خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

تقريظ

حضرت علامه فاضلِ جليل، عالمِ نبيل، مفتي ابنِ مفتي

 علامه ابنِ علامه قبلہھ مفتي محمد جان نعيمي مدظلھ العالي

(امير مرڪزي جماعت اهلسنة والجماعة صوبه سنڌ و مهتمم مدرسه مجدديھ نعيميھ صاحبداد ڳوٺ ملير ڪراچي)

اَلۡحَمۡدُلِلّٰه حمد معترف له بالفضل والانعام و افضل الصَّلٰوة واتم السَّلام علٰي المبعوث رحمة للانام سيّدنا محمَّد وعلٰي الِهٖ وصحبهٖ البررة الکرام وعلي التابعين وتابع التابعين لهم باحسان اما بعد : قال الله سبحانهٗ و تعالٰي  ”لَقَدۡ کَانَ لَکُمۡ فِيۡ رَسُوۡلِ اللهِ اُسۡوَةُٗ حَسۡنَةُٗ لِمَنۡ کَانَ يَرۡجُوا اللهَ وَالۡيَوۡمَ الۡآخِرَ وَذَکَرَ اللهَ کَثِيۡرًا“. (الآية 21)

حافظ الحديث حضرت امام ترمذي ߋ جو ڪتاب ”شمائل نبويه“ اهو جليل القدر ۽ شهره آفاق ڪتاب آهي. جنهن کي ڪنهن تعارف يا مدح و توصيف جي ضرورت ناهي، ان جي لاءِ تاثرات ۽ عقيدت جو اظهار خوش مذاقي جي مترادف چئبو.

مادح خورشيد مداح خود است

حضرت شيخ الاسلام شيخ عبدالرؤف مناوي ߋ (1031 هه) پنهنجي ڪتاب ”شرح الشمائل“ ۾ انهيءَ ڪتاب جي باري ۾ لکن ٿا. کتاب وحيد في بابه ، فريد في ترتيبه واستيعابه لم يات له احد مماثل ولا مشابه حتي عُدَّ ذالک الکتاب من المواهب“ الخ

                يعني اهو ڪتاب پنهنجي موضوع جي اعتبار سان منفرد آهي ۽ ترتيب و استيعاب جي اعتبار سان بي مثال آهي، (اڄ تائين) انجي برابري جو ڪنهن به ڪتاب پيش نه ڪيو، بلڪه اهو ڪتاب (الله جي طرفان) تحفو آهي. حضرت امام ترمذي ߋ انهيءَ ڪتاب کي (56) بابن تي مرتب ڪيو جنهن ۾ تقريبن 400 کان زياده حديثون مبارڪ جمع ڪيائين، جنهن ۾ پاڻ ڪريمن جي صورتِ مبارڪه، سيرتِ طيبه، اخلاق، عادات و عبادات، ڪردار و گفتار، رحمت، شفقت، سخاء، حياء، تواضع، خوفِ خدا وغيره شامل آهي. يقينن اهي ماڻهو خوش نصيب آهن جيڪي عرفانِ محمدي جي ڪري سعادتِ ابدي حاصل ڪن، ليڪن عرفانِ محمدي جو حصول انوارِ نبويھ ھ جي مطالعه ۽ مشاهده تي مبني آهي. جيئن ته حضرت شيخ احمد عبد الجواد الدوميߋ(1381هه) پنهنجي ڪتاب ”الاتحافات الربانية بشرح الشمائل المحمدية“ جي مقدمه ۾ لکن ٿا ته : پاڻ ڪريمن جي صفاتِ جليله جي معرفت سندن عرفان عظمت جو وسيلو آهي ۽ سندن عظمت تعظيمِ شريعت جـــو وسيلو آهـي ۽ تعظيمِ شريعت عمل جو وسيلو آهي ۽ عمل سعادت ابدي جو وسيلو آهي. ”شمائل ترمذي“ تي گهڻن عالمن سڳورن شرحَ لکيا جيڪي عربي، فارسي، اردو، ترڪي، انگريزي زبان سان تعلق رکن ٿا پر سنڌي زبان ۾ اهڙو جامع شرح فقير جي نظر مان نه گذريو. حضرت مخدوم دين و ملت عاشق رسول، پاسبان مسلڪ اهلسنت و جماعت ، پيرِ طريقت حضرت علامه الحاج محمد ادريس لازالت شمس فيوضھ بازغه جن هن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ شرح لکيو آهي ۽ مون کي سندن شرح تي چند ڪلمات لکڻ جو حڪم فرمايو اهو سندن ڪرم ۽ حسن اخلاق آهي جو فقير کي هن جي لائق سمجهيائون ورنه انهيءَ ڪامل ڪتاب تي ڪلمات لکڻ متبحر عالم ۽ عارف ڪامل جو ڪم آهي. حضرت موصوف حفظه الله تعاليٰ همه جهت شخصيت آهي جنهن پنهنجي پوري زندگي امتِ مصطفى جي اصلاح و رشد و هدايت جي لاءِ وقف ڪئي آهي. جنهن جون دين اسلام ۽ مسلڪ حقه اهل سنت و جماعت جي لاءِ گرانقدر خدمات آهن. گهڻن ڪتابن جا مصنف به آهن هر ڪتاب لاجواب آهي ليڪن پاڻ موجود ڪتاب ”شمائل محمدية“ جو شرح سنڌي زبان ۾ ”الفيوضات المصطفوية شرح الشمائل المحمدية“ جي نالي سان لکي ڪري مسلمانن تي هڪ عظيم احسان فرمايائون. هن ڪتاب جي مطالعه ۽ پڙهڻ سان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اهو حضرت شارح حفظه الله جي خون جگر، ناله شب، آه سحرگاهي جو نتيجو آهي ۽ مون انهيءَ ڪتاب کي پنهنجي ناقص علم جي روشنيءَ ۾ تمام خوبين سان ڀريل ڏٺو، مثلًا هي ڪتاب مڪمل طور تي سلف صالحين جي طرز تي لکيو ويو آهي جنهن جي ترتيب به تمام سهڻي نموني ڏني وئي آهي هر حديث جو ترجمو ۽ تشريح، بامحاوره ۽ آسان لکيو ويو آهي، مشڪل عربي لغات کي حل ڪيو ويو آهي. مختلف مستند عربي شروح جي روشني ۾ اهو شرح لکيو ويو آهي جيڪو صرف عالمانه نه بلڪه عارفانه به آهي. تمام راوين جي باري ۾ مستند حالات به لکيا ويا آهن، هر باب جو خلاصو مقصد ۽ فوائد ڪثيره بيان ڪيا ويا آهن. شرح ۾ اهل سنت وجماعت جي عقائد تي ڀرپور روشني وڌي ويئي آهي. مختلف احاديث جي ضمن ۾ فقهي مسائل به بيان ڪيا ويا آهن. ڪتاب ”الشمائل“ جي مصنف امام ترمذي  جي پوري سوانح عمري، حديث ۾ سندن مقام بيان ڪيو ويو آهي ۽ هن فتني جي دور ۾ حديث تي مختلف قسمن جا اعتراض جيڪي اڄ تائين اٿاريا ويا آهن ان کي سامهون رکندي حضرت علامه صاحب انهن اعتراضن جا جامع جواب تحرير ڪيا آهن. وغيره وغيره.

آخر ۾ رب تعالى مجده جي بارگاهه ۾ دعا آهي ته بطفيل سروَرِ ڪائنات سندن هن عظيم ڪاوش کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي ۽ شارح حفظه الله جي لاءِ صدقه جاريه بنائي ۽ ان ڪتاب جي نفع کي عام ڪري ۽ هن ڪتاب مستطاب کي سندس فلاح و نجات ۽ رفع درجات جو ذريعو بنائي ۽ حضرت علامه صاحب کي دارين ۾ انجو صله جميله ۽ اجر جزيل عطا فرمائي ۽ حضرت صاحب جي علم ۽ ديني خدمت ۾ روز بروز اضافو فرمائي ۽ سندن سايو اهل سنت وجماعت تي تادير قائم دائم رکي .                         

اٰمين  يا رب العٰلمين بحرمة سيّد المرسلين

کتبه ابو عبيدالله محمد جان النعيمي عفي عنھ

 17 رجب المرجب 1332 هه

 

 

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting