باب
ويهون
بَابُ مَا جَاءَ فِي تَقَنُّعِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ
هن باب ۾ اهي
حديثون آهن جن ۾ رسول الله
ﷺ
جي ان ڪپڙي جو ذڪر آهي جيڪو تيل ۾ سڻڀي ٿيڻ کا بچاءَ جي لاءِ پڳ مبارڪ جي هيٺان
ڏيندا هئا
سمجهاڻي:
”التقنع“ جي معنى
القاء القناع علي الراس ليقي نحو العمامة عما بها من الدهن.
تقنع جي معنى مٿي تي ڪپڙو رکڻ تان ته ان سان پڳ وغيره کي مٿي تي لڳل تيل جي سڻڀ کان
بچائجي. ۽ هتي اهو مراد آهي. جيتوڻيڪ اهو ان کان عام آهي، ورنه ته مٿي ۽ اڪثر منهن
کي ان سان ڍڪڻ پڳ کان مٿان چادر پائڻ سان به ٿيندو آهي. جنهن سان ٿڌ يا گرميءَ کان
بچاءُ به حاصل ڪيو ويندو آهي. ۽ حضرت ابنِ مسعود
d
کان صحيح روايت ۾ آيو آهي جنهن جو حڪم مرفوع حديث وارو آهي ته ”تقنع نبين
(عليهم
الصلٰوة والسلام)
جي
اخلاق مان آهي. ۽ هڪ حديث ۾ آهي ته ”تقنع اهو ڪندو جنهن قول ۽ فعل ۾ ڪامل حڪمت حاصل
ڪئي هوندي.“ ۽ هن مان اهو مسئلو ورتو ويو آهي ته علماء جي لاءِ خصوصي شعار هجي. تان
ته ان سان سڃاتا وڃن ۽ انهن کان مسئلا پڇي انهن جي تابعداري ڪئي وڃي.
چادر
ڍڪڻ جا فائدا:
چادر
پائڻ ۾ اهو اصل آهي ۽ ان جا وڏا فائدا آهن. مثلاً الله
ﷻ
کان حياء رکڻ ۽ ان جو خوف ڪرڻ وغيره ۽ ان سان مٿي کي ڍڪڻ واري جو فڪر جامع هوندو
آهي ان جو قلب پنهنجي رب سان حاضر هوندو آهي. شهود ۽ ذڪر سان ڀريل هوندو آهي ان جا
عضوا شرعي مخالفت کان محفوظ رهندا آهن ۽ ان جو نفس شهوتن کان بچندو آهي، ان جي ڪري
بعض صوفين جو قول آهي ته ”چادر ننڍي خلوت آهي.“
(المواهب شرح الشمائل ص
240)
علامه علي القاري
ߋ
لکيو آهي ته ”التقنع معروف آهي ۽ مٿي کي چادر جي پلاند سان يا چادر سان پڳ جي مٿان
يا هيٺان ڍڪڻ کي چيو ويندو آهي. جيئن بخاري شريف ۾ روايت آهي ته رسول الله
ﷺ
جن هجرت واري دور ۾ منجهند جو حضرت ابو بڪر صديق
d
جي گهر تشريف فرما ٿيا ۽ پاڻ ان وقت چادر ۾ ويڙهيل هئا ۽ ظاهر آهي ته اها چادر سندن
پڳ مبارڪ جي مٿان هوندي ، پڳ جي هيٺان نه هوندي ڇوته پاڻ مڪه مڪرمه وارن کان لڪ ۾
مدينه منوره ڏانهن وڃڻ جي تيارين ۾ هئا. علامه مناوي
ߋ
لکيو آهي ته جڏهن ته پنڌ ڪندڙ گرمي يا سردي کان بچڻ جي لاءِ تقنع جو محتاج هوندو
آهي ان جي ڪري حضور ڪريم
ﷺ
جي هلڻ جي ڪيفيت بيان ڪرڻ کان پوءِ تقنع جو ذڪر آندو ويو آهي.
(جمع الوسائل مع شرح
المناوي ص 177)
}126}
حَدَّثَنَا يُوسُفُ بْنُ عِيسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ قَالَ : حَدَّثَنَا
الرَّبِيعُ بْنُ صَبِيحٍ ، عَنْ يَزِيدَ بْنِ أَبَانَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ
قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُكْثِرُ
الْقِنَاعَ كَأَنَّ ثَوْبَهُ ثَوْبُ زَيَّاتٍ.
با
محاوره ترجمو:
حضرت
انس بن مالڪ
d
کان روايت آهي ته رسول الله
ﷺ
جن گهڻو ڪري پَڳ مبارڪ جي هيٺان رومال ڏيندا هئا. اهو ننڍو رومال تيل لڳڻ ڪري تمام
سڻڀو هوندو هو، ڄڻ ته اهو تيليءَ جو ڪپڙو آهي.
مفردات جو شرح:
”القِناع“
چادر، رومال تيل کان بچاءَ جي لاءِ مٿي تي رکيل ڪپڙو.
”زيَّاتِ“
تيل
وارو، تيلي.
سمجهاڻي:
سيدنا رسول الله
ﷺ
جن انتهائي نفاست پسند، نظافت پسند ۽ صاف طبيعت رکندڙ هئا. جڏهن مٿي مبارڪ تي تيل
هڻندا هئا ته ان جي لاءِ هڪ جدا ڪپڙو رکيو هيائون، جنهن مان مٿي مبارڪ کي ڍڪيندا
هئا تان ته پڳ مبارڪ يا ٽوپي مبارڪ تيل جي سڻڀ کان محفوظ رهي. ان سڀ ڪجهه هوندي به
سندن ڪپڙا ميرا نه ٿيندا هئا نه سندن ڪپڙن ۾ جون پوندي هئي ۽ نه مڇر سندن جسم اطهر
کي ويجهو ايندو هو.
(خصائل نبوي ص 100)
هيءَ
حديث باب ماجاء في ترجل رسول الله
ﷺ
۾ ذڪر ڪيل آهي ان کي جن ٻين محدثن آندو آهي اهي به اتي مذڪور آهن.