خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ڇويهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي صِفَةِ إِدَامِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ

رسول الله جي ٻوڙ جي باري ۾ آيل حديثون

 

سمجهاڻي: هن باب ۾ شمائل جي بعض نسخن ۾وَمَا اَکَلَ مِنَ الۡاَلۡوَانِ الفاظ وڌيڪ آهن. الادام“ (همزه جي زير سان) ان کي چيو ويندو آهي جنهن سان ماني کائڻ ۾ آساني ڪئي ويندي آهي. رسول الله جن جو فرمانِ عاليشان آهي ته سَيِّدُ اِدَامِ اَهۡلِ الدُّنۡيَا وَالآخِرَةِ الَّلحۡمُ وَسَيِّدُ الشَّرابِ فِي الدُّنۡيَا وَالۡآخِرَةِ الۡمَاءُ وَسَيِّدُ الرَّيَاحِيۡنَ فِي الدُّنۡيَا وَالۡآخِرَةِ الۡفَاغِيَةُ دنيا ۽ آخرت جي ٻوڙن (ڀاڄين) جو سردار گوشت آهي پيئڻ وارين شين جو دنيا ۽ آخرت ۾ سردار پاڻي آهي ۽ خوشبودار شين جو سردار دنيا ۽ آخرت ۾ ميديءَ جا گل آهن.“ ۽ گوشت  جو ٻوڙ هجڻ لغت جي اعتبار سان آهي ۽ عربي عرف جي اعتبار سان ان کي ٻوڙ نه چيو ويندو آهي ان جي ڪري جيڪڏهن ڪنهن قسم کنيو ته ٻوڙ نه کائيندو ته گوشت کائڻ سان ان جو قسم نه ڀڄندو. ۽ ”الوان“ مان مراد کاڌي جا قسم آهن ۽ سيدنا رسول الله جو معمول غذا جي هڪ قسم کي عادت بنائڻ نه هو. ڇوته اهو طبيعت جي لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي پر گوشت ، ميون ، کارڪن وغيره مان جيڪو ميسر ٿيندو هو اهو کائيندا هئا. (المواهب شرح الشمائل ص 268) علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ”اَلاُدُم“ (همزه جي پيش سان) ان کي چئبو آهي جنهن سان ماني کاڌي وڃي پوءِ اهو پٽڙي شيءِ هجي يا سڪل ۽ ادام جو جمع اُدم ۽ آدام آيو آهي ۽ بعض شارحن لکيو آهي ته ”جيڪڏهن ڪنهن قسم کنيو ته ٻوڙ نه کائيندو پوءِ گوشت کاڌائين ته قسم ڀڄي پوندو.“

(جمع الوسائل مع شرح المناوي ص 199 ج 1)

 

}151} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ سَهْلِ بْنِ عَسْكَرٍ ، وَعَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ حَسَّانَ قَالَ : حَدَّثَنَا سُلَيْمَانُ بْنُ بِلاَلٍ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : نِعْمَ الإِدَامُ الْخَلُّ. قَالَ عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ ، فِي حَدِيثِهِ : نِعْمَ الإِدَامُ أَوِ الْأُدْمُ الْخَلُّ.

با محاوره ترجمو: حضرت سيده عائشه g کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته :” ٻوڙن مان سُٺو ٻوڙ سُرڪو آهي.“

حضرت عبدالله بن عبدالرحمان d به پنهنجي روايت ۾ چيو ته ”سُٺو ٻوڙ سرڪو آهي.“

مفردات جو شرح : ”اَلۡاِدَامُ جنهن سان ماني کائجي. اَلۡخَلُّ سُرڪو.

سمجهاڻي: رسول الله جن جي اڳيان جڏهن سُرڪو پيش ڪيو ويو ته پاڻ فرمايائون :”سرڪو ڀلو ٻوڙ آهي“ ۽ ان فرمان مان مراد ان وقت جي لحاظ سان سرڪي جي ڀلائي بيان ڪرڻ آهي. علامه ابن القيم ߋ لکيو آهي ته اهو فرمان سرڪي کي ٻين ٻوڙن کان ڀلو قرار ڏيڻ لاءِ نه هو. ڇوته ان جو سبب اهو هو جو جڏهن کين سندن اهل ماني پيش ڪئي ته پاڻ انهن کان پڇيائون ته ڇا ڪو ٻوڙ به آهي؟“ ته انهن عرض ڪيو” اسان وٽ سُرڪو آهي“ پوءِ پاڻ سرڪي لاءِ فرمايائون ته”اهو ڀلو ٻوڙ آهي“ تان ته ان کي پيش ڪندڙ جي قلب ۾ ڏک پيدا نه ٿئي ۽ ان جي دل خوش ٿئي ڇوته جيڪڏهن ان وقت گوشت يا ماکي يا کير حاضر هجي ها ته اهو وڌيڪ مدح جو مستحق هجي ها ۽ حڪيم ترمذي ߋ فرمايو ته ”سرڪي ۾ ديني ۽ دنياوي نفعا آهن اهو گرمي جي اثر کي گهٽائي ٿو ۽ سندن فرمان ته ”ڪو ٻوڙ آهي“ مان واضح ٿيو ته اهو حفاظتِ صحت جي اسباب مان آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 269) محدث نووي ߋ ۽ قاضي عياض ߋ فرمايو ته ” ان مان کائڻ ۾ وچٿرائي اختيار ڪرڻ ۽ نفس کي گهڻن  طعامن جي لذتن حاصل ڪرڻ کان روڪڻ جي مدح ثابت آهي. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته مذڪور ٻنهي بزرگن جو قول اعتماد جي قابل ناهي ڇوته اها ڳالهه ثابت آهي ته رسول الله جن نه ڪنهن طعام جي گهڻي تعريف ۽ نه ان جي تحقير ڪندا هئا. ۽ هن حديث مان ثابت ٿيو ته کاڌي کارائڻ واري جي کائڻ جي دوران دل جو ئي ڪرڻ مستحب آهي. (جمع الوسائل ص 210) ۽ بعض شارحن لکيو آهي ته سُرڪي ۾ دقت ۽ محنت زياده نه هوندي بنا تڪلف جي ماني کاڌي ويندي آهي هر وقت ميسر آهي ان جو استعمال حياتيءَ لاءِ مفيد آهي. بلغم ۽ صفراء کي ختم ڪري ٿو کاڌي هضم ڪرڻ ۾ مددگار آهي. پيٽ جي ڪيڙن کي ختم ڪري ٿو. بک لڳائي ٿو سرد مزاج وارن کي مفيد آهي. هڪ حديث ۾ آيو آهي ته حضور ڪريم جن ان ۾ برڪت جي لاءِ دعا فرمائي ۽ اهو به فرمايائون ته ”هي اڳين نبين عليهم السلام  جو به ٻوڙ رهيو آهي.“ ۽ هڪ حديث ۾ آيو آهي ته : ”جنهن گهر ۾ سرڪو هوندو اهو محتاج ناهي.“ (خصائل نبوي ص 119)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في ڪتاب الاشربة باب 30 فضيلة الخل والتادم به رقم الحديث 205 ج 3 ص 1621 {2} ابنِ ماجھ في ڪتاب الاطعمة باب 3 باب الخل رقم الحديث 3316 {3} الدارمي في ڪتاب الاطعمة باب 18 اي الآدام کان احب الي رسول الله رقم الحديث 2049 ج 2 ص 138 {4} الخطيب في تاريخه ج 10 ص 30

 

}152} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو الأَحْوَصِ ، عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ قَالَ : سَمِعْتُ النُّعْمَانَ بْنَ بَشِيرٍ يَقُولُ : أَلَسْتُمْ فِي طَعَامٍ وَشَرَابٍ مَا شِئۡتُمْ ؟ لَقَدْ رَأَيْتُ نَبِيَّكُمْ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَمَا يَجِدُ مِنَ الدَّقَلِ مَا يَمْلَأُ بَطْنَهُ.

با محاوره ترجمو: حضرت سماڪ بن حرب d چوي ٿو ته مون حضرت نعمان بن بشير d کي چوندي ٻڌو ته ڇا توهان پنهنجي کاڌي پيتي جون وڻندڙ شيون نه ٿا کائو؟ بيشڪ مون (پنهنجي ۽) توهان جي نبي جن کي ڏٺو، جو پاڻ ڪريم وٽ ايتري سُڪل کارڪ ڪانه هئي جنهن مان پاڻ ڍؤ ڪري کائن.

مفردات جو شرح : ”اَلَسۡتُمۡ ڇا اوهان ناهيو؟ انڪار ۽ توبيخ جو استفهام آهي هي تابعين سان يا حضور ڪريم جي دنيا تان رحلت ڪرڻ کان پوءِ صحابن سان خطاب آهي. مَا شِئۡتُمۡ اي ايُّ شيء شئتم جيڪي به اوهان گهرو.نَبِيُّکُمۡ اوهان جي نبي() ۾ انهن ڏانهن اضافت ڪيائين حالانڪه حضور ڪريم جن ته سندس به نبي آهن سو ان جي ڪري جو انهن حضور ڪريم جي دنيا ۽ ان جي لذت کان منهن موڙڻ ۾ اقتداء ڏي توجهه گهٽايو هو.

سوال: مالڪ بن نويره جڏهن حضور ڪريم جي لاءِ چيو ته ” صَاحِبُکُم“ (اوهان جو سائين) ته حضرت خالد بن وليد ان کي چيو ته ڇا اسان جو سائين آهي تنهنجو ناهي؟“ ائين چوڻ کان پوءِ ان کي قتل ڪري ڇڏيائين ۽ حضرت نعمان بن بشير d  جڏهن چيو ته اوهان جو نبي ته ان تي صحابن اعتراض ڇونه ڪيو؟

جواب: حضرت خالد ان کي صرف ان لفظ ٻڌڻ سان نه ان کان صراحت سان ڪفر جي ڪلمي ٻڌڻ جي ڪري قتل ڪيو هو. ”الدقل“ (دال ۽ قاف جي زبر سان) کجور، ڪَتل جيڪا سڪي وڃڻ جي ڪري هڪ ٻئي کان جدا ٿي بيهندي آهي.

سمجهاڻي: حضرت نعمان بن  بشير سماڪ بن حرب کي زهد، تقوى ۽ گهٽ کاڌي کائڻ جي ترغيب ڏياريندي مذڪور حالت بيان ڪئي هئي ۽ ان کي فرمايو ته ”اوهان جو اهو حال آهي جو جيڪو گهرو ٿا کائو ۽ پيئو ٿا، حالانڪه اوهان کي پنهنجي مقتداء جي صبر ۽ عبادت واري زندگي اختيار ڪرڻ گهرجي.“

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابن ابي شيبه ج 13 ص 224 {2} ابن حبان رقم الحديث، 6340، 6341 {3} احمد في الزهد ص 115 {4} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 311 {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 860.

 

}153} حَدَّثَنَا عَبْدَةُ بْنُ عَبْدِ اللَّهِ الْخُزَاعِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَاوِيَةُ بْنُ هِشَامٍ ، عَنْ سُفْيَانَ ، عَنْ مُحَارِبِ بْنِ دِثَارٍ ، عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : نِعْمَ الإِدَامُ أَوِ الْأُدْمُ : الْخَلُّ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جابر d کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته :” سُٺو ٻوڙ سُرڪو آهي.“

مفردات جو شرح : مٿي مذڪور آهي.

سمجهاڻي: اها ئي آهي جيڪا هن باب جي پهرين حديث ۾ آيل آهي. علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته هيءَ حديث مشهور آهي ويجهي آهي ته متواتر هجي. (جمع الوسائل ج 1 ص 217)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابوداؤد في کتاب الاطعمة باب 40 في الخل رقم الحديث 3820 ج 3 ص 359، 360 {2} ابن ماجھ في ڪتاب الاطعمة باب 33 الائتدام بالخل رقم الحديث 3317 {3} احمد في المسند ج 3 ص 371 {4} الخطيب في تاريخه ج 2 ص 191.

 

}154} حَدَّثَنَا هَنَّادٌ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ ، عَنْ سُفْيَانَ ، عَنْ أَيُّوبَ ، عَنْ أَبِي قِلاَبَةَ ، عَنْ زَهْدَمٍ الْجَرْمِيِّ قَالَ : كُنَّا عِنْدَ أَبِي مُوسَى الأَشْعَرِيِّ ، فَأُتِيَ بِلَحْمِ دَجَاجٍ فَتَنَحَّى رَجُلٌ مِنَ الْقَوْمِ فَقَالَ : مَا لَكَ ؟ فَقَالَ : إِنِّي رَأَيْتُهَا تَأْكُلُ شَيْئًا فَحَلَفْتُ أَنْ لاَ آكُلَهَا قَالَ : اُدْنُ فَإِنِّي رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَأْكُلُ لَحْمَ دَجَاجٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت زهدم جرمي d کان روايت آهي ته اسان حضرت ابو موسى اشعري d وٽ ويٺا هئاسون ته ان وٽ مانيءَ سان ڪڪڙ جو ٻوڙ آندو ويو. تنهن تي هڪ ماڻهو پوئتي هٽڻ لڳو. ابو موسى اشعري ان ماڻهوءَ کي چيو ته توکي ڇا ٿيو آهي؟ ان ماڻهوءَ جواب ڏنو ته ڪڪڙ کي گندگي کائيندي ڏٺو اٿم. ان ڪري ڪڪڙ نه کائڻ جو قسم کنيو اٿم. پوءِ ابو موسى سڳوري چيس، ته ويجهو ٿيءُ. بيشڪ مون حبيب ڪريم جن کي ڪڪڙ جو گوشت کائيندي ڏٺو آهي.

مفردات جو شرح: لَحۡم گوشت دَجاج (دال جي زير سان به آهي پر فصيح زبر سان آهي) ڪڪڙ، فَتَنَحّٰي پوءِ کسڪي پري ٿي ويو. ”نتنا“ نجاست، بدبوءِ، گندگي، پليدي، غلاظت ”فَحلفت“ ماضي جو صيغو آهي هن جي مصدر حلف، حِلف، حَلف ايندي آهي. ”اُدن“ ويجهو ٿيءُ. دُنو يا دناوة يا دناءة هن جون مصدرون آهن جنهن جي معنى ويجهو ٿيڻ آهي.

سمجهاڻي: مذڪوره روايت مان ثابت ٿيو ته حضور ڪريم جي صحابي حضرت ابو موسى اشعري d وٽ ماڻهو گڏ ٿي ان کان محبوب جي زندگي مبارڪ جون ڳالهيون پڇندا هئا ۽ اهڙي طرح اهل علم وٽ گڏ ٿيڻ ۽ انهن کان ديني معلومات حاصل ڪرڻ ڀلو ڪم آهي. ۽ حضرت ابو موسى اشعري d جو ان شخص کان پڇڻ جنهن ڪڪڙ جو گوشت نه کاڌو ته”ڇونه ٿو کائين“ مان ثابت ٿيو ته مهمان جيڪڏهن ڪا شيءِ نه کائي ته ميزبان کي مهمان کان پڇڻ گهرجي ته تون هيءَ شيءِ ڇونه ٿو کائين ۽ ان نه کائڻ واري کي جيڪڏهن ڪا غلط فهمي آهي ته اها دور ڪرڻ گهرجي جيئن ابو موسى اشعري d ان شخص جي اعتراض ته (ڪڪڙ گندگي کائي ٿو) کي دور ڪرڻ جي لاءِ فرمايو ته ”مون رسول الله جن کي ڏٺو ته پاڻ ڪڪڙ کائي رهيا هئا ۽ هن روايت مان اهو واضح ٿيو ته مومن کي حضور ڪريم جي هدايت ۽ اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ گهرجي جيڪا ڳالهه محبوب ڪريم جن کان واضح طور آيل آهي ان ۾ پنهنجي سوچ کي نه هلائي ۽ هن حديث مان ثابت ٿيو ته ڪڪڙ کائڻ حلال آهي ۽ ان تي اجماع آهي ۽ ڪڪڙ جو گوشت گرم، تازو، معده تي هلڪو جلد هضم ٿيڻ وارو آهي. دماغ ۽ مَني وڌائيندو آهي. آواز صاف ڪندو آهي رنگ سهڻو بنائيندو ۽ عقل کي قوت ڏيندو آهي ۽ بعض بزرگن جو قول آهي ته ڪڪڙ هميشه کائڻ جي ڪري پيرن جي جوڙن ۾ سوڄ پيدا ڪندو آهي.

(المواهب شرح الشمائل ص 272)

حضرت ابو موسى اشعري d کي ان شخص عرض ڪيو ته ” مون قسم کنيو آهي ته ڪڪڙ نه کائيندس.“ ته پاڻ ان کي ويجهو ويهاري سمجهايائون. سندن سمجهاڻي جو مقصد هو ته هي حلال آهي قسم ڀڃي کاءُ ۽ ان قسم جي ڀڃڻ جي ڪفارت ڏئي ڇڏ.“ قسم جي ڪفارت ڏهن مسڪينن کي کاڌو کارائڻ يا انهن کي وڳا پارائڻ يا ٻانهو آزاد ڪرڻ آهي. جي اهو به نه ڪري سگهين ته لڳولڳ ٽي روزا رکي ڇڏ. (فضائل النبي ص 90) ۽ ان نه کائڻ واري ڪڪڙ کائڻ کي حرام نه چيو ڇوته اهو يا صحابن مان  هو يا تابعين مان ۽ اهو قطعي دليل کان سواءِ حلال کي حرام ڪيئن چوندو. خاص طور جڏهن اهو ڪڪڙ حضرت ابو موسى اشعري d جي گهر ۾ رَڌو ويو هو. حضرت نبي ڪريم جن جو فرمانِ عاليشان آهي ته ”لَايُوۡمِنُ اَحَدَکُمۡ حَتٰي يَکُوۡنَ هَوَاهُ تَبَعًا لِمَا جِئۡتُ بِہٖ“ اوهان مان ڪو هڪ تيستائين مومن ناهي جيستائين ان جي خواهش منهنجي آندل دين جي تابع نه هوندي.“ نووي ߋ اربعين ۾ لکيو آهي ته ”هيءَ حديث صحيح آهي ۽ ٻي حديث ۾ آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو تهاِذَا حَلَفۡتَ عَلٰي يَمِيۡنِ فَرَئَيۡتَ غَيۡرَهَا خَيۡرًا مِنَّهَا فَائۡتِ الَّذِيۡ هُوَ خَيۡرُٗ وَکَفِّرۡ عَنۡ يَمِيۡنِکَ (رواه الشيخان) جڏهن ڪنهن ڳالهه تي قسم کڻي ۽ پوءِ ان جي غير کي ان کان ڀلو ڏسين ته اهو ڀلو ڪم ڪر ۽ قسم جي ڪفارت ڏئي ڇڏ.“ (جمع الوسائل ج 1 ص 200)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب فرض الخمس باب 15 رقم الحديث 3133 ج 6 ص 236، 237 {2} مسلم في ڪتاب الايمان باب 3 رقم الحديث 1649 حديث الڪتاب 9، 10 ج 3 ص 1270 {3} احمد في المسند ج 4 ص 397، 398 {4} الدارمي في ڪتاب الاطعمة باب 22 رقم الحديث 2055 ج 2 ص 140 {5} البيهقي في سننه ج 10 ص 31 {6} الحميدي  في مسنده رقم الحديث 765 ج 2 ص 337، 338.

 

}155} حَدَّثَنَا الْفَضْلُ بْنُ سَهْلٍ الأَعْرَجُ الْبَغْدَادِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا إِبْرَاهِيمُ  بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ بْنِ مَهْدِيٍّ ، عَنِ إِبْرَاهِيمَ بْنِ عُمَرَ بْنِ سَفِينَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ جَدِّهِ قَالَ : أَكَلْتُ مَعَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَحْمَ حُبَارَى. وفي الحديث دلالة على حل أكل الدجاج وأنه من الطيبات.

با محاوره ترجمو : حضرت ابراهيم بن عمر  پنهنجي پيءُ جي واسطي سان پنهنجي ڏاڏي سفينه d کان روايـــت ڪئي آهــــي، ته مــــون رسول الله جن سان گڏ تلور جو گوشت کاڌو آهي.

مفردات جو شرح: حُباري تلور. هن جو واحد ۽ جمع برابر آهي هڪ مشهور پکي آهي هن جي ڳچي ڊگهي، رنگ خاڪي هوندو آهي گهڻو تيز اڏامندو آهي هن جو گوشت ڪڪڙ ۽ بدڪ جي وچ تي هوندو آهي، هنديءَ ۾ هن کي ”چڪور“ چوندا آهن.

سمجهاڻي: حضرت سفينہھء سفر ۾ سامان گهڻو کنيو هو ان جي ڪري ان کي ”سفينه“ ٻيڙي سڏيو ويو ۽ بعض بزرگن فرمايو ته ”حبارى“ هڪ ننڍو پکي آهي. حديث شريف ۾ آهي ته ”حبارى“ انسان جا گناهه ڏسي ڳرندي ڳرندي مري ويندو آهي.“ ۽ حديث جي بعض شارحن فرمايو ته ”حبارى داڻا چڳڻ جي لاءِ پري پري نڪري ويندو آهي.“ حبارى جي معنى ۾ هي قول به آهن (1) تغدري (2) ٻٽيرو. سنڌيءَ ۾ هن کي تلور سڏيندا آهن مشهور پکي آهي جبل جي پاسي کان اچي ٿو. چيٽ جي موسم يا ٿورو اڳ سياري ۾ سرنهن جي ڦولار وقت پوکن ۾ لهندو آهي. ان جو رنگ ميرانهون ، ميٽائون ٿئي ٿو. قد ۾ گهڻو ڪري ڪڪڙ جيڏو آهي. پيرن تي هلڻ ۾ تکو آهي ڇپڻ ۾ سادو آهي. بخاري شريف ۾ روايت آهي ته حضور ڪريم جن گورخر ۽ سهي جو گوشت کاڌو آهي. (فضائل النبي ص 90)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في کتاب الاطعمة باب 29 في اکل لحم حبارى رقم الحديث 3797 ج 3 ص 354 {2} البيهقي في سننھ ج 9 ص 322 {3} العقيلي في الضعفاء ج 1 ص 167، 168 {4} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 2808 ج 11 ص 251، 252 {5} المزي في تهذيب الکمال، ج 4 ص 57.

 

}156} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ ، عَنْ أَيُّوبَ ، عَنِ الْقَاسِمِ التَّمِيمِيِّ ، عَنْ زَهْدَمٍ الْجَرْمِيِّ قَالَ : كُنَّا عِنْدَ أَبِي مُوسٰى الأَشْعَرِيِّ قَالَ : فَقَدَّمَ طَعَامَهُ وَقَدَّمَ فِي طَعَامِهِ لَحْمَ دَجَاجٍ وَفِي الْقَوْمِ رَجُلٌ مِنْ بَنِي تَيْمِ اللَّهِ أَحْمَرُ كَأَنَّهُ مَوْلًى قَالَ : فَلَمْ يَدْنُ فَقَالَ لَهُ أَبُو مُوسٰى : اُدْنُ ، فَإِنِّي قَدْ رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَكَلَ مِنْهُ ، فَقَالَ : إِنِّي رَأَيْتُهُ يَأْكُلُ شَيْئًا فَقَذِرْتُهُ فَحَلَفْتُ أَنْ لاَ أَطْعَمَهُ أَبَدًا.

با محاوره ترجمو: حضرت زهدم جرمي d چيو ته اسان حضرت ابو موسى اشعري وٽ ويٺا هياسين ته سندس کائڻ لاءِ ماني آندائون. ان ۾ ڪڪڙ جو گوشت به هو. ڪچهري وارن ۾ هڪ ماڻهو رنگ جو ڳاڙهو رومي غلامن جهڙو بني تيم الله قبيلي  مان ويٺو هو. راوي چيو ته اهو ماڻهو ماني ۽ ڪڪڙ جي ٻوڙ کي ويجهو به نه ٿيو. پوءِ ابو موسى سڳوري چيس ته ويجهو ٿي، (ڪڪڙ جو ٻوڙ کاءُ) ڇاڪاڻ ته مون رسول الله جن کي ڪڪڙ جو گوشست کائيندي ڏٺو آهي.

ان ماڻهو چيو ته مون ڪڪڙ کي گندگي کائيندي ڏٺو آهي. ان جي ڪري مون ڪڪڙ کي ناپسند يا مڪروه سمجهي قسم کنيو آهي ته هن کي هرگز نه کائيندس.

مفردات جو شرح: ”فَقَدَّمَ پوءِ پيش ڪيائين فَقَذِرْتُهُ پوءِ مان ان کان ڪراهيت ڪيان ٿو. قَذِرْهُ جو جمع قاذورات آهي. قذر يا قذرة مصدر آهي جنهن جي معنى پليد هجڻ ، پليد ڪرڻ، مڪروه ڄاڻڻ آهي.

سمجهاڻي: هن جي سمجهاڻي هن باب جي حديث ۾ لکيل آهي وڌيڪ هي آهي ته اهو شخص جنهن ڪڪڙ کائڻ کي نه پسند ڪيو. سو تيم الله قبيلي مان هو. ان جو رنگ ڳاڙهو هو. ”تيم الله“ جي معنى. الله جو ٻانهو. (انوارِ غوثيه ص 221) علامه علي قاري ابن الجوزي جي ڪتاب ”تلبيس ابليس“ کان نقل ڪري لکيو آهي ته ”جاهل صوفي طعام گهٽ کائي، سڻڀ استعمال ڪندا آهن تان ته سندن بدن سڪي پوندو آهي ۽ پنهنجي نفس کي اون جو ڪپڙو پائي عذاب ڪندا آهن ۽ ٿڌو پاڻي نه پيئندا آهن پر اهو رسول الله ۽ صحابن ۽ تابعين جو طريقو ناهي. انهن (پيارن) کي جيڪڏهن ڪا شيءِ نه ملندي هئي ته نه کائيندا هئا پر جيڪڏهن ملندي هئي ته کائيندا ۽ ان کي پسند ڪندا هئا ۽ ڪڪڙ کائيندا هئا ۽ ان کي پسند ڪندا هئا ۽ مٺي شيءِ کائڻ کي پسند ڪندا هئا ۽ کين ٿڌو پاڻي (شربت) ڪري پياريو ويندو هو ۽ يقينًا گرم پاڻي معده کي ايذائي ٿو ۽ حضرت سفيان ثوري ߋ جڏهن سفر تي نڪرندو هو ته پاڻ سان گڏ ڀڳل گوشت ۽ فالوذج (مٺي شيءِ) کڻندو هو ۽ قرآن ڪريم مان اهو به ثابت آهي جيئن فرمان مبارڪ آهي. قُلْ مَنْ حَرَّمَ زِیۡنَۃَ اللھ الَّتِیۡۤ  اَخْرَجَ لِعِبَادِھ  وَالطَّیِّبٰتِ مِنَ الرِّزْقِؕ (سورة اعراف آيت 32) (فرماءِ ته الله جي ان سينگار کي جيڪو ان پنهنجي ٻانهن لاءِ ڪڍيو آهي ۽ رزق مان پاڪ شين کي ڪنهن حرام ڪيو آهي) ٻي جاءِ تي مالڪ مٺي جو فرمان آهي: یٰۤاَیُّہَا الرُّسُلُ كُلُوۡا مِنَ الطَّیِّبٰتِ وَ اعْمَلُوۡا صَالِحًاؕ(سورة مومنون آيت 51) (اي پيغمبرو! پاڪ شين مان کائو ۽ صالح عمل ڪيو) ۽ رسول الله جي دعا مبارڪ آهي ته اَللّٰهُمَّ اجۡعَلۡ حُبُّکَ اَحَبَّ اِلَيَّ مِنَ الۡمَاءِ الۡبَارِدِ اي منهنجا الله ! پنهنجي محبت مون لاءِ ٿڌي پاڻيءَ کان به وڌيڪ پياري بناءِ. ۽ (الله جي ڪامل، اڪمل ولي حضرت) ابو الحسن شاذلي ߋ فرمايو ته :” ماڻهو ٿڌو پاڻي پيئڻ کان پوءِ دل جي وچان الله جو حمد ڪري ٿو اهو شڪر جو مرتبو. صبر جي حالت کان وڌيڪ آهي ڇوته اهو محبت پيدا ڪري ٿوها جيڪڏهن نه ٿو لڌو وڃي ته پوءِ ان جو مقام صبر آهي ۽ انهن ٻنهي سان رضا بالقضا جو مقام حاصل ٿئي ٿو. ۽ اهو الله جو اعظم دروازو آهي. وَرِضۡوَانُ مِّنَ اللهِ اَکۡبَرۡ ۽ الله جي طرفان رضامندو وڏي شيءِ آهي. يُحِبُّهُمۡ وَ يُحِبُّوۡنَہٗ انهن سان الله محبت رکي ٿو ۽ اهي ان سان محبت رکن ٿا. وَرَضِيَ اللهُ عَنۡهُمۡ وَرَضُوۡ عَنۡهُ ۽ الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا. (جمع الوسائل ج 1 ص 204) علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته حضرت ابو موسى اشعري d ان شخص کي وڌيڪ هي به ٻڌايو ته اسين رسول الله جي خدمت ۾ وفد جي صورت ۾ وياسين کانئن سواري لاءِ اُٺ پيا گهرون ۽ پاڻ ان وقت صدقي جا اُٺ ورهائي رهيا هئا ۽ ان وقت ڪنهن تي ناراض هئا پر مون اهو محسوس نه ڪيو پوءِ مون کين عرض ڪيو ته ”يا رسول الله ! منهنجي ساٿين مون کي اوهان جي خدمت ۾ سوارين گهرڻ جي لاءِ موڪليو آهي اوهان انهن کي سواري ڏيندؤ؟ پاڻ (قسم جا لفظ استعمال ڪري) فرمايائون ته الله جو قسم مان اوهان کي سواريءَ جي لاءِ ڪا شيءِ نه ڏيندس ۽ نه مون وٽ ڪا سواري آهي جو اوهان کي ڏيان“ پوءِ مان ڏکويل موٽيس هڪ ان جي ڪري جو سواري نه ملي ٻيو ان فڪر جي ڪري ته ”حضور ڪريم جن ڪجهه محسوس نه ڪيو هجي ۽ مون پنهنجي ساٿين کي اهو ٻڌايو. ٿوري دير کان پوءِ حضور ڪريم جن وٽ اُٺ آيا ته پاڻ فرمايائون ”هي اشعري ڪٿي آهي؟ ٻي روايت ۾ آهي ته حضرت بلال d سڏيو ته عبدالله بن قيس ڪٿي آهي؟ پوءِ مون ان کي جيءَ چيو ته ان فرمايو ته ”رسول الله جن توکي سڏين ٿا. جڏهن مان سندن خدمت ۾ حاضر ٿيس ته فرمايائون ”هي ڇهه اٺ تولاءِ سعيد کان ورتا اٿم پنهنجي ساٿين ڏانهن ڪاهي وڃ. ۽ فرمايائون ته ”بلاشڪ الله يا الله جي رسول اوهان کي هي سواريون ڏنيون آهن انهن  تي سوار ٿيو. پوءِ مون سندن حڪم ادا ڪيو ۽ پنهنجن ساٿين کي چيم ته اوهان مان ڪجهه ساٿي مون سان انهن ڏانهن گڏجي هلو جن رسول الله جو فرمان ٻڌو آهي متان اوهان گمان ڪيو ته مون اوهان کي صحيح ڳالهه نه ٻڌائي آهي پوءِ انهن چيو ته الله جو قسم ته تون اسان وٽ سچو آهين پوءِ انهن مان ڪجهه حضرت ابو موسى سان گڏجي انهن اصحابن وٽ آيا جن حضور ڪريم جو فرمان مبارڪ ٻڌو هو. ته پهريان پاڻ انڪار فرمايو هيائون پوءِ عطا فرمايائون. ابو موسى فرمايو ته”اسين رسول الله وٽ جڏهن پهريان عرض کڻي پهتا هياسين ته پاڻ قسم کڻي فرمايائون ته اسان کي سواري نه ڏيندا. ۽ هينئر سواري عطا فرمايائون. هلو ته کين قسم ياد ڏياريون پوءِ اسان موٽي کين قسم ياد ڏياريو ته فرمايائون ته ”وڃو“ اوهان کي الله سواري ڏني آهي. (شرح المناوي على حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 204) علامه بيجوري ߋ هي الفاظ وڌيڪ آندا آهن ته ”مان ڪوبه قسم کڻندو آهيان ۽ پوءِ جيڪڏهن ان کان ٻئي کي ڀلو ڏسندو آهيان ته جيڪو ڀلو هوندو آهي اهو ڪندو آهيان ۽ قسم جي ڪفارت ڏئي ڇڏيندو آهيان.“ (المواهب شرح الشمائل ص 274)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث 154 جي هيٺان لکيل آهي.

 

}157} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو أَحْمَدَ الزُّبَيْرِيُّ ، وَأَبُو نُعَيْمٍ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عِيسٰى ، عَنْ رَجُلٍ مِنْ أَهْلِ الشَّامِ يُقَالُ : لَهُ عَطَاءٌ ، عَنْ أَبِي أَسِيدٍ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : كُلُوا الزَّيْتَ وَادَّهِنُوا بِهِ ؛ فَإِنَّهُ مِنْ شَجَرَةٍ مُبَارَكَةٍ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابو اسيد d کان روايت آهي. ته پاڻ ڪريمن ارشاد فرمايو ته ”زيتون جو تيل کائو ۽ ان کي مکيو يا مالش به ڪريو، ڇاڪاڻ ته اهو برڪت واري وڻ جو تيل آهي.“

مفردات جو شرح: الزَّيْتَ زيتون جو تيل. وَادَّهِنُوا بِهِ، ان سان مالش ڪيو. هن جي مصدر ”دهن“ آهي يعني تيل هڻڻ، آلو ڪرڻ، سڻڀو ڪرڻ، جيڪڏهن” دُهن“ پيش سان هوندو ته پوءِ ان جي معنى آهي مطلق تيل.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ هڪ ارشاد آهي ته ”زيتون جو تيل کائو“ يعني ڀاڄيءَ طور استعمال ڪيو، مانيءَ سان کائو. هڪ روايت ۾ آهي ته حضرت عبدالله بن عمر f زيتون جي تيل سان ماني کائيندو هو. ٻيو ارشاد آهي ته ”ان سان مالش ڪيو“ يعني مٿي کي لڳايو ۽ جتي درد هجي اتي مالش ڪيو. ”اتحافاتِ ربانيه“ جي صاحب لکيو آهي ته گرم ملڪن ۾ ان جي مالش صحت لاءِ حفاظت جي اسباب مان آهي ۽ ٿڌن ملڪن ۾ نقصانڪار آهي، ۽ اهو امر استحبابي آهي. ٽيون ارشاد آهي ته ”اهو برڪت واري وڻ مان نڪتل آهي ۽ اهو وڻ زيتون جو آهي. شمائل جي شارحن لکيو آهي ته هن مان گهڻا فائدا ملن ٿا ان جي ڪري هن کي برڪت وارو وڻ سڏيو ويو آهي. علامه بيجوري ߋ لکيوآهي ته ”زيتون ۾ برڪت جي لاءِ ستر نبين عليهم السلام دعائون گهريون آهن. انهن مان حضرت ابراهيم ۽ حضور ڪريم عليهم الصلٰوة والسلام  جن به آهن. پاڻ فرمايائون ته اَللّٰهُمَّ بَارِکۡ فِي الزَّيۡتِ وَ الزَّيۡتُوۡنِ مَرَّتَيۡنَ. کذا في تفسير القرطبي. (يا الله !! زيتون جي تيل ۽ زيتون ۾ برڪت پيدا فرماءِ) ٻه ڀيرا فرمايائون ۽ ابو نعيم حضرت ابو هريره d کان روايت آندي آهي ته” ان ۾ ستر مرضن کان شفا آهي جن مان هڪ جذام جي بيماري آهي.“  (جمع الوسائل ج 1 ص 205)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في  ڪتاب الاطعمة من سننھ الڪبرى باب 49 الزيت رقم الحديث 6701 ج 4 ص 163 {2} احمد في المسند ج 3 ص 497 {3} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 2870 ج 11 ص 311، 312 {4} البخاري في الڪنى ص 6 وفي التاريخ ج 2 ص 469 {5} الحاڪم في المستدرڪ ج 2 ص 397، 398 {6} الطبراني في الڪبير رقم الحديث 596، 597ج 19 ص 269، 270  {7} والبيهقي في الشعب رقم الحديث 5938 ج 5 ص 99، 100 {7} الدولابي في الڪنى ج 1 ص 15.

 

}158} حَدَّثَنَا يَحْيَى بْنُ مُوسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّزَّاقِ قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْمَرٌ ، عَنْ زَيْدِ بْنِ أَسْلَمَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عُمَرَ بْنِ الْخَطَّابِ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : كُلُوا الزَّيْتَ وَادَّهِنُوا بِهِ ؛ فَإِنَّهُ مِنْ شَجَرَةٍ مُبَارَكَةٍ.قَالَ أَبُو عِيسٰى : وَ عَبْدُ الرَّزَّاقِ كَانَ يَضْطَرِبُ فِي هَذَا الْحَدِيثِ فَرُبَّمَا أَسْنَدَهُ ، وَرُبَّمَا أَرْسَلَهُ.

با محاوره ترجمو: حضرت عمر بن خطاب d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته : ”زيتون جو تيل کائو ۽ مکيو به ڇوته اهو برڪت واري وڻ جو تيل آهي.

مفردات جو شرح: كُلُوا جمع جو صيغو آهي. کائو. هي امر مباح هجڻ يا مستحب هجڻ جي لاءِ آهي. اَلزَّيْتَ زيتون جو تيل شَجَرَةٍ وڻ. مُبَارَكَةٍ برڪت وارو.

سمجهاڻي: هي امر ان لاءِ آهي جنهن جي مزاج جي لاءِ زيتون جو تيل موافق هجي جيئن علامه ابن القيم ߋ لکيو آهي ته ” زيتون جو تيل گرم علائقن ۾ جيئن حجاز وغيره صحت لاءِ حفاظت جي اسباب مان آهي ۽ ٿڌن علائقن ۾ ان جو استعمال نقصان ڏيندڙ آهي ۽ ان کي مٿي تي گهڻو هڻڻ نظر جي لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي. محدث ترمذي ߋ  فرمايو ته ”هن حديث جو راوي عبدالرزاق هن حديث ۾ مضطرب رهيو آهي ڪڏهن هن جي اسناد بيان ڪري هن کي مرفوع آڻي ٿو ۽ ڪڏهن هن کي ” مرسل“ روايت ڪري ٿو.

سوال: مضطرب ڇا آهي؟

جواب: مضطرب اها حديث آهي جنهن۾ روايت ڪندڙن جو اختلاف هوندو آهي پوءِ ان کي هڪڙا هڪ سبب سان بيان ڪندا آهن ته ٻيا ٻئي سبب سان، جيڪو پهرين جي خلاف هوندو آهي. ۽ اهو اضطراب ڪڏهن اسناد ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن متن ۾ ۽ ڪڏهن ٻنهي ۾. هڪ راوي کان يا گهڻن کان. پوءِ جيڪڏهن هڪڙي روايت جي راوين جي حفظ سان يا جنهن کان روايت ڪئي وئي ان جي صحبت جي ڪثرت سان يا ڪنهن ٻي شيءِ سان ترجيح ممڪن آهي ته حڪم راجح کي ڏنو ويندو ۽ ان وقت اضطراب نه رهندو. ۽ جيڪڏهن نه ته پوءِ حديث مضطرب آهي جنهن ۾ ضعف لازم آهي. ۽ حاصل هي آهي ته اهو ٻن روايتن جو يا اڪثر جو اسناد جي متن ۾ اهڙو اختلاف آهي. جنهن ۾ جيستائين هڪ کي گهڻين واٽن سان روايت ٿيڻ جي ڪري ان جي اصح هجڻ يا مشهور هجڻ يا ان جي راوين جي مضبوط هجڻ ۽ انهن جي علم ۾ زياده هجڻ جي ڪري ترجيح نه ٿي ڏجي. ته انهن ۾ جمع ممڪن ناهي جيئن هتي آهي. بلاشڪ جنهن حديث جي اسناد بيان ڪئي وئي اها مرسل کان وڌيڪ آهي ۽ مرسل جي ٻئي ڀيري اسناد بيان ڪرڻ سان ان جي غير سان اسناد دائمًا موافق ٿي وئي. ۽ اهو اڳئين روايت ۾ آيل ابو اسيد آهي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 205، 206)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ ماجھ في ڪتاب الاطعمة باب 34  الزيت رقم الحديث 3319 {2} ابنِ ابي حاتم في العلل ج 2 ص 15، 16. {3} الترمذي في ڪتاب الاطعمة باب 43 ماجاء في اکل الزيت رقم الحديث 1851 ج 4 ص 285 {4} البيهقي في الآداب  رقم الحديث 658 ص 314 و في الشعب رقم الحديث 5939 ج 5 ص 100 

 

}159} حَدَّثَنَا السِّنْجِيُّ وَهُوَ أَبُو دَاوُدَ سُلَيْمَانُ بْنُ مَعْبَدٍ السِّنْجِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّزَّاقِ ، عَنْ مَعْمَرٍ ، عَنْ زَيْدِ بْنِ أَسْلَمَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ نَحْوَهُ وَلَمْ يَذْكُرْ فِيهِ عَنْ عُمَرَ.

مفردات جو شرح: ترجمو، سمجهاڻي ۽ جن ٻين محدثن هيءَ روايت آندي آهي. سڀ ڪجهه حديث 158 وارو ساڳيو آهي.

 

}160}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ ، وَعَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُعْجِبُهُ الدُّبَّاءُ فَأُتِيَ بِطَعَامٍ ، أَوْ دُعِيَ لَهُ فَجَعَلْتُ أَتَتَبَّعُهُ فَأَضَعُهُ بَيْنَ يَدَيْهِ لِمَا أَعْلَمُ أَنَّهُ يُحِبُّهُ.

با محاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته نبي ڪريم کي ڪدو گهڻو وڻندو هو. پوءِ وٽن کاڌو آندو ويندو هو يا پاڻ سڳورن کي دعوت ڏني ويندي هئي پوءِ آءُ ڪدو ڳولي حضور ڪريم جي اڳيان رکندو هيس. ڇاڪاڻ ته مون کي خبر هئي ته پاڻ ڪريم کي ڪدو گهڻو وڻندو آهي.

مفردات جو شرح : ”يُعْجِبُهُ اعجاب کان ورتل آهي . معنى خوش ٿيڻ، ڀلو لڳڻ، پسند هجڻ وغيره اَلدُّبَّاءُ (دال جي پيش ۽ زبر ٻنهي سان آيل آهي) ڪدو. ”فَجَعَلْتُ أَتَتَبَّعُهُ مون ان ٿانوَ مان ڪدؤَ جا ٽڪرا ڳولي ڳولي رکيا. بَيْنَ يَدَيْهِ سندن اڳيان.

سمجهاڻي: حضرت انس بن مالڪ جو فرمان ته ”رسول الله جن کي ڪدو پسند هوندو هو.“هن مان ڪدو کائڻ جي فضيلت ثابت ٿي رهي آهي. ۽ اهو به ثابت ٿيو ته رسول الله جا صحابي سندن دل جوئي ڪندا هئا ان جي ڪري حضرت انس d اهي ڪدو جا ٽڪرا ڳولي سندن اڳيان رکيا هئا. علامه امير گيلاني لکيو آهي ته رسول الله جن کي ان جي ڪري ڪدو پسند هو جو ان ۾ طبي فائدا به آهن. عقل کي وڌائي ٿو، دماغ کي معتدل رکڻ لاءِ جوهر آهي اڃ لاهي ٿو، مرگهيءَ جي مرض جو علاج آهي بخار لاهي ٿو. هن حديث مان اهو به ثابت ٿيو ته ”کاڌي ۾ گڏ ويهڻ واري جي پسند کي اهميت ڏيڻ ۽ ان کي ان جي پسند واري شيءِ ڏيڻ جائز آهي. هڪ روايت ۾ آهي ته ڀاڄي واري ٿانوَ جي پاسن مان ڪدو ڳولي ڳولي کائيندا هئا.“ حضرت امام اعظمߋ جي شاگرد امام ابو يوسف ߋ جي اڳيان ڪنهن شخص چيو ته ”ڪدو شريف سيدنا رسول الله جن کي پسند هو پر مون کي پسند ناهي.“ اهو ٻڌي حضرت امام ابو يوسف ߋ فرمايو ته هي مرتد آهي ان کي قتل ڪيو وڃي.“ (انوارِ غوثيه ص 224)

ڪدؤ کائڻ جا فائدا: علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ”حضور ڪريم جن اهو راز به ملحوظ فرمايو هو جيڪو ڪدو ۾ رکيل آهي. اهو ڪدو هو جيڪو الله حضرت يونس عليه السلام تي ڄمائي ان کي سج جي گرميءَ کان ۽ سردي جي تڪليف کان بچايو. سندن جسم ڪدو جي ڇانوَ ۾ ائين سڪون حاصل ڪيو جيئن ننڍو ٻار ماءُ جي هنج ۾ سڪون حاصل ڪندو آهي.

 (جمع الوسائل ج 1 ص 207)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في ڪتاب الوليمة من سننھ الڪبرى باب 27 الدباء رقم الحديث 6664 ج 4 ص 157، 158 {2} احمد في المسند ج 3 ص 177 {3} ابو الشيخ ص 182  {4} ابنِ سعد في الطبقات ج 1 ص 391، 392 {5} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 2861 ج 11 305.

}161} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا حَفْصُ بْنُ غِيَاثٍ ، عَنْ إِسْمَاعِيلَ بْنُ أَبِي خَالِدٍ ، عَنْ حَكِيمِ بْنِ جَابِرٍ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : دَخَلْتُ عَلَى النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَرَأَيْتُ عِنْدَهُ دُبَّاءً يُقَطَّعُ فَقُلْتُ : مَا هَذَا ؟ قَالَ : نُكَثِّرُ بِهِ طَعَامَنَا.قَالَ أَبُو عِيسٰى : وَجَابِرٌ هُوَ جَابِرُ بْنُ طَارِقٍ وَيُقَالُ : ابْنُ أَبِي طَارِقٍ ، وَهُوَ رَجُلٌ مِنْ أَصْحَابِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَلاَ نَعْرِفُ لَهُ إِلاَ هَذَا الْحَدِيثَ الْوَاحِدَ ، وَأَبُو خَالِدٍ اسْمُهُ : سَعْدٌ.

با محاوره ترجمو: حضرت حڪيم بن جابر d پنهنجي پيءُ جابر d کان روايت ڪري ٿو ته آءُ نبي ڪريم جن وٽ ويس. اتي پاڻ سڳورن وٽ ڪدو ڏٺم، جنهن کي پاڻ سڳورا ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيا هئا. مون عرض ڪيو ته هي ڇا لاءِ آهي؟ پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته ”هن سان ٻوڙ ۾ واڌارو ڪندا آهيون.“

مفردات جو شرح: ”عِنْدَهُ ان وٽ يُقَطَّعُ ٽڪرا ٽڪرا. ڪيو ٿي ويو. نُكَثِّرُ گهڻو ٿا بنايون.

سمجهاڻي: سيدنا رسول الله جو صحابي حضرت جابر d محبوب ڪريم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته ان وقت اتي ڪدو ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ٿي ويو ان اها حڪمت معلوم ڪرڻ جي لاءِ سوال ڪيو ته هي ڇا آهي؟ کيس جواب ۾ فرمايو ويو ته ”هن طريقي سان اسين طعام کي گهڻو ٿا بنايون.“ سندن معمول هوندو هو ته ڀاڄيءَ ۾ شوربو (رَهو، پاڻي) گهڻو ڪرائيندا هئا تانت جيڪو مهمان اچي اهو به کائي ۽ پاڙي وارن کي به ڏنو وڃي. گهڻا وقت پاڻ ۽ سندن گهروارا کاڌي کان سواءِ رهي به ٻين کي کارائيندا هئا. ۽ جڏهن ته جابر بن عبدالله d مشهور صحابي حديثون گهڻيون روايت ڪندڙ هو. ۽ پاڻ ۽ سندس پيءُ ٻئي جليل القدر صحابي هئا ته محدث ترمذي ߋ وضاحت ڪندي ٻڌايو ته هن حديث جو راوي جابر بن طارق آهي ۽ جابر بن ابي طارق به چيو ويو آهي. هي هڪ مرد هو جنهن سيدنا رسول الله جن جي صحبت جو شرف حاصل ڪيو هو ۽ اسين هن هڪ حديث کان سواءِ ان جي حديث نه ٿا سڃاڻون ۽ علامه مناوي هن حديث جي شرح ۾ لکيو آهي ته ”هن جابر جي ٻي روايت ڪيل حديث آهي جيڪا ابن سڪن المعرفة ۾ ۽ الشيرازي ” الالقاب“ ۾ آندي آهي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 307، المواهب شرح الشمائل ص 280)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1}  النسائي في ڪتاب الوليمة من سننھ الڪبرى باب 28 تکثير الطعام رقم الحديث 6665 ج 5 ص 165 {2} ابن ماجھ في ڪتاب الاطعمة باب 26 الدباء رقم الحديث  3304 {3} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 184 {4} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 2862 ج 11 ص 305.

 

}162} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ ، عَنْ مَالِكِ بْنِ أَنَسٍ ، عَنِ إِسْحَاقَ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ أَبِي طَلْحَةَ ، أَنَّهُ سَمِعَ أَنَسَ بْنَ مَالِكٍ يَقُولُ : إِنَّ خَيَّاطًا دَعَا رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لِطَعَامٍ صَنَعَهُ ، قَالَ أَنَسٌ : فَذَهَبْتُ مَعَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِلَى ذَلِكَ الطَّعَامِ فَقُرَبَ إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ خُبْزًا مِنْ شَعِيرٍ ، وَمَرَقًا فِيهِ دُبَّاءٌ وَقَدِيدٌ ، قَالَ أَنَسُ : فَرَأَيْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَتَتَبَّعُ الدُّبَّاءَ حَوَالَيِ الْقَصْعَةِ فَلَمْ أَزَلْ أُحِبُّ الدُّبَّاءَ مِنْ يَوْمِئِذٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن ابو طلحہھ f چوي ٿو ته مون حضرت انس بن مالڪ d کي چوندي ٻڌو ته هڪ درزي رسول الله جن کي دعوت ڏني. حضرت انس d چوي ٿو ته آءُ به رسول الله جن سان درزي جي دعوت تي گڏجي ويس. پوءِ هو پاڻ سڳورن جي آڏو جوَن جي ماني ۽ ٻوڙ جنهن ۾ ڪدو ۽ سُڪل گوشت رڌل هو کڻي آيو. مون پاڻ سڳورن جن کي ڏٺو ته پيالي جي پاسن کان ڪدو کي ڳولي رهيا هئا. ان ڏينهن کان پوءِ آءُ به ڪدو کي گهڻو پسند ڪندو آهيان. (ان حضور ڪريم کي دعوت کارائيندڙ درزيءَ جو نالو شعيب هو ۽ اهو حضور جو آزاد ڪيل غلام هو . )

مفردات جو شرح : خَيَّاطًا درزي،دَعَا دعوت عرض ڪيائينصَنَعَهُ ان کي تيار ڪيائين قرب تقريب کان ورتل. ويجهو ڪري رکيائين. مَرَقًاشوربوقَدِيدٌ لوڻ ڏنل گوشت جيڪو سج يا ڪنهن ٻي شيءِ سان سڪايو وڃي. فعيل جي وزن تي. يَتَتَبَّعُ جاچي رهيا هئا.

سمجهاڻي: حضرت انس بن مالڪ d هن روايت ۾ هڪ دعوت جو ذڪر ڪيو آهي جيڪا هڪ درزيءَ ڪئي هئي. علامه عسقلاني ߋ فرمايو ته ”ان درزيءَ جو نالو مون کي معلوم نه ٿيو آهي پر  حضرت انس کان ثمامه جي روايت ۾ آهي ته اهو رسول الله جو غلام هو ۽ ان جي لفظ ۾ آهي ته آزاد ڪيل غلام، درزيءَ حضور ڪريم جي دعوت ڪئي هئي. حضرت انس به ان دعوت ۾ دعوت ڏيندڙ جي مخصوص طلب يا حضرت نبي ڪريم جي خادم هجڻ جي ڪري سندن پويان شريڪ ٿيو هو اتي پهچڻ کان پوءِ ڏٺائين ته ان درزيءَ حبيب ڪريم جن جي خدمت ۾ جوَن جي ماني، ڪدو ۽ لوڻ ملايل  سڪل گوشت جو شوربو پيش ڪيو مون ڏٺو ته پاڻ ان پيالي جي چئن ئي پاسن ۾ ڪدو جاچي رهيا هئا.

سوال: هڪ روايت جي مطابق حضور ڪريم جن جي ائين ڪرڻ کان منع آيل آهي؟

جواب: اهو تڏهن جڏهن ائين ڪرڻ سان اها ڀاڄي خراب ٿئي يا گڏ کائيندڙ ايذائجي ۽ سيدنا رسول الله جن ۾ اها ڳالهه ڪير سوچي به نه ٿو سگهي. صحابه ڪرام ته سندن آثار سان برڪت حاصل ڪرڻ کي پسند ڪندا هئا. تان جو سندن زبان ۽ نڪ جو پاڻي پنهنجن منهن کي مهٽيندا هئا. ”جڏهن مون حضرت نبي ڪريم جن کي ائين ڪندي ڏٺو ته مون به ڪدو ڳولي سندن اڳيان رکيو ۽ مون پاڻ نه کاڌو“ ۽ هن ۾ هن ڳالهه جو دليل آهي ته ” جڏهن طعام مختلف هجي ته جائز آهي جو کائيندڙ پنهنجو هٿ ان ڏانهن ڊگهو ڪري جيڪو سندس پاسي سان ناهي جڏهن ساٿي ان کي خراب نه سمجهي ۽ حضرت انس d فرمايو ته ”ان ڏينهن کان مون ڪدو کائڻ سان محبت رکي. ۽ هن حديث مان ثابت ٿيو ته مٿانهين شان واري کي ان کان گهٽ ماڻهو هنرمند وغيره جو طعام کائڻ ۽ ان جي دعوت قبول ڪرڻ، خادم کي گڏ کارائڻ جائز آهي ۽ هن مان نبي ڪريم جي تواضع ۽ صحابن سان لطف ۽ انهن جي گهرن ۾ اچڻ انهن جي سنڀال لهڻ به ثابت آهي ۽ هن مان طعام جي دعوت قبول ڪرڻ  ڀلي اهو ٿورو ڇونه هجي ثابت آهي ۽ اهو به ثابت ٿيو ته ڪدو يا جنهن شيءِ جي نبي پاڪ جن محبت رکن ان سان محبت رکجي ۽ درزيءَ جي ڪمائي گهٽ ناهي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 208، 209) بعض شارحن ان درزيءَ جو نالو شعيب لکيو آهي. (انوار غوثيه ص 226) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ڪدو سان محبت رکڻ سنت آهي ڇوته ان سان سيدنا رسول الله جن محبت رکندا هئا.۽ جنهن سان مصطفى جن محبت رکن ان سان محبت رکڻ صريح ايمان آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 281)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب  البيوع باب 30 الخياط رقم الحديث 2092 ج 4 ص 318 {2} مسلم في ڪتاب الاشربة باب 21 جواز اکل المرق  رقم الحديث 2041 ج ص 1615 {3} ابو داؤد في ڪتاب الاطعمة باب 22 في اکل الدباء رقم الحديث 3782 ج 3 ص 350 {4} مالڪ في الموطا في ڪتاب النڪاح باب 21 ماجاء في الوليمة رقم الحديث 51 ج 2 546، 547. {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 183 مختصرًا.

 

}163} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ الدَّوْرَقِيُّ ، وَسَلَمَةُ بْنُ شَبِيبٍ ، وَمَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ ، قَالُوا : حَدَّثَنَا أَبُو أُسَامَةَ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَائِشَةَ قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُحِبُّ الْحَلْوَاءَ وَالْعَسَلَ.

با محاوره ترجمو: حضرت سيده عائشه g کان روايت آهي ته حبيب ڪريم جن مٺاڻ ۽ ماکيءَ کي پسند ڪندا هئا.

مفردات جو شرح: ”يُحِبُّ محبت رکي. اَلْحَلْوَاءَ حلوو. مٺي شيءِ اَلْعَسَلَ ماکي.

سمجهاڻي: ام المؤمنين سيده عائشه g جي هن ارشاد ۾ رسول الله جن جو حلوي ۽ ماکيءَ سان محبت ڪرڻ جو ذڪر آهي پر ان ۾ هر اها شيءِ داخل آهي جيڪا مِٺي آهي.

سوال: ڇا نبي ڪريم جن کنڊ ڏٺي هئي؟

جواب: شيخ ابنِ حجر ߋ فرمايو ته اها ڳالهه ثابت ناهي. علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته اسلام ۾ سڀ کان پهريان حضرت عثمان غني d حضور ڪريم جي خدمت ۾ حلوو موڪليو هو ۽ اهو اٽو ۽ ماکي ملائي باهه تي پچائي تيار ڪيو هيائين. حضرت نبي ڪريم جن اهو پسند فرمايو هو. علماء فرمايو ته ”ان ۾ کنڊ نه هئي ۽ ان وقت ماڻهو حلوو وغيره ماکي يا کارڪ ملائي ٺاهيندا هئا. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته هن حديث مان ثابت ٿيو ته ”ڀلن کاڌن سان محبت رکڻ زهد جي خلاف ناهي پر بغير قصد جي هجي. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”جنهن حلوي سان رسول الله جن محبت رکندا هئا اهو کارڪن ۽ کير مان ٺهندو هو جيئن ثعالبي ߋ چيو آهي ۽ سندن ان سان محبت شهوت جي ڪثرت يا ان ڏانهن نفس جي گهڻي لاڙي جي ڪري نه هئي پر ان کي سٺو سمجهڻ جي ڪري هئي ۽ ان جي ڪري جڏهن سندن خدمت ۾ اهو پيش ڪيو ويندو هو ته ان مان سٺو حصو کائيندا هئا ۽ محسوس ڪيو ويندوهو ته اهو کين گهڻو وڻي ٿو. (المواهب شرح الشمائل ص 282) ۽ علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ”هن حديث جي معنى ۾ هر اها شيءِ داخل آهي جيڪا لذيذ کاڌن مان حلوي ۽ ماکيءَ سان مشابهه آهي. (جمع الوسائل ج 1 ص 209)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب الاطعمة باب 32 الحلوى والعسل رقم الحديث 5431 ج 9 ص 557 {2} مسلم في ڪتاب الطلاق باب 3 وجوب الڪفارة علي من حرم امرئتھ ولم ينو الطلاق رقم الحديث 1474 حديث الڪتاب رقم 21 ج 2 ص 1101، 1102 {3} ابو داؤد في ڪتاب الاشربة باب 11 في شراب العسل رقم الحديث 3715 ج 3 ص 335، 336 {4} النسائي في سننھ الڪبرى ڪتاب الوليمة باب الاطعمة باب 51 العسل رقم الحديث 6704 ج 4 ص 163 {5} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 4741 ج 8 ص 186 {6} البيهقي في الآداب رقم الحديث 651 ص 311، 312.

}164} حَدَّثَنَا الْحَسَنُ بْنُ مُحَمَّدٍ الزَّعْفَرَانِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا الْحَجَّاجُ بْنُ مُحَمَّدٍ قَالَ : قَالَ ابْنُ جُرَيْجٍ : أَخْبَرَنِي مُحَمَّدُ بْنُ يُوسُفَ ، أَنَّ عَطَاءَ بْنَ يَسَارٍ ، أَخْبَرَهُ أَنَّ أُمَّ سَلَمَةَ ، أَخْبَرَتْهُ أَنَّهَا قَرَّبَتْ إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ جَنْبًا مَشْوِيًّا فَأَكَلَ مِنْهُ ، ثُمَّ قَامَ إِلَى الصَّلاَةِ وَمَا تَوَضَّأَ.

با محاوره ترجمو: حضرت ام سلمھ g کان روايت آهي ته مون رسول الله جن جي اڳيان ٻڪريءَ جي ڀُڳل ران آڻي رکي. پوءِ پاڻ ان مان ڪجهه کائي، نماز لاءِ اٿيا ۽ وضو نه ڪيائون.

مفردات جو شرح : ” جَنْبً پاسو، پاسي جو گوشت.  مَشْوِيًّا ڀُڳل.

سمجهاڻي: حضرت ام المؤمنين ام سلمه g جي فرمان مان ثابت ٿيو ته ”باهه تي پڪل يا رڌل شيءِ کائڻ سان وضو نه ٿو ڀڄي ڇوته رسول الله جن ڀُڳل گوشت کائي وضو نئون ڪرڻ کان سواءِ نماز پڙهي. علامه علي القاري لکيو آهي ته ”هيءَ حديث ان حديث جي لاءِ ناسخ آهي جنهن ۾ باهه تي رڌل يا پڪل شيءِ کائڻ سان وضو نئون ڪرڻ جو حڪم هو ۽ حضور ڪريم جو آخري حڪم به اهو هو

محبوب جا پسنديده کاڌا:  محدث ترمذي ߋ حلوي ۽ ماکيءَ کان پوءِ هيءَ روايت ان جي ڪري آندي آهي جو ماکي، حلوو ۽ گوشت ٽئي رسول الله جن کي گهڻو پسند هئا. اهي ٽئي غذائن ۾ ڀلا ۽ بدن ۽ جيري ۽ عضون جي لاءِ وڌيڪ نفعو ڏيندڙ آهن ۽ ان کان اهو نفرت ڪندو جنهن کي بيماري يا آفت هوندي  ان ڳالهه جا هي شاهد آهن. (1) ابنِ ماجہھ وغيره ضعيف سند سان (جيڪا فضائل ۾ قبول هوندي آهي) روايت آندي آهي تهاَللَّحۡمَّ سَيِّدُ الطَّعَامِ  الِاَهۡلِ الدُّنۡيَا وَالآخِرَةِ گوشت دنيا ۽ آخرت وارن جي لاءِ طعامن جو سردار آهي. (2) ابو نعيم حضرت علي d کان مرفوعًا روايت آندي آهي ته ”دنياوارن جي طعام جو سردار گوشت آهي ان کان پوءِ چانور. (3) ابو الشيخ ابي سمعان کان روايت آندي آهي ته مون پنهنجن عالمن کان ٻڌو چون پيا ته ”رسول الله جن کي وڌيڪ پسند طعام گوشت هو ۽ اهو ٻڌڻ جي طاقت وڌائي ٿو ۽ اهو دنيا ۽ آخرت جي طعامن جو سردار آهي“ زهري ߋ فرمايو ته ”ان جو کائڻ ستر قوتون وڌائي ٿو“ ۽ امام شافعي ߋ فرمايو ته”گوشت کائڻ سان عقل وڌي ٿو“ ۽ حضرت علي d کان روايت آهي ته اهو رنگ کي صاف ڪري ٿو ۽ اخلاق کي سهڻو ٿو بڻائي ۽ جنهن چاليهه ڏينهن گوشت نه کاڌو ان جا اخلاق خراب ٿي ويندا. (جمع الوسائل ج 1 ص 210) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته هن حديث مان باهه تي پڪل يا رڌل شيءِ جي کائڻ سان وضو نه ڀڄڻ ثابت ٿيو ۽ خلفاء راشدين ۽ چئن مجتهدن امامن جو به اهو قول آهي. ۽ جنهن حديث ۾ آيو ته باهه تي رڌل يا ڀُڳل شيءِ کائڻ سان وضو ڀڄي ٿو پوي نئون وضو ڪرڻو آهي. اها منسوخ آهي. ابن القيم ߋ لکيو آهي ته گوشت کائڻ تي هميشگي نه ڪرڻ گهرجي هميشه گوشت کائڻ مرض پيدا ڪري ٿو ۽ بقراط حڪيم جو قول آهي ته ”پنهنجي پيٽن کي حيوان (گوشت) جو مقبرو نه بنايو. “ (المواهب شرح الشمائل ص 283) بعض علماء فرمايو ته جنهن روايت ۾ آيو آهي ته هٰذا الۡوُضُوء مِمَّا مَسَّتۡھ النَّارُ هي وضو ان جي ڪري آهي جنهن کي باهه ڇُهيو. ان مان مراد آهي ته باهه تي پڪل شيءِ کائڻ کان پوءِ گرڙي ڪري ڇڏجي. (فضائل النبي ص 93)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في ڪتاب المزارعة من سننھ الڪبرى باب 4 الشقاق بين الزوجين رقم الحديث 4690 ج 3 ص 113، 114 {2} احمد في المسند ج 6 ص 307 {3} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 2846 ج 11 ص 292 {4} ابنِ ماجھ في ڪتاب الطهارة وسننها باب 66 الرخصة في ذالڪ رقم الحديث 491

 

}165}  حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ قَالَ : حَدَّثَنَا ابْنُ لَهِيعَةَ ، عَنْ سُلَيْمَانَ بْنِ زِيَادٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ الْحَارِثِ قَالَ : أَكَلْنَا مَعَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ شِوَاءً فِي الْمَسْجِدِ.

با محاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن حارث d کان روايت آهي ته اسان رسول الله جن سان گڏجي مسجد ۾ ڀُڳل گوشت کاڌو.

مفردات جو شرح: أَكَلْنَا کاڌو اسان شِوَاءً ڀُڳل گوشت.

سمجهاڻي: هن روايت مان ثابت ٿيو ته مسجد ۾ اڪيلو يا گڏجي کاڌو کائڻ جائز آهي ان شرط سان ته مسجد ان کاڌي سان ملوث نه ٿئي. ۽ جيڪڏهن نه ته پوءِ مسجد ۾ کاڌو کائڻ مڪروه يا حرام آهي يا هن مان مراد اعتڪاف جي حالت ۾ کاڌو کائڻ آهي ۽ هي به ممڪن آهي ته رسول الله جن جواز جي بيان لاءِ کاڌو هجي. ۽ ابن ماجه جي روايت ۾ هي وڌيڪ آهي ته ” کاڌي کائڻ کان پوءِ حضور ڪريم جن اٿي نماز پڙهي ۽ اسان به ساڻن گڏ نماز پڙهي ۽ اسان وڌيڪ ڪجهه نه ڪيو صرف پٿرين سان هٿ اگهي صاف ڪيا.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابن ماجه في ڪتاب الاطعمة باب 29 الشواء رقم الحديث 3311 {2} احمد في المسند ج 4 ص 190، 191 {3} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 1541 ج 3 ص 110، 111 {4} ابن حبان في صحيحه رقم الحديث 1657 ج 4 ص 539، 540 {5} الطحاوي في شرح المعاني ج 1 ص 66 {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 2847 ج 11 ص 292، 293.

 

}166} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ قَالَ : حَدَّثَنَا مِسْعَرٌ ، عَنْ أَبِي صَخْرَةَ جَامِعِ بْنِ شَدَّادٍ ، عَنِ الْمُغِيرَةِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ ، عَنِ الْمُغِيرَةِ بْنِ شُعْبَةَ قَالَ : ضِفْتُ مَعَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ذَاتَ لَيْلَةٍ فَأُتِيَ بِجَنْبٍ مَشْوِيٍّ ، ثُمَّ أَخَذَ الشَّفْرَةَ فَجَعَلَ يَحُزُّ ، فَحَزَّ لِي بِهَا مِنْهُ قَالَ : فَجَاءَ بِلاَلٌ يُؤْذِنُهُ بِالصَّلاَةِ فَأَلْقَى الشَّفْرَةَ فَقَالَ : مَا لَهُ تَرِبَتْ يَدَاهُ ؟ قَالَ : وَكَانَ شَارِبُهُ قَدْ وَفَى ، فَقَالَ لَهُ : أَقُصُّهُ لَكَ عَلَى سِوَاكٍ أَوْ قُصَّهُ عَلَى سِوَاكٍ.

با محاوره ترجمو: حضرت مغيره بن شعبة d کان روايت آهي ته هڪ رات آءُ رسول الله جن سان گڏ (ضباعه بنت زبير جي گهر) مهمان ٿيس. پوءِ اتي ڀُڳل گوشت جي ران آندي وئي. پاڻ ڪريم ڇري کڻي ان ڀُڳل گوشت مان ڪٽيائون ۽ مون لاءِ به گوشت ڪٽڻ لڳا. ايتري ۾ حضرت بلال d اچي کين نماز جو اطلاع ڏنو. ان تي پاڻ سڳورن ڇري رکي فرمايو” هن کي ڇا ٿيو؟ سندس ٻئي هٿ مٽي هاڻا ٿين. يا مٽيءَ ۾ ڀرجن! (هي جملو عربن جو محاورو آهي ان مان پيار ۽ تنبيه مراد آهي.)

راوي چوي ٿو ته منهنجون (يا بلال) جون مڇون وڏيون هيون. ان تي پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو” تنهنجي فائدي لاءِ انهن مُڇن کي ڏندڻ تي رکي ڪتري ڇڏيان يا پاڻ ڏندڻ تي انهن کي ڪتري ڇڏ.“

مفردات جو شرح: ”ضِفْتُ مان مهمان ٿيس. الشَّفْرَةَ وڏي ڇري يَحُزُّ“ “ ڪاٽي رهيا هئا. حَز کان ورتل آهي جنهن جي معنى مطلق ڪٽڻ يا گوشت ڪٽڻ آهي.”شَارِبُ مُڇون قُصُّڪترڻ. ”وَفَي وڏيون ٿي ويون هيون.

سمجهاڻي: هن حديث جي راوي مغيرة بن شعبة d جو فرمان آهي ته مان هڪ رات رسول الله جن سان گڏ مهمان ٿي ويس. اها مهماني ڪنهن وٽ هئي ان ۾ ٻه قول آهن هڪ ته اها سيدنا رسول الله جن جي چاچي جي ڌيءَ (سوٽ) ضبابة بنت الزبير بن عبدالمطلب وٽ هئي. ٻيو قول آهي ته اها مهماني سيدنا رسول الله جي گهرواري ام المؤمنين ميمونه g جي گهر ۾ هئي. پوءِ سندن خدمت ۾ ڪُٺل جانور جي پاسي جو گوشت ڀُڳل پيش ڪيو ويو، ان مان ڇُريءَ سان ڪَٽي گڏ ويهڻ وارن کي عنايت ڪندا ويا ۽ حضرت مغيرة بن شعبه d جو قول آهي ته مون کي به ان مان عنايت ڪيائون. جنهن مان مقصد حضرت مغيرة سان محبت ۽ شفقت جو اظهار هو. ۽ ان جي اسلام قبول ڪرڻ کي ٿوري وقت گذرڻ جي ڪري ان جي دلجوئي ڪرڻ هو.) ۽ ٻين جي اڳيان اها ڳالهه ثابت ڪرڻي هئي ته جيتوڻيڪ سندن مرتبو بلند ۽ بالا هو پر ان هوندي به پنهنجن وڏن اصحابن ڇا بلڪه ننڍن جي لاءِ به پاڻ مهربان هئا.

سوال: هن حديث ۾ حضرت نبي ڪريم جن کان ڇريءَ سان گوشت ڪٽڻ جو ثبوت ملي ٿو پر ٻي حديث مان جيڪا ابو داؤد ۽ شعب الايمان ۾ بيهقي حضرت ام المؤمنين سيده عائشه g کان روايت ڪئي آهي ته ”رسول الله جن ارشاد فرمايو: لَاتَقۡطَعُوا الَّلحۡمَ بِالسِّکِيۡنِ فَاِنَّهٗ مِنۡ صَنِيۡعِ الۡاَعَاجِمِ وَاَنۡهَشُوۡهُ فَاِنَّهٗ اَهۡنَا وَاَمۡرَءُ“ (يعني گوشت کي ڇريءَ سان نه ڪٽيو پوءِ بلاشڪ اهو عجمين جو ڪم آهي ۽ ان کي چڪ هڻي کائو بلاشڪ اهو وڌيڪ مزيدار ۽ وڌيڪ ماڻپي وارو آهي)

جواب: پهرين حديث ۾ ڇُريءَ سان گوشت ڪٽڻ کان منع سان ٻي روايت ڪيل حديث کي منسوخ ڪيو ويو آهي يا اهو جواز جي بيان ڪرڻ لاءِ هوته پهرين منع حرام ڪرڻ لاءِ ناهي پر ڪراهيت تنزيهي آهي. مراد هي آهي ته ڇريءَ سان ڪٽڻ کي عادت نه بنايو جيڪڏهن گوشت صحيح رڌل آهي ته چڪ هڻي کائو ۽ جيڪڏهن ايترو گهڻو رڌل ۽ نرم ناهي ته ڇُريءَ سان ڪَٽي کائو. حضرت مغيرة d فرمايو ته پوءِ بلال آيو. (ان مان مراد حضرت بلال، مؤذن، آهي جنهن جي ڪنيت ابو عبدالرحمان آهي. الله جي واٽ ۾ عذاب ڪيو ويندو هو پوءِ ان کي حضرت ابو بڪر صديق d خريد ڪري آزاد ڪيو. ٻانهن مان اول ايمان ان آندو هو. بدر ۽ ان کان پوءِ وارين جنگين ۾ موجود هو. 63 سالن جي عمر ۾ سن 18 هه ۾ پُٺيان ڪنهن اولاد ڇڏڻ کان سواءِ دمشق ۾ وفات ڪئي هيائين ۽ اتي باب الصغير واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، ۽ ان حضور ڪريم کي نماز جي لاءِ عرض ڪيو. محبوب ڪريم جن ڇُري اڇلائي ان کي فرمايائون ته” هن کي ڇا آهي شال ان جا ٻئي هٿ مٽيءَ ۾ ڀرجن“ اهو پاڻ ان جي ڪري فرمايائون جو اڃان وقت ڪشادو هو. ۽تَرِبَتۡ يَدَاهُ مان مراد آهي ته ان جي ڀلائي آهي ڪهڙو نه مٺو آهي ۽ کاڌي جي موجود هجڻ دوران نماز لاءِ چوڻ مڪروهه آهي. ڇوته دل جو خيال کاڌي ڏانهن هوندو جيئن هڪ حديث ۾ آهي ته ”جيڪڏهن کاڌي جي موجود هجڻ وقت نماز قائم ڪئي وڃي ته اول کاڌو کائو.“ ٻي حديث ۾ آهي ته ”کاڌي جي موجودگي ۾ (کائڻ کان پهريان) نماز ناهي.“

مُڇن ڪٽڻ جو حڪم: حضرت مغيره d فرمايو ته ”ان جون مڇون وڏيون ٿي ويون هيون پوءِ رسول الله جن ان کي فرمايو ته ”مان تنهنجون مڇون ڏندڻ رکي ڪٽيان يا تون ڪَٽِ“ اهي مڇون ڪنهنجون وڏيون ٿي ويون هيون. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته حضرت بلال جون ۽ علي قاري ߋ چيو ته مغيره جون. ۽ هن حديث مان ثابت ٿيو ته مڇون ڪترڻ سنت آهن ۽ مڇون ڪترڻ سنت آهن يا ڪوڙڻ؟ ان ۾ اختلاف آهي اڪثر جو قول آهي ته ڪترڻ سنت آهن ۽ مڇن جون چوٽيون، چپن کان وڌيڪ حصا ڇڏڻ ۾ ڪو حرج ناهي. حضرت عمر d جي ان ۾ اتباع آهي ۽ چپ ڍڪجن به ڪونه ٿا ۽ نه انهن سان طعام لڳي ٿو ۽ محدث زرڪشي ߋ انهن کي به مڪروه چيو آهي ڇوته انهن ۾ مجوسين سان مشابهت ٿئي ٿي جنهن کان حديث ۾ منع آيل آهي ۽ بيهقي مرسل روايت آندي آهي ته ” نبي پاڪ جن جمعي ڏينهن نماز لاءِ نڪرڻ کان اڳي مڇون به ڪٽيندا هئا ته ننهن به لاهيندا هئا. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 212، 213)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الطهارة باب 75 ترڪ الوضوء ممامستھ النار رقم الحديث 188، ج 1 ص 48 {2} النسائي في ڪتاب الوليمة من سننھ الڪبرى باب 19 الجنب وقطع اللحم بالسکين رقم الحديث 6655 ج 4 ص 153 {3} احمد في المسند ج 4 ص 252، 253 {4} الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 1058، 1059. ج 20 ص 435.

 

}167} حَدَّثَنَا وَاصِلُ بْنُ عَبْدِ الأَعْلَى قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ فُضَيْلٍ ، عَنْ أَبِي حَيَّانَ التَّيْمِيِّ ، عَنْ أَبِي زُرْعَةَ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : أُتِيَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ بِلَحْمٍ فَرُفِعَ إِلَيْهِ الذِّرَاعُ وَكَانَتْ تُعْجِبُهُ فَنَهَسَ مِنْهَا.

با محاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d چيو ته نبي پاڪ جن کي پڪل گوشت مليو ۽ کين اڳئين ران ڏني وئي. پاڻ سڳورن کي اهو گوشت وڻندو هو. پاڻ ان کي ڏندن سان پٽي کاڌائون.

مفردات جو شرح: نَهَسَ نهس کان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي ڏندن سان پٽي کائڻ. اَلذِّرَاعُ اڳين ٽنگ گوڏن کان هيٺ كَانَتْ تُعْجِبُهُ کين گهڻو وڻندي هئي.

سمجهاڻي: هن حديث مان واضح ٿيو ته حضرت نبي ڪريم جن پاڪ ڏندن سان گوشت پٽي کاڌو. ۽ ڇُري استعمال نه ڪيائون. علماء لکيو آهي ته ”اولى هي آهي ته گوشت ڏندن سان پٽي کائجي. حديث شريف ۾ آيو آهي ته ”گوشت کي ڏندن سان پٽي کائو ان سان هضم به چڱي طرح ٿئي ٿو ۽ بدن سان موافق رهي ٿو.“ گويا ڏندن سان کائڻ جي ترغيب ڏياريائون. (انوارِ غوثيه ص 213) حضرت حبيب ڪريم کي اهو گوشت ان جي ڪري پسند هو جو جلدي رجهي ويندو آهي. ۽ ايذاءُ ڏيندڙ ناهي. نرم هوندو آهي ۽ ڏندن سان کائڻ ۾ تڪبر، تڪلف ۽ عجمين سان مشابهت کان دوري به آهي ۽ جن حديثن ۾ ڇريءَ سان ڪٽي کائڻ جو ذڪر آهي اهو ان جي ضرورت هجڻ وقت آهي ڏندن سان کائڻ ۾ ان جي لذت به محسوس ٿيندي آهي ۽ هن حديث ۾ آيل لفظ ”منها“ (ان مان) ۾ مِن تبعيضي مان واضح ٿيو ته اهو سمورو نه کاڌو هيائون. ڪجهه حصو تناول فرمايو هيائون.         (جمع الوسائل ج 1 ص 213)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب الانبياء باب 3 قول الله وَلَقَدْ اَرْسَلْنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوْمِھ  (هود آيت 25) رقم الحديث 3340 ج 6 ص 371 بطوله {2} مسلم في کتاب الايمان باب 84 ادنى اهل الجنة منزلة فيها رقم الحديث 194 ج 1 ص 184، 186، بطوله {3} النسائي في سننھ الڪبرى کتاب الوليمة باب 24 فضل لحم الذراع على غيرها رقم الحديث 6660 ، 4 ص 155 بنحوه      {4} احمد في المسند ج 2 ص 331 ببعضہھ {5} ابن ابي شيبہھ في المصنف رقم الحديث 31674، ج 6 ص 307، 308 بطوله {6{  ابوالشيخ في اخلاق النبي ص 173.

 

}168} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ ، عَنْ زُهَيْرٍ يَعْنِي ابْنَ مُحَمَّدٍ ، عَنِ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنْ سَعْدِ بْنِ عِيَاضٍ ، عَنِ ابْنِ مَسْعُودٍ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُعْجِبُهُ الذِّرَاعُ قَالَ : وَسُمَّ فِي الذِّرَاعِ ، وَكَانَ يَرَى أَنَّ الْيَهُودَ سَمَّوهُ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابن مسعود d کان روايت آهي ته نبي ڪريم جن کي (ٻڪري جي) ران وڻندي هئي. راوي چيو ته پاڻ سڳورن کي زهر به ان ۾ ڏنو ويو هو. اصحابن يا راوي جو گمان هو ته پاڻ سڳورن کي يهودين زهر ڏنو هو.

مفردات جو شرح: سُمَّ زهر ڏنو ويو. سَمُّ زهر ”کان يري“ خيال ڪيو ويندو هو.

سمجهاڻي: خيبر جي فتح وقت سلام بن مشڪم يهودي جي زال زينب بنت الحارث ٻڪريءَ جي اڳئين ٽنگ جي هيٺين حصي ۾ گهڻو ۽ باقي گوشت ۾ به ٿورو زهر ملائي حضور ڪريم کي دعوت ڏئي سندن خدمت ۾ کائڻ جي لاءِ پيش ڪيو پاڻ اهو پنهنجي وات مبارڪ ۾ وڌائون ۽ اڃان نڙي مبارڪ کان هيٺ نه لٿو هو يا ٿورو لٿو هو ته اهو وات مبارڪ مان ڪڍي هيٺ اڇلايائون ۽ فرمايائون ته” هن گوشت مون کي ٻڌايو آهي ته هن ۾ زهر پيل آهي“ پر ٿورو حصو جيڪو اندر پاڪ ۾ ويو هو ان جو اثر ان مهل ته ڪونه ظاهر ٿيو پر پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ان جو اثر ظاهر ٿيندو هو ۽ آخر ۾ سندن وصال شريف وقت به ان جو اثر ظاهر ٿيو جيڪو سندن سري شهادت جو سبب بڻيو. هن حديث ۾ آهي ته گوشت خود کين عرض ڪيو ته ”مون ۾ زهر ملايل آهي“ ۽ بعض روايتن ۾ آهي ته جبريل سڳوري کين اهو عرض ڪيو هو پر انهن ٻنهي روايتن ۾ ڪو تعارض ناهي. جو اول کين معجزه طور  گوشت ٻڌايو ۽ بعد ۾ جبريل ان جي تصديق طور عرض ڪيو. ان کان پوءِ محبوب ڪريم جن پاڻ به نه کاڌو ۽ ساٿين کي منع ڪيائون. ان کان بعد ان عورت کي گهرايو ويو ۽ ان کان پڇيو ويو ته ان چيو ته واقعي مون هن ۾ زهر ملايو آهي پاڻ ان کان پڇيائون ته ”تو ائين ڇو ڪيو”“ ان چيو ته ”مون (دل ۾) چيو ته جيڪڏهن نبي هوندو ته ان کي زهر نه ماريندو ۽ جيڪڏهن نبي نه هوندو ته اسين ان کان ڇٽي پونداسون پوءِ حضور ڪريم جن کي سڱي لڳائي وئي ۽ پاڻ ان کي معاف فرمايائون ڇوته پاڻ ڪنهن کان پلاند نه وٺندا هئا. محدث زهري ߋ وغيره فرمايو ته پوءِ ان يهودياڻيءَ اسلام قبول ڪيو، پر ان گوشت کائڻ جي زهر جي ڪري حضرت  بشر بن البراء شهيد ٿي ويو ۽ حضور ڪريم جن ان عورت کي ان جي وارثن جي حوالي ڪيو ته انهن جي مرضي آهي يا قصاص ۾ قتل ڪن يا معاف ڪن پر انهن معاف نه ڪيو ۽ ان عورت کي قتل ڪري ڇڏيائون ۽ حضرت ابنِ مسعود d جو فرمان ته ”خيال ڪيو ٿي ويو ته يهودي اهو زهر ڏنو هو.“ اهو ان جو خيال هو، نه ته حقيقت اها هئي ته انهن زهر ڏنو هو ۽ اقراري هئا. جيئن ٻين حديثن مان واضح آهي ۽ ڏنو ته ان هڪ عورت هو پر يهودين ڏانهن نسبت ان جي ڪري ڪيل آهي جو ان عورت اهو ڪم انهن جي امر ۽ اتفاق سان ڪيو هو. (خصائل نبوي ص 129، 130 المواهب شرح الشمائل ص 287، 288)

هن حديث مان حاصل ٿيندڙ فائدا: علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته هن حديث مان هي فائدا حاصل ٿيا (1) ته هي حضور ڪريم جو معجزو هو جو بي ساهه، رڌل گوشت ساڻن ڳالهايو (2) حضور ڪريم جن کي اها شيءِ معلوم ٿي جيڪا شر سان تعلق رکي پئي حالانڪه اها حضور ڪريم کان به ظاهر ۾ غائب هئي . (3) حضرت حبيب ڪريم کي اهو به علم هو ته زهر بذات ڪجهه نه ڪري سگهندو ۽ جيڪڏهن اهو ذاتي طور اثر انداز هجي ها ته ان مهل فورًا اثر ڪري ها. (4) زهر سان قتل ڪرڻ ڄڻ هٿيار  سان قتل ڪرڻ آهي ان جي ڪري شرعي شرائط جي موجود هجڻ سان قصاص لازم آهي. (انوارِ غوثيھ ص 233) علماء فرمايو ته ان زهر سان الله حضور ڪريم کي نبوت سان گڏ شهادت جو مرتبو به عطا ڪيو.

سوال: الله حضور ڪريم کي وَاللهُ يَعۡصِمُکَ مِنَ النَّاسِ (الله اوهان کي ماڻهن کان بچائيندو) سان بچائڻ جو وعدو ڪيو هو ته پوءِ زهر کين ڇو اثر ڪيو؟

جواب : هيءَ آيت جنگِ تبوڪ واري سال ۾ لٿي هئي ۽ کين زهر ان کان اڳي خيبر جي فتح وقت ڏنو ويو هو.  (المواهب شرح الشمائل ص 288)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابو داؤد في کتاب الاطعمة باب 21 في اکل اللحم رقم الحديث 3781 ج 3 ص 350 {2} احمد في المسند ج 1 ص 394 {3} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 173 {4} البيهقي في الآداب رقم الحديث 646 ص 310 {5} المزي في تهذيب الڪمال ج 10 ص 294    {6} البغوي في الشمائل رقم 948 ج 2 ص 617.

 

}169} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُسْلِمُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبَانُ بْنُ يَزِيدَ ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ شَهْرِ بْنِ حَوْشَبٍ ، عَنْ أَبِي عُبَيْدٍ قَالَ : طَبَخْتُ لِلنَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قِدْرًا وَقَدْ كَانَ يُعْجِبُهُ الذِّرَاعُ فَنَاوَلْتُهُ الذِّرَاعَ ثُمَّ قَالَ : نَاوِلْنِي الذِّرَاعَ ، فَنَاوَلْتُهُ ثُمَّ قَالَ : نَاوِلْنِي الذِّرَاعَ فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، وَكَمْ لِلشَّاةِ مِنْ ذِرَاعٍ فَقَالَ : وَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهِ لَوْ سَكَتَّ لَنَاوَلْتَنِي الذِّرَاعَ مَا دَعَوْتُ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابو عبيد d کان روايت آهي ته مون نبي ڪريم جن لاءِ ٻوڙ جو ديڳڙو رڌيو. پاڻ سڳورن کي ران وڻندي هئي. ان ڪري کين اها ڏنم. پوءِ فرمايائون ته ٻي ران به ڏي. مون کين ٻي ران به ڪڍي ڏني. وري فرمايائون ته وري به ران ڏي. مون عرض ڪيو ته يا رسول الله ! ٻڪريءَ جون گهڻيون رانون ٿينديون آهن؟ (يعني ٻه رانون ٿينديون آهن اهي اوهان کي ڏنيون اٿم) ان تي پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو:” مون کي ان ذات جو قسم! جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي جيڪڏهن تون چُپ رهين ها ته جيستائين آءُ توکي چوندو رهان ها، تون رانون ڏيندو رهين ها.

مفردات جو شرح: طَبَخْتُ طبخ کان ورتـــل. پــچائڻ، رڌڻ، ڀــــڃڻ، قِدۡرًا ڪُنو، ديڳڙي. هن جو جمع قدور آهي. فَنَاوَلْتُهُ تناول کان ورتل، وٺي ڏيڻ، المناولة“ ڪنهن کي ڪا شيءِ ڏيڻ، هي ٻن مفعولن ڏانهن متعدي ٿيندو آهي.

سمجهاڻي: هن حديث ۾حضرت نبي ڪريم جو معجزو بيان ٿيل آهي حضرت ابو عبيده d فرمايو ته: حضرت نبي ڪريم کي اڳئين ٽنگ (گوڏي کان هيٺ) وارو گوشت وڻندو هو ان جي ڪري مون ڪُني ۾ اهو رڌي کين هڪ اڳين ٽنگ پيش ڪئي پاڻ اها کائي ٻي گهريائون. مون پيش ڪئي ته وري پاڻ گهريائون مون کين عرض ڪيو ته ”اڳيون ٽنگون ته ٻه هونديون آهن جيڪي مون پيش ڪيون پاڻ فرمايائون ته” ان ذات جو قسم جنهن جي قدرتي هٿ ۾ منهنجو ساهه آهي ته جيڪڏهن تون ماٺ ۾ رهين ها ته جيستائين مان گهرندو رهان ها تون ڏيندو رهين ها.“ شمائل جا شارح لکن ٿا ته ” مسند امام احمد ۾ هن روايت جي معنى واري روايت ابو رافع کان به آيل آهي. جنهن مان ظاهر آهي ته اهو واقعو ان کي به پيش آيو هو ۽ ان ۾ ڪوبه عجب نه آهي اهڙي قسم جا واقعا محبوب ڪريم جي پاڪ ظاهري زندگي ۾ گهڻا ملن ٿا ۽ ڪجهه واقعا قاضي عياض ߋ شفا شريف ۾ بيان ڪيا آهن.

کاڌو وڌڻ جا واقعا: حضرت ابو ايوب انصاري d هڪ ڀيري نبي پاڪ ۽ حضرت ابو بڪر صديق d جي دعوت ڪئي ۽ صرف ٻن جو کاڌو تيار ڪيائين . محبوب ڪريم جن ان کي فرمايو ته ” انصارن مان ٽيهن ماڻهن کي وٺي آ ۽ اهو وٺي آيو ۽ انهن جي کائي فارغ ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ان کي فرمايائون ته ” 60 ماڻهو ٻيا وٺي آ. ۽ انهن جي فارغ ٿيڻ کان پوءِ ٻين کي گهرايائون. الغرض ته 180 ماڻهن کي اهو ٻن ڄڻن وارو کاڌو ڪافي ٿي ويو. حضرت سمره d فرمايو ته ”هڪ ڀيري حضور ڪريم جي خدمت ۾ ڪٿان هڪ پيالي ۾ گوشت آيو ۽ صبح کان رات تائين ماڻهن جا ٽولا ايندا رهيا ۽ ان مان کائيندا رهيا. حضرت ابو هريره d وٽ هڪ ٿيلهيءَ ۾ ڏهن داڻن کان وڌيڪ ڪجهه کجور جون ڳڙيون هيون. نبي ڪريم جن پنهنجي هٿ مبارڪ سان ان ٿيلهيءَ مان ٿوريون ڪڍي انهن کي ٽيڙي رکي انهن تي ڪجهه پڙهيو ۽ فرمايائون ته ”ڏهه ڏهه ڄڻا سڏي انهن کي کارائيندا رهو.اهڙي طرح اهي پوري لشڪر کي ڪافي ٿي ويون ۽ جيڪي بچيون اهي حضرت ابو هريره d کي واپس ڪري فرمايائون ته هن ٿيلهيءَ مان ڪڍندو کائيندو رهنجان ان کي اونڌو ڪري خالي نه ڪجان.“ اهڙي طرح اهو ان مان کائيندو رهيو. حضرت ابو هريره d فرمايو ته ”مان نبوي دور ۽ حضرت ابو بڪر حضرت عمر، حضرت عثمان رضي الله عنهم جي دور ۾ ان ٿيلهيءَ مان کجور ڪڍي کائيندو رهيس ۽ مختلف وقتن ۾ ان مان خيرات ۾ به ڏيندو رهيس. جنهن جو مقدار ڪئين مڻ ٿي ويو هوندو پر حضرت عثمان d جي شهادت جي وقت اها ٿيلهي مون کان ڪنهن کسي ورتي ۽ مون کان هلي وئي. حضرت انس d فرمايو ته”حضرت رسول ڪريم جي هڪ شاديءَ جي کاڌي کارائڻ ۾ منهنجي ماءُ ڪجهه کاڌو تيار ڪيو ۽ هڪ پيالي ۾ وجهي مون کي ڏنو ۽ فرمايو ته حضرت نبي ڪريم جي خدمت ۾ کڻي وڃ جڏهن نبي ڪريم جي خدمت ۾ پهتس ته پاڻ فرمايائون” اهو پيالو رک ۽ فلاڻي فلاڻي شخص کي وٺي آ ۽ ٻيو جيڪو به توکي ملي ان کي به سڏي پاڻ سان گڏ وٺي اچ. مان انهن نالي سان مقرر ڪيلن کي به وٺي آيس ۽ جيڪو به ملندو رهيو ان کي سندن خدمت ۾ موڪليندو رهيس، تان جو سڄو گهر ۽ اصحاب صُفه جي رهڻ جي جاءِ ماڻهن سان ڀرجي وئي. پاڻ فرمايائون ته ”ڏهن ڏهن جو ٽولو ٺاهي ويهو ۽ هن پيالي مان کائيندا وڃو. جڏهن سڀني کائي ڍؤ ڪيو ته پاڻ فرمايائون ته ”هي پيالو کڻو“ حضرت انس d فرمايو ته ”مان سمجهي نه سگهيس ته اهو پيالو جڏهن گهران کڻي نڪتو هيس تڏهن وڌيڪ ڀريل هو يا هاڻي.“ المقصد ته اهڙي قسم جا گهڻا واقعا آهن. قاضي عياض ߋ فرمايو ته ”اهي واقعا وڏن ، وڏن مجمعن ۾ پيش آيا آهن. اهڙا واقعا ائين هروڀرو بيان نه ڪيا ويا آهن ۽ جيڪڏهن اهي واقعا ائين صحيح نه هجن ها ته انهن ۾ جيڪي شريڪ هئا اهي ضرور ترديد ڪن ها خاموش نه رهن ها. هتي شمائل جي آندل روايت ۾ حضرت ابو عبيد d جي هن چوڻ ته ٻڪريءَ جون ٻه اڳيون  ٽنگون ئي هونديون آهن تي آئنده سلسلي جو بند ٿيڻ علامه علي قاري ߋ وٽ هن بناء تي هو جو معجزات،ڪرامات ۽ اهڙي قسم جي خوارق جو پيش اچڻ ڪامل فنائيت جي ڪري هوندو آهي ۽ هن جواب جي ڪري پاڻ ڪريمن جو پورو توجهه جيڪو پهريان هو پوءِ نه رهيو ۽ ان توجهه جي منقطع هجڻ جي ڪري اهي شيون به منقطع ٿي ويون. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته هيءُ حقيقت ۾ هڪ الاهي انعام هو جيڪڏهن حضرت ابو عبيده d احتياط تام سان ارشاد جي تعميل ڪندو رهي ها ته اهو به باقي رهي ها پر جڏهن ان تي اعتراض جي صورت پيش آئي جيڪا موقعي جي مناسب نه هئي ته اهو انعام منقطع ٿي ويو. (خصائل نبوي ص 132) علامه علي قاري ߋ لکيو اهي ته”ان ۾ حضور ڪريم جي عظمت کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ سندن معجزه جو اظهار هو ڇوته معجزه جي اظهار وقت سيدنا رسول الله جو الله ڏانهن توجهه هو. ۽ اعتراض ڪرڻ جي صورت ۾ سندن توجهه حضرت ابو عبيده d جي جواب ڏانهن ٿيو ته اهو معجزه بند ٿي ويو.

خرق عادات ڪيڏي مهل ظاهر ٿيندا آهن غالبًا خارق عادات انبياء عليهم السلام ۽ اولياءِ ڪرام جي فنائيت ۽ غير ڏانهن متوجهه نه ٿيڻ جي حالت ۾ هوندو آهي ايتري قدر جو ان حالت ۾ پاڻ کي نه سڃاڻندا آهن ته غير ڪهڙي شيءِ آهي ۽ هيءَ ئي ان قدسي حديث جي معنى آهي جنهن ۾ آيو آهي ته اَوۡلِيَائي تَحۡتَ قَبَائيِ لَا يَعۡرِفُهُمۡ غَيۡرِيۡ.“ (منهنجا اولياء منهنجي قدرتي ڪڙتي جي هيٺان هوندا آهن انهن کي مون کان سواءِ ڪير نه ٿو سڃاڻي) ۽ ان ڏانهن ان نبوي حديث ۾ اشارو آهي جنهن  ۾ آيو آهي لِي مَعَ اللهِ وَقۡتُٗ لَا يَسَعُنِي فِيۡهِ مَلَکُٗ مُقَرَّبُٗ وَلَا نَبِيُّ مُرۡسَلۡ (منهنجو الله  سان هڪ اهڙو وقت به هوندو آهي جو ان ۾ مون کي ڪو مقرب ملائڪ ۽ نبي مرسل به ويجهو نه ايندو آهي. (جمع الوسائل ج 1 ص 215) حضرت حبيب ڪريم جن جي پاڪ زندگي جو ته هر لمحو معجزو آهي. اهڙن سوين معجزن جو سيرت تي لکيل ڪتابن ۾ ذڪر موجود آهي. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته الله جي حبيب جي اڳيان عقل نه هلائجي. حضرت ابو عبيده d عقل هلايو ته پاڻ سڳورن جي معجزه ڏسڻ کان محروم رهجي ويو ۽ اهو هي هو ته ٻڪريءَ جي اڳين ٽنگ هڪ کان پوءِ ٻي ظاهر ٿيندي رهي ها ۽ حضور ڪريم جن قسم کنيو ته ”مون کي الله جو قسم آهي جنهن جي قدرتي هٿ ۾ منهنجو ساهه آهي.“ ان جو مطلب آهي ته ” منهنجو روح الله جي هٿ ۾ آهي جيڪڏهن گهري ته ان کي باقي رکي ۽ جيڪڏهن گهري ته  ان کي فنا ڪري ڇڏي ۽ پاڻ سڳورن جن گهڻو ڪري انهن لفظن سان قسم کڻندا هئا ۽ صحابي جلد بازي ڪري اهو عرض ڪيو ان جي ڪري ان معجزي جو ظهور بند ٿي ويو. (المواهب شرح الشمائل ص 289)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 3 ص 484، 485 {2} الدارمي في المقدمة من سننھ باب ما اکرم به النبي في برکة طعامه رقم الحديث 44 ج 1 ص 35 {3} الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 842 ج 22 ص 335، 336 {4} البغوي في الشمائل رقم الحديث 949 ج 2 ص 618 {5} ابن حبان رقم الحديث 6484 ج 14 ص 403

 

}170}  حَدَّثَنَا الْحَسَنُ بْنُ مُحَمَّدٍ الزَّعْفَرَانِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ عَبَّادٍ ، عَنْ فُلَيْحِ بْنِ سُلَيْمَانَ قَالَ : حَدَّثَنِي رَجُلٌ ، مِنْ بَنِي عَبَّادٍ يُقَالَ لَهُ : عَبْدُ الْوَهَّابِ بْنُ يَحْيٰى بْنِ عَبَّادٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ الزُّبَيْرِ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا كَانَتِ الذِّرَاعُ أَحَبَّ اللَّحْمِ إِلَى رَسُولِ  اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَلَكِنَّهُ كَانَ لاَ يَجِدُ اللَّحْمَ إِلَّا غِبًّا   ،    وَكَانَ  يَعْجَلُ إِلَيْهَا لِأَنَّهَا أَعْجَلُهَا نُضْجًا.

بامحاوره ترجمو: حضرت سيده عائشھ g کان روايت آهي ته (سندس خيال مطابق) رسول الله جن کي ران جو گوشت ڪونه وڻندو هو، پر گوشت دير سان هٿ ايندو هو ان ڪري ان گوشت لاءِ تڪڙ ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته اهو جلدي پچندو يا ڳرندو آهي.

مفردات جو شرح: ”أَحَبَّ گهڻو پسند وَلَكِنَّهُ ۽ پر پاڻ، غِبًّا دير، دير سان، ڪڏهن ڪڏهن نُضْجًا پچڻ، رڌجڻ جي لحاظ سان.

سمجهاڻي: يعني ڪڏهن ڪڏهن گوشت خدمت ۾ حاضر ڪيو ويندو هو ۽ پاڻ اهو پسند ڪري تناول فرمائيندا هئا ۽ اڳئين ٽَنگ جو گوشت جڏهن ته جلد رجهي ويندو آهي ۽ نرم هوندو هو ان جي ڪري ان کي پسند فرمائيندا هئا ته کائڻ کان جلد فارغ ٿي ٻين اهم امور ۽ ڪمن کي سرانجام فرمائن. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته احاديث به هن ڳالهه تي دلالت ڪن ٿيون ته حضور ڪريم جن جي اڳئين ٽنگ جي گوشت سان محبت طبعي هئي ۽ ان ۾ ڪا قباحت يا منع نه آهي ڇوته اها خلقت جي ڪمال مان آهي ڪمال جي خلاف ناهي. ڪمال جي خلاف اها ڳالهه آهي جنهن ۾ اهو نفس جي خواهش طور ڪيو وڃي ۽ نه ملڻ جي ڪري پريشاني ٿئي. ۽ اهو به ڪڏهن ڪڏهن حاضر ڪيو ويندو هو. ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان صحيحين ۾ روايت آهي ته. اسان تي سڄو سڄو مهينو گذري ويندو هو ته گهر ۾ باهه نه ٻاريندا هئاسون.“ غذا ۾ صرف کارڪون ۽ پاڻي هوندو هو ۽ دير سان پيش ڪرڻ جي ڪري جڏهن حاضر ڪيو ويندو هو ته پاڻ انهن ڏانهن جلد متوجهه ٿيندا هئا. (المواهب شرح الشمائل ص 290) ۽ حضرت حبيب ڪريم جن کي ڪنڌ جو گوشت به پسند هوندو هو. جيئن ضباعة بنت الزبير f کان روايت آهي ته ان ٻڪري ڪهرائي ته رسول الله جن ان ڏانهن ماڻهو موڪليو ته اسان کي پنهنجي ٻڪري مان (گوشت) کاراءِ. ان عرض ڪري موڪليو ته ”اسان وٽ ان مان صرف ڪنڌ جو گوشت بچيو آهي ۽ مون کي حياءُ ٿو اچي ته اهو اوهان ڏانهن موڪليان.“ پاڻ ان ماڻهوءَ کي فرمايائون ته ”ان ڏانهن موٽي وڃ ۽ ان کي چئو ته اهو موڪل. بلاشڪ اهو ٻڪريءَ جو ڀلو گوشت آهي ۽ اهو گوشت ڀلائي ڏانهن ويجهو آهي ۽ گندگي کان پري آهي.“ اهو ٻڪريءَ جي اڳئين ٽنگ جي گوڏي کان هيٺانهين گوشت وانگر آهي ۽ اهو معدي تي هلڪو ۽ هضم ٿيڻ ۾ تيز آهي. ان جي  ڪري مناسب آهي ته غذا ۾ اها شيءِ استعمال ڪجي جيڪا گهڻو نفعو ڏي. ۽ قوت ڏيڻ ۾ جلد اثرائتي هجي ۽ معدي تي بار نه ڪري ۽ ان ۾ جلد (آنڊي ڏي) لهي وڃي. ۽ جلد هضم ٿئي. ۽ ضعيف سند سان حديث ۾ آيو آهي ته پاڻ سڳورن جن خصين جي گوشت کي ڪراهيت سمجهندا هئا. ڇوته اهي پيشاب جي جاءِ آهن اهو ابن السني”الطب“ ۾ حضرت ابنِ عباس f جي روايت سان آندو آهي ۽ طبراني الاوسط ۾ حضرت  ابنِ عباس f کان ۽ بيهقي مجاهد کان مرسلًا ۽ بيهقي ۽ ابنِ عدي مجاهد کان ان حضرت ابنِ عباس f کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن ٻڪري (نر يا مادي) مان ستن شين کي مڪروهه سمجهندا هئا. (1) پِتو (2) مثانو (3) ماديءَ جي مخصوص اوگهڙ (4) نر جي مخصوص اوگهڙ (5) خصيا (6) غدود (7) سير وارو رت. ۽ ٻڪريءَ مان کين وڌيڪ پسند اڳئين جسم وارو گوشت هوندو هو ۽ خطيب ام المؤمنين سيده عائشه g کان روايت آندي آهي ته پاڻ سڳورا ڳوهه جي گوشت کي مڪروهه سمجهندا هئا. “

(جمع الوسائل ج 1 ص 217)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ترمذي جامع ترمذي جي ڪتاب الاطعمة ۾ باب 34 باب ماجاء اي اللحم کان احب الي رسول الله رقم 1838 ج 4 ص 277 {2} البغوي في الشمائل رقم الحديث 937 ج 2 ص 617.

 

}171} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو أَحْمَدَ قَالَ : حَدَّثَنَا مِسْعَرٌ قَالَ : سَمِعْتُ شَيْخًا ، مِنْ فَهْمٍ قَالَ : سَمِعْتُ عَبْدَ اللَّهِ بْنَ جَعْفَرٍ يَقُولُ : سَمِعْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ : إِنَّ أَطْيَبَ اللَّحْمِ لَحْمُ الظَّهْرِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن جعفر d کان روايت آهي ته مون رسول الله جن کي چوندي ٻڌو ته ”بيشڪ پُٺي يا ڪنڊي جو گوشت سٺو هوندو آهي.“

مفردات جو شرح: ”أَطْيَبَ وڌيڪ لذيذ، اَللَّحْمِ گوشت اَلظَّهْرِ پُٺي.

سمجهاڻي: پٺي جو گوشت هضم ٿيندو آهي. نقصان ڏيندڙ ناهي ۽ ان سان پيٽ ۾ ڳرائي پيدا نه ٿيندي آهي ۽ هڏي واري هجڻ جي ڪري نمڪين به هوندو آهي. پاڻ سڳورا ڪڏهن ڪڏهن اهو کائيندا هئا ۽ ان ۾ پٺيءَ کي قوت ڏيڻ جو اثر به هوندو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪشف جي ذريعي کين اها ڄاڻ ملي هجي. (جمع الوسائل ج 1 ص 217)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في کتاب الوليمة من سننہھ الڪبرى الاطعمة باب (21) لحم الظهر رقم الحديث 6657 ج 4 ص 154 {2} ابن ماجہھ في ڪتاب الاطعمة باب28 اطايب اللحم رقم الحديث 3308 {3} احمد في المسند ج 1 ص 203 {4} الحاڪم في المستدرڪ ج 4 ص 111 الحميدي في مسنده رقم الحديث 539 ج 1 ص 247 {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 172 {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث  2853 ج 11 ص 299.

 

}172}  حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ وَكِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا زَيْدُ بْنُ الْحُبَابِ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ الْمَؤَمَّلِ ، عَنِ ابْنِ أَبِي مُلَيْكَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : نِعْمَ الإِدَامُ الْخَلُّ.

با محاوره ترجمو: حضرت عائشه g کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته :” سرڪو سُٺو ٻوڙ آهي.“

مفردات جو شرح: اڳ ۾ لکجي آيو آهي.

سمجهاڻي: هن حديث جي تشريح هن باب جي پهرين حديث جي ضمن ۾ ڏسو.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 4445، ج 7 ص 423 {2} ابنِ ابي شيبہھ في المصنف رقم الحديث 24615 ج 5 ص 148 {3} ابن عدي في الڪامل ج 4 ص 137.

 

}173} حَدَّثَنَا أَبُو كُرَيْبٍ مُحَمَّدُ بْنُ الْعَلاَءِ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو بَكْرِ بْنُ عَيَّاشٍ، عَنْ ثَابِتٍ أَبِي حَمْزَةَ الثُّمَالِيِّ ، عَنِ الشَّعْبِيِّ ، عَنْ أُمِّ هَانِئِ ، قَالَتْ : دَخَلَ عَلَيَّ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَقَالَ : أَعِنْدَكِ شَيْءٌ ؟ فَقُلْتُ : لاَ إِلَّا خُبْزٌ يَابِسٌ وَخَلٌّ ، فَقَالَ : هَاتِي ، مَا أَقْفَرَ بَيْتٌ مِنْ أُدْمٍ فِيهِ خَلٌّ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ام هاني g کان روايت آهي ته نبي پاڪ جن مون وٽ آيا ۽ فرمايائون ته کائڻ لاءِ تو وٽ ڪا شيءِ آهي؟ عرض ڪيم ته سڪل ماني ۽ سرڪي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته : ”کڻي اچ. جنهن گهر ۾ سرڪو آهي اهو گهر ٻوڙ کان خالي ناهي.“

مفردات جو شرح : ”دَخَلَ عَلَيَّ مون وٽ تشريف فرما ٿيا.  مطلب ته منهنجي گهر ۾ آيا. أَعِنْدَكِ شَيْءٌ همزه استفهام ڇا تو وٽ (کائڻ جي) ڪا شيءِ آهي. ”خبز“ ماني. ”يابس“سڪل. هَاتِي اسم فعل ڏي تون. حاضر ڪر تون. مَا أَقْفَرَ خالي نه آهي. أُدْمٍ ڀاڄي، ٻوڙ. خَلٌّ سرڪو.

سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ مان معلوم ٿيو ته جتي بي تڪلف ماڻهو هجي اتي سوال ڪرڻ ۾ ڪو عيب ناهي ۽ اهو به معلوم ٿيو ته سيدنا رسول الله جن امت کي ڪيتري سادي زندگي جو نمونو ڏنو آهي جو کاڌي پيتي ۾ جيڪو ميسر هجي ان تي اڪتفا ڪئي وڃي. حقيقت ۾ مومن جي زندگي اسلام جي تبليغ، جهاد، الله جي ڪلمي کي بلند ڪرڻ ۽ الله جي ياد ۾ گذارڻ جي لاءِ آهي صرف کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ نه آهي. ۽ بيهقي حضرت ابنِ عباس f کان روايت آندي آهي ته ”رسول الله جن فتح مڪه واري ڏينهن (حضرت بيبي) ام هاني g وٽ تشريف فرما ٿيا ۽ کين کاڌي جي اشتها هئي پوءِ ام هاني g کي فرمايائون ته ”تو وٽ طعام آهي ته مان کاوان؟ “ ان عرض ڪيو ته مون وٽ ماني جا سڪل ٽڪر آهن ۽ مون کي حياء ٿو اچي ته اهي اوهان جي اڳيان پيش ڪيان پاڻ ان کي فرمايائون ته ”اهي کڻي آ“ پوءِ اهي ڀڃي پاڻي ۾ وڌائون (تان ته نرم ٿين) ۽ ام هاني g لوڻ کڻي آئي ته پاڻ ان کان پڇيائون ته ڪو ٻوڙ (يعني ڀاڄي) موجود ناهي؟ ان عرض ڪيو ته ”مون وٽ صرف سرڪو آهي“ فرمايائون ته ”اهو کڻي آ“ جڏهن اهو کڻي آئي ته ان کي مانيءَ تي وجهي ان مان کاڌائون، ان کان بعد الله جو حمد، ثنا ڪري فرمايائون ته ”اي ام هاني سرڪو ڀلو ٻوڙ آهي جنهن گهر ۾ سرڪو آهي اهو ٻوڙ کان خالي نه آهي.“ ۽ ام سعد کان ابن ماجه روايت آندي آهي ته ” مان عائشه وٽ ويٺي هيس ته اتي پاڻ ڪريم جن تشريف فرما ٿيا ۽ ان کي فرمايائون ته”ڇا صبح جو طعام آهي؟ ته ان عرض ڪيو اسان وٽ ماني، کارڪون ۽ سُرڪو آهي. پوءِ پاڻ ارشاد فرمايائون ته ”سرڪو ڀلو ٻوڙ آهي يا الله! سرڪي ۾ برڪت وجهه اهو مون کان اڳين نبين عليهم السلام جو ٻوڙ هو. ۽ اهو گهر ٻوڙ کان خالي نه آهي جنهن ۾ سُرڪو آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 293)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البغوي في شرح السنہھ رقم الحديث 2869 ج 11 ص 310 {2} ابو نعيم في الحلية ج 8 ص 312، 313.

 

}174} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ عَمْرِو بْنِ مُرَّةَ ، عَنْ مُرَّةَ الْهَمْدَانِيِّ ، عَنْ أَبِي مُوسٰى الأَشْعَرِيِّ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : فَضْلُ عَائِشَةَ عَلَى النِّسَاءِ كَفَضْلِ الثَّرِيدِ عَلَى سَائِرِ الطَّعَامِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو موسى اشعري d پاڻ ڪريم کان روايت ڪري ٿو ته پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو: عائشه جي فضيلت (پنهنجي وقت جي) عورتن تي ائين آهي جيئن سڀني کاڌن تي ثريد (چُوري يا ڪُٽي) جي آهي. (گوشت جو شوربو، رَهو ۽ ماني گڏ ڪُٽي کائڻ کي ثريد چئبو آهي)

مفردات جو شرح : ”فَضْلِ ڀلائي. ”النِّسَاءِ عورتون الثَّرِيدِ ٻوڙ جي رس ۾ ماني ڀوري کاڌو تيار ڪيو ويندو آهي يعني ڪُٽي.ثرد ان جي مصدر آهي. 

سمجهاڻي: ثريد جي متعلق علماء لکيو آهي ته ”اهو شوربو يا رس آهي جنهن ۾ ماني ڀوري وڌي ويندي آهي ۽ کاڌو تيار ڪيو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ گوشت به هوندو آهي ۽ ”النساء“ عورتن مان هتي مراد حضور ڪريم جون ازواجِ مطهرات آهن. بعض علماء جو اهو قول آهي ۽ بعض علماء جو قول آهي ته عورتن مان مُراد سيده عائشه صديقه g جون همعصر عورتون آهن. ڇوته ام المؤمنين سيده خديجه عائشه صديقه کان ڀلي آهي ۽ علامه ابنِ حجر ߋ فرمايو آهي ته سيده فاطمہھ زهراء g سيده خديجه g ۽ عائشه g کان به ڀلي آهي ڇوته حضور ڪريم جن سندس حق ۾ فرمايو آهي ته ”فاطمہھ منهنجي (جسم) جو ٽڪرو آهي“ پوءِ سندن جسم پاڪ جي ٽڪري سان ڪير به برابر ناهي. (انوارِ غوثيه ص 238) علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته سلف ۽ خلف مان عالمن جي جماعت جو قول آهي ته رسول الله جي (پاڪ جسم) ٽڪري سان ڪوبه برابر ناهي ۽ ان مان حضرت حبيب ڪريم جي ٻئي اولاد جو شان به ظاهر ٿي رهيو آهي.

ثريد جون ڀلايون: {1} ابو داؤد جي روايت آهي ته رسول الله جن کي طعام مان ثريد گهڻو پسند هوندو هو. {2}  الطبراني ۽ البيهقي حضرت سلمان فارسي d کان روايت آندي آهي ته ”ٽن ۾ برڪت آهي (1) جماعت ۾ (2) ثريد ۾ (3) سحري کائڻ ۾ . ۽ بعض طبيبن فرمايو ته ”هر ٻوڙ جي رس کان هر طعام جو ثريد ڀلو آهي. گوشت ۾ ثريد ان جي رس کان ڀلو آهي۽ جنهن ۾ گوشت ناهي ان جو به ثريد ان جي رس کان ڀلو آهي ۽ ثريد مان لذت حاصل ڪرڻ ۽ آسانيءَ سان کائڻ وغيره آهي. ۽ ان ۾ لذت ۽ قوت خالص گوشت کان به وڌيڪ آهي ۽ طبيبن فرمايو ته ثريد پوڙهي کي جوانيءَ ڏانهن ورائي ٿو. ۽ هن حديث ۾ سيده عائشه صديقه g جي فضيلتن جو بيان آهي. {1} هڪ ته اها افضل الانبياء (عليهم السلام) جي گهرواري آهي {2} ٻيو ته کين گهڻي پياري هئي. {3} وڌيڪ علم واري، نسب جي وڌيڪ ڄاڻندڙ هئي. {4}سيرت ۽ صورت ۾ احسن هئي. {5} سندس ڳالهائڻ ۾ حلاوت هئي. {6} لهجي ۾ فصاحت {7} طبيعت ۾ سخاوت {8} راءِ ڏيڻ ۾ مضبوط{9} عقل ۾ بلند {10} پنهنجي مڙس سان محبت رکڻ ۾ اعلى. وڏي ڳالهه اها آهي ته ان حضور ڪريم کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ حديثون به گهڻيون روايت ڪيون اٿس. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 219) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته سلف ۽ خلف مان علماء جي جماعت فرمايو آهي ته رسول الله جي (پاڪ جسم) جي ٽڪري سان ڪنهن کي برابر نه ڪيو ويندو ۽ بعض فرمايو ته هن مان اهو به ثابت ٿيو ته حضور ڪريم جو باقي اولاد به سيده فاطمھ g وانگر آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 294) ام المؤمنين سيده عائشھ g کي اڍائي هزار حديثون ياد هيون. (فضائل النبي ص 98)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البخاري في ڪتاب احاديث الانبياء باب 32 رقم الحديث 2411 ج 6 ص 446 {2} مسلم في ڪتاب فضائل الصحابه باب 12 فضائل خديجھ ام المؤمنين g رقم الحديث 2431 ج 4 ص 1886، 1887. {3} ابنِ ماجھ في ڪتاب الاطعمة باب 14 فضل الثريد علي الطعام رقم الحديث 3280.

 

}175} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ جَعْفَرٍ قَالَ حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ بْنِ مَعْمَرٍ الأَنْصَارِيُّ أَبُو طُوَالَةَ ، أَنَّهُ سَمِعَ أَنَسَ بْنَ مَالِكٍ يَقُولُ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : فَضْلُ عَائِشَةَ عَلَى النِّسَاءِ كَفَضْلِ الثَّرِيدِ عَلَى سَائِرِ الطَّعَامِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو :”عائشه کي ٻين عورتن تي اهڙي فضيلت آهي جهڙي طرح ثريد کي ٻين طعامن تي فضيلت آهي.“

مفردات جو شرح: هن کان اڳين حديث وارو آهي.

سمجهاڻي: تخريج هن کان اڳين حديث واري ساڳي آهي.

}176} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الْعَزِيزِ بْنُ مُحَمَّدٍ ، عَنْ سُهَيْلِ بْنِ أَبِي صَالِحٍ ، عَنِ أَبِيهِ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّهُ رَأَى رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ تَوَضَّأَ مِنْ أَكْلِ ثَوْرِ أَقِطٍ ، ثُمَّ رَآهُ أَكَلَ مِنْ كَتِفِ شَاةٍ ، ثُمَّ صَلَّى وَلَمْ يَتَوَضَّأْ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته مون رسول الله جن کي پنير جو ٽڪرو کائي وضو ڪندي ڏٺو ۽ ان کان پوءِ ٻي دفعي ڏٺو ته ٻڪري جي پڪل ران کائي پوءِ نماز پڙهيائون ۽ وضو ڪونه ڪيائون.

مفردات جو شرح: ”ثَوْرِ ٽڪرو. هن جو جمع ”اثور“ ”ثيار“” ثيرة“ ايندو آهي. أَقِطٍ پنير، ڄميل کير جيڪو ڄمي، سڪي سخت ٿي ويندو آهي.

سمجهاڻي: هن روايت مان معلوم ٿيو ته حضور ڪريم جن پنير جي ٽڪري کائڻ کان پوءِ وضو فرمايو ۽ ٻڪري جي اڳئين ٽَنگ جو گوشت کائي وضو نه ڪيائون.“ بعض علماء فرمايو ته پنير جي ٽڪري کائڻ کان پوءِ وضو ڪرڻ مان مُراد گرڙيون ڪرڻ ۽ ٻئي هٿ ڌوئڻ آهي ۽ اهڙي طرح کاڌي کائڻ کان پهريان هٿ ڌوئڻ مُستحب آهن جيڪڏهن هٿ صاف آهن ته انهن جي نه ڌوئڻ ۾ ڪو حرج ناهي پر جيڪڏهن مسلمانن جي جماعت گڏجي کاڌو کائي ته هٿن جي صاف هجڻ جي باوجود هٿ ڌوئڻ سنت مؤڪده آهي. تان ته ٻين تي ڳرو نه گذري ۽ ”ٻڪري جي گوشت کائڻ کان پوءِ وضو نه ڪرڻ واري حصي مان معلوم ٿيو ته ٻيو ڀيرو وضو نه ڪيائون. جمهور صحابه ۽ جمهور محدثن جو مذهب هي آهي ته کاڌي کائڻ کان پوءِ وضو ڪرڻ واجب ناهي حضرت جابر d کان آيل روايت ۾ هيءَ ڳالهه ثابت آهي ته ”سيدنا رسول الله جن جو آخري عمل ان تي هو ته ”باهه تي رڌل يا پڪل شيءِ کائڻ جي ڪري وضو نه ڪندا هئا ان جي ڪري علماء ڪرام وضو ڪرڻ واري حديث کي منسوخ قرار ڏنو آهي. هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته اهو حڪم تڏهن منسوخ چئبو جڏهن وضو مان مراد شرعي وضو ورتو ويندو. پر جيڪڏهن گرڙيون ڪرڻ ۽ هٿ ڌوئڻ مراد هوندو ته پوءِ منسوخ نه چيو ويندو.   (انوارِ غوثيہھ ص 239، جمع الوسائل ج 1 ص 221)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابنِ خزيمھ في صحيحھ رقم الحديث 42 ج 1 ص 27       {2} ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 1151 ج 3 ص 428، 429 {3} البيهقي في سننہھ ج 1 ص 156       {4} البزار برقم 297 ، ڪشف الاستار ج 1 ص 153 {5} ابنِ ماجہھ في ڪتاب الطهارة و سننها باب 66 الرخصة في ذالک رقم الحديث 493 {6} الطيالسي في مسنده رقم الحديث 2411 ص 317.

 

}177}  حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي عُمَرَ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ عُيَيْنَةَ ، عَنْ وَائِلِ بْنِ دَاوُدَ ، عَنِ ابْنِهِ وَهُوَ بَكْرُ بْنُ وَائِلٍ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : أَوْلَمَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عَلَى صَفِيَّةَ بِتَمْرٍ وَسَوِيقٍ.

مفردات جو شرح: ”أَوْلَمَ ولم مان ورتل ان جي اصل معنى آهي اجتماع، وليمه ڪرڻ ۽ وليمه جي اصطلاحي معنى آهي اهو طعام جيڪو ناڪح جي لاءِ يا نڪاح کان بعد کارائڻ جي لاءِ ٺاهيو وڃي. ۽ ان جي عادتًا ان ڏانهن نسبت ڪئي ويندي آهي. ۽ ان کي عقيقه جي طعام تي به ڳالهايو ويندو آهي. ”صفية“ بنت حيي (تصغير آهي) حُيي بن اخطب يهودي هو. ان جي نياڻي هئي. هي حضرت موسى جي ڀاءُ حضرت هارون عليھ السلام جي نسل مان هو. سيده صفيه اول سلام بن ابي الحقيق (تصغير سان) خيبر جي اهم شخص جي گهرواري هئي. خيبر جي فتح وقت قيدياڻي ٿي آئي ۽ حضرت حبيب ڪريم جن ان کي پنهنجي لاءِ منتخب فرمايو ۽ ان کي سفر ۾ وٺيو آيا جڏهن مقام صهباء وٽ پهتا ته ان سان شادي ڪري شاديءَ ۾ موجود صحابن رضي الله عنهم کي کاڌو کارايائون. اها سن 7 هه محرم جي مهيني ۾ کيس قيدياڻي ٿي ملي هئي. حضور ڪريم جن ان کي آزاد ڪري پوءِ ان سان شادي ڪئي هئي. هڪ ڀيري حضور ڪريم جن کيس فرمايو تهجَدُّکِ نَبِيٌّ وۡعَمُّکِ نَبِيٌّ وَ زَوۡجُکِ نَبِيٌّ تنهنجو ڏاڏو (حضرت هارون) نبي آهي ۽ تنهنجو چاچو (حضرت موسى) نبي آهي ۽ تنهنجو مڙس (حضور ڪريم ) نبي آهي.“ ۽ صحيحين ۾ آهي ته ”حضرت نبي ڪريم جن ان جي وليمي ۾ ”حيس“ کارائڻ جو انتظام ڪيو هو. حيس کارڪون، پنير ۽ گيهه ملائي ٺاهيو ويندو آهي، ۽ ڪڏهن پنير جي عيوض ان ۾ اٽو ملايو ويندو آهي. سيده صفيا g خواب ۾ ڏٺو هو ته چنڊ سندس جهوليءَ ۾ لهي آيو آهي.

شادي جي وليمي ۾ شريڪ ٿيڻ جو حڪم: قاضي عياض ߋ فرمايو ته : علماء جو اتفاق آهي ته شادي جي وليمي جي دعوت قبول ڪرڻ واجب آهي ۽ ٻي دعوت قبول ڪرڻ جي حڪم ۾ اختلاف آهي امام مالڪ ߋ ۽ جمهور علماء جو قول آهي ته ان جو قبول ڪرڻ واجب ناهي ۽ اهل الظاهر جو قول آهي ته شادي وغيره جي هر دعوت قبول ڪرڻ واجب آهي ۽ بعض سلف جو به اهو قول آهي پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن آهي جڏهن اتي ڪو شرعي يا عرفي مانع نه هجي ۽ علامه ابنِ حجر ߋ فرمايو ته وليمو سنت موڪده آهي ۽ افضل آهي ته مڙس ۽ زال جي پاڻ ۾ صحبت ڪرڻ کان پوءِ ڪيو وڃي ڇوته ان ۾حضور ڪريم جي اقتداء آهي ۽ وليمو شادي جي گهڻي مدت گذرڻ کان پوءِ به ڪري سگهجي ٿو جيئن عقيقه ٻار جي بالغ ٿيڻ تائين پيءُ کي ڪرڻ گهرجي ۽ بالغ ٿيڻ کان پوءِ جيڪڏهن پيءُ وفات ڪري ويو آهي ته پاڻ پنهنجو عقيقو ڪري. نبي ڪريم جن جهڙو سيده زينب جي شادي ڪرڻ کان پوءِ وليمو ڪيو اهڙو ڪنهن ٻي سائڻ سان شادي ڪرڻ کان پوءِ نه ڪيو هو ۽ وليمو پنهنجي حيثيت آهر ڪرڻو آهي جيڪڏهن گوشت نه ٿي سگهي ته عام کاڌي سان به ڪري سگهجي ٿو. جيئن نبي ڪريم جن کجور ۽ سَتُن سان وليمو ڪرڻ فرمايو هو. هڪ سائڻ جو شادي کان پوءِ حيس سان وليمو ڪيائين ته ٻئي جو ٻن مُدن (ان وقت ماپ جو ذريعو) سان ڪيائون. ۽ اهو به سمجهڻ گهرجي ته وليمي جي دعوت امير، غريب هر قسم جي ماڻهو کي ڏيڻ ضروري آهي ائين نه ٿئي جو سرمائيدارن، حڪمرانن، مالدارن، مرتبي وارن کي ته دعوت ڏجي ۽ غريب، مفلس، مفلوڪ الحال ۽ نادار متعلقن کي وساري ڇڏجي. سيد المرسلين جو فرمانِ عاليشان آهي شَرُّ الطَّعَامِ طَعَامُ الۡوَلِيۡمَةِ يُدۡعٰي لَهٗ الاَغۡنيَاءُ وَ يُترَکُ لَهٗ الۡفُقَرآءُ.“ طعامن ۾ بُرو طعام اهو شاديءَ جو طعام آهي جنهن ۾ شاهوڪارن کي دعوت ڏني وڃي ۽ غريبن کي ڇڏيو وڃي.) حضور ڪريم جن حضرت ام المؤمنين صفيه g سان شادي کان پوءِ کارڪن ۽ سَتُن مان تيار ڪيل کاڌو. چمڙي جي دسترخوان تي رکرائي حضرت انس صحابي d کي فرمايو هو ته ”پنهنجي چؤطرف موجود ماڻهن کي سڏي وٺ.“ بعض شارحن لکيو آهي ته سيده صفيه g جي پهرين شادي سلام بن مشڪم سان ٿي هئي. ان کان پوءِ کناية بن الربيع بن ابي الحقيق سان ٿي هئي جيڪو خيبر جي جنگ ۾ ڪفر جي حال ۾ قتل ڪيو ويو هو، ۽ حضرت صفيه g کي ٻنهي مان اولاد نه ٿيو هو جڏهن قيد ٿي لشڪر وٽ پهتي ته حضرت دحية ڪلبي جي حوالي ٿي پر ان حضور ڪريم جن کي عرض ڪيو ته ”هيءَ پنهنجي قوم جي سردار جي ڌيءُ آهي اها اوهان جي لائق ۽ مناسب آهي پوءِ پاڻ حضرت دحية ڪلبي d کي ان جي عيوض ست ٻانهيون ڏئي اها ورتائون ۽ کيس آزاد ڪري ان جو مهر قرار ڏئي ان سان شادي ڪري ان جو وليمو ڪيائون ۽ سيده صفيه g ان کان اڳ ۾ خواب ڏٺو هو ته سندس هنج ۾ چنڊ لهي آيو آهي. اهو خواب جڏهن پنهنجي پيءُ کي ٻڌايائين ته ان کيس زور سان چماٽ هڻي چيو ته تون پنهنجي ڳچي ڊگهي ڪري اها اميد ٿي رکين ته عرب جي بادشاهه سان شادي ڪندينءَ ۽ اهو چماٽ جو نشان امان سائڻ جي منهن مبارڪ تي حضور ڪريم جن وٽ اچڻ تائين قائم هو. حضرت انس d کان روايت آهي ته حضور ڪريم جن سيده صفيه g کي شاديءَ کان پوءِ پنهنجي چادر سان ڍڪي هليا ۽ اُٺ جي ڀر ۾ ويهي سيده صفيه کي فرمايائون ته”منهنجي گوڏن مبارڪن تي پير رکي اُٺَ تي سوار ٿي ۽ ان ائين ڪيو. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 221 ، انوارِ غوثيه ص 240 ، المواهب ص 296)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الاطعمة باب 2 في استحباب الوليمة عند النڪاح رقم الحديث 3744 ج 3 ص 341 {2} النسائي في ڪتاب الوليمة من سننھ الڪبرى باب 3 الوليمة  من السفر رقم الحديث 6601 ج 4 ص 138 {3} احمد في المسند ج 3 ص 110 {4} ابن ماجه في ڪتاب النڪاح باب 24 الوليمة رقم الحديث 2013 {5} الحميدي في مسنده رقم الحديث 1184 ج 2 ص 500 {6} البيهقي في سننھ ج 7 ص 260.

 

}178} حَدَّثَنَا الْحُسَيْنُ بْنُ مُحَمَّدٍ الْبَصْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا الْفُضَيْلُ بْنُ سُلَيْمَانَ قَالَ : حَدَّثَنِي فَائِدٌ ، مَوْلَى عُبَيْدِ اللَّهِ بْنِ عَلِيِّ بْنِ أَبِي رَافِعٍ مَوْلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : حَدَّثَنِي عُبَيْدُ اللَّهِ بْنُ عَلِيٍّ ، عَنْ جَدَّتِهِ سَلْمَىٰ ، أَنَّ الْحَسَنَ بْنَ عَلِيٍّ ، وَابْنَ عَبَّاسٍ ، وَابْنَ جَعْفَرٍ أَتَوْهَا فَقَالُوا لَهَا : اِصْنَعِي لَنَا طَعَامًا مِمَّا كَانَ يُعْجِبُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَيُحْسِنُ أَكْلَهُ . فَقَالَتْ : يَا بُنَيَّ لاَ تَشْتَهِيهِ الْيَوْمَ قَالَ : بَلَى اِصْنَعِيهِ لَنَا . قَالَ : فَقَامَتْ فَأَخَذَتْ مِنْ شَعِيرٍ فَطَحَنَتْهُ ، ثُمَّ جَعَلَتْهُ فِي قِدْرٍ ، وَصَبَّتْ عَلَيْهِ شَيْئًا مِنْ زَيْتٍ وَدَقَّتِ الْفُلْفُلَ وَالتَّوَابِلَ فَقَرَّبَتْهُ إِلَيْهِمْ ، فَقَالَتْ : هَذَا مِمَّا كَانَ يُعْجِبُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَيُحْسِنُ أَكْلَهُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبيدالله بن علي d پنهنجي ڏاڏيءَ حضرت سلمى g کان روايت ڪري ٿو ته امام حسن بن علي f ۽ عبدالله بن عباس f ۽ عبدالله بن جعفر f ان (حضرت بيبي سلمى) وٽ آيا ۽ چيائونس ته اسان لاءِ اهو کاڌو ٺاهه يا تيار ڪر، جيڪو رسول الله کي وڻندو هو ۽ شوق سان کائيندا هئا.

پوءِ حضرت سلمى سڳوريءَ چيو ته”اي منهنجا پٽڙا! اهو اوهان اڄ هن زماني ۾ نه کائيندؤ.“ چيائون ته ڇونه کائينداسون؟ اسان لاءِ ضرور تيار ڪر. پوءِ هوءَ اٿي ۽ ڪجهه جوَ کڻي انهن کي پيٺائين پوءِ انهن کي کڻي ديڳڙي ۾ وجهي، مٿانئس زيتون جو تيل وڌائين ۽ ڪارا مرچ ۽ ٻيا ويڳر ڪُٽي سَٽي ان ۾ وجهي رڌي کڻي اڳيان رکيائين ۽ پوءِ چوڻ لڳي ته”هي اهو کاڌو آهي جيڪو نبي پاڪ جن کي ڏاڍو وڻندو هو.“

(حضرت بيبي سلمى g حضرت ابو رافع اصحابي d جي زال هئي ۽ رسول الله جي خدمتگار بورچياڻي هئي.)

مفردات جو شرح : ”اصْنَعِي تيار ڪر. ”طحن“ ڳوهڻ، ”صبت “ مٿان پلٽايائين دَقَّتِ ڪٽيائيناَلْفُلْفُلَ“ ڪارا مرچ.”التَّوَابِلَ گرم مصالحو، جيڪو ان دور ۾ هند مان آندو ويندو هو.

سمجهاڻي: حضرت امام حسن ۽ هڪ قول جي مطابق حضرت حسين حضرت عبدالله بن عباس حضرت عبدالله بن جعفر رضوان الله عليهم اجمعين بيبي سلمى g وٽ تشريف فرما ٿيا (ڇوته هيءَ اها سائڻ هئي جنهن کي سيدنا رسول الله جي خادمه ۽ بورچياڻي هجڻ جو شرف حاصل هو. ان مناسبت سان هنن ڀلارن ان کان ڪيترو پيارو سوال ڪيو جنهن جي هڪ هڪ لفظ مان نبي ڪريم جو عشق ۽ سندن محبت نمايان نظر اچي رهي آهي. سندن ارشاد اهو هو ته اهو کاڌو تيار ڪري کارائي جيڪو حضرت حبيب ڪريم جن کي کارايو هيائين ۽ اهو کين وڻندڙ ۽ پسند هو. ان کين چيو ته اي منهنجا پُٽڙا! اهو هاڻي اوهان جي خواهش جي مطابق نه رهندو. ڇوته هينئر قسمين قسمين نئين انداز سان ٺهيل کاڌا عام آهن. انهن مٿس زور ڏنو ته تون اسان کي ضرور اهو کاڌو تيار ڪري ڏي. پوءِ ان ڀلاريءَ ٿورن جوَن جو اٽو کڻي هنڊيءَ ۾ وجهي ان تي زيتون جو تيل ۽ ڪارا مرچ ۽ ٻيا ويڳر وجهي تيار ڪري لاٿو، ۽ ٽنهي ڀلارن جي اڳيان رکي فرمايائين ته هي آهي اهو کاڌو جيڪو حضور ڪريم جي لاءِ تيار ڪيو ويندو هو، ۽ پاڻ سهڻي نموني کائيندا هئا. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته هن مان ثابت ٿيو ته جيستائين ممڪن ۽ آسان هجي سٺو کاڌو کائجي ۽ اهو زهد جي خلاف ناهي.

(المواهب شرح الشمائل ص 298)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البغوي في الشمائل رقم الحديث 963 ج 2 ص 625  {2} الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 759 ج 24 ص 299 {3} مجمع الزوائد ج 10 ص 325.

 

}179} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو أَحْمَدَ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنِ الأَسْوَدِ بْنِ قَيْسٍ ، عَنْ نُبَيْحٍ الْعَنَزِيِّ ، عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ قَالَ : أَتَانَا النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي مَنْزِلِنَا فَذَبَحْنَا لَهُ شَاةً ، فَقَالَ : كَأَنَّهُمْ عَلِمُوا أَنَّا نُحِبُّ اللَّحْمَ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جابر بن عبدالله d چيو ته نبي پاڪ جن اسان جي گهر آيا اسان سندن لاءِ ٻڪري ڪُٺي. پاڻ سڳورن فرمايو ته”ڄڻ هنن سمجهيو ته آءُ گوشت کي پسند ڪندو آهيان.“ انهيءَ حديث ۾ ڊگهو قصو آهي.

مفردات جو شرح : ”أَتَانَا اسان وٽ آيا، تشريف فرما ٿيا، مَنْزِلِنَا اسان جي گهر ۾ فَذَبَحْنَا پوءِ اسان ڪٺي. كَأَنَّهُمْ گويا انهن . وفي الحديث قصة“ ۽ حديث ۾ هڪ قصو آهي.

سمجهاڻي: محدث ترمذي شمائل جي مؤلف فرمايو ته ”هن حديث ۾ هڪ قصو آهي ۽ اهو هن طرح آهي.

حضرت جابر d جي دعوت ۽ معجزي جو اظهار: حضرت جابر بن عبدالله f فرمايو ته ”خندق واري غزوه ۾ جڏهن مون پاڻ ڪريمن تي بُک جا آثار ڏٺا ته پنهنجي گهر اچي پنهنجي گهرواريءَ سان مشورو ڪيم ته حضرت نبي ڪريم جن کي بُک جي تڪليف محسوس ڪئي اٿم ڇا گهر ۾ کائڻ جي لاءِ ڪجهه آهي؟ ان عرض ڪيو ته ”ڳوٿري ۾ ڪجهه جوَ آهن“ پوءِ حضرت جابر d هڪ ڇيلو ذبح ڪيو ۽ گهرواريءَ کي اٽي پيهڻ جي لاءِ چيائين. ان کان پوءِ پاڻ وڃي پاڻ سڳورن جن کي آهستي عرض ڪيائين ته ڪجهه طعام تيار ڪرايو اٿم ان جي اوهان کي دعوت آهي ۽ ٻه چار ماڻهو پاڻ سان گڏ ڀلي وٺي هلو. حضور ڪريم جن اهو ٻڌي خندق وارن سڀني ماڻهن کي جيڪي هزار کن هئا اعلان ڪرائي فرمايو ته ” اڄ سڀني کي جابر جي دعوت آهي سڀئي هلڻ جي لاءِ تيار رهو.“ ۽ حضرت جابر d کي فرمايائون ته جيستائين مان اچان تيستائين ديڳڙو چلهه تان نه لاهجو ۽ ماني به نه پچائجو.“ جڏهن پاڻ حضرت جابر d جي گهر تشريف فرما ٿيا ته پهريان ديڳڙي تي ان کان پوءِ اٽي تي ڪجهه پڙهي دم ڪيائون ۽ فرمايائون ته هاڻي ماڻهن کي کارائيندا وڃو.“ الله جي ڪرم ۽ حضرت حبيب ڪريم جي برڪت سان ان ديڳڙي مان ٻوڙ نڪرندو رهيو ۽ اٽي مان مانيون پچنديون رهيون. اهي هڪ هزار کن ماڻهو کائي ڍؤ ڪري اٿيا پر اهو ٻوڙ اوتري جو اوترو ۽ اٽو به ساڳيو رهيو. (فضائل النبي ص 100) ۽ بعض شارحن لکيو آهي ته ”رسول الله جن ان ٻوڙ ۽ ڳوهيل اٽي ۾ پنهنجو لعاب دهن وِڌو. ۽ حضرت جابر d جي گهرواريءَ کي فرمايو هيائون ته اهو ٻوڙ وارو ديڳڙو چلهه تان نه لاهجو.“ (انوارِ غوثيھ ص 243) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”حضرت حبيب ڪريم جن جو فرمان ته کَاَنَّهُمۡ عَلِمُوا اَنَّا نُحِبُّ اللَّحۡمَ گويا انهن ڄاتو هو ته اسين گوشت سان محبت رکون ٿا“ ۾ انهن جي دل جوئي ڪرڻ ۽ سندن روح کي راحت پهچائڻ جو ارادو هو، ڇيلي جي گوشت سان گهڻي محبت رکڻ جي اظهار ۽ ان ۾ افراط جو ارادو نه هو ۽ هن حديث مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته مهماني ڪندڙ کي جيڪڏهن علم آهي ته مهمان کي هي کاڌو پسند آهي ته مهمان کي حتي الامڪان اهو کاڌو کارائي ۽ مهمان کي به ٻڌائڻ گهرجي ته مون کي هي پسند آهي جيستائين مهماني ڪندڙ کي تڪليف نه اچي. علامه موصوف لکيو آهي ته پاڻ سڳورن ان ٻوڙ ۽ اٽي ۾ لعاب دهن ملائي برڪت وڌي هئي. (المواهب شرح الشمائل ص 299) علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته ”هي واقعو حضور ڪريم جي معجزن مان آهي. ۽ پاڻ حضرت جابر d جي گهرواريءَ کي فرمايائون ته ”ڪنهن ٻئي پچائڻ واريء کي ماني پچائڻ تي ويهار.“  (جمع الوسائل ج 1 ص 223)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} الامام احمد في مسنده  ج 35 ص 398 واللفظ لھ و مختصرًا 31 ، 303 {2} ابو داؤد في ڪتاب الصلواة باب 364 الصلواة علي غير النبي رقم الحديث 1533 ج 2 ص 88، 89 {3} النسائي في عمل اليوم والليلة  رقم الحديث 423 ص 319

 

}180} حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي عُمَرَ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ مُحَمَّدِ بْنِ عَقِيلٍ ، أَنَّهُ سمعَ جَابِرًا ، قَالَ سُفْيَانُ : وَحَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُنْكَدِرِ ، عَنْ جَابِرٍ قَالَ : خَرَجَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَأَنَا مَعَهُ فَدَخَلَ عَلَى امْرَأَةٍ مِنَ الأَنْصَارِ ، فذَبَحَتْ لَهُ شَاةً فَأَكَلَ مِنْهَا ، وَأَتَتْهُ بِقِنَاعٍ مِنْ رُطَبٍ ، فَأَكَلَ مِنْهُ ، ثُمَّ تَوَضَّأَ لِلظُّهْرِ وَصَلَّى صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، ثُمَّ انْصَرَفَ ، فَأَتَتْهُ بِعُلاَلَةٍ مِنْ عُلاَلَةِ الشَّاةِ ، فَأَكَلَ ثُمَّ صَلَّى الْعَصْرَ وَلَمْ يَتَوَضَّأْ

بامحاوره ترجمو: حضرت جابر d کان روايت آهي ته رسول الله جن ٻاهر نڪتا آءُ به ساڻن گڏجي هليس پوءِ پاڻ سڳورا هڪ انصاري عورت جي گهر آيا ته ان عورت حضور ڪريم جن لاءِ ٻڪري ڪُٺي. پاڻ سڳورن انهن مان ڪجهه کاڌو. پوءِ اها عورت کارڪن جي ڇلي کڻي آئي. پاڻ ان مان به کاڌائون پوءِ ٻيپهري نماز لاءِ وضو ڪيائون. پاڻ سڳورا اڳئين نماز پڙهي موٽيا، ته اها عورت بچيل گوشت کڻي آئي. پاڻ ان مان ڪجهه کاڌائون ۽ ٽيپهري يا (وچين) نماز پڙهيائون ۽ ان نماز لاءِ وري ٻيهر وضو ڪونه ڪيائون.

مفردات جو شرح: ”وَأَنَا مَعَهُ ۽ مان ساڻن  گڏ هوس. فَذَ بَحۡتۡ پوءِ ڪُٺائين. بِقِنَاعٍ ڇڳو. عُلاَلَةٍ بچيل گوشت.

سمجهاڻي: هن حديث مان ثابت ٿيو ته باهه تي رَڌل يا پَڪل شيءِ کائڻ سان وضو نه ٿو ڀڄي ڇوته حضور ڪريم جن اهو گوشت ٻيو ڀيرو کائي وضو نه ڪيو ۽ اهو به ثابت ٿيو ته هڪ ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا کائڻ به جائز آهي ۽ جن روايتن مان ٻه ڀيرا کائڻ جي ممانعت ملي ٿي ان مان مراد گهڻو ڍؤ ڪري کائڻ آهي. ۽ اهو به ثابت ٿيو ته الله جي ڪنهن ڀلي ٻانهي جي لاءِ ٻڪري وغيره ڪُهڻ منع ناهي.

 (انوارِ غوثيه ص 244)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 3 ص 307 {2} ابن ماجھ في ڪتاب الطهارة و سننها باب 66 الرخصة في ذالک رقم الحديث 489 {3} البيهقي في سننہھ ج 1 ص 154 البغوي في الشمائل رقم الحديث 945 ج 2 ص 616 {4} الحاڪم في المستدرڪ ج 3 ص 136 {5} الطحاوي في شرح المعاني ج 1 ص 65 {6} عبدالرزاق في المصنف رقم الحديث 649 ج 1 ص 167       {7} ابنِ ابي شيبھ في المصنف رقم الحديث 521 ج 1 ص 51.

 

}181}  حَدَّثَنَا الْعَبَّاسُ بْنُ مُحَمَّدٍ الدُّورِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا يُونُسُ بْنُ مُحَمَّدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا فُلَيْحُ بْنُ سُلَيْمَانَ ، عَنْ عُثْمَانَ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ ، عَنْ يَعْقُوبَ بْنِ أَبِي يَعْقُوبَ ، عَنْ أُمِّ الْمُنْذِرِ ، قَالَتْ : دَخَلَ عَلَيَّ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَمَعَهُ عَلِيٌّ ، وَلَنَا دَوَالٍ مُعَلَّقَةٌ ، قَالَتْ : فَجَعَلَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَأْكُلُ وَعَلِيٌّ مَعَهُ يَأْكُلُ ، فَقَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لِعَلِيٍّ : مَهْ يَا عَلِيُّ ، فَإِنَّكَ نَاقِهٌ ، قَالَتْ : فَجَلَسَ عَلِيٌّ وَالنَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَأْكُلُ ، قَالَتْ : فَجَعَلْتُ لَهُمْ سِلْقًا وَشَعِيرًا ، فَقَالَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لِعَلِيٍّ : مِنْ هَذَا فَأَصِبْ فَإِنَّ هَذَا أَوْفَقُ لَكَ.

با محاوره ترجمو: حضرت ام منذر g کان روايت آهي چيائين ته رسول الله جن مون وٽ آيا ۽ حضرت علي d به ساڻن گڏ هو. اسان وٽ کجيءَ جا ڪجهه گوشا يا ڇُڳا هيٺ لڙڪيل هئا. پاڻ سڳورا ان مان کجي کائڻ لڳا ته حضرت علي d به کائڻ لڳو. ان تي پاڻ سڳورن حضرت علي کي فرمايو ته اي علي! تون اڃان هيڻون آهين يا بيماريءَ مان نئون اٿيو آهين يعني تون نه کاءُ. پوءِ حضرت علي d بس ڪري ويهي رهيو.

پاڻ سڳورا کارڪون کائيندا رهيا. بيبي ام منذر g چيو ته پوءِ مون چقندر ۽ جوَ ملائي رٻ ٺاهي، پوءِ پاڻ ڪريمن حضرت علي d کي فرمايو ته”هن مان کاءُ جو تنهنجي طبيعت موافق آهي “ يعني هلڪو کاڌو آهي.

مفردات جو شرح: دَوَالٍ کارڪن جو ڇُڳو. هي جمع آهي هن جو واحد داليه آهي هن کي ”العذق“ به چوندا آهن. ”معلقه“ لٽڪايل، هن جي مصدر تعليق آهي، ان جي معنى لڙڪائڻ، هڪ امر کي ٻئي امر سان وابسته رکڻ، هڪ ڪم کي ڪرڻ کان سواءِ رهائي ڇڏڻ. ”مہ“ ڇڏي ڏي. نَاقِهٌ اڃان ڪمزور آهين. ” َقِهٌ“ بيماري کان تندرست ٿيڻ ڪمزوريءَ ۾ مبتلا رهڻ. ”سلقا“ چقندر اَصِبۡ کاءُ.

سمجهاڻي: جڏهن ته حضرت علي d بيماريءَ مان اٿيو هو ۽ ان ۾ اڃان ڪمزوري هئي ته سيدنا رسول الله جن ان کي کجور کائڻ کان روڪيو. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته (هن حديث جي لفظ ” فجلس“ (پوءِ ويهي رهيو) مان واضح ٿيو ته پاڻ بيٺي کائي رهيا هئا.) بيهي کائڻ جائز آهي پر ويهي کائڻ افضل آهي. ام المنذر جي متعلق هڪ قول آهي ته اها ” العدوية“ هئي. بني نجار قبيلي مان هئي ۽ چيو ويو ته اها حضرت نبي ڪريم جي ماسين مان هئي. ان ڀلاري فرمايو ته لٽڪيل کجور کان پوءِ مون حضور ڪريم   ۽ سندن ساٿين جي لاءِ چقندر ۽ جوَ ٺاهيا ته پوءِ پاڻ (حضرت) علي d کي فرمايائون ته هن مان کاءُ اهو تنهنجي طبيعت جي موافق آهي. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ”جوَن جي ماني، رَٻ وغيره ڪمزور ماڻهو جي لاءِ وڌيڪ نفعي واري آهي. ۽ هڪ حديث ۾ آهي ته ”الله جيڪا به بيماري لاٿي ان جي شفا به لاٿائين پوءِ دوا ڪيو.“ ۽ ٻي روايت ۾ آهي ته ”جڏهن بيماري پيدا ڪيائين ته ان جي دوا به پيدا ڪيائين پوءِ دواڪيو.“ ٽين صحيح روايت ۾ آيو آهي ته ” اي الله جا ٻانها دوا ڪندا ڪيو بيشڪ الله جڏهن بيماري پيدا ڪئي ته دوا به پيدا ڪيائين مگر پوڙهائپ جي دوا ناهي.“ ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته ”مگر موت“ ان جي دوا ناهي ۽ هنن روايتن مان اها ڳالهه به واضح ٿي ته دوا ڪرڻ الله تي توڪل ڪرڻ جي خلاف ناهي جيئن بُک جي ڪري کاڌو کائڻ توڪل جي خلاف ناهي ۽ اهو به ثابت ٿيو طبيعت کي نقصان ڏيندڙ شين جي استعمال کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 226) حارث بن ڪلده. عرب جي طبيب جو قول آهي ته ” پرهيز ڪرڻ دوا جو اصل آهي ۽ معده بيماريءَ جو گهر آهي ۽ هر جسم کي عادت ڪيل (طبيعت جي موافق) کاڌو کارايو. (المواهب شرح الشمائل ص 303)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الطب باب 2 في الحمية رقم الحديث 3856 ج 4 ص {2} ابنِ ماجھ في ڪتاب الطب باب 3 ماجاء في الحمية رقم الحديث 3442  {3} احمد في المسند ج 6 ص 363، 364.

 

}182} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا بِشْرُ بْنُ السَّرِيِّ ، عَنْ سُفْيَانَ ، عَنْ طَلْحَةَ بْنِ يَحْيٰى ، عَنْ عَائِشَةَ بِنْتِ طَلْحَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، أُمِّ الْمُؤْمِنِينَ قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَأْتِينِي فَيَقُولُ : أَعِنْدَكِ غَدَاءٌ ؟ فَأَقُولُ : لاَ . قَالَتْ : فَيَقُولُ : إِنِّي صَائِمٌ . قَالَتْ : فَأَتَانِي يَوْمًا ، فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، إِنَّهُ أُهْدِيَتْ لَنَا هَدِيَّةٌ قَالَ : وَمَا هِيَ ؟ قُلْتُ : حَيْسٌ قَالَ : أَمَا إِنِّي أَصْبَحْتُ صَائِمًا قَالَتْ : ثُمَّ أَكَلَ

بامحاوره ترجمو: ام المؤمنين حضرت بيبي عائشه g کان روايت آهي ته نبي پاڪ جن مون وٽ ايندا هئا ۽ پڇندا هئا ته”تو وٽ نيرن جو ڪجهه کاڌو آهي.؟“ آءُ عرض ڪندي هيس ته نه. پاڻ سڳورا فرمائيندا هئا ته ”مون (نفلي) روزي رکڻ جي نيت ڪئي آهي.“

پوءِ پاڻ سڳورا هڪ ڏينهن مون وٽ آيا. مون عرض ڪيو ته يا رسول الله اسان کي ڪٿان سوکڙي ملي آهي. پاڻ سڳورن فرمايو ته ڇا آهي؟ مون عرض ڪيو ته کارڪن جو حلوو. پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته”آءُ صبح کان (نفلي) روزي سان آهيان.“ پوءِ پاڻ سڳورن حلوو کاڌو.

مفردات جو شرح :”غداءَ“ صبح جو کاڌو. ”هوالطعام الذي يوکل اول النهار . اقول لا“ مان عرض ڪندي هيس ته نه (مگر اهو ڪڏهن ڪڏهن) صائم“ روزو رکندڙ ”اُهديت“ هديه طور ڏنو ويو. ”حيس“ کارڪون، گيهه ۽ پنير گڏي ٺاهيل کاڌو.

سمجهاڻي: هن روايت مان معلوم ٿيو ته سج جي لڙڻ کان پهريان روزي جي نيت ڪرڻ جائز آهي. ۽ اهو ئي حنفين جو مذهب آهي جيڪڏهن ڪو نفلي روزو رکي ته امام شافعي ߋ وٽ ان کي ٽوڙڻ جو اختيار آهي مگر حنفين وٽ روزو، نماز ڪوبه عمل ٽوڙڻ جائز ناهي مگر جيڪڏهن ڪنهن عذر جي ڪري نفلي روزو ٽوڙيو وڃي ته اهو قضا ڪرڻ واجب آهي. (انوارِ غوثيہھ ص 146) علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته پاڻ سڳورن   جن جي طرفان ٻڌائڻ ته ”مان روزيدار آهيان“ مان ظاهر ٿيو ته ڪنهن حاجت يا مصلحت مثال طور مسئلي جي تعليم لاءِ عبادت جو اظهار اهڙي طرح شرعي طور ڏينهن جي منجهند کان اڳ ۾ جيڪڏهن ڪجهه کاڌو، پيتو نه اٿس ته نفلي روزو رکڻ به جائز آهي. ۽ مذڪور حديث ۾ آيو ته پاڻ فرمايائون ” مون صبح جو روزي جي نيت ڪئي آهي“ ۽ وري کاڌائون. سو عذر يا حاجت جي ڪري کاڌو هوندائون ان کان پوءِ قضا ڪيو هوندائون جيئن ام المؤمنين عائشه صديقه g کان روايت آهي ته مون نفلي روزو رکي پوءِ اهو ٽوڙي طعام کاڌو هو. ته نبي ڪريم جن مون کي ان جي قضا ڪرڻ جو حڪم ڪيو هو. (جمع الوسائل ج 1 ص ص 227)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في ڪتاب الصيام باب 32 رقم الحديث 1154 ج 2 ص 808، 809 {2} ابو داؤد في ڪتاب الصيام باب 72 في الرخصة في ذالک رقم الحديث 2455 ج 2 ص 329. {3} النسائي في ڪتاب الصيام باب 64 النية في الصيام ج 4 ص 194، 195 {4} احمد في المسند ج 6 ص 49.

 

}183} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا عُمَرُ بْنُ حَفْصِ بْنِ غِيَاثٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبِي ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ أَبِي يَحْيَى الأَسْلَمِيِّ ، عَنْ يَزِيدَ بْنِ أَبِي أُمَيَّةَ الأَعْوَرِ ، عَنْ يُوسُفَ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ سَلاَمٍ قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَخَذَ كِسْرَةً مِنْ خُبْزِ الشَّعِيرِ فَوَضَعَ عَلَيْهَا تَمْرَةً وَقَالَ : هَذِهِ إِدَامُ هَذِهِ وَأَكَلَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن سلام d کان روايت آهي ته مون نبي پاڪ کي ڏٺو ته جوَن جي مانيءَ جو ٽڪر کڻي ان تي کارڪ يا ڪَتل رکي فرمايائون ته ”کارڪ جوَن جي مانيءَ جو ٻوڙ آهي، پوءِ پاڻ سڳورن ان کي کاڌو.

مفردات جو شرح: أَخَذَ ورتائون. ”كِسْرَةً (ڪاف جي زير ۽ سين جي جزم سان) ٽڪرو. تَمْرَةً کارڪ، کجور جي ڳڙي. هَذِهِ هن جو.

سمجهاڻي: کارڪ کي ڀاڄي سمجهڻ متعارف نه هو ۽ اها خود کاڌو آهي ان جي ڪري حضور ڪريم جن واضح ڪندي فرمايو ته ”هي ڀاڄي جو ڪم ڏي ٿي“ ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو قسم کڻي ته مان ڀاڄي نه کائيندس يا جيڪڏهن مون ڀاڄي کاڌي ته منهنجي گهرواريءَ کي طلاق آهي ته کارڪ کائڻ سان ان جو حڪم ڪهڙو رهندو. ان ۾ علماء جو اختلاف آهي. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته انهن ۾ عرف کي ڏٺو ويندو ۽ هن روايت مان غذا ۾ تدبير جو ثبوت به ملي ٿو جوَن جي ماني سڪل ۽ ٿڌي آهي ۽ کارڪ گرم ۽ تر آهي گڏي کائڻ سان ٻنهي ۾ اعتدال پيدا ٿئي ٿو. ۽ هن مان قناعت جو اظهار به ٿي رهيو آهي ۽ هي منشا به ٿي سگهي ٿي ته زندگيءَ جون قيمتي گهڙيون قسم قسم جي لذيذ کاڌن ۾ نه وڃائجن. اسلام جي تبليغ، في سبيل الله ڪجي جهاد، الله جي ڪلمه جي اعلاء، الله جي عبادت ۽ ذڪر ۾ مشغول رهي رياضت ۽ مجاهدي واري زندگي گذارڻ گهرجي. هن فاني دنيا تي مغرور نه ٿجي اچڻ واري حقيقي زندگي لاءِ  سوچجي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الايمان والنذور باب 10 الرجل يحلف ان لاياتدم  رقم الحديث 3259  ج 3 ص 225 {2} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 2886 ج 11 ص 323 {3} البخاري في ڪتاب التاريخ ج 8 ص 371، 372 {4} ابو نعيم في اخبار اصبهان  ج 2 ص 169.

 

}184} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا سَعِيدُ بْنُ سُلَيْمَانَ ، عَنْ عَبَّادِ بْنِ الْعَوَّامِ ، عَنْ حُمَيْدٍ ، عَنْ أَنَسٍ : أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يُعْجِبُهُ الثُّفْلُ قَالَ عَبْدُ اللَّهِ : يَعْنِي مَا بَقِيَ مِنَ الطَّعَامِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله جن کي کرڙ وڻندي هئي. راوي چيو ته کرڙ مان مراد ديڳڙي جي تري ۾ بچيل کاڌو آهي.

مفردات جو شرح: كَانَ يُعْجِبُهُ کين پسند هوندو هو. الثُّفْلُ ديڳ جي تري ۾ رهيل کاڌو.

سمجهاڻي: سيدنا رسول الله جن جي ديڳ جي تري ۾ رهيل کاڌي يعني کرڙ کائڻ مان سندن تواضع، انڪساري ۽ ٿوري تي صبر ۽ قناعت جو ثبوت ملي رهيو آهي. ۽ هن ۾ سندن ان ارشاد مبارڪ ڏانهن به اشارو آهي جنهن ۾ فرمايو اٿن ته سَاقِي الۡقَوۡمِ آخِرُهُمۡ شُرۡبًا (رواه الترمذي وغيره) ماڻهن کي پياريندڙ پاڻ آخر ۾ پيئندو آهي.

تواضع جو ڪمال: هي رسول الله جي تواضع جو ڪمال آهي. پهريان پهريان اهل عيال مهمانن ۽ موجود حضرات کي مٿان مٿان کاڌو کارائيندا هئا ۽ پاڻ تري ۾ بچيل کاڌو تناول فرمائيندا هئا. اڪثر مشائخ ۽ علماء به ان سنت تي عمل ڪندي آخر ۾ رهيل کاڌو کائيندا آهن.  اهو شخص خوش نصيب آهي جيڪو پاڻ سڳورن جي احوال، اقوال ۽ اعمال تي عمل ڪري انهن مان فائدو وٺي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 3 ص 220 {2} الحاڪم في المستدرڪ ج 4 ص 115، 116 {3} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 2857 ج 11 ص 302 {4} البيهقي في الشعب ج 5 ص 96 .

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting