ وَاَصۡحَابِھ اَجۡمَعِيۡن() اَمَا بَعۡدُ.

 

الحمدلله دنيا ۾ مشهور ۽ معروف ڪتاب ”شمائل ترمذي“ جنهن جي سهيڙڻ، تزيين و آرائش ۾ ان جي مصنف ابو عيسى محمد بن عيسى ترمذيߋ پنهنجي طور تي ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي. انصاف جي تقاضا کي مدِ نظر رکندي هر روايت کي محتاط انداز ۾ پيش ڪرڻ جي سندن سعي قابلِ تحسين آهي. الله کين انهيءَ نهايت اهم ڪم کي احسن انداز ۾ پيش ڪرڻ تي اجرِ عظيم عطا فرمائي. (آمين) يقينن ان کان پوءِ ”شمائل“ تي لکيل شرحن ۾ مختلف شارح حضرات کي به جَسُ هجي جن حتي المقدور تحريري حق ادا ڪندي انصاف ۽ مروت کان ڪم ورتو. جنهن دور ۾ جن ڪتابن غير معمولي شهرت ماڻي انهن ۾ ”شرح الاتحافات السنية شرح الشمائل المحمديھ “، ”المواهب اللدينھ شرح الشمائل المحمدية“،”زهر الحمائل شرح الشمائل“،”اشرف الوسائل في شرح الشمائل“،”جمع الوسائل في شرح الشمائل“ وغيره نمايان آهن

سنڌي زبان ۾ به ڪنهن وسان ڪين گهٽايو هوندو پر هن تاليفِ لاجواب ”الفيوضات المصطفوية شرح الشمائل المحمدية“ کان اڳ صرف ٻه ڪتاب منهنجي نظر مان گذريا آهن. هڪ ”الشمائل النبوية“ جيڪو برادرِ محترم ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب مرتب ڪيو، ليڪن ان ۾ به روايتن جو صرف ترجمو پيش ڪيو ويو، ڪٿي ڪٿي بريڪيٽ ۾ ڪن ڪن لفظن جو مفهوم ڏنو ويو. ٻيو ”شمائل النبي“ مولوي عبدالڪريم قريشي ٻيرواري صاحب لکيو جنهن ۾ ترجمي سان گڏوگڏ مختصر طور تي شرح به بيان ڪيو ويو هو. ”شمائل“ جيڪو طبيعت، ڪردار، مزاج، بيهڪ، گڻ، اوصاف، ڪيفيت ۽ انداز جو مجموعو آهي ان جو مرجع صرف ۽ صرف ادب هجڻ گهرجي ورنه داد جي بجاءِ تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو. تنهن ڪري علم سان گڏوگڏ ادب کي ملحوظ رکيو وڃي ته بهتر ٿيندو.

ڏٺو وڃي ته هر دور ۾ هر فن جا ماهر موجود رهيا جن پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا آهن، پر اصولن جي عين موافق صرف اهو ئي فن محمود هوندو جنهن ۾ نقص ۽ بي ادبي نظر نه اچي، جيڪڏهن فن ۾ نقص رهجي ويو ۽ سِڌي طرح يا اڻ سِڌيءَ طرح، ڄاڻائي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ بي ادبي رونما ٿي وئي ته اهو فن مذموم چورائبو، ۽ اهو مذمت ۽ عتاب جي ور چڙهي ويندو. تقرير، تحرير ۽ تدريس به يقينن هڪ فن آهي جنهن جي ابتدا ته سولي آهي پر احسن طريقي سان سهل انداز ۾ سرانجام ڏيڻ يعني توڙ نڀائڻ ناممڪن نه سهي ليڪن مشڪل ضرور آهي. مُعاشري ۾ اوهان کي گفتار جا گوهر گهڻا ئي ملندا پر ڪردار جا غازي تمام گهٽ نظر ايندا. دورِ حاظر ۾ مقرر ته ڪافي آهن پر انهن مان اڪثر جو بيان تنازعي کان خالي ناهي رهيو، تڏهن ئي ته تفرقو وڌندو اچي پيو. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جيستائين ڪنهن فن ۾ باقاعده مهارت نه هجي تيستائين ان ۾ ڪرتب ڏيکارڻ يا داد وصول ڪرڻ لاءِ ان کي منظرِ عام تي آڻڻ کان سؤ سيڪڙو گريز ڪجي ڇوته آڱريون کڄڻ کان پوءِ دفاع ڪرڻ ۾ به غلطيون سرزد ٿيڻ جو قوي انديشو هوندو آهي. ماڻهون اُبتيون سُبتيون تاويلون پيش ڪرڻ ۾ خاطي ٿي ويندو آهي. ڏٺو وڃي ته تقرير کان وڌيڪ تحرير تمام وڌيڪ اهم آهي ڇوته تحرير ۾ ارادتًا تحريري غلطي جيڪڏهن سرزد ٿي وئي ۽ ان مان ڪفر عيان ٿي وڃي ته ڪڏهن ڪڏهن ان جي تاويل انا جو مسئلو بڻجي ويندو آهي، تنهن ڪري هر وقت محتاط رهڻ جي اشد ضرورت آهي.

فتوى نويسي ۽ تدريسي عمل سان ڪافي سالن کان وابسته رهندي مون کي پڙهڻ لاءِ ڪافي ڪتاب ميسر ٿين ٿا جن جو مطالعو ڪرڻ سان ڪجهه تحرير تي ڪڏهن ته دل رت جا ڳوڙها روئندي آهي، ان جي برعڪس  ڪڏهن ته ڪا سٺي تحرير ڏسي دل باغ بهار بلڪه باغِ مدينھ بڻجي ويندي آهي ۽ انهن ڪتابن جي مصنفن لاءِ دل مان نيڪ دعائون نڪرنديون آهن. جهڙي طرح ڪتابِ هذا جي مصنف لاءِ. خدا سندن قلم ۾ اڃان وڌيڪ تاثير پيدا فرمائي ۽ کين هن ڪتابِ لاجواب جي تصنيف جي اجر ۾ بهشت ۾ عظيم منصب عطا فرمائي ۽ دنيا ۾ به سندن فيض کي تا قيامت جاري ۽ ساري فرمائي. (آمين)

نج شرعي ۽ مذهبي مواد کي منظرِ عام تي آڻڻ لاءِ سنڌي زبان ۾ ڪجهه عالمن جي تحرير انتهائي ناياب رهي آهي جن حق کان سواءِ ڪجهه نه لکيو، انهن کان هن وقت تائين منهنجو ضمير متاثر ۽ مطمئن رهيو آهي. انهن مان شيخ الحديث والتفسير بلبلِ مدينھ  قبلھ مفتي محمد ادريس ڏاهري مدظلھ پڻ هڪ آهن. سنڌي زبان ۾ اصلاحي تحرير جي واڌ ويجهه لاءِ مفتي محمد ادريس ڏاهري صاحب پنهنجي مذهبي سفر ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو، کين منهنجي عمر کان وڌيڪ تقريري ۽ تحريري تجربو رهيو آهي. سندن هر تصنيف تصنيفِ لطيف هوندي آهي. کين جسُ هجي جو سنڌي زبان ۾ قرآن شريف جو شاهڪار تفسير ”احسن البيان في تفسير القرآن“ ۽ مختلف موضوئن تي ڪيترا ننڍا وڏا ڪتاب تحرير ڪري منظرِ عام تي آندائون، جن جي پڙهڻ سان ڪافي مسلمانن جي اصلاح ٿي رهي آهي جنهن تي کين مڃتا طور داد ۽ تحسين ڏيان ٿو. الله به کين اجرِ عظيم عطا فرمائي. (آمين) قرآن شريف جي تفسير کان پوءِ سندن لاجواب تحرير هي ڪتاب ”الفيوضات المصطفوية شرح الشمائل المحمدية“ آهي جيڪو صخيم ڪتاب پڻ آهي ۽ ٻن جلدن تي مشتمل آهي. انهيءَ قلمي ڪاوش مان سندن مهارت جو اهو اندازو نهايت آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ هر روايت جو سهل ۽ سليس انداز ۾ بامحاوره ترجمو ڪيائون. مون کي ڪٿي به سندن ڪا غلطي يا غفلت نظر نه آئي بلڪه عشق ۽ ادب جون ڇوليون ڇُلڪندي ڏٺم. ڪافي جاين تي ترجمي ۾ ئي مشڪل لفظن کي واضح ڪري بيان ڪرڻ وارو انداز به من موهيندڙ لڳو.

”راوين جي تعارف“ ۾ سندن تحقيق به مستند ڏسڻ ۾ آئي ان ۾ ڪافي ڪتابن ۾ واضح ٿيل نظريات ۽ تاثرات کي سامهون رکندي انهن جي حالات کي بيان ڪرڻ مروَّت جي عين موافق آهي. هر راوي جي ثقھ يا غير ثقھ هجڻ، حافظي ۾ قوي يا ضعيف هجڻ، نسب، خاندان ۽ قبيلي جي وضاحت لاءِ تحقيق به نرالي انداز ۾ ڪيائون. جنهن جاءِ تي راوي جي ثقھ هجڻ تي اختلاف نظر آيو ته اختلاف جا وجوهات بيان ڪندي ڇنڊڇاڻ ڪري ضعيف ۽ قوي قول جو تذڪرو به نهايت اهميت جو حامل نظر اچي پيو. انهن راوين جي عمر، ڪارناما مطلب ته حالاتِ زندگي تي گهري نظر ڊوڙائڻ به ڪنهن محنت کان خالي ناهي، انهيءَ ڪارنامي تي سندن لاءِ اهو چئجي ته مفتي صاحب علم ۽ هنر جي هر فن ۾ خوش اسلوبيءَ سان حق ادا ڪري ڏيکاريو ته ڪو مبالغو ۽ مغالطو نه ٿيندو.

”شمائل ترمذي“ جي هن سنڌي شرح ”الفيوضات المصطفوية شرح الشمائل المحمدية“ ۾ شارح هڪ وڏي جاکوڙ ڪئي جيڪا قابلِ تحسين ۽ قابلِ داد آهي اها هي ته جن ٻين محدثن جنهن حديث کي جنهن ڪتاب ۾ بيان ڪيو ان کي پرکي ۽ پروڙي ان جو صفحو نمبر، حديث نمبر ۽ جلد نمبر کي قلمبند ڪرڻ سندن اعلى قابليت جو دليل آهي. جنهن کي مفتي صاحب هر حديث ۽ روايت جي آخر ۾ پيش ڪيو اميد ته ان جي پڙهڻ سان عوامِ اهلسنت کي سرهائي ته ٿيندي پر ان سان گڏوگڏ انهن جي علم ۽ عمل ۾ اضافو به ٿيندو ۽ تحقيقي سوچ وڌندي رهندي.

ڪافي جاين تي سندن طرفان ”مسئلا“،”فائدا“،”اعتراض“ ۽ سمجهائڻ خاطر اعتراضن جا جواب سهڻي ۽ سليقي واري انداز ۾ بيان ڪرڻ به متاثر ڪرڻ سان گڏوگڏ من کي موهي وڌو. خاص طور تي مفردات جي شرح کي عربي ۽ سنڌي  ادب کي يڪسر سامهون رکي بيان ڪرڻ ۽ سمجهاڻيءَ ۾ اصلاح امت جي نيت سان پنهنجي دلربا انداز کي اپنائيندي روايت ۾ بيان ٿيل هر شيءِ کي سليس انداز ۾ سمجهائڻ  به سندن ئي خاصو نظر اچي پيو. آخر ۾ الله کان محبوب ڪريم جي وسيلي سان سندن لاءِ عاجزانه دعا آهي ته کين الله صحت ۽ سلامتيءَ سان اڻ ڳڻيا ڏينهن عطا فرمائي جو دين جي اشاعت ۾ اهڙي طرح زور ۽ شور سان بَهرو وٺندا رهن. اميد ته ”الفيوضات المصطفوية شرح الشمائل المحمدية“ جي شايع ٿيڻ سان عوامِ اهلسنت ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو شوق ۽ ذوق وڌندو ۽ انهن جي علم ۽ عمل ۾ ترقي ٿيندي رهندي ۽ انهن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙندي ۽ علماءِ اهلسنت کي بلخصوص بلبلِ مدينھ مفتي محمد ادريس ڏاهري صاحب کي اڃان به گهڻو ڪجهه لکڻ لاءِ اتساهه ملندو. سندن حق ۾ الله منهنجو هي لکڻ ۽ قارئين ڪرام کي ترغيب ڏيڻ قبول ۽ مقبول فرمائي ۽ جيڪو ڪجهه ڪتاب ۾ لکيو ويو ان مان مون ناچيز کي سکڻ ۽ ان تي عمل جي توفيق به مرحمت فرمائي.

 اٰمين بجاه النبي الامين

 

ومـــا تــوفـــيقي الا بالله

عليه توکلت واليه انيب

 

فقير سيد فهيم احمد غفرلہھ الاحد

جولاءِ 2011 لاڙڪاڻو

 

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting