خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب پهريون 

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي خَلْقِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ

رسول الله   جي سهڻي صورت جو بيان

هي باب انهن (حديثن) جي باري ۾ آهي جيڪي رسول الله جي صورت (پاڪ) جي متعلق آيل آهن.

سمجهاڻي : لغت ۾ باب ان کي چيو ويندو آهي جنهن جي ذريعي مقصود کي پهچجي. جيئن هڪ شاعر چيو آهي:

(وَاَنۡتَ بَابُ اللهِ اَيُّ اَمۡرَي ءِ‌        اَتَاهُ مِنۡ غَيۡرِکَ لَايَدۡخُلُ)

يعني : ” (اي محبوب ) هڪ اوهان ئي الله جو (اهو) دروازو آهيو جو جيڪو ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي ذريعي سان ايندو ته داخل نه ٿيندو.“

۽ اصطلاح ۾ باب انهن مخصوص لفظن کي چئبو آهي جيڪي مخصوص معنائن تي دلالت ڪندا آهن. هي ”بَابُ“ جو لفظ ”مَاجَاء“ ڏانهن مضاف آهي يعني هن ۾ اهي حديثون آهن جيڪي سندن پاڪ سهڻي صورت جي متعلق آيل آهن ۽ اهي مرفوع حديث جو هڪ قسم آهن جيتوڻيڪ اهو نبي ڪريم جو قول يا عمل يا تقرير ناهي.

علم الحديث سان متعلق اهم ڳالهيون

هتي هي ڳالهيون ذهن ۾ ويهارڻ اهم آهن.

 [1] علم الحديث روايةً : ان کي چئبو آهي جيڪو نبي ڪريم يا صحابي يا تابعي کان نقل ڪيو ويندو آهي. قولاً يا فعلاً يا تقريرًا يا صفةً.

]2] حديث جي علم جو موضوع : ان جو موضوع نبي پاڪ جي ذات آهي ان لحاظ سان ته پاڻ الله 4 جا نبي آهن. ان حيثيت سان نه ته پاڻ هڪ عام انسان آهن.

]3] حديث جي علم جو واضع :  هن علم جا واضع نـبي ڪريم جا اصحاب سڳورا عليهم الرضوان آهن جيڪي سندن اقوال، افعال، تقريرات ۽ صفات جي ياد ڪرڻ جي لاءِ همہھ تن مصروف رهيا.

]4] حديث جي علم جي غايت : ٻنهي جهانن جي سعادت سان ڪامياب ٿيڻ آهي.

]5] ان جا مسائل : اهي ڳالهيون آهن جيڪي ان ۾ ضمنًا بيان ٿينديون آهن.

]6] ان جي اهميت : هي شرعي علوم ۾ نهايت اهم علم آهي جو قرآن ڪريم به ان جي روشنيءَ ۾ سمجهيو ويندو آهي.

]7]  هن علم جي فضيلت : هن علم جو شرف وڏو آهي ڇوته سيدنا رسول الله جن جي اقتداء ۽ اتباع جي ڪيفيت ان سان ڄاڻبي آهي.

]8] هن جو حڪم : منفرد لاءِ هن جي ڄاڻ عين واجب آهي ٻن ٽن لاءِ ان جي ڄاڻ واجب علٰي وجھ الکفاية آهي.

 [9] هن سان مدد وٺڻ : هن سان حضور ڪريم جي اقوال، افعال، تقرير ۽ خلقت واري اوصاف معلوم ڪرڻ ۾ مدد ورتي ويندي آهي.

 [10] هن جو نالو: علم الحديث روايةً آهي(جيئن اڳ ۾ لکي آيا آهيون) پر مطلقًا علم الحديث درايةً ڳالهائڻ مهل به اهو ئي مراد هوندو آهي. پوءِ اهو اهڙو علم آهي جنهن سان روايت ڪندڙ ۽ روايت ڪيل ۽ ان جي تابع جو قبول ڪرڻ ۽ رد ڪرڻ جي لحاظ سان حال معلوم ڪيو ويندو آهي.

حديث جي علم جو موضوع : هن جو موضوع مذڪوره حيثيت سان راوي ۽ روايت ڪيل حديث آهي. ۽ علم الحديث درايةً جي غايت اها سڃاڻ حاصل ڪرڻ آهي ته ڪهڙي ڳالهه مقبول آهي ۽ ڪهڙي مقبول ناهي.

حديث جا مسائل : حديث جا مسائل اهي آهن جيڪي ان فن جي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل آهن جيئن چيو وڃي ٿو ته ” هر صحيح حديث قبول ڪئي ويندي.“

واضع : علم الحديث درايةً جو واضع ابن شهاب زهريߋ آهي ، جنهن  حضرت سيدنا عمر بن عبدالعزيز ߋ  جي دؤر ۾ ان جي امر سان ان جا قاعدا ۽ قانون وضع ڪيا هئا. ڇوته حديث جي معرفت ۽ ڄاڻ رکندڙ ڪيترا علماء هن جهان مان رحلت ڪري ويا هئا. جيڪڏهن اهو انتظام نه ڪيو وڃي ها ته احاديثِ مبارڪه ضايع ٿي وڃن ها.       (المواهب شرح المشائل ص 15، 16)

خَلق : خ جي زبر ۽ لام جي جزم سان. معنى وجود ڏيڻ. اهو لفظ مخلوق لاءِ به ڳالهايو ويندو آهي ۽ هتي ان مان مراد ظاهري صورت آهي. ۽ خُلُق. (خ  جي پيش ۽ لام جي جزم سان) انهن هيئتن ۽ صورتن تي ڳالهائبو آهي جيڪي بصر (يعني اک) سان پروڙيون وينديون آهن. جيئن اڇو هجڻ يا ڊگهو هجڻ وغيره. خلق انسان جي باطني صورت کي چيو ويندو آهي. راغب اصفهاني ان جي ڪري لکيو آهي ته خُلُق خا ۽ لام جي پيش سان انهن قوتن تي ڳالهائبو آهي جيڪي بصيرت سان پروڙبيون آهن. (مفردات راغب اصفهاني ص    )

سوال : امام ترمذي ߋ هن ڪتاب ۾ ظاهري اوصاف (خَلق) کي باطني اوصاف (خُلق) کان اڳ ڇو ذڪر ڪيو آهي حالانڪه باطني اوصاف وڌيڪ شرف وارا ۽ اهم آهن.

جواب : ٻن سببن جي ڪري. (1) هڪ ته ڪمال واريون ظاهري صفتون اڳ ۾ ڏسڻ ۾ اينديون آهن ۽ اهي باطني صفتن لاءِ دليل آهن. ظاهر باطن جو عنوان هوندو آهي. (2) ٻيو هي ته گهٽ شرف واري کان وڌيڪ شرف واري ڏانهن على سبيل الترقي انتقال ٿئي ۽ وجود جي ترتيب بحال رهي ڇوته ظاهر وجود ۾ باطن کان مقدم آهي.

فائدو : هن ڪتاب ۾ چار سؤ پندرهن (415) حديثون ذڪر ڪيل آهن ۽ ان ۾ ڇاونجاهه(56) باب آهن پهريون باب انهن حديثن تي مشتمل آهي جيڪي حضور ڪريم جي خَلقَ (ظاهري صورت) سان متعلق آهن ۽ هتي چوڏهن حديثون آيل آهن.

سمجهاڻي : علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته حقيقت هي آهي ته ”الله جي پياري رسول معظم، نبي ڪريم جي صورت مبارڪه جي متعلق جيڪي گهڻيون حديثون وارد ٿيون آهن اهي سندن تخليق ۾ ڪمال کي بيان ڪري رهيون آهن ان جي ڪري اهو قول آهي ته حضور ڪريم تي ايمان آڻڻ جو ڪمال ان عقيدي رکڻ تي آهي ته باطني محاسن تي دلالت ڪندڙ ظاهري محاسن جيڪي نبي ڪريم جي پاڪ جسم ۾ گڏ آهن اهي ٻئي ڪنهن به انسان ۾ ناهن،

سوال : حضور جو حسن ظاهر ڇونه ڪيو ويو؟

جواب : قُرطبي ڪجهه راوين کان نقل ڪيو آهي ته حضور ڪريم جن جو پورو حسن ان جي ڪري ظاهر نه ٿيو هو جو اصحاب سڳورن عليهم الرضوان جون به اکيون مبارڪ سندن ذات ڏانهن نهارڻ جي طاقت نه رکن ها. باقي ڪافر، سو انهن لاءِ الله فرمايو : وَتَرٰىہُمْ یَنۡظُرُوۡنَ اِلَیۡکَ وَہُمْ لَا یُبْصِرُوۡنَ ﴿۱۹۸ (سورة اعراف. آيت 198)  (اوهان انهن کي ڏسندؤته اوهان ڏانهن نهارين پيا حالانڪه اهي اوهان کي ڏسن ڪونه ٿا.) ۽ ڪجهه صوفياءِ ڪرام فرمايو آهي ته ”اڪثر ماڻهن الله تعالى کي سڃاتو پر رسول الله جن کي نه سڃاتو ڇوته نبي ڪريم جن جي مٿان بشريت واري حجاب انهن جي اکين کي ڍڪي ڇڏيو.“

فائدو : امام ترمذي ߋ هن باب ۾ حضور ڪريم جن جي صورت پاڪ جي متعلق حديثون لکيون آهن ته جيڪي سندن ظاهري ديدار جي دولت کان محروم آهن سي سندن اخلاق، عادات، اطوار سان گڏ ظاهري صورت پاڪ جو احوال پڙهي مغموم دل کي مسرور رکن ڇوته جڏهن ڪو عاشق معشوق سان ملي نه سگهندو آهي ته محبوب جي گهر، در، خدوخال کي ياد ڪري تسلي حاصل ڪندو آهي. جيئن هڪ شاعر جو عربي شعر آهي.

اَخِلَّايَ اِنۡ شَطَّ الۡحَبِيۡبُ وَدَارُهٗ... وَعَزَّ تَلَاقِيۡهِ وَ نَآءَتۡ مَنَازِلُهٗ

وَفَاتَکُمۡ اَنۡ تَبۡصُرُوۡهُ بِعَيۡنِکُمۡ... فَمَا فَاتَکُمۡ مِنۡهُ فَهٰذِهٖ شمائِلُهٗ

ترجمو : اي منهنجا دوست! جيڪڏهن حبيب پاڻ ۽ سندس مُلڪ دور آهي ۽ سندس ملاقات به مشڪل آهي ۽ ان جا گهر پري آهن ۽ اوهان ان کي پنهنجي اکين سان ڏسو اها ڳالهه به اوهان کان فوت ٿي وئي آهي ته پوءِ هت جو ڪجهه بيان ٿيل آهي اهي سندن اخلاق ۽ سهڻيون ڳالهيون آهن. (انهن سان تسلي ڪري سگهو ٿا.)

 

]1] اَخۡبَرۡنَا أَبُو رَجَاءٍ قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ ، عَنْ مَالِكِ بْنِ أَنَسٍ ، عَنْ رَبِيعَةَ بْنِ أَبِي عَبْدِ الرَّحْمٰنِ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ، أَنَّهُ سَمِعَهُ يَقُولُ  كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَيْسَ بِالطَّوِيلِ الْبَائِنِ ، وَلاَ بِالْقَصِيۡرِ ، وَلاَ بِالأَبْيَضِ الۡأَمْهَقِ، وَلاَ بِالآدَمِ ، وَلاَ بِالْجَعْدِ الْقَطَطِ ، وَلاَ بِالسَّبْطِ ، بَعَثَهُ اللَّهُ تَعَالٰى عَلَى رَأْسِ أَرْبَعِينَ سَنَةً ، فَأَقَامَ بِمَكَّةَ عَشْرَ سِنِينَ، وَبِالْمَدِينَةِ عَشْرَ سِنِينَ ، وَتَوَفَّاهُ اللَّهُ تَعَالٰى عَلَى رَأْسِ سِتِّينَ سَنَةً ، وَلَيْسَ فِي رَأْسِهِ وَلِحْيَتِهِ عِشْرُونَ شَعْرَةً بَيْضَاءَ.

با محاوره ترجمو : حضور جن جو اصحابي حضرت انس بن مالڪ d چوي ٿو ته رسول الله جن نه تمام ڊگھا هئا ۽ نه بندري قد وارا پر وچولي قد وارا هئا. پاڻ سڳورا نه صفا سفيد هئا ۽ نه ڪڻڪ رنگا پر وڻندڙ اڇاڻ ۾ ڳاڙهاڻ به مليل هُيَن تمام سهڻا حسين هئا سندن وار مبارڪ به نه تمام گهنڊيدار هئا ۽ نه بلڪل سڌا يعني ڪجھه گهنڍيدار سهڻا هئا. الله   پاڻ سڳورن کي چاليهه سالن جي عمر ۾ نبوت جي اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏنو ان کان پوءِ پاڻ ڏهه سال مڪي شريف ۾ ۽ ڏهه سال  مدينه منوره ۾ رهيا. سٺ سالن جي ڄمار ۾ سندن وصال ٿيو. سندن مٿي مبارڪ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ويهه وار به اڇا نه هئا متفق روايتن مطابق حضور جن جي عمر مبارڪ ٽيهٺ سال آهي گھڻو ڪري عربن جي رواج موجب گھٽ عدد کي ڇڏي رڳو ڇهن ڏهاڪن يعني سٺ سالن جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهڙي ريت مڪي شريف ۾ به اعلان نبوت کان پوءِ سندن رهائش تيرهن سال آهي.

راوين جو تعارف : (هن روايت ۾ موجود راوين جو تعارف آخر ۾ ڏسندا)

مفردات جو شرح : طَوِيۡل : ڊگهي قد وارو.”اَلۡبَائِنُ: بي ڊولو. القَصِيۡرُ : گهڻو بندرو. ”اَبۡيَضۡ: سفيد. اَمۡهَق : سيڙهيءَ (چوني) وانگر. آدَمُ : ڪڻڪ رنگو. اهو لفظ اُدۡمَة کان ورتل آهي. ”الجَعۡد: ٿورن ورن وڪڙن وارا وارَ. ”اَلقَطِط : گهڻن وارن وارو. ”السَّبۡطِ : سِڌا وار. ”بعث“ : بعثت کان ورتل آهي نبوت جي اظهار سان نوازڻ. رَاسُ : مٿو . ابتداء ”اَرۡبَعِيۡنَ “ : چاليهه. ”اَقَامَ“ : رهيا .”عَشۡرَ“ : ڏهه ”سِنِين“ : سال . سَنةُ جو جمع آهي. ”تَوَفَّا“ : وصال فرمايائون. توفّي کان ورتل آهي يعني عمر جا سال پورا ڪرڻ. ”لِحۡيَة“: ڏاڙهي. ”عِشۡرُوۡنَ“ : ويهه. ”شِعۡر : وار. ”بَيۡضَاءَ “: سفيد (اڇا).

سمجهاڻي : امام ترمذي ߋ هن حديث کي ”اَخۡبَرنَا“ جي لفظ سان شروع ڪيو آهي، جيڪو اِخۡبَارُٗ کان ورتل آهي. محدثينِ ڪرام جي اصطلاح ۾ امام بخاري، ابن عيينھ ۽ ڪجهه ٻين وٽ اَخۡبَرنَا، اَنۡبَانَا، حَدَّثَنَا، سَمِعۡنَا يا سَمِعۡتُ ۾ ڪوبه فرق ناهي. پر جمهور محدثن وٽ انهن ۾ هن طرح تفاوت آهي. اعلى درجي ۾ سماع (يعني ٻڌڻ) آهي ڇوته صحابه ڪرام عليهم الرضوان حضور ڪريم جن کان ٻڌندا هئا. ۽ اهڙيءَ طرح تابعين عظام صحابه ڪرام عليهم الرضوان کان ۽ تبع تابعين، تابعين کان ٻڌندا هئا. پر اهو متقدمين وٽ هو ڇوته انهن ۾ اها ڪامل صلاحيت هئي ۽ انهن جو حافظو به ايترو تيز ۽ قوي هو. اهي ٻڌڻ شرط فورًا مڪمل الفاظ ياد ڪندا ۽ ياد رکندا هئا. متاخرين ۾ اهڙو استعداد ۽ ادراڪ نه هوندو هو ان جي ڪري متاخرين کي پنهنجي استادن وٽ پڙهڻ ضروري هو تان ته جيڪڏهن غلطي ڪري وجهن ته استاد انهن کي درست ڪري. ۽ حديث جي لکندڙن لکڻ ۾ اشاري تي به اڪتفا ڪئي آهياَخۡبَرنَا جي بدلي ۾ اَنَا، رَنَا ۽ اَنبَانَا جي بدلي ۾ اَنَا لکندا آهن. علامه قسطلاني اهو ذڪر ڪري فرمايو آهي ته”اهو بيان ڪن ٿورن ٻُڌايو آهي ۽ ڪن لکندڙن ”قال“ جي بدران صرف ”ق“ لکيو آهي پر علماءِ ڪرام ان کي ناپسند ڪيو آهي. (المواهب ص 18) ۽ جنهن راوي اڪيلو استاد کان حديث ٻُڌي يا پڙهي آهي ته انحَدَّثَنِيۡ چيو ۽ جن گهڻن گڏجي ٻڌي ته انهن حَدَّثَنَا چيو آهي ۽ اِنۡبَاء کان ورتل لفظ اَنۡبَانِيۡ ان سان مخصوص آهي جتي روايت جي اجازت ڏيندڙ استاد اجازت وٺندڙ شاگرد کي روبرو اجازت ڏي.

فائدو : مذڪوره روايت مان معلوم ٿيو ته محبوب ڪريم جن جو قد وچولو هو نه ته بي ڊولا گهڻو ڊگها هئا ۽ نه گهڻو بندرا هئا جيڪڏهن پاڻ ڪنهن جماعت ۾ بيهندا هئا ته سڀني کان مٿي نظر ايندا هئا ٻيو ڪو کانئن مٿي نظر نه ايندو هو. جيئن پاڻ معنوي لحاظ سان به سڀني کان بلند هئا ۽ اهو سندن معجزو هو. (انوار غوثيه ص 4) ۽ پاڻ اهڙا سفيد به نه هئا جو سندن اندر ڳاڙهاڻ محسوس  نه ٿئي بلڪه ڀورا ۽ ڳاڙهاڻ تي مائل سهڻا هئا ۽ جن روايتن ۾ آيو آهي ته ”گهڻو سفيد“ هئا انهن مان مراد سندن منهن مبارڪ جي چمڪار ۽ تجلي آهي جيئن هڪ حديث ۾ آيو ته ”ڄڻ سج سندن چهري پاڪ ۾ هلي رهيو هو.“ سندن وار مبارڪ نه حبشين وانگر گهڻو گهنڊيدار هئا ۽ نه صفا سِڌا هئا بلڪه وچٿرا هئا. الله کين ظاهري زندگيءَ جا چاليهه سال پوري ٿيڻ کان پوءِ نبوت جي اظهار جو حڪم فرمايو.

سومر جي ڏينهن کي شرف : علماء ڪرام لکيو آهي ته: نبي ڪريم جن سومر جي ڏينهن تولد ٿيا ۽ مٿن وحي جي نزول جي شروعات به سومر جي ڏينهن ٿي ته سندن دنيا تان رحلت به سومر جي ڏينهن ٿي هئي. پاڻ نبوت جي اظهار کان پوءِ هن روايت موجب ڏهه سال مڪه مڪرمه ۾ ۽ ڏهه سال مدينه منوره ۾ رهيا مگر صحيح قول مطابق پاڻ تيرهن (13) سال مڪه مڪرمه ۾ رهيا ۽ 10 سال مدينه منوره ۾. هن روايت مطابق پاڻ 60 سال جي ظاهري عمر ۾ رحلت فرمايائون پر جمهور جي قول مطابق 63 سال جي عمر ۾ رحلت فرمايائون. (المواهب شرح الشمائل ص 26) دنيا تان رحلت ڪرڻ وقت سندن مٿي مبارڪ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ويهه وار به اڇا نه هئا. ۽ اڇا وار گهٽ هجڻ ۾ اها حڪمت هئي ته اهي عورتن جي نظر ۾ خصوصي طور عيب هوندا آهن.

مسئلو : ”حبيب ڪريم جن ڏي جيڪڏهن ڪو نهاري اڇن وارن کي عيب سمجهي ته ڪافر ٿي ويندو.“ (انوارِ غوثيھ ص 6)

ربيعة جو قول آهي ته ”مون رسول الله جن جي هڪ وار مبارڪ جي زيارت ڪئي ته اهو ڳاڙهو هو ان جو سبب پڇڻ تي خبر پئي ته گهڻي خوشبوءِ لڳائڻ جي ڪري ائين ٿي ويو آهي.“

هيءَ روايت ٻين هنن محدثن آندي آهي : ]1] بخاري انهن ئي لفظن سان ڪتاب المناقب، باب صفة النبي ۾ حديث 3548 ۽ ڪتاب اللباس باب 68 الجعد حديث 5900. ۾ [2] مسلم : ڪتاب الفضائل باب 31 في صفة النبي ومبعثہھ و سنہھ حديث 2347 ۾ [3] ترمذي سنن جي ڪتاب المناقب باب 4 في مبعث النبي وَابۡنُ کَمۡ کَانَ حِيۡنَ بُعِثَ؟ حديث 3623 ۾ [4] النسائي سنن ڪبرى جي ڪتاب الزينة ۾ حديث 9310 ، عن قتيبة عن مالڪ به مختصرًا [5] امام مالڪ الموطا جي ڪتاب صفة النبي ۾ حديث 1 [6] امام احمد المسند ۾ ج 3 ص 240، [7] امام بخاري التاريخ الصغير ۾ج 1 ص 56. [8] البغوي شرح السنة ۾ برقم 3635. {9} ابن حبان صحيح ۾ حديث 6387 وغيرهم

 

]2] حَدَّثَنَا حُمَيْدُ بْنُ مَسْعَدَةَ الْبَصْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الْوَهَّابِ الثَّقَفِيُّ ، عَنْ حُمَيْدٍ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ رَبْعَةً ، لَيْسَ بِالطَّوِيلِ وَلاَ بِالْقَصِيرِ ، حَسَنَ الْجِسْمِ ، وَكَانَ شَعْرُهُ لَيْسَ بِجَعْدٍ وَلاَ سَبْطٍ أَسْمَرَ اللَّوْنِ ، إِذَا مَشَى يَتَكَفَّأُ.

بامحاوره ترجمو : حضرت (سيدنا) انس بن مالڪ d کان روايت آهي هو چوي ٿو ته رسول الله جو قد نه ڊگهو هو ۽ نه بندرو پر پاڻ سڳورن   جو قد وچولو هو پاڻ سهڻي هاٺي ۽ سهڻي جسم وارا هئا. سندن وار مبارڪ نه گهنڊيدار ۽ نه سڌا هئا. سندن رنگ سون ورنو سهڻو هو. جڏهن پاڻ هلندا هئا ته تڪڙا نوڙت سان هلندا هئا.

مفردات جو شرح :رَبۡعَةً “: وچٿرو، نه گهڻو ڊگهو نه گهڻو بندرو.  ”حَسَن “: سهڻو. ”اَسۡمَرَ “: اهو رنگ جنهن ۾ ڳاڙهاڻ ۽ سفيدي مليل هجي.”يَتَکَفَّا“: اڳتي جهُڪي هلي.

سمجهاڻي : مذڪوره روايت جي لفظ حَسَنَ الۡجِسۡمِ مان معلوم ٿيو ته نبي پاڪ جن جو صرف منهن مبارڪ نه پر پورو جسم حسن وارو هو. علامه باجوري ߋ لکيو آهي ته حُسن ان تازگيءَ کي چيو ويندو آهي جنهن ۾ ڏسندڙ کي حسي طرح يا عقلي طرح رغبت پيدا ٿيندي آهي، حضور ڪريم جن حسًا به سهڻا آهن ته عقلاً به سهڻا آهن. محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته :” حضور ڪريم جن جو حسن پورو ظاهر نه ڪيو ويو نه ته انسان سندن ڏسڻ جي طاقت نه رکي سگهن ها.“

آنچھ خوبان ہمھ دارند تو تنہا داري

صحابه ڪرام عليهم الرضوان جو امت تي وڏو احسان آهي جو انهن حضور ڪريم جي معنوي ڪمالات علوم ۽ معارف سان گڏ سندن ظاهري ڪمالات حسن ۽ جمال کي به امت تائين پهچايو. جنهن عاشق کي يار جو وصال نه ٿيندو آهي ته اهو محبوب جي گهر، خط ۽ خال کي ياد ڪري پنهنجي دل کي تسلي ڏيندو آهي ۽ ان جي عادات، اخلاق ۽ حالات بيان ڪرڻ سان دل وندرائيندو آهي. (خصائل نبوي ص 7) سندن رنگ مبارڪ ۾ ڳاڙهاڻ ۽ اڇاڻ مليل محسوس ٿيندي هئي. هن روايت ۾ ”اَسۡمَرَ اللَّوۡنِ“ آيو آهي ۽ هڪ روايت ۾اَسۡمَرَ اللَّوۡنِ (چمڪندڙ رنگ وارو) آيو آهي . تقريبن 15 صحابن کيناَبۡيَضَ اللَّوۡنِ  سان ذڪر ڪيو آهي. ۽ محدثين ڪرام خصوصًا علامه احمد عبدالجواد الدومي فرمايو آهي ته مقصد هي آهي ته سندن رنگ ڳاڙهاڻ سان مليل سفيد ۽ سونهري طرح چمڪندڙ هو. (الاتحافات الربانيہھ ص 31 مطبوعھ مصر) سندن هلڻ ۾ نه ته غرور ۽ تڪبر جو شائبو هو ۽ نه عام حسينن وانگر ناز ۽ نخرو هو ۽ نه پاڻ عورتن وانگر پير گهلي هلندا هئا، بلڪه پير مبارڪ ڇنڊي کڻندا هئا ۽ ٿورو اڳتي جهُڪي هلندا هئا.

المطلب ته پاڻ نهايت بي مثل حسن وارا ۽ محبوب مزاج هئا. مون گنهگار (يعني راقم الحروف) هڪ شعر ۾ عرض ڪيو آهي

نه ٿيو آهي نه ڪو ٿيندو منهنجا منٺار تو جهڙو

ساري دنيا جـــي سهڻن ۾ نه آ ســردار تــو جــهڙو

ســــوا لک انبيائـن ۾ نــــــــرالي ذات تنهنجـــــي

ڀــــــلارا سڀ بلاشڪ پــر نه آ پڳدار تو جــــهڙو

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : ]1]  ابو يعلى في مسنده حديث رقم 3729 ج 6 ص 385   [2] والنسائي في کتاب الزينة من سننھ الکبرى حديث رقم 938 ج 5 ص 409.

 

]3]  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ: حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ قَالَ : سَمِعْتُ الْبَرَاءَ بْنَ عَازِبٍ يَقُولُ: كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ رَجُلاً مَرْبُوعًا بَعِيدَ مَا بَيْنَ الْمَنْكِبَيْنِ ، عَظِيمَ الْجُمَّةِ إِلَى شَحْمَةِ أُذُنَيْهِ ، عَلَيْهِ حُلَّةٌ حَمْرَاءُ ، مَا رَأَيْتُ شَيْئًا قَطُّ أَحْسَنَ مِنْهُ.

بامحاوره ترجمو : حضرت ابو اسحاق ߋ چوي ٿو مون حضرت براءِ بن عازب d کي چوندي ٻڌو ته رسول الله جن وچولي قد وارا هئا. سندن وار مبارڪ گھاٽا ڪنن جي پاپڙين تائين هئا، سندن بدن مبارڪ تي (ليڪُن وارو) ڳاڙهو وڳو پهريل هو. مون پاڻ سڳورن کي سڀ شيءِ کان وڌيڪ سهڻو ڏٺو.

مفردات جو شرح : ”مربوعًا“: وچولو قد. بَعِيۡدُ“: پري هوندڙ . ”مَنۡکَبَيۡنِ“: منڪب جو تثنيو ڪلها ۽ ڪلهن جو هڏ. اَلۡجُمَّةُ“: ڪنڌ تي لٽڪيل وار. جيڪڏهن ڪفن جي پاپڙين تائين لٽڪيل آهن ته انهن کيلِمَّةُ چيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن اَلۡجُمَّةُ کان گهٽ آهن ته انهن کي وَفۡرَةُ سڏيندا آهن. شَحۡمَةُ ڪنن جون پاپڙيونحُلَّةُ ڪپڙن جو جوڙو.”حَمۡرَآءُ ڳاڙهو.قَطُّڪڏهن. ”سَوَاءُ“ ظرف زمان آهي ماضيءَ جي استغراق لاءِ ايندو آهي ۽ نفيءَ سان خاص آهي. مَارَئيتُ شَيۡئًا قَطُّ اَحۡسَنَ مِنۡہُ“  عام معنى ٿو رکي يعني پاڻ هر شيءِ کان وڌيڪ سهڻا هئا، مون انهن کان وڌيڪ سهڻي ڪابه شيءِ ڪڏهن به نه ڏٺي.

سمجهاڻي : حضرت براء بن عازب d فرمايو ته محبوب ڪريم جن جي ٻن ڪلهن پاڪن جي وچ ۾ فاصلو هوندو هو. سندن سينو مبارڪ ڪشادو هوندو هو. ڪلهي تي ڪلهو چڙهيل نه هوندو هو جو ڪپڙا نظر اچن. ۽ حضرت براء بن عازب d اهو به فرمايو ته سندن مٿي جا وار مبارڪ ٻنهي ڪنن پاڪن جي پاپڙين تائين پهچندڙ ڊگها هئا. جيتوڻيڪ”الجمة“ جي معنى ڪنڌ تائين پهچندڙ وار آهن پر ”اِلى شَحمَةِ اُذُنَيہِ“ جي قريني سان مٿيون ترجمو ڪيو ويو آهي. حضرت براء d فرمايو ته ”سندن مٿان ڳاڙهو وڳو پاتل هو“ هن حديث جا شارح لکن ٿا ته ”اهو خالص ڳاڙهو نه هو پر ان ۾ ڳاڙها ۽ ڪارا ليڪا هئا. ڳاڙهي رنگ جو ڪپڙو مرد پائي سگهي ٿو يا نه ان ۾ گهڻو بحث آهي. فقيهن ان کي مڪروه لکيو آهي پر اهو به لکيو اٿن ته جيڪڏهن ڳاڙهو ڪپڙو ليڪن وارو آهي ته جائز آهي. لغات الحديث جي صاحب لکيو آهي ته : حديث ۾ مذڪور ڪپڙو خالص ڳاڙهو نه هو ان ۾ ڳاڙها ۽ ڪارا ڌاڳا پيل هئا. (لغات الحديث ج 1 ص 126، انوارِ غوثيه ص 9) حضرت براء d فرمايو ”مون ڪڏهن به ڪا شيءِ به کانئن وڌيڪ سهڻي نه ڏٺي.“ سبحان الله . حضرت حبيب ڪريم جن سان صحابه ڪرام عليهم الرضوان جي محبت، عشق ۽ الفت ڪيتريقدر هئي جو خداوندي ڪائنات ۾جيڪڏهن ڪو حسن سندن اکين ۾ سمائجي سگهيو ٿي ته اهو صرف ئي صرف ذات اقدس مجسمه حسن و جمال، صاحبِ قاب قوسين او ادنى، عالم ما کان وما يکون، خاتم النبيين، صاحب شفاعتِ ڪبرى، رحمة للعالمين، بالمؤمنين رؤف رحيم، احمد مجتبى، محمد مصطفى جي نوراني وجود جو حسن هو. علامه سليمان بن عمر بن منصور العجيلي الازهري، الشافعي المعروف بالجمل (المتوفي 1204 هه) لکيو آهي ته : صحابي سڳوري شَيۡئًا لفظ آندو انسان لفظ نه آندو ليشمل غير البشر کالشمس والقمر وعبر به قط اشارة الي انه کان کذالک من المهد الي اللحد وقد صرحوا بان کمال الايمان اعتقاد انه لم يجتمع في بدن انسان من المحاسن الظاهرة ما اجتمع في بدنه والمحاسن الظاهرة آيات الباطنة ولا اجمل منه بل ولا اجمل منه بل ولا مساوي ولذا نقل القرطبي : انه لم يظهر تمام حسنه والا لما اطاقت الاعين رؤيته (تانت انسان کان سواءِ ٻين کي به شامل ٿئي، جيئن سج ۽ چنڊ ۽ ”قط“ لفظ آڻي هن طرف اشارو ڪيائين ته پاڻ دنيا ۾ اچڻ کان وٺي دنيا تان رحلت ڪرڻ تائين حسين رهيا ۽ علماء صراحت ڪئي آهي ته ايمان جو ڪمال هن عقيدي رکڻ ۾ آهي ته ڪنهن به انسان (وغيره) ۾ اهي ظاهري محاسن گڏ نه ٿيا جيڪي حضور ڪريم جي بدن پاڪ ۾ هيا ۽ ظاهري محاسن باطني محاسن جون نشانيون آهن ۽ کانئن وڌيڪ نه ڪو سهڻو هو نه سندن ڪو برابر هو. (المواهب المحمدية شرح الشمائل الترمذي ج 1 ص 45) ۽ قرطبي لکيو آهي ته سندن حسن سمورو ظاهر نه ڪيو ويو نه ته اکيون کين ڏسي نه سگهن ها.

سوال : مذڪور حديث جي مفهوم مان ظاهر ٿيو ته حضور ڪريم جن جا وار مبارڪ سندن ڪنن مبارڪن جي پاپڙين تائين پهتل هئا ۽ هڪ حديث ۾ آهي ته سندن وار مبارڪ سندن ڪنن مبارڪن جي پاپڙين کان وڌي سندن ڪلهن مبارڪن تائين پهتل هئا ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته سندن وار مبارڪ سندن مبارڪ ڪنن تائين هئا ۽ صحيحين ۾ آيل آهي ته اڌ ڪنن تائين پهتل هئا پوءِ انهن روايتن ۾ مطابقت ۽ موافقت ڪيئن ٿيندي؟

جواب : اهو روايتن جو اختلاف حالات ۽ اوقات جي اختلاف جي ڪري هو. ڪڏهن حضور ڪريم جن وار مبارڪ ڪٽرائيندا هئا ته ڪنن يا انهن جي اڌ يا پاپڙين تائين هوندا هئا، ۽ جيڪڏهن ڪجهه وقت وار نه ڪٽائيندا هئا ته اهي ڪلهن تائين اچي ويندا هئا. پوءِ جنهن صحابي جنهن حد تائين ڏٺا ان اها بيان ڪئي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : [1] البخاري في کتاب المناقب باب 23 صفة النبي حديث رقم 3551 ج 6 ص 565 [2] مسلم في کتاب الفضائل باب 25 في صفة النبي حديث رقم 2337 ج 4 ص 1818 [3] ابو داؤد في کتاب اللباس باب الرخصة في ذالک اي الحمرة حديث رقم 4072 ج 4 ص 54.

 

]4] حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ قَالَ: حَدَّثَنَا سُفْيَانُ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ قَالَ : مَا رَأَيْتُ مِنْ ذِي لِمَّةٍ فِي حُلَّةٍ حَمْرَآءَ أَحْسَنَ مِنْ رَسُولِ اللَّهِ ، لَهُ شَعْرٌ يَضْرِبُ مَنْكِبَيْهِ ، بَعِيدُ مَا بَيْنَ الْمَنْكِبَيْنِ ، لَمْ يَكُنْ بِالْقَصِيرِ وَلاَ بِالطَّوِيلِ.

بامحاوره ترجمو : حضرت براء بن عازب d چيو ته مون رسول الله کان وڌيڪ ڳاڙهي وڳي ۾ سهڻن وارن وارو ڪونه ڏٺو سندن وار مبارڪ ڪلهن تي پوندا هئا ۽ سندن ڪلها مبارڪ ويڪرا هئا يعني سينو ڪشادو هو ۽ پاڻ سڳورا نه بندرا هئا نه  بلڪل ڊگھا پر وچٿرا قداور هئا.

مفردات جو شرح : لِمَّة ڪنن جي پاپڙين تائين لٽڪيل وار.

نوٽ : باقي مفرد لفظن جو شرح حديث نمبر 3 ۾ اچي چڪو آهي.

سمجهاڻي : حضرت براء بن عازب d جي قول ته ”مون ڪوبه وڏن وارن جو صاحب، ڳاڙهن ڪپڙن ۾ رسول الله جن کان وڌيڪ سهڻو نه ڏٺو“ مان ثابت ٿيو ته الله حضور پرنور جن کي هر شيءِ کان وڌيڪ حسن ۽ خوبصورتي عطا ڪئي هئي. ۽ ان حسن کي وڏن وارن ۽ ڳاڙهن پَٽن وارن ڪپڙن وڌيڪنُوۡرُٗ عَلٰي نُوۡرُڪري ڇڏيو هو.

هيءَ روايت ٻين هنن محدثن آندي آهي : [1] هن حديث کي بخاري ۽ نسائي صحيح چيو آهي. (حاشيھ ابو عبدالله السيد بن احمد حموده ص 48) [2] ابو داود في ڪتاب الترجل باب [3] باب ماجاء في الشعر حديث رقم 4183 ج 4 ص 81 [4] النسائي في ڪتاب الزينة باب (59) اتخاذ الجمة ج 8 ص 183 [5] البيهقي في الدلائل ج 1 ص 223

 

]5]  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ إِسْمَاعِيلَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو نُعَيْمٍ قَالَ : حَدَّثَنَا الْمَسْعُودِيُّ ، عَنْ عُثْمَانَ بْنِ مُسْلِمِ بْنِ هُرْمُزَ ، عَنْ نَافِعِ بْنِ جُبَيْرِ بْنِ مُطْعِمٍ ، عَنْ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ قَالَ : لَمْ يَكُنِ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ بِالطَّوِيلِ وَلاَ بِالْقَصِيۡرِ، شَثْنُ الْكَفَّيْنِ وَالْقَدَمَيْنِ ، ضَخْمُ الرَّأْسِ ، ضَخْمُ الْكَرَادِيسِ ، طَوِيلُ الْمَسْرُبَةِ ، إِذَا مَشٰى تَكَفَّأَ تَكَفُّؤًا كَأَنَّمَا يَنْحَطُّ مِنْ صَبَبٍ ، لَمْ أَرَ قَبْلَهُ وَلاَ بَعْدَهُ مِثْلَهُ ، صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

با محاوره ترجمو : حضرت (سيدنا) علي بن ابي طالب d فرمايو ته نبي ڪريم نه ڊگھي قد وارا ۽ نه بندرا هئا. سندن هٿن مبارڪن جون تِريون گوشت سان ڀريل هُيون ۽ سندن پير مبارڪ به گوشت سان ڀريل هئا. سندن مٿو مبارڪ وڻندڙ وڏو هو. سندن عضون جا سنڌَ به سگهارا مضبوط هئا. سيني کان وٺي دُنَ تائين وارن جي سنهي ليڪ هئي. پاڻ سڳورا   جڏهن هلندا هئا ته نوڙت سان جُھڪي هلندا هئا. ڄڻ ته مٿانهين کان هيٺ ٿا لهن. مون نبي پاڪ جھڙو سهڻو سندن کان اڳ يا پوءِ نه ڏٺو.

مفردات جو شرح : ”شَشۡنُ“: گوشت سان ڀريل. اَلۡکَفَّيۡنِ “: هٿن جون ٻه تريون. اَلۡقَدَمَيۡنِ“: ٻه پير. پر هتي ٻن پيرن جو اندريو حصو مراد آهي.ضَخۡمُٗ“ : ٿلهو، برابر، موزون.کَرَادِيۡسُ : هڏن جا جوڙ. هر هڏي جنهن تي گوشت هجي. کَرَادِيۡسُ“: کردوس جو جمع آهي، کرادس به ايندو آهي. مَسۡرُبَة“: سرب مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي واٽ. هتي طَوِيلُ المَسرَبَةِ مان مراد سيني مبارڪ کان دُن مبارڪ تائين وارن جي سنهڙي لڪير آهي” هي الشعر الدقيق الذي يبدء من الصدر و ينتهي بالسرة“. يَنۡحَطُّ“: قدم مبارڪ کڻي هلندا هئا گهلي نه هلندا هئا. يَنۡحَطُّ“: هي حط مان ورتل آهي. ان جي معنى آهي مٿان کان هيٺ لهڻ، معاف ڪرڻ، ڇڏي ڏيڻ، پر هن جي معنى قريني جي مطابق ڪئي ويندي جيڪا معنى جتي مناسب هوندي اتي اها مراد هوندي. صَبَبِ“: هيٺانهين. مِنۡ“: هتي  في جي معنى ۾ آيل آهي.

(المواهب شرح الشمائل ص 36،  جمع الوسائل ج 1 ص 21، انوارِ غوثيھ ص 16، 17)

سمجهاڻي: حضرت علي المرتضى d ارشاد فرمايو ته سيدنا رسول الله جن پاڪ هٿن ۽ پاڪ پيرن جا  ڀريل ۽ نرم هئا مگر ڪڏهن سخت لڳندا هئا. اندريان حصا گوشت سان ڀريل هئا ۽ اها صفت مردن جي لاءِ ڀلي ۽ ساراهه جوڳي آهي. ڪجهه علماء فرمايو ته ”شَشۡنُ“ مان مراد آهي ته سڀ آڱريون ٿلهيون ۽ مضبوط هجن پر ننڍيون نه هجن جو انهن هٿن مان ڪنهن کي مضبوطيءَ سان وٺي سگهبو آهي پر عورتن ۾ اها صفت سٺي نه آهي. حضرت انس d کان روايت آهي ته مَا مَسَسۡتُ خَزًا وَّلَا حَرِيۡرًا اَلۡيَنَ مِنۡ کَفِّ رَسُوۡلِ الله (يعني مون ڪنهن به پَٽَ ۽ ريشم کي هٿ نه لڳايو جيڪو رسول الله جن جي هٿ مبارڪ کان وڌيڪ نرم هجي) علماءِ عظام فرمايو آهي ته هيءَ حديث شريف پهرين حديث مبارڪ جي خلاف ناهي ڇوته جيڪڏهن آڱريون ۽ هٿن جون تريون گوشت سان ڀريل هونديون ته نرم هونديون. ڪجهه علماء سڳورن فرمايو ته ”نرمي سندن پاڪ هٿن جي کل ۾ هئي ۽ سختي ۽ ٿولهه هڏن پاڪن ۾ هئي. الله پنهنجي نبي ڪريم ۾ اهي ٻئي خوبيون رکيون هيون. يعني جسم شريف نرم، ملائم ۽ هڏ مبارڪ مضبوط.هو علامه علي قاري ߋ محدث اصمعي جو قول نقل ڪندي لکيو آهي ته  فکان اذا عمل في الجهاد او مهنة اهله صارکفھ خشنا للعارض المذکور واذا ترک ذالک صارکفھ الي اصل جبلتھ من النعومة (جمع الوسائل ج 1 ص 22)

يعني : محبوب نبي ڪريم جن جڏهن جهاد ۾ (تلوار وغيره کڻي) مصروف ٿيندا هئا يا پنهنجي گهر ۾ محنت ڪندا هئا ته ان محنت ڪرڻ جي ڪري سندن هٿ مبارڪ سخت ٿي ويندا هئا ۽ جڏهن فارغ ٿيندا هئا ته سندن هٿن مبارڪن جي ڪيفيت ساڳي نرم رهندي هئي. حضرت علي d جو فرمان ته ”سندن مٿو (مبارڪ) وڏو هوندو هو.“ اهو سندن دماغ جي قوي ۽ ڪامل هجڻ جو سبب، سندن فراست ۽ فهم جي اعلى هجڻ جو دليل آهي. ان ۾ گهڻا فائدا هئا. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”وهو آية النجابة“ يعني اهو اعلى دماغ هجڻ جي نشاني آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 37) ۽ سندن پاڪ سيني کان وٺي دُن مبارڪ تائين وارن جي سنهي ليڪ هوندي هئي، جيئن هڪ سنهو لڪڻ هوندو آهي. حضرت علي d جو چوڻ ته ”مون کانئن اڳي ۽ کانئن پوءِ سندن ذات جهڙو نه ڏٺو“ اهو عربن جي محاوري جي مطابق آهي ۽ ان مان مراد آهي ته ”مون سڄي عمر اهڙو سهڻو نه ڏٺو.“

فائدو : حضرت علي d جي هن فرمان مان واضح ٿيو ته حضور پُرنور جي برابر ڪير به نه آهي نه سندن ڪو مَٽُ ۽ مثال آهي پاڻ حسينن ۽ سهڻن جا سردار آهن. حضرت علامه جامي قدس سره السامي جو فرمان آهي :

حسن يوسف، دم عيسى ، يد بيضا داري

آنچھ خــوبان ہــمھ دارنــــد تـو تنہا داري

يعني اي حبيب! عليک الصلٰوة والسلام اوهان حضرت يوسف وارو حسن، حضرت عيسى وارو دم ۽ (حضرت موسى وارو) سفيد هٿ رکو ٿا ۽ جيڪو دنيا جا (سڀ) سهڻا رکن ٿا اوهان اڪيلا اهو سڀ ڪجهه رکو ٿا.“

ضروري ڳالهه : علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته ”هر شخص کي هي اعتقاد رکڻ ضروري آهي ته جن سهڻين صفتن سان نبي ڪريم موصوف آهي ٻيو ڪير به انهن صفتن ۾ سندن ذات جهڙو ناهي ۽ هي صرف اعتقادي شيءِ ناهي پر حقيقت آهي. سيرت، حديث ۽ تاريخ جا ڪتاب ان سان ڀريل آهن ته الله باطني ڪمالات سان گڏ کين ظاهري (حُسن ۽) جمال به علي الوجھ الاتم عطا فرمايو هو.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : [1] صحيح ابنِ حبان رقم الحديث 6311 ج 14 ص 216، 217، [2] الحاڪم في المستدرڪ ج 2 ص 605، 606. [3] طبقات ابن سعد ج 1 ص 411.     [4] ابو الشيخ ص 84، 85. [5] شرح السنة حديث 3641 جزء 13 ص 221، [6] دلائل النبوة للبيهقي ج 1 ص 244. [7] البغوي في الشمائل حديث رقم 156 ج 1 ص 142، 143

 

]6] حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ وَكِيعٍ قَالَ: حَدَّثَنَا أَبِي ، عَنِ الْمَسْعُودِيِّ ، بِهَذَا الإِسْنَادِ نَحْوَهُ بِمَعْنَاهُ.

بامحاوره ترجمو : اسان کي سفيان بن وڪيع حديث ٻڌائي. (ان چيو ته) اسان کي منهنجي پيءُ وڪيع مسعوديءَ کان هن اسناد سان ان ئي معنى سان ان جهڙي روايت ٻڌائي.

 

]7]  حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ عَبْدَةَ الضَّبِّيُّ الْبَصْرِيُّ ، وَعَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ ، وَأَبُو جَعْفَرٍ مُحَمَّدُ بْنُ الْحُسَيْنِ وَهُوَ ابْنُ أَبِي حَلِيمَةَ ، وَالْمَعْنَى وَاحِدٌ ، قَالُوا : حَدَّثَنَا عِيسَى بْنُ يُونُسَ ، عَنْ عُمَرَ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ مَوْلَى غُفْرَةَ قَالَ : حَدَّثَنِي إِبْرَاهِيمُ بْنُ مُحَمَّدٍ مِنْ وَلَدِ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ قَالَ : كَانَ عَلِيٌّ إِذَا وَصَفَ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : لَمْ يَكُنْ رَسُولُ اللَّهِ بِالطَّوِيلِ الْمُمَّغِطِ ، وَلاَ بِالْقَصِيرِ الْمُتَرَدِّدِ ، وَكَانَ رَبْعَةً مِنَ الْقَوْمِ ، لَمْ يَكُنْ بِالْجَعْدِ الْقَطَطِ ، وَلاَ بِالسَّبْطِ ، كَانَ جَعْدًا رَجِلاً ، وَلَمْ يَكُنْ بِالْمُطَهَّمِ وَلاَ بِالْمُكَلْثَمِ ، وَكَانَ فِي وَجْهِهِ تَدْوِيرٌ أَبْيَضُ مُشَرَبٌ ، أَدْعَجُ الْعَيْنَيْنِ ، أَهْدَبُ الأَشْفَارِ ، جَلِيلُ الْمُشَاشِ وَالْكَتَدِ ، أَجْرَدُ ذُو مَسْرُبَةٍ ، شَثْنُ الْكَفَّيْنِ وَالْقَدَمَيْنِ ، إِذَا مَشَى تَقَلَّعَ كَأَنَّمَا يَنْحَطُّ فِي صَبَبٍ ، وَإِذَا الْتَفَتَ الْتَفَتَ مَعًا ، بَيْنَ كَتِفَيْهِ خَاتَمُ النُّبُوَّةِ ، وَهُوَ خَاتَمُ النَّبِيِّينَ ، أَجْوَدُ النَّاسِ صَدْرًا ، وَأَصْدَقُ النَّاسِ لَهْجَةً ، وَأَلْيَنُهُمْ عَرِيكَةً ، وَأَكْرَمُهُمْ عِشْرَةً ، مَنْ رَآهُ بَدِيهَةً هَابَهُ ، وَمَنْ خَالَطَهُ مَعْرِفَةً أَحَبَّهُ ، يَقُولُ نَاعِتُهُ : لَمْ أَرَ قَبْلَهُ وَلاَ بَعْدَهُ مِثْلَهُ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ. قَالَ أَبُو عِيسَى : سَمِعْتُ أَبَا جَعْفَرٍ مُحَمَّدَ بْنَ الْحُسَيْنِ يَقُولُ : سَمِعْتُ الأَصْمَعِيَّ يَقُولُ فِي تَفْسِيرِ صِفَةِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : الْمُمَّغِطُ : الذَّاهِبُ طُولاً . وَقَالَ : سَمِعْتُ أَعْرَابِيًّا يَقُولُ فِي كَلاَمِهِ : تَمَغَّطَ فِي نَشَّابَتِهِ أَيْ مَدَّهَا مَدًّا شَدِيدًا . وَالْمُتَرَدِّدُ : الدَّاخِلُ بَعْضُهُ فِي بَعْضٍ قِصَرًا . وَأَمَّا الْقَطَطُ : فَالشَّدِيدُ الْجُعُودَةِ . وَالرَّجِلُ الَّذِي فِي شَعْرِهِ حُجُونَةٌ : أَيْ تَثَنٍّ قَلِيلٌ . وَأَمَّا الْمُطَهَّمُ فَالْبَادِنُ الْكَثِيرُ اللَّحْمِ . وَالْمُكَلْثَمُ : الْمُدَوَّرُ الْوَجْهِ . وَالْمُشَرَبُ : الَّذِي فِي بَيَاضِهِ حُمْرَةٌ . وَالأَدْعَجُ : الشَّدِيدُ سَوَادِ الْعَيْنِ . وَالأَهْدَبُ : الطَّوِيلُ الأَشْفَارِ. وَالْكَتَدُ : مُجْتَمِعُ الْكَتِفَيْنِ وَهُوَ الْكَاهِلُ . وَالْمَسْرُبَةُ : هُوَ الشَّعْرُ الدَّقِيقُ الَّذِي كَأَنَّهُ قَضِيبٌ مِنَ الصَّدْرِ إِلَى السُّرَّةِ. وَالشَّثْنُ : الْغَلِيظُ الأَصَابِعِ مِنَ الْكَفَّيْنِ وَالْقَدَمَيْنِ . وَالتَّقَلُّعُ : أَنْ يَمْشِيَ بِقُوَّةٍ. وَالصَّبَبُ الْحُدُورُ ، نَقُولُ : انْحَدَرْنَا فِي صَبُوبٍ وَصَبَبٍ . وَقَوْلُهُ : جَلِيلُ الْمُشَاشِ يُرِيدُ رُءُوسَ الْمَنَاكِبِ. وَالْعِشْرَةُ : الصُّحْبَةُ ، وَالْعَشِيرُ : الصَّاحِبُ. وَالْبَدِيهَةُ : الْمُفَاجَأَةُ ، يُقَالُ : بَدَهْتُهُ بِأَمْرٍ أَيْ فَجَأْتُهُ  بِهٖ.

بامحاوره ترجمو : حضرت ابراهيم بن محمد حضرت علي d جو پوٽو کانئس روايت ڪري ٿو ته جڏهن حضرت علي d رسول الله جن جي سهڻي صورت ۽ سيرت ٻڌائيندو هو ته چوندو هو: رسول الله نه تمام ڊگھا هوا ۽ نه بندرا پر وچولي قد وارا مڙس هئا. سندن وار نه تمام گهنڊيدار هئا ۽ نه بلڪل سڌا، پر سهڻا وڻندڙ وار مبارڪ هئا. سندن جسم گوشت سان ڀريل نه هو ۽ سندن منهن مبارڪ صفا گول نه هو، پر سندن منهن مبارڪ ۾ ٿوري گولائي هئي. سندن منهن مبارڪ سفيد سُرخي مائل ۽ اکيون تمام ڪاريون ڪجليون هيون. سندن پنبڻيون وڏيون، عضوا ۽ ڪلها مضبوط هئا. سندن بدن مبارڪ تي گھڻا وار نه هئا، مگر وارن جي هڪ سنهي ليڪ سيني کان دُنَ تائين هئي. سندن هٿ مبارڪ ۽ پير مبارڪ گوشت سان ڀريل هئا. جڏهن هلندا هئا ته پير ڇنڊي کڻندا هئا، ڄڻ ته هيٺ ٿا لهن جڏهن ڪنهن طرف ڏسندا هئا، ته توجھه سان ڏسندا هئا. پاڻ سڳورن جي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ ”مهر نبوت“ هئي. پاڻ ”خاتم النبيين“ يعني آخري نبي هئا. پاڻ دل جا ڪشادا سخي هئا. زبان جا سچار، نرم طبيعت ۽ شاندار شريف خاندان وارا هئا. جيڪو کين اوچتو ڏسندو هو ته دهلجي ويندو هو ۽ جيڪو کين سُڃاڻي ملندو هو ته حضور جن سان محبت ڪندو هو. پاڻ سڳورن جو حُليو مبارڪ بيان ڪندڙ چوي ٿو ته مون پاڻ سڳورن جھڙو سهڻو نه اڳ ۾ ڏٺو ۽ نه پوءِ ڏٺو.

مفردات جو شرح : هن حديث ۾ آيل ڏکين لفظن جي معنى محدث ترمذي خود بيان ڪئي پر اها عربي ۾ آهي ان جي ڪري مان ان کي سنڌي زبان ۾ لکان ٿو:

وصف : تعريف ڪرڻ، صفت بيان ڪرڻ، حُليو بيان ڪرڻ. اَلۡمُمَّغَطُ“: هن جي مصدر تَمۡغِيۡطُ آهي، معنى زور سان ڇڪڻ، ڇڪي ڊگهو ڪرڻ. اَلۡمُمَّغِطُ : جي معنى ڇڪيل. اَلطَّوِيۡلُ : گهڻو ڊگهو. اَلۡقَصِيۡرُ الۡمُتَردِدُ : اهڙو بندرو جنهن جا عضوا هڪٻئي ۾ داخل هجن. اَلۡمُطَّهَمُ : تطهيم کان ورتل اسم مفعول آهي. ٿلهو. اَلۡمُکَلۡثَمُ : گول منهن وارو. هي کلثمة کان ورتل اسم مفعول آهي. تَدۡوِيۡرُ گول ۽ ڊگهي جي وچ تي هجڻ، نه گهڻو گول ۽ نه گهڻو ڊگهو. ڪتاب جي صورت  اَدۡعَجَ : هن جي مصدر دَعۡجُ آهي نهايت ڪارو. عَيۡنَيۡنِ : ٻه اکيون. اَهۡدَبَ الۡاَشۡفَارِ : اهدب هدب کان ورتل آهي. اشفار شفر جو جمع آهي معنى ڊگها ڀرون. جَلِيۡلُ : قوي، مضبوط. اَلۡمَشَاشِ: جوڙن جي ملڻ واريون هڏيون، مراد آهي ته هڏين جا پاسا مضبوط هئا. اَلۡکَتَدُ: ٻن ڪلهن جي وچ واري جاءِ ان جو جمع اکتاد ۽ کتود آهي. اَجۡرَدُ : وارن کان خالي. تَقلُّعُ : مضبوطيءَ سان پير ڄمائي کڻڻ.معًا : پورا، چڱيءَ طرح. اَجۡوَدُ :سڀني کان وڌيڪ سخي. لَهۡجَةً : جنهن ٻولي ڳالهائڻ جي عادت هجي. اَلۡيَنُ : لِيۡن کان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي زياده نرم. عَرِيۡکَةُ :طبيعت، نرم عادت. عَشِيۡرةُ : قبيلو. بَدِيۡهةُ : اوچتو . هابه “: هيبت ۾ پيو ان کان. خَالَطَ : خلط کان. ورتل آهي گڏ رهڻ، مليل هجڻ. ناعِتُہٗ: ان جو حُليو بيان ڪندڙ، مصباح اللغات واري بزرگ لکيو آهي ته نعتِ جو لفظ گهڻو ڪري سهڻين صفتن بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ڪتاب لغات الحديث جي صاحب ج 6 ڪتاب  ص 98 تي لکيو آهي ته نعت جي مقابلي ۾ ”وصف“ لفظ آهي جيڪو ڀلي ۽ مذموم ٻنهي صفتن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

سمجهاڻي : هن روايت کي غور سان پڙهندڙ جي اڳيان اها ڳالهه واضح ٿيندي ته نبي ڪريم جيئن معنوي ، روحاني طور بي مثل آهن تيئن ظاهري خِلقت، حُسن، جمال ۽ سونهن ۾ به سندن مَٽُ ۽ مِثال ناهي، کين ڪير جيڪڏهن اوچتو ڏسندو هو ته اهو هيبت جي ڪري دهلجي ويندو هو. اهو رعب به سندن مخصوص صفتن مان هو جيئن سندن فرمان مبارڪ آهي:نُصِرتُ بِالرَّعَبِ مَسِيۡرَةَ شَهرِ پر جيڪو کين سُڃاڻي ملاقات ڪندو هو ته سندن محبوبيت کان گهايل ٿي مٿن عاشق ٿي پوندو هو. سندن حليو بيان ڪندڙ اهو ئي چوندو ته ” مون کين جهڙو نه اڳي ڏٺو نه پوءِ.“

محمد جــــو ناهي ڪو انسان ثـــانـــــــي

نه جهڙس ڪو ثالث نه جهڙس ڪو ثاني

سوال : حضرت علي d حضور ڪريم جن کان ڄمار ۾ ننڍو هو پوءِ سندس ان قول جو مطلب ڇا ٿيندو ته ”مون کانئن اڳي به اهڙو نه ڏٺو“؟

جواب : هتي مراد آهي ته سندن دنيا تان رحلت ڪرڻ کان اڳي ۽ رحلت ڪرڻ کان پوءِ مون اهڙو نه ڏٺو. (فضائل النبي شرح شمائل ترمذي ص 16) سندن ڪلهن مبارڪن جي وچ ۾ نبوت جي مُهرَ لڳل هئي. ۽ خاتم جي نبوت ڏانهن اضافت ان جي ڪري آهي جو سندن ذات سان نبوت جي گهر تي مهر هنئي وئي آهي. هاڻي ان ۾ ڪير به داخل ٿي نه سگهندو نه ڪنهن کي نبوت ملي سگهندي ۽ هڪ قول آهي ته اها مُهرَ نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي پڄاڻيءَ جي نشاني هئي. ”خَاتَمُ“ ۾ جيڪڏهن تا کي زير پڙهي ويندي ته پوءِ معنى ٿيندي نبين عليهم الصلواة والسلام ۾ آخري نبي جنهن کان بعد ڪنهن کي به نبوت نه ملندي.

سوال : پوءِ حضرت عيسى (علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) ڪيئن لهي ايندو؟

جواب : لهي اچڻ جدا شيءِ آهي ان کي نبوت اڳي عطا ٿيل آهي هتي مراد آهي ته حضرت حبيب ڪريم کان پوءِ ڪنهن کي نبوت نه ملندي. حضرت عيسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام حضور ڪريم جي شريعت جو تابعدار ۽ قرآن ڪريم ۽ سنتِ مصطفى تي عمل ڪندو ۽ ڪرائيندو ۽ جيڪڏهن ”خاتم“ ۾ تا کي زبر پڙهي ويندي ته پوءِ معنى آهي سندن اچڻ سان نبي ختم ٿيا انهن جي ختم ٿيڻ جي مُهر پاڻ هنيائون. (جمع الوسائل ج 1 ص 27)  (محبوب ڪريم تي نبوت ختم ٿيڻ جا دلائل مون (يعني راقم الحروف) پنهنجي ڪتاب ”ثبوت ختم النبوة حصه اول“ ۾ قرآن ڪريم جي 99 آيتن ۽ حصه ٻيو ۾ ڪيترين حديثن مان لکيا آهن ان ۾ ڏسو) پاڻ سيني (دل) جا وڏا سخي هئا دل جي سخاوت جو بيان ان جي ڪري ويو جو سندن سخاوت قلبي انبساط ۽ انتهائي خوشيءَ سان هئي. پاڻ گفتگو ۾ نهايت سچا ۽ صاف هئا. ڪافر به کين ”الصادق الامين“ چوندا هئا. ڪلام جي ادائيگي ۽ مخارج مان الفاظ کي صحيح ڪڍڻ ۾ نهايت موزون لهجو رکندا هئا. سندن جهڙو پاڪ، صاف ۽ مناسب لهجو ڪنهن ٻئي جو نه هو ان جي ڪري پاڻ سڀني کان وڌيڪ فصيح هئا. جيئن سندن فرمان عاليشان آهي ته ”مان عرب ۾ وڌيڪ فصيح آهيان.“ ۽ جنت وارا به سندن ٻولي ڳالهائيندا. پاڻ جنهن قبيلي ۾ آيا اهو ٻين قبيلن کان وڌيڪ محترم ۽ ڀلارو آهي. عرب جي قبيلن ۾ سندن قبيلي جهڙو ڪنهن جو قبيلو ناهي. علامه قاضي عياض ߋ پنهنجي ڪتاب ”شفا شريف“ ۾ لکيو آهي ته نبي پاڪ جن جو خانداني شرف ۽ شان هن حديث سان ثابت آهي. حضرت ابن عباس f  کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايوته ”الله مخلوق کي ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪري مون کي اعلى قسم ۾ رکيو ۽ ان جو دليل هيءَ آيت آهي. اَصۡحَابُ الۡيَمِيۡن. اَصۡحَابُ الشِّمَالُ. ساڄي طرف وارا. کاٻي طرف وارا. پوءِ مان سڄي طرف وارن مان آهيان ۽ انهن ساڄي طرف وارن کان ڀلو آهيان. پوءِ الله ان مان قومون بنايون ۽ مون کي سڀ کان ڀلي قوم مان بنايائين ان جو دليل هيءَ آيت آهي.

وَاَصْحٰبُ الْمَیۡمَنَۃِ ۬ۙ مَاۤ  اَصْحٰبُ الْمَیۡمَنَۃِ ؕ﴿۸  وَ اَصْحٰبُ الْمَشْـَٔمَۃِ ۬ۙ مَاۤ  اَصْحٰبُ الْمَشْـَٔمَۃِ ؕ﴿۹﴾    وَ السّٰبِقُوۡنَ السّٰبِقُوۡنَ ﴿ۚۙ۱۰﴾    اُولٰٓئِکَ  الْمُقَرَّبُوۡنَ ﴿ۚ۱۱  (سورة الواقعة آيت 8، 9، 10، 11)

(ترجمو : ۽ ساڄي طرف وارا ۽ ڪهڙا آهن ساڄي طرف وارا ۽ کاٻي طرف وارا ۽ ڪهڙا آهن کاٻي طرف وارا ۽ اڳرائي ڪندڙ، اڳرائي ڪندڙ اهي ئي  مقرب آهن) پوءِ مان اڳرائي ڪندڙن ۾ ڀلو هوس جيڪي سڀني کان ڀلا هئا ۽ پوءِ قوم جي سڀني فردن کان ڀلو آهيان. ۽ الله انهن مان قبيلا بنايا ۽ مون کي ان قبيلي ۾ رکيائين جيڪو سڀني کان ڀلو هو. ۽ ان جو دليل هيءَ آيت آهي: وَجَعَلۡنَاکُمۡ شُعُوۡبًا وَّ قَبَائِلَ(سورة الحجرات) (ترجمو : ۽ اسان اوهان کي پاڙا ۽ قبيلا بنايو)

(مقصد ته پاڻ اولاد آدم عليھ السلام ۾ سڀني کان زياده  پاڪ صاف آهن.) ۽ مان الله جي بارگاهه ۾ زياده مڪرم آهيان. (ڪو فخر ناهي ) ان جو دليل هيءَ آيت آهي :

اِنَّمَا یُرِیۡدُ اللھ  لِیُـذْہِبَ عَنۡكُمُ الرِّجْسَ اَہۡلَ الْبَیۡتِ وَ یُطَہِّرَكُمْ تَطْہِیۡرًا ﴿ۚ۳۳

(ترجمو : الله ارادو فرمايو ته اي اهلبيتو! اوهان کان پليدي کي پري رکي ۽ اوهان کي پاڪن پاڪ ڪري) سيدنا علي d  جو فرمان آهي ته جيڪو سڃاڻپ سان گڏ ساڻن ميل جول رکندو هو ته اهو سندن ذات سان محبت رکندو.“ مطلب ته سندن حُسنِ معاشرت، اخلاقِ حسنه، پيار ۽ محبت سان ملڻ ان شخص تي ايترو اثر ڪندو هو جو اهو سندن مٿان قربان پيو ٿيندو هو، ۽ سندن توجهات عاليه ۽ صحبت مبارڪ جي ڪري الاهي نور سان منور ٿي الاهي تجليات ۽ انوار جو مرڪز ٿي ويندو هو، اهو ئي سبب هو جو جيڪو به سندن خدمت اقدس ۾ ايندو هو ته اهو سندن خدمت کان پري رهڻ جو نالو به نه وٺندو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ ان کي انسانيتِ ڪامله جو معراج نصيب ٿيندو هو.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : [1] خود ترمذي ڪتاب المناقب من سننہھ باب 8 باب ماجاء في صفة النبي ]2] ابو يعلى في مسنده رقم حديث (370) ج 1 ص 304 [3] والبيهقي في الشعب ج 2 ص 149 ، 150. والدلائل ج 1 ص 269، 270 [4] ابن سعد في الطبقات بتمامه ج 1 ص 411، 412،  [5] البغوي في الشمائل رقم الحديث 460 ج 1 ص 350، 351. [6] شرح السنة رقم الحديث 3650 ج 13 ص 227،226.

]8] حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ وَكِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا جُمَيْعُ بْنُ عُمَرَ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ الْعِجْلِيُّ إِمْلاَءً عَلَيْنَا مِنْ كِتَابِهِ قَالَ : أَخْبَرَنِي رَجُلٌ مِنْ بَنِي تَمِيمٍ مِنْ وَلَدِ أَبِي هَالَةَ زَوْجِ خَدِيجَةَ ، يُكَنَى أَبَا عَبْدِ اللَّهِ ، عَنِ ابْنٍ لِأَبِي هَالَةَ ، عَنِ الْحَسَنِ بْنِ عَلِيٍّ قَالَ : سَأَلْتُ خَالِي هِنْدَ بْنَ أَبِي هَالَةَ ، وَكَانَ وَصَّافًا ، عَنْ حِلْيَةِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، وَأَنَا أَشْتَهِي أَنْ يَصِفَ لِي مِنْهَا شَيْئًا أَتَعَلَّقُ بِهِ ، فَقَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَخْمًا مُفَخَّمًا ، يَتَلَأْلَأُ وَجْهُهُ تَلَأْلُؤَ الْقَمَرِ لَيْلَةَ الْبَدْرِ ، أَطْوَلَ مِنَ الْمَرْبُوعِ ، وَأَقْصَرَ مِنَ الْمُشَذَّبِ ، عَظِيمَ الْهَامَةِ ، رَجِلَ الشَّعْرِ ، إِنِ انْفَرَقَتْ عَقِيقَتُهُ فَرَقَهَا ، وَإِلَّا فَلاَ يُجَاوِزُ شَعْرُهُ شَحْمَةَ أُذُنَيْهِ إِذَا هُوَ وَفَّرَهُ ، أَزْهَرَ اللَّوْنِ ، وَاسِعَ الْجَبِينِ ، أَزَجَّ الْحَوَاجِبِ سَوَابِغَ فِي غَيْرِ قَرَنٍ ، بَيْنَهُمَا عِرْقٌ يُدِرُّهُ الْغَضَبُ ، أَقْنَى الْعِرْنَيْنِ ، لَهُ نُورٌ يَعْلُوهُ ، يَحْسَبُهُ مَنْ لَمْ يَتَأَمَّلْهُ أَشَمَّ ، كَثَّ اللِّحْيَةِ ، سَهْلَ الْخدَّيْنِ ، ضَلِيعَ الْفَمِ ، مُفْلَّجَ الۡأَسْنَانِ ، دَقِيقَ الْمَسْرُبَةِ ،كَأَنَّ عُنُقَهُ جِيدُ دُمْيَةٍ فِي صَفَاءِ الْفِضَّةِ ، مُعْتَدِلُ الْخَلْقِ ، بَادِنٌ مُتَمَاسِكٌ ، سَوَاءُ الْبَطْنِ وَالصَّدْرِ، عَرِيضُ الصَّدْرِ ، بَعِيدُ مَا بَيْنَ الْمَنْكِبَيْنِ ، ضَخْمُ الْكَرَادِيسِ ، أَنْوَرُ الْمُتَجَرَّدِ ، مَوْصُولُ مَا بَيْنَ اللَّبَّةِ وَالسُّرَّةِ بِشَعْرٍ يَجْرِي كَالْخَطِّ ، عَارِي الثَّدْيَيْنِ وَالْبَطْنِ مِمَّا سِوَى ذَلِكَ ، أَشْعَرُ الذِّرَاعَيْنِ وَالْمَنْكِبَيْنِ وَأَعَالِي الصَّدْرِ ، طَوِيلُ الزَّنْدَيْنِ ، رَحْبُ الرَّاحَةِ ، شَثْنُ الْكَفَّيْنِ وَالْقَدَمَيْنِ ، سَائِلُ الأَطْرَافِ - أَوْ قَالَ : شَائِلُ الأَطْرَافِ - خُمْصَانُ الأَخْمَصَيْنِ ، مَسِيحُ الْقَدَمَيْنِ ، يَنْبُو عَنْهُمَا الْمَاءُ ، إِذَا زَالَ زَالَ قَلۡعًا ، يَخْطُو تَكَفِّيًا ، وَيَمْشِي هَوْنًا ، ذَرِيعُ الْمِشْيَةِ ، إِذَا مَشَى كَأَنَّمَا يَنْحَطُّ مِنْ صَبَبٍ ، وَإِذَا الْتَفَتَ الْتَفَتَ جَمِيعًا ، خَافِضُ الطَّرْفِ ، نَظَرُهُ إِلَى الأَرْضِ أَطْوَلُ مِنْ نَظَرِهِ إِلَى السَّمَاءِ ، جُلُّ نَظَرِهِ الْمُلاَحَظَةُ ، يَسُوقُ أَصْحَابَهُ وَيَبْدَرُ مَنْ لَقِيَ بِالسَّلاَمِ.

بامحاوره ترجمو : (حضرت سيدنا) امام حسن بن علي d چوي ٿو ته مون پنهنجي مامي هند پٽ ابوهاله کان پڇيو ۽ اهو پاڻ سڳورن جو تمام گھڻو حليو (مبارڪ) بيان ڪندو هو ۽ مون کي ڏاڍو شوق هو ته اهو مون کي حضور جن جو حُليو (مبارڪ) بيان ڪري ٻڌائي ۽ آئون ياد ڪري عمل ڪيان پوءِ ان (يعني هند بن هاله) ٻڌايو ته رسول الله   نهايت شاندار ۽ عزت وارا هئا. سندن منهن مبارڪ چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪندڙ تجليون ڏيندو هو. سندن قد (مبارڪ) وچولو هو. سندن مٿو مبارڪ وڏو هو جيڪڏهن سينڌ پاڻ نه نڪرندي هئي ته پاڻ سڌاري ڇڏيندا هئا. سندن وار سنوان ڪندا هئا ته ڪنن جي پاپڙين تائين پهچندا هئا.

سندن رنگ مبارڪ چمڪندڙ هو. پيشاني مبارڪ ڪشادي، سندن ڀِرون سهڻا وڻندڙ هئا. انهن ڀرن جي وچ ۾ رڳ هئي جيڪا ڪاوڙ مهل ڳاڙهي ٿي اُڀري بيهندي هئي. سندن نڪ مبارڪ ڊگھو سهڻو هو. ان جي مٿان نُور چمڪندو هو، جيڪو تمام گھڻو خيال ڪري ڏسندو هو ته کين ڊگھي نڪ وارو سمجھندو هو.

سندن ڏاڙهي مبارڪ گهاٽي هئي. سندن منهن مبارڪ سُهڻو، ڏند ڇڊا ۽ وات مبارڪ ڪشادو هو. کين سيني مبارڪ کان دن تائين وارن جي سهڻي (۽ سنهي) ليڪ هئي. سندن ڪنڌ مبارڪ تمام سهڻو ۽ چانديءَ وانگر صاف چمڪندڙ هو. سندن جسم مبارڪ جو هر عضوو سهڻو شانائتو هو. سندن جسم لڪدار ۽ مضبوط هاٺيءَ وارو هو. سندن سينو مبارڪ ۽ پيٽ مبارڪ برابر هو. البت سينو مبارڪ ڪشادو هو. سندن ڪلها به ويڪرا هئا. سندن جسم سگهارو مضبوط هو. سندن جسم نور على نور هو. سيني کان دن تائين وارن جي سهڻي ليڪ هئي. سندن ڇاتي ۽ پيٽ تي ٻيا وار نه هئا. سندن ٻانهن، ڪلهن ۽ سيني جي مٿئين حصي تي ٿورا وار هئا. سندن ٻانهون ڊگھيون، هٿ موڪرا، هٿ ۽ پير گوشت سان ڀريل هئا. هٿن پيرن جون آڱريون مُناسب نموني ڊگھيون هيون يا راوي چيو ته تمام سهڻيون ڊگھيون هيون. سندن پيرن جون تِريون لڪدار ۽ پير مبارڪ به سڌا سنوان سهڻا هئا. جڏهن انهن تي پاڻي وجھبو هو ته وَهي ويندو هو. زور سان هلندا هئا. قدم مبارڪ نرميءَ سان رکندا هئا ۽ زور سان کڻندا هئا. پاڻ هلڻ جا تکا هئا. جڏهن هلندا هئا ته ڄڻ مٿانهين کان لهي رهيا آهن. جڏهن ڪنهن کي ڏسندا هئا ته مڪمل طور ڏسندا هئا پاڻ نظر هيٺ جھڪائي هلندا هئا. گھڻو ڪري زمين تي ڏسي هلندا هئا، ۽ ڪنهن وقت آسمان ڏي به نهاريندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ٽيڏي اک سان ڏسندا هئا. هلڻ ۾ اصحابن سڳورن (عليهم الرضوان) کي اڳ ۾ ڪندا هئا. پاڻ سڳورا  جنهن سان به ملندا هئا ته ان تي پهريان پاڻ سلام چوندا هئا.

مفردات جو  شرح : وَصَّافًا: گهڻي وضاحت سان بيان ڪندڙ. وَصَفَ، يَصِفُ، وَصۡفًا وَصِفَةً : بيان ڪرڻ، تعريف ڪرڻ. اَشۡتَهِيۡ : مان گهڻي خواهش رکان ٿو. اَتَعَلَّقُ : مان تعلق رکان ٿو. فَخۡمًا : بزرگ، وڏو شاندا، فخم، عاليشان، عالي مرتبت عَظِيۡمًا فِيۡ نَفۡسہ، مُفَخَّمًا : ٻين جي نظر ۾ به وڏي مرتبي وارو. مُعَظَّمًا فِيۡ صُدُوۡرِ الصُّدوۡرِ وَعَيۡنِ العُيُوۡنِ، يَتَلاَ لاءُ التلالؤ کان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي چمڪڻ ۽ روشن ٿيڻ. اَطۡوَلَ : ڊگهائي ڏانهن مائل. اَلۡمَرۡبُوۡعُ : وچولو : اَلمُشَذَّبُ : گهڻو ڊگهو اصل ۾ مُشَذَّبُ کجيءَ جو اهو وڻ آهي جنهن جون ٽاريون (يعني شاخون) ڪٽيون ويون هجن. ان جي مصدر شَذۡبُ آهي جنهن جي معنى ڇانگهڻ ۽ ڪٽڻ آهي. المُشَذَّبُ: جي مصدر تشذيب آهي گهڻي ڊگهائي. الهَامَّةِ : مناسب وڏو مٿو رَجِلُ : جنهن جا وار نه گهڻا سِڌا هجن نه گهڻا گهنڊيدار هجنانۡفَلَقَتۡ : جدا ٿيا. عَقِيۡقَة ُ : وارن جي سينڌ. اَزۡهَرَاللَّوۡنِ : سفيد ۽ چمڪندڙ رنگ . ان جو اصل زهرة آهي يعني سفيدي، خوبصورتي، تازگي، حسن ۽ روشني. اَزَجَّ : ڪمان وانگر وريل. زَجَجُ کان نڪتل آهي معنى نفيس ۽ سنهڙائپ. الۡحَوَاجِبُ : ڀرون هي حجب جو جمع آهي. سَوابِغُ : ڀريل، پورا پورا. ”عرقُ“ : رڳ . يُدِرُّه : ان کي اڀاري جو سُڄي وڃي. اَقۡنَي : بلند ، اوچو . عِرۡنِيۡن : نڪ اَقۡنَي العِرۡنِيۡنِ : ان جي معنى سندن نڪ مبارڪ بلند، اوچو هو. اَشَمَّ : بلند نڪ وارو. کَثُّ “: گهاٽي ڏاڙهي وارو. اَلۡخَدّيۡنِ : ڳل . ضَلِيۡعُ : ڪشادو. مُفلَّجُ : فلج کان نڪتل، وٿين وارو . دَقِيقُ : سنهو . الۡمَسۡرُبَةِ : دُنُ . جِيۡدُ : ڪنڌ يا ڪنڌ جو اهو مقام جتي هار پارايو ويندو آهي. دُمۡيَةُ : اها گُڏي جيڪا سينگاريل سُهڻي هجي جنهن ۾ ڳاڙهاڻ محسوس ٿئي. اَلۡخَلۡق : عضوا . خِلۡقَتَ بَادِنُ : مضبوط عضون وارو. مُتَمَاسِکُ قوي : سندن پاڪ عضوا مضبوط ۽ هڪ ٻئي سان جڪڙيل هئا، ڍلا ۽ اکڙيل نه هئا. سَوَاء : برابر . هڪجهڙو اَللَّبَّةُ“: ڪهڻ جي جاءِ. عَادِيۡ“: صفا خالي.اَلثَّدَيَيۡنَ“: ٻه بُبا. ”رَحۡبَ“: ڪشادو.  الرَّاحَة : هٿ. اَطۡرَافُ : آڱرين جون پاڙون . خَمۡصَانُ : خالي. اَلۡاخۡمَصَيۡنِ اَخۡمَصُ جو تثنيو آهي اَخۡمَصُ پير جو اهو حصو آهي جيڪو کُڙيءَ ۽ چنبي جي وچ ۾ هوندو آهي. هتي مراد پير مبارڪ جي ترين جو گوشت کان خالي هجڻ آهي. مُسَيَّحُ القَدَمَيۡنِ : قدمن (پاڪن) جو هموار يعني چمڪندڙ . يَنۡبُوۡ : وهي ٿو.زَالَ : هليو . قَلعًا : زور سان پير کڻڻ. ذَرِيۡعُ : جلدي، تيز رفتار. خَافِضُ : نظر کي هيٺ جهڪائيندڙ. جُلُّ : اک جي ڪُنڊ سان ڏسڻ. يَسُوۡقُ : اڳيان هلائي . يَبۡدءُ : شروع ڪري.

سمجهاڻي : حضرت امام حسن d جي مذڪور بيان مان واضح ٿيو ته کين حضور ڪريم جن سان بيحد محبت. هئي سندن فرمان ته ” منهنجي خواهش هئي ته مون کي نبي پاڪ جن جو حُليو مبارڪ ٻڌائي ته مان ان سان تعلق پيدا ڪيان.“ جو مطلب بيان ڪندي علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ان جي مراد هي آهي ته :”مان اها وصف پاڻ ۾ پيدا ڪيان ۽ ان کي پنهنجي خيال جي خزاني ۾ محفوظ رکان.“ (جمع الوسائل ج 1 ص 33) ان نوراني حُليي کي پنهنجو بنايان ۽ ان انوار ۽ تجليات جي مرڪز مبارڪ سان رابطو پيدا ڪري نبوت جي فيوضات ۽ برڪات سان مستفيض ٿيان، حضرت سيدنا امام حسن d جو ان ننڍي عمر ۾ پاڻ ڪريمن سان والهانه عشق ۽ محبت جو تعلق سندس ڪمال جو دليل آهي.

سوال : حضرت امام حسن d پاڻ به حضور ڪريم جن جو ديدار ڪيو هو ته پوءِ ٻئي کان ٻڌڻ جي خواهش ڇو ٿي رکيائين؟

جواب : نبي پاڪ جن جي دنيا تان ظاهري رحلت ڪرڻ وقت حضرت سيدنا حسن جي عمر ستن سالن جي قريب هئي ۽ پاڻ اهي ڪيفيتون پوري طرح ياد  ڪري نه سگهيو هو ان جي ڪري پنهنجي مامي کان ٻڌڻ جو شوق رکيو هيائين.

سوال : نبي ڪريم جي منهن مبارڪ جي چمڪار کي چوڏهين جي چنڊ سان تشبيهه ڏني وئي. سج سان ڇو نه ڏني وئي؟

جواب : ان جي ڪري جو هيءَ ڳالهه مشهور آهي ته چنڊ سج کان روشني حاصل ڪندو آهي ۽ جيئن اهو سج کان روشني حاصل ڪندو آهي تيئن حضور ڪريم جو نور الله جي نور کان حاصل ڪيل آهي. گويا سندن پاڪ منهن مبارڪ الاهي انوار ۽ تجليات جو مظهر آهي ۽ ٻيو ان جي ڪري به جو سج ڏي نهارڻ سان اکيون  تنگ ٿينديون آهن ۽ گهڻو نهاري نه سگهبو آهي پر چنڊ ڏانهن نهارڻ سان راحت ملندي آهي. حضور ڪريم جن ڏانهن نهارڻ سان به سڪون ، لذت ۽ قرار حاصل ٿيندو آهي. جيئن جيئن پرين پسن، تيئن تيئن نشا نيهن جا.

ڪنڌ مبارڪ : امام حسن d جو فرمان آهي ته حضور ڪريم جن جو ڪنڌ مبارڪ نهايت سهڻو چمڪدار هو، سنهو، صاف ۽ سفيد هو. عرب چوندا آهن ته ”احسن من الدمية“ گُڏيءَ کان به وڌيڪ سهڻي ڪنڌ وارو.

وار مبارڪ : سندن وار مبارڪ جڏهن ڊگها هوندا هئا ته ڪنن کان به هيٺ پاپڙين تائين هوندا هئا. سيد العرب والعجم جي وارن مبارڪن جي متعلق حديثن ۾ ٽي قسم لفظ آيل آهن. (1) وَفره (2) جُمہھ (3) لُمہھ علماءِ ڪرام فرمايو آهي ته جڏهن وار ڪجهه وڌن ٿا ته اهي ”وفرہ“ آهي يعني ڪنن مبارڪن يا پاپڙين کان وڌيل ۽ اڃان وڌيل آهن ته اهي ”جمھ“ ۽ اڃان گهڻو وڌيل آهن ته اهي”لُمھ“ آهن . ۽ ان ڪيفيتن مان ثابت ٿيو ته ٽئي نمونا وار رکڻ سنت آهن، ۽ ڪي ڪي مرد عورتن وانگر بالڪل وار ڇڏي ڏين ٿا جو ڪلهن کان به هيٺ لنگهي ٿا وڃن اهو عمل سنت جي خلاف آهي ۽ انگريزي ڪٽ وار رکڻ منع آهن. اصحابن کي پنهنجي اڳيان هلڻ لاءِ امر ڪندا هئا. هي سندن تواضع جو ڪمال هو، دارمي صحيح اسناد سان روايت آندي آهي ته رسول الله جن اصحابن سڳورن عليهم الرضوان کي فرمائيندا هئا تهخَلُّوۡآ ظَهۡرِيۡ لِلۡمَلَائِکَةِ منهنجي پويان زمين ملائڪن جي لاءِ خالي ڇڏيو. امام احمد حضرت جابر d کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن جا اصحاب (سندن ئي امر سان) اڳيان هلندا هئا ۽ سندن پويان ملائڪن جي هلڻ لاءِ جاءِ ڇڏيندا هئا.

سندن نظر گهڻو ڪري هيٺ هوندي هئي : يعني آسمان ڏانهن مٿي ڪڏهن ڪڏهن نظر کڻي نهاريندا هئا نه ته سندن عادتِ مبارڪه هيٺ نهارڻ جي هوندي هئي ۽ سندن ڪابه عادت حڪمت کان خالي نه هوندي هئي. ابو داؤد ۾ جيڪا حديث آئي آهي ته :” پاڻ جڏهن ويهي گفتگو ڪندا هئا ته اڪثر آسمان ڏانهن نظر کڻي نهاريندا رهندا هئا.“ ان جي جواب ۾ علامه علي قاري ߋ فرمايو آهي ته :”ائين وحي جي نزول جي انتظار ۾ ڪندا هئا.“

جسماني حقيقتون

اک مبارڪ جي ڪُنڊ سان نهاريندا هئا : يعني پاڻ شرم ۽ حياء جا پيڪر هئا ان جي ڪري سڄي اک کڻي نه نهاريندا. علامه مناوي لکيو آهي ته سندن دنيا سان محبت ۽ حرص گهڻو نه هو ان جي ڪري بقدر ضرورت ان ڏانهن نهاريندا هئا. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته هن روايت کي غور ڪري پڙهڻ سان امت جي لاءِ هدايتون آهن. (1) ته ڪهڙي طرح هلن (2) ته ڪهڙي طرح ڪنهن ڏي نهارين (3) ته سلام ۾ اڳرائي ڪن.                   (انوارِ غوثيه ص 25، 27)

سوال : ڪنن کان هيٺ لڙڪندڙن وارن کي ”لمھ“ چئبو آهي. ”وَفرَہ“ ناهي چئبو؟

جواب : ڪڏهن وفره کي لمھ يا جمھ جي معنى ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. (فضائل شرح الشمائل ص 18) علماءِ ڪرام حضور ڪريم جن جي پويان هلڻ لاءِ مذڪور وجھ بيان ڪيا آهن ۽ علماء ان کي تواضع ۽ انڪساري تي محمول ڪيو آهي. بعض علماء فرمايو ته وڌيڪ مناسب هي آهي ته پاڻ سفر ۾ پوئتي رهجي وڃڻ وارن ضعيفن ۽ ڪمزورن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ پويان هلندا هئا.

فائدو : مذڪور حديث امام ترمذي مناسبتن جي سبب سان ڪيترن بابن ۾ ذڪر ڪئي آهي. ان جو ڪجهه حصو نبي ڪريم جي گفتگو جي باب ۾ ۽ ڪجهه حصو سندن تواضح جي باب ۾ ذڪر ٿيندو.

سندن ڪاوڙ : پاڻ الله جي بي فرمانن تي بي فرماني ڪرڻ جي ڪري ناراض ٿيندا هئا.

نڪ مبارڪ جي ڪيفيت : سندن نڪ مبارڪ بلند هوندو هو ۽ ان تي نور جي اهڙي چمڪ هوندي هئي جو غور نه ڪندڙ سمجهندو هو ته سندن نڪ مبارڪ تمام گهڻو وڏو آهي پر غور ڪري ڏسندڙ سمجهندو هو ته نڪ مبارڪ مناسب بلند آهي مگر نور جي چمڪار جي ڪري ائين سمجهه ۾ اچي ٿو.

ڏاڙهي مبارڪ : سندن ڏاڙهي مبارڪ گهاٽي ۽ وڏي هوندي هئي.

ڳل مبارڪ : نه مٿي اڀريل هئا نه هيٺ ويٺل جو هڏا پيا نظر اچن. علامه بيجوري لکيو ته ”اها ڪيفيت عربن وٽ تمام سٺي ۽ اعلى آهي“.                           (المواهب شرح المشائل ص 58)

وات مبارڪ جو ڪشادو هجڻ : ان مان مراد به سهڻو ۽ مناسب آهي. عرب ان کي سهڻو سمجهندا آهن ڇوته ان سان ڳالهائڻ ۾ فصاحت هوندي آهي.

ڏندن پاڪن جو ڪشادو هجڻ : هن مان مراد به اها ناهي ته سندن ڏند وڏا هئا پر سهڻا ۽ وچان ٿورا ٿورا کُليل هئا، جن مان ڳالهائڻ وقت نور نڪرندو هو.

جسم مبارڪ جو وارن کان خالي حصو : گهڻو روشن هوندو هو ان مان اها مراد به ٿي سگهي ٿي ته پاڻ جڏهن جسم پاڪ جي مٿان ڪپڙا لاهيندا هئا ته بدن جي ان حصي مان نور نڪرندي نظر ايندو هو ۽ اهو حسن ۽ جمال جو ڪمال آهي. هڪ قول مطابق سندن بغل مبارڪ وارن کان خالي هئا. ٻيو قول آهي ته سندن بغلن مبارڪن جا وار هوندا هئا جيڪي پاڻ نچڪڻي وغيره سان چونڊي ڪڍندا هئا سندن پير مبارڪن جون ٻه آڱريون ٻين کان وڏيون هيون پاڻ اطمينان، وقار ۽ سڪون سان هلندا هئا.

سوال : هن روايت ۾ آهـــي ته پاڻ اصحابن سڳورن عليهم الرضوان کي اڳيان هلائيندا هئا پر پاڻ جڏهن حضرت سيدنا جابر d جي دعوت تي ويا ٿي ته اڳيان هلي رهيا هئا پوءِ انهن روايتن ۾ موافقت ڪيئن ٿيندي؟

جواب : حضرت جابر d جي دعوت ٻين اصحابن رضي الله عنهم کي پاڻ ڏني هئائون. پاڻ ئي صاحبِ طعام هئا تڏهن اڳيان هلي انهن کي اڳتي وٺي ٿي ويا.

سلام ۾ اڳرائي : سندن اهو به معمول هو ته جنهن سان به ملندا هئا ڀلي اهي ڇوڪرا هجن ته انهن تي اڳ ۾ سلام پاڻ چوندا هئا.

سوال : سلام ڪرڻ سنت آهي ۽ ان جو جواب ڏيڻ فرض آهي جواب ڏيڻ جو ثواب وڌيڪ آهي. ڇا حضور ڪريم جن اهو ايثار ۽ سخاوت ڪري رهيا هئا ته ڀلي ٻين کي گهڻو ثواب ملي؟

جواب : نه ائين ناهي. عبادات ۾ ايثار مڪروهه آهي ۽ اهو به ڏسڻو آهي ته ڇا فرض نفل کان ڀلو آهي؟ ۽ اهو اڪثريتي قاعدو آهي، جنهن مان ڪجهه مسائل استثناء ڪيل آهن. (1) تنگدست کي قرض معاف ڪري ڇڏڻ سنت آهي جيڪو ان کي مهلت ڏيڻ کان ڀلو آهي جيڪو فرض آهي. (2) وقت کان اڳي وضُو ڪرڻ سنت آهي پر نماز جي وقت ۾ وضو ڪرڻ کان ڀلو آهي جيڪو واجب آهي. (3) سلام سان ابتدا ڪرڻ سنت آهي پر ان جي جواب ڏيڻ کان ڀلو آهي جيڪو فرض آهي.

(المواهب شرح الشمائل ص 61، 66)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : ]1] ابو نعيم في الدلائل ج 3 ص 227 [2] البيهقي في شعب الايمان رقم الحديث 1430 ج 2 ص 154، 157 و في الدلائل ص 214 [3] البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3705 ج 13 ص 269 [4] الطبراني مطولا في المعجم الکبير رقم الحديث 414 ج 22 ص 155، 159 [5] البداية والنهاية لابن کثير ج 6 ص 31 [6] الوفا لابن الجوزي ج 1 ص 385.

 

]9] حَدَّثَنَا أَبُو مُوسٰى مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى ، حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ ، قَالَ حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ قَالَ : سَمِعْتُ جَابِرَ بْنَ سَمُرَةَ يَقُولُ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ضَلِيعَ الْفَمِ ، أَشْكَلَ الْعَيْنِ ، مَنْهُوسَ الْعَقِبِ . قَالَ شُعْبَةُ : قُلْتُ لِسِمَاكٍ : مَا ضَلِيعُ الْفَمِ ؟ قَالَ : عَظِيمُ الْفَمِ ، قُلْتُ : مَا أَشْكَلُ الْعَيْنِ ؟ قَالَ : طَوِيلُ شِقِّ الْعَيْنِ ، قُلْتُ : مَا مَنْهُوسُ الْعَقِبِ ؟ قَالَ : قَلِيلُ لَحْمِ الْعَقِبِ.

بامحاوره ترجمو : سماڪ پٽ حرب d کان روايت آهي ته حضرت سيدنا جابر بن سمرة ߋ کان ٻڌم . چوي پيو ته رسول الله جن جو وات مبارڪ ڪشادو، اکيون مبارڪ ويڪريون هيون ۽ پاڻ هلڪين کُڙين وارا هئا.

مفردات جو شرح : ”ضَلِيۡعُ : ڪشادو. فَمُّ : وات. ”اَشۡکَلُ الۡعَيۡنِ: ٻنهي اکين جي اڇاڻ ۾ ڳاڙهيون ليڪون مليل”مَنۡهُوۡسُ الۡعَقۡبِ: کُڙي جو هلڪو جنهن جي کُڙيءَ ۾ گوشت گهٽ هجي.

سمجهاڻي : عربن ۾ ڪشادي وات ۽ قوي چهري وارو شخص محترم ، بزرگ ۽ ساراهيل سمجهيو ويندو آهي ان جي ڪري الله پنهنجي محبوب کي اها صفت به عطا فرمائي. حضرت جابر بن سمرة d فرمايو ته ”سندن اکين جي اڇاڻ ۾ ڳاڙهيون ليڪون به مليل هيون ان سهڻي صفت سان سندن اکيون سينگاريل هيون.“ بيهقيءَ ۾ حضرت علي المرتضى d کان روايت آهي ته: رسول الله جن جي اکين مبارڪن ۾ ڳاڙها ليڪا هئا. ڀرون ڊگها هئا اڇاڻ ۽ ڳاڙهاڻ سان مليل سهڻو منهن مبارڪ هو. (المواهب شرح الشمائل ص 66، 67 ، انوارِ غوثيھ ص 28) ڪجهه علماء وات مبارڪ جي ڪشادي هجڻ مان مراد فصاحت ۽ بلاغت ورتي آهي. (خصائل نبويھ ص 240)

هيءَ روايت ٻين هنن محدثن آندي آهي : [1] مسلم ڪتاب الفضائل باب 27 في صفة النبي وعينيه وعقبيھ حديث رقم 2339 ج 4 ص 620 [2] ترمذي ڪتاب المناقب باب 2 في صفة النبي حديث رقم 3643 ج 5 ص 603 [3 امام احمد مسند ۾ ج 5 ص 86،88، 97، 103. [4] ابن حبان پنهنجي صحيح ۾ حديث نمبر 6289،6288 ، ج 14 ص 111، 220 الطبراني في المعجم الکبير حديث 1903 ج 2 ص 219، 220. البيهقي في الدلائل ج 1 ص 210، 211، 245.

 

]10] حَدَّثَنَا هَنَّادُ بْنُ السَّرِيِّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْثَرُ بْنُ الْقَاسِمِ ، عَنْ أَشْعَثَ ، يَعْنِي ابْنَ سَوَّارٍ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ قَالَ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي لَيْلَةٍ إِضْحِيَانٍ ، وَعَلَيْهِ حُلَّةٌ حَمْرَاءُ ، فَجَعَلْتُ أَنْظُرُ إِلَيْهِ وَإِلَى الْقَمَرِ ، فَلَهُوَ عِنْدِي أَحْسَنُ مِنَ الْقَمَرِ.

بامحاوره ترجمو : حضرت (سيدنا) جابر بن سمرة d چوي ٿو ته مون رسول الله کي چانڊوڪي رات ۾ ڳاڙهو (ليڪن وارو) يمني وڳو پهريل ڏٺو. پوءِ مون ڪنهن مهل چنڊ کي چتائي ٿي ڏٺو ته ڪنهن مهل (مديني جي چنڊ) حضور ڪريم، رؤف رحيم کي ٿي ڏٺو. يقينن حضور جن مون کي چنڊ کان سهڻا ڏسڻ ۾ آيا.

مفردات جو شرح : ”اِضۡحَيَانِ : (الف جي زير سان) . گهڻو روشن رات جيڪا اول کان آخر تائين چنڊ سان روشن رهي. حُلَّةُٗ“: وڳو. ”حمراءُ ڳاڙهو. ”اَحۡسَنُ : تمام سهڻو .

سمجهاڻي : حضور ڪريم جن چنڊ کان وڌيڪ سهڻا هئا ان ۾ ڪو شڪ ناهي ڇوته چنڊ جو حسن هڪ جنس جو آهي ۽ محبوب ۾ سمورا حسن ڪَٺي ٿيا هئا.

ديرو حــرم ۾ روشني شمس و قمر جـــي ٿــــي ته ڇـــا

مون کي ته تون آهين وڻيل شمس و قمر کي ڇا ڪيان؟

گهڻي روشني واري رات ۾ حضرت جابر بن سمره d حضور پُرنور جن ڏانهن به نهاريو ۽ چنڊ ڏانهن به نهاريو. فيصلو ڏيندي فرمايائين ته :”حضور ڪريم جن مون وٽ يا منهنجي نظر ۾ چنڊ کان وڌيڪ سهڻا هئا.

چنڊ کان وڌيڪ سهڻو : ”عِنۡدِيۡ (مون وٽ) هي واقعي جو بيان آهي۽ ان جو ان تي فخر ڪرڻ لاءِ آهي. تخصيص ۽ ٻئي کان احتراز جي لاءِ ناهي ڇوته جنهن به کين نبي سمجهي ان نور سان سندن ديدار ڪيو ان وٽ پاڻ چنڊ ڇا سج کان به وڌيڪ سهڻا آهن. باقي جيڪي انڌا تعصب جي عينڪ اکين تي رکي نهاريندا اهي ڇا ڏسندا؟ رب العزة ارشاد فرمايو آهي ته تَرَاهُمۡ يَنۡظُرُوۡنَ اِلَيۡکَ وَهُمۡ لَايُبۡصِرُوۡنَ (سورة الاعراف آيت  ) (انهن کي ڏسندؤ ته اوهان ڏانهن نهارين پيا پر اهي ڏسن ڪونه ٿا) يعني پنهنجي نظر جي قصور جي ڪري اوهان جو جمال ۽ ڪمال ڪونه ٿا ڏسن. جيئن سج جو ڪو قصور نه هوندو آهي پر چمڙو پنهنجي اکين ۾ نور نه هجڻ ڪري ان کي نه ڏسندو آهي ۽ حبيب ڪريم جو نور صوري ۽ معنوي ڪمالات جي زيادتي سان گڏ آفاق ۽ انفس ۾ ظاهر آهي بلڪه حقيقت هيءَ آهي ته هر نور سندن نور مان پيدا ڪيو ويو آهي ۽ اهڙي طرح الله جي قولاَللھ نُوۡرُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِؕمَثَلُ نُوۡرِھ  (سورة النور آيت 35) ۾ مَثَلُ نُوۡرِھ  مان مراد حضور ڪريم جي نور جو مثال آهي. پوءِ حضور ڪريم جن جي منهن مبارڪ جو نور ذاتي آهي جيڪو رات ڏينهن کانئن جدا نه ٿو ٿئي ۽ چنڊ جو نور سج کان اوڌارو ورتل آهي، گهٽ وڌ ٿيندو آهي. ۽ ڪڏهن چنڊ گرهڻ به ٿيندي آهي. ۽ هن ۾ اها تنبيہھ آهي ته ڪيترين گهڻين جمال ۽ ڪمال جي صفتن کان چنڊ خالي آهي (جمع الوسائل ج 1 ص 46، 47)  علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته ”دارمي ربيع بنت معوذ کان روايت آندي آهي ته :”نبي ڪريم جن اهڙا سهڻا هئا جو کين ڏسين ها ته ڄڻ سج اڀريو بيٺو آهي ۽ هڪ روايت ۾ ابن المبارڪ ۽ ابن الجوزي حضرت ابن عباس d کان آندو آهي ته حضور ڪريم جو پاڇو نه هوندو هو ۽ پاڻ سج جي روشنيءَ ۾ بيهندا هئا ته ان کان وڌيڪ روشن هوندا هئا. ۽ ڏئي جي روشنيءَ ۾ ايندا هئا ته ان کان وڌيڪ روشن هوندا هئا.                     (شرح المناوي مع شرح الوسائل ج 1 47 المواهب شرح شمائل ص 70)

هيءَ روايت ٻين هنن محدثن آندي آهي : [1]  النسائي في ڪتاب الزينة من سننہھ الڪبرى باب 89 لبس الحلل رقم الحديث 9639 ج 5 ص 476 ]2] الدارمي في المقدمة من سننہھ ص 10 في حسن النبي رقم الحديث 57 ج 1 ص 44 [3] ابو يعلى في مسنده حديث رقم 7477 ج 13 ص 464 [4] الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 1842 ج 2 ص 206. [5] البغوي في شمائلہھ رقم الحديث 161 ج 1 ص 145 [6] البيهقي في الدلائل ج 1 ص 196 و في الشعب ج 2 ص 151     [7] الحاڪم في المستدرڪ ج 4 ص 186.

 

]11] حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ وَكِيعٍ ، قَالَ حَدَّثَنَا حُمَيْدُ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمَنِ الرُّؤَاسِيُّ ، عَنْ زُهَيْرٍ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ قَالَ : سَأَلَ رَجُلٌ الْبَرَاءَ بْنَ عَازِبٍ : أَكَانَ وَجْهُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِثْلَ السَّيْفِ ؟ قَالَ : لاَ ، بَلْ مِثْلَ الْقَمَرِ.

با محاوره ترجمو : ابو اسحاق چيو ته هڪ شخص براء بن عازب d کان پڇيو ته ڇا رسول الله جو منهن مبارڪ جهلڪ ۾ تلوار وانگر هو؟ ان چيو ته نه، پر چنڊ وانگر چمڪندڙ هو.

مفردات جو شرح : ”وَجۡہُ : منهن مبارڪ  اَلسَّيۡفُ : تلوار . ”اَلۡقَمَرُ : چنڊ.

سمجهاڻي : هن روايت ۾ حضرت براء کان سوال ڪيو ويو ته ڇا حضور ڪريم جن جو منهن مبارڪ روشن هجڻ ۽ ڊگهي هجڻ ۾ تلوار وانگر هو؟ ته پاڻ ان جي نفي ڪندي فرمايائون ته :” نه تلوار وانگر ڊيگهه هئي نه صرف سفيدي“ سندن منهن مبارڪ صرف گول به نه هو بلڪه گهڻو سهڻو. انتهائي حسن ۽ جمال وارو هو. صحيح مسلم ۾ آهي تهلَا بَلۡ مِثۡلَ الشَّمۡسِ وَالۡقَمَرِ يعني چمڪائڻ ۽ روشن ڪرڻ ۾ سج جي مشابه هو ۽ حسن ۽ ملاحت ۾ چنڊ وانگر. (جمع الوسائل ج 1 ص 18) علماء ڪرام فرمايو آهي ته اهي سڀ تشبيهون سمجهائڻ لاءِ ۽ تقريبي آهن نه ته هڪ چنڊ ڇا هزارين چنڊ به سندن پاڪ پير جي هڪ ننهن مبارڪ جي برابر به نه آهن. 

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : ]1] البخاري في کتاب المناقب باب 23 صفہھ النبي رقم الحديث 3552 ج ص 565 [2] احمد في المسند ج 4 ص 281 [3] الدارمي في المقدمة من  سننہھ باب    (10) في حسن النبي رقم الحديث 64 ج 1 ص 45 [4] الطيالسي في مسنده رقم الحديث 727 ص 99 [5] ابنِ حبان في صحيحہھ رقم الحديث 6287 ج 14 ص 198 [6] البيهقي في الدلائل ج 1 ص 195 و في الشعب ج 2 ص 150.

]12]  حَدَّثَنَا أَبُو دَاوٗدَ الْمَصَاحِفِيُّ سُلَيْمَانُ بْنُ سَلْمٍ قَالَ : حَدَّثَنَا النَّضْرُ بْنُ شُمَيْلٍ ، عَنْ صَالِحِ بْنِ أَبِي الأَخْضَرِ ، عَنِ ابْنِ شِهَابٍ ، عَنْ أَبِي سَلَمَةَ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَبْيَضَ كَأَنَّمَا صِيغَ مِنْ فِضَّةٍ ، رَجِلَ الشَّعْرِ.

با محاوره ترجمو : حضرت سيدنا ابو هريره d کان روايت آهي. هو چوي ٿو ته رسول الله جن تمام سهڻا هئا، ڄڻ ته چانديءَ مان جڙيل آهن. سندن وار مبارڪ ڪجهه گهنڊيدار هئا.

مفردات جو شرح : ”اَبۡيَضَ“: سفيد. ”صِيۡغَ ٺاهيو ويو. ”فِضَّةِِ چاندي.

سمجهاڻي : حضرت ابو هريره d جي ارشاد جي روشنيءَ ۾ نبي ڪريم جن اهڙا سفيد (چمڪدار) هئا ڄڻ چانديءَ مان ٺاهيا ويا هئا. هي مشابهت نرمي، چمڪ ۽ ملائم هجڻ جي ڪري آهي. پاڻ خالص سفيد نه هئا. جيئن اڳ ۾ بيان ٿي چڪو آهي ۽ هن ۾ اهو اشارو به آهي ته سندن سمورا عضوا مضبوط ۽ مناسب هئا. سندن پاڪ منهن مبارڪ ۽ وجود مقدس جي نورانيت پنهنجي پوري شان سان جلوه گر هئي. ۽ سندن پاڪ بدن جي سفيدي ۽ ڳاڙهاڻ مليل محسوس ٿيندي هئي. (خصائل نبوي ص 25)

 علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته: نبي پاڪ جن سيڙهيءَ (چوني) وانگر سفيد نه هئا ۽ سندن پاڪ رت جي ڳاڙهاڻ سندن سفيدي ۾ مليل هجڻ جي ڪري ڳاڙها ڀورا نظر ايندا هئا. سندن رنگ مبارڪ جو سفيد هجڻ صحيح حديثن ۽ صريح آثار سان ثابت آهي ۽ اهو رنگ سڀني وٽ پسند ڪيل آهي. جيئن جنت وارن جي لاءِ آيو آهي. يَوۡمَ تَبۡيَضُّ وُجُوۡهُٗ“  (ان ڏينهن منهن سفيد ٿيندا) ۽ جنت جي حورن جي لاءِ آيوکَاَنَّهُنَّ بَيۡضَ مَّکۡنُوۡنُ ڄڻ ته اهي ڍڪيل آنا آهن. يعني سفيد هونديون .

تنبيهه : علماء فرمايو آهي ته جنهن چيو ته آقا جن (رنگ جا) ڪارا هئا. ته اهو ڪافر ٿي ويندو ڇوته ان حضور ڪريم جي لاءِ تواتر سان ثابت صفت جو انڪار ڪيو. “        (جمع الوسائل ج 1 ص 69)

هيءَ روايت ٻين هنن محدثن آندي آهي : [1] تاريخ ابنِ عساڪر مختصر ج 2 ص 69 و تهذيبه ج 1 ص 320. [2] البغوي پنهنجي لکيل شمائل ۾ حديث نمبر 195 ، ج 1 ص 147.

 

]13] حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : أَخْبَرَنِي اللَّيْثُ بْنُ سَعْدٍ ، عَنْ أَبِي الزُّبَيْرِ ، عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ ، أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : عُرِضَ عَلَيَّ الأَنْبِيَاءُ ، فَإِذَا مُوسٰى عَلَيْهِ السَّلاَمُ ضَرْبٌ مِنَ الرِّجَالِ ، كَأَنَّهُ مِنْ رِجَالِ شَنُوءَةَ ، وَرَأَيْتُ عِيسَى ابْنَ مَرْيَمَ عَلَيْهِ السَّلاَمُ ، فَإِذَا أَقْرَبُ مَنْ رَأَيْتُ بِهِ شَبَهًا عُرْوَةُ بْنُ مَسْعُودٍ ، وَرَأَيْتُ إِبْرَاهِيمَ عَلَيْهِ السَّلاَمُ ، فَإِذَا أَقْرَبُ مَنْ رَأَيْتُ بِهِ شَبَهًا صَاحِبُكُمْ ، يَعْنِي نَفْسَهُ ، وَرَأَيْتُ جِبْرِيلَ عَلَيْهِ السَّلاَمُ فَإِذَا أَقْرَبُ مَنْ رَأَيْتُ بِهِ شَبَهًا دِحْيَةُ.

با محاوره ترجمو : حضرت جابر بن عبدالله d کان روايت آهي هو بيان ڪري ٿو ته رسول الله جن فرمايو مون کي نبي سڳورا ڏيکاريا ويا. جڏهن مون موسى عليھ السلام کي ڏٺو ته اهو شنؤة قبيلي جي مردن وانگر (وچولي قد وارو) هو. حضرت عيسى بن مريم عليھ السلام کي ڏٺم جو منهنجي ڏٺل ماڻهن مان عروة بن مسعود وانگر هو ۽ حضرت ابراهيم عليھ السلام کي ڏٺم ته منهنجي ڏٺل ماڻهن مان توهان جي رفيق يعني رسول الله جھڙو هو. جبرائيل عليھ السلام (ملائڪ) کي ڏٺم، جو منهنجي ڏٺل ماڻهن مان دحية الڪلبي (اصحابي) جھڙو هو.

نُڪتو : حضرت با يزيد بِسطامي ߋ کي چيو ويو ته ”تون ڇا ٿو ارادو فرمائين؟ عرض ڪيائين ته ”مان ارادو ڪيان ٿو ته ڪوبه ارادو نه ڪيان.“ جنهن ۾ خدا راضي رهي ان تي راضي رهان. علامه علي قاري ߋ اها ڳالهه لکي پوءِ لکيو آهي ته حضرت عبدالله انصاري d جو مذڪور قول حضرت سيدنا بايزيد جي قول کان مرتبي ۾ بلند آهي ۽ سعادتمندن مان ڪجهه ساداتن فرمايو ته هي به ارادو آهي. اهو قول ڪهڙو نه ڀلو آهي جيڪو ڪنهن محبت واري فرمايو:

اُرِيۡدُ وِصَالَھ وَيُرِيۡدُ هَجۡرِيۡ

فَاَتۡرُکۡ مَـــااُرِيۡدُ لِـمَا يُرِيۡد.

 (يعني مان محبوب جي ملڻ جو ارادو ڪيان ٿو ۽ اهو مون کان جدائي جو ارادو ڪري ٿو ته پوءِ مان ان جي ارادي کي اهميت ڏيندي پنهنجو ارادو ڇڏي ٿو ڏيان.) ان جي ارادي تي راضي ٿو رهان اهو ان قدسي حديث سان تمام سهڻو ۽ مناسب آهي جنهن ۾ آيو آهي ته اي ٻانها! ”تون به ڪنهن شيءِ جو ارادو ڪرين ٿو ۽ مان به ارادو فرمايان ٿو ۽ ٿيندو اهو جيڪو مان ارادو ڪيان ٿو“ ۽ انهن (سالڪن) مان بعض جو قول ته :”منهنجي لاءِ توکانسواءِ ڪوبه حصو ناهي پوءِ جيئن وڻئي تيئن مون کي آزماءِ.“ اها وڏي جرأت آهي پوءِ اهو آزمائش ۾ وڌو ويو پر صبر ڪري نه سگهيو. دعوى ڪرڻ آسان آهي ۽ ميدان ملهائڻ ڏکيو آهي. (جمع الوسائل ج 1 ص 39)

مفردات جو شرح :  ”عُرِضَ : ماضيءَ جو صيغو ان جي مصدر عَرۡضُ آهي. ان جون مختلف معنائون آهن. پيش ڪرڻ، ظاهر ڪرڻ، ڏيکارڻ، سامهون اچڻ وغيره. ضَرۡبُٗ مِّنَ الرِّجَالِ : ڏٻرا، بدن ۾ گهٽ گوشت وارا، جڏهن ضَربُ رِجَالُ سان گڏ ذڪر ڪيو وڃي ته پوءِ ان مان مُراد آهن، بدن جا ضعيف ۽ ڪمزور.شَنُؤَةُ“ : هڪ قبيلي جو نالو آهي جنهن جا ماڻهو ڪمزور هلڪا هوندا هئا. هي عبدالله بن ڪعب جو قبيلو آهي. هن قبيلي جا ماڻهو نهايت پاڪ، صاف، حسن ۽ ڀلن ڪمن جي ڪري مشهور هئا.صَاحِبُکُمۡ : اوهان جو آقا. ان مان مراد حضور ڪريم جن آهن. شَبَهًا : حُليي جي لحاظ سان مُشابهت رکندڙ.دَحۡيَةُ : هڪ صحابي جو نالو آهي. (2 ) ڪلب قبيلي مان هجڻ جي ڪري ڪلبي سڏيو ويندو آهي.

سمجهاڻي : هن حديث ۾ رسول الله جن جي فرمان ته :”منهنجي اڳيان نبي آندا ويا“ مان ثابت ٿيو ته پاڻ سڀني نبين عليهم الصلٰوة والسلام کان افضل آهن. ڇوته ائين نه فرمايائون ته ”مان انهن وٽ پيش ڪيو ويس بلڪه اهي سندن خدمت ۾ پيش ڪيا ويا.“ اهي سندن لاءِ لشڪر وانگر آهن ۽ پاڻ انهن جا سلطان آهن لشڪر، بادشاهه جي اڳيان پيش ڪيو ويندو آهي. بادشاهه لشڪر جي اڳيان پيش نه ڪيو ويندو آهي ان ڪري بعض عارفن فرمايو ته : نبي ڪريم جن انبياءِ ڪرام عليهم الصلٰوة السلام جي لشڪر ۾ بمنزل قلب آهن. انبياء ان لشڪر جا اڳيان لشڪري ۽ اولياء ان جا پويان لشڪري ۽ ملائڪ انهن جي ساڄي ۽ کاٻي طرف کان آهن جيڪي سندس مددگار ۽ معاون هوندا آهن.جيئن الله جو فرمان آهي.وَالۡمَلَائِکَةُ بَعۡدَ ذَالِکَ ظَهِيۡرُٗ (۽ ان کان پوءِ ملائڪ مددگار آهن) ۽ شيطان دين جي رستي ۾ ڌاڙيل آهن ۽ هن حديث ۾ جيڪو بيان ٿيو ته :”مون وٽ انبياء پيش ڪيا ويا.“ انهن مان مراد عام آهي. انبياء سان رسول سڳورا عليهم الصلٰوة السلام به شامل آهن. ۽ اهو واقعو معراج واري رات جو آهي جيئن ٻين روايتن ۾ آيو آهي مثلًا ابو العاليه جي حضرت ابنِ عباس d کان روايت ۽ ابن المسيب جي حضرت علي ۽ حضرت ابو هريره d کان آيل روايتن ۾ آهي ته حضور ڪريم جن جي اڳيان انهن جو اصلي صورتون روشن ڪيون ويون هيون. ۽ هڪ روايت مطابق اهي کين ننڊ ۾ ملايا ويا ۽ انهن جي تائيد انهن بعض روايتن سان ٿئي ٿي جنهن ۾ آيو آهي ته حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو :”مون ننڊ ۾ ڏٺو ته مان ڪعبه جو طواف ڪري رهيو آهيان.“ الحديث . محدثن جو قول آهي ته ان ٻي (خواب واري) صورت ۾ انبياء ڪرام عليهم الصلٰوة والسلام جا ارواح مثالي صورتن ۾ پيش ڪيا ويا هئا ۽ پهرئين قول تي چيو ويو آهي ته سندن اهي صورتون پيش ڪيون ويون هيون جن تي دنياوي حياتيءَ ۾ هئا. ان جي ڪري ان روايت ۾ جيڪا محدث مسلم حضرت ابنِ عباس d کان آندي آهي. سندن فرمان آهي ته :”ڄڻ ته مان موسى ڏي پيو نهاريان، ڄڻ ته مان عيسى ڏي پيو نهاريان“ ۽ اهو سندن ڏسڻ سندن معجزن مان آهي ۽ اهي آسمانن ۾ به انهن مثالي صورتن سان حقيقي طور موجود آهن. هڪ قول آهي ته هن شڪ ۾ پوڻ جو ڪو سبب ناهي بلڪه صحيح قول اهو آهي ته انهن جو ڏسڻ جيڪڏهن ننڊ ۾ هوندو ته سندن اڳيان انهن جون حياتيءَ واريون صورتون مثالي طور پيش ڪيون ويون ۽ جيڪڏهن سجاڳيءَ جو واقعو آهي ته پاڻ کين دنياوي حقيقي صورتن ۾ ڏٺائون ڇوته اها ڳالهه ثابت آهي ته انبياء عليهم الصلٰوة والسلام زندهه آهن ۽ هڪ قول آهي ته اهو سڀ ڪجهه سندن ڏانهن وحي ڪري ٻڌايو ويو هو ۽ ا ن جي ڪري تشبيه جو حرف کَاَنِّيۡ آندو ويو.

فائدو : هن روايت مان اهو فائدو حاصل ٿئي ٿو ته وڏن (بزرگن) جون صورتون انهن تائين پهچائڻ گهرجن جن انهن کي نه ڏٺو آهي. پوءِ جيئن انهن وڏن جي ملاقات ۾ برڪت آهي تيئن انهن جي صورتن ڏسڻ ۾ برڪت آهي ۽ هن روايت ۾ وڌيڪ حرص ڏياريو ويو آهي ته حضور پاڪ جن جي خِلقت پاڪ کي چڱيءَ طرح ياد ڪرڻ  گهرجي.         (جمع الوسائل ج 1 ص 50، 51)

انبياء ۽ ملائڪ جي حضور وٽ حاضري

فِاِذَا مُوۡسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَامُ پوءِ اوچتو ئي مون موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام کي ڏٺو ته اهو مَردن مان هلڪي جسم وارو آهي ڄڻ ته اهو شنؤة قبيلي جي مَردن مان آهي. هن قبيلي جا ماڻهو نه صفا ضعيف هوندا هئا. ۽ نه گهڻا ٿلها هوندا هئا. نه صفا جڏڙا هوندا هئا، بلڪه وچٿرا هوندا هئا. سيدنا موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي صورت مبارڪه انهن سان ملندڙ جُلندڙ هئي. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته : موسى موشى جو معرب آهي حضرت موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جو اهو نالو فرعون جي گهرواريءَ حضرت بيبي آسيه بنت مزاحم ان وقت رکيو هو جڏهن کيس صندوق ۾ پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍيو هئائون ۽ اهو ان حال جي مناسب به هو ڇوته حضرت موسى علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام پاڻي ۽ وڻن مان لڌو هو ۽ موشى قبطي ٻوليءَ ۾ وڻن ۾ موجود پاڻيءَ کي چيو ويندو آهي. پوءِ موشى مان معرب ڪري موسى سڏيو ويو. وَرَئيۡتُ عِيۡسٰى بِنۡ مَرۡيَمَ ۽ مون عيسى بن مريم (عليه وعلي امھ السلام) کي ڏٺو. هيءَ مريم عمران جي نياڻي، قرآن ڪريم جي نص سان ”صِديقَة“ آهي ۽ اها حضرت سليمان (علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) جي اولاد منجهان آهي. حضرت سليمان عليه السلام ۽ ان جي وچ ۾ چوويهه 24 ابا آهن حضرت عيسى عليه السلام جي آسمان تي کڄي وڃڻ مهل ان جي عمر ٽيونجاهه سال هئي. ۽ حضرت عيسى جي مٿي کڄڻ کان پوءِ به پنج سال زندهه رهي. ۽ حضرت عيسى حضرت عروة بن مسعود d سان مشابه هو. هي حضرت ثقفي قبيلي جو هو. حديبيه جي صلح وقت حاضر ٿيو هو ۽ سن 9 هه ۾ ان وقت مسلمان ٿيو هو جڏهن سيدنا رسول الله جن طائف کان واپس ٿيا هئا. حضرت عروه اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ رسول الله جن کان واپس ٿيڻ جي موڪل گهري. نبي ڪريم جن ان کي موڪل ڏني ۽ ان پنهنجي قوم کي اسلام جي دعوت ڏني پر انهن مڃڻ جي بجاءِ کيس شهيد ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ان جي شهادت جي خبر رسول الله جن کي پهتي ته پاڻ فرمايائون ته ”عروه جو مثال سورة يٰسين ۾ ذڪر ڪيل (ڀلاري حبيب نجار) جهڙو آهي جنهن پنهنجي قوم کي الله ڏانهن سڏيو ته انهن ان کي شهيد ڪري ڇڏيو.“ ۽ حضرت عروة جو حُليو محفوظ نه ڪيو ويو آهي پر مسلم شريف جي روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو وچولي قد وارو ۽ رنگ جو ڳاڙهو هو. (وَاللهُ تَعَاليٰ اَعۡلَمُ وَرَسُوۡلُهٗ اَعۡلَمۡ) ”۽ مون ابراهيم کي ڏٺو ته اهو اوهان جي صاحب (حضور ڪريم   سان مشابهت ۾ وڌيڪ ويجهو هو) ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته حضور ڪريم جن ارشاد فرمايو ته :”مان ابراهيم جي اولاد مان ان سان وڌيڪ مشابھ آهيان.“ مناوي ߋ لکيو آهي ته :” ابراهيم جي معنى سرياني زبان ۾ ابُ رحيمُ“ مهربان پيءُ آهي.وَرَاَيۡتُ جِبۡرَئِيۡلَ ۽ مون جبريل کي ڏٺو. هتي انبياء عظام عليهم السلام جي ڏسڻ سان جبريل کي گڏي ان جي ڪري آندو ويو آهي جو انهن ڏانهن وحي آڻڻ جي ڪري ان جي نبين سڳورن عليهم السلام سان ميل جول گهڻي ٿيندي هئي. مناوي ߋ وڌيڪ لکيو آهي ته جبريل فعليل جي وزن تي سرياني ٻوليءَ جو لفظ آهي ان جي معنى آهي عبدالرحمان يا عبدالعزيز  ۽ اِيل جمهور وٽ الله جو نالو آهي ۽ اهو قصي کي قصي تي عطف ڪيو ويو آهي. ”پوءِ ان سان انهن مان وڌيڪ مشابه جيڪو مون ڏٺو دِحية ڪلبي آهي. ” دِحية“ (دال جي زير ۽ ح جي جزم سان) هن حضرت جي والد جو نالو خليفه هو . وڏن صحابن مان هو، بدر جي جنگ ۾ حاضر نه هو ان کان پوءِ سڀني جنگين ۾ موجود هو. صلح حديبيه ۾ جيڪا وڻ جي هيٺان بيعت ٿي هئي. ان ۾ هي به شريڪ هو ۽ اهڙو حسين هو جو حُسن ۽ جمال ۾ ان جو مثال ڏنو ويندو هو.  پڇاڙيءَ ۾ شام ملڪ ۾ وڃي رهيو هو. حضرت امير معاويه d جي ڏينهن تائين زندهه هو. صحيحين ۾آهي ته حضرت نبي ڪريم جن جي خدمت ۾ جبريل غالبًا ان جي صورت ۾ ايندو هو. هن حضرت کان ٽي حديثون روايت ڪيل آهن. حضرت دحية ڪلبي جڏهن ڪنهن شهر ۾ ويندو هو ته اتي جون پرديدار عورتون به کيس ڏسڻ لاءِ نڪري اينديون هيون. ۽ حضور ڪريم جن وٽ دِحيھ ڪلبي d جي صورت ۾ اچڻ ۾ اها حڪمت هئي ته قرآن عربي آهي، عربي ، چٽي ۽ صاف زبان ۾ نازل ٿيل هو. ۽ عربن جي عادت هئي ته اهي ڪنهن بادشاهه ڏانهن قاصد موڪليندا هئا ته حضرت دِحيھ ڪلبي d کي موڪليندا هئا. ۽ مصطفى ڪريم جن ته بادشاهن کان به بلند شان وارا آهن ان جي ڪري الله جبريل امين کي سندن خدمت ۾ به حضرت دِحيه ڪلبي d جي صورت ۾ موڪليندو هو ۽ روم جي بادشاهه قيصر ڏانهن به رسول الله جن دِحيھ کي قاصد ڪري موڪيلو هو جيڪو ان سان حمص ۾ مليو هو. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته :” هن حديث مان ملائڪن کي غير سان تشبيہھ ڏيڻ جو جواز ملي ٿو.“

هڪ عجيب واقعو : العارف مڪين الدين ߋ فرمايو ته :” مان اسڪندريه شهر جي ديملس محلي ۾ هڪ دفن ڪيل نبي عليه السلام جي مسجد ۾ داخل ٿيس ته اتي دفن ٿيل نبي عليه السلام کي بيٺي نماز پڙهندي ڏٺم ۽ ان کي لِيڪُن واري چادر پاتل هئي ان مون کي فرمايو ته ”اڳيان بيهي نماز پڙهه“ مون ان کي عرض ڪيو ته” اوهان اڳيان ٿيو“ ان فرمايو ته ”اوهان اهڙي نبي (عليه السلام) جا امتي آهيو جو اسان کي مناسب ئي نه ٿو لڳي ته اوهان کان اڳي ٿيون.“ مون کيس عرض ڪيو ته (اسان جي) ان نبي جي صدقي اوهان اڳيان ٿيو. عارف مڪين الدين ߋ فرمايو ته ”مون ائين چيو ته ان نبي سڳوري عليه السلام  هڪدم مون واري لفظ جي تعظيم ڪرڻ لاءِ پنهنجو وات (مبارڪ) منهنجي وات تي رکيو ته متان اهو هواءِ ۾ اڏامي وڃي. (مناوي حاشية على جمع الوسائل ج 1 ص 52)

فائدا

فائدو ]1 : حضور ڪريم جن جي نبين عليهم الصلواة والسلام سان اها ملاقات هڪ ڀيرو خواب ۾ ۽ ٻيو ڀيرو معراج واري رات ٿي هئي. (فضائل النبي شرح الشمائل ص 21)

فائدو [2] : هتي صرف ٽن نبين عليٰ نبينا وعليهم الصلٰوة والسلام جو ذڪر شايد ان جي ڪري ڪيو ويو جو حضرت ابراهيم عليه السلام عربن جو ڏاڏو هو ۽ سڀني وٽ مقبول آهي. ۽ حضرت موسى ۽ حضرت عيسى عليه السلام بني اسرائيل مان يهودين ۽ نصارن جا رسول آهن. (جمع الوسائل ج 1 ص 53، خصائل نبوي شرح شمائل ترمذي ص 26)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : [1] مسلم في ڪتاب الايمان  باب 74 الاسراء برسول الله الي السمٰوات و فرض الصلواة حديث رقم 167 ج 1 ص 153 [2] احمد في مسنده ج 3 ص 334 [3] ابنِ عساڪر ج 17 ص 155 [4] ابو يعلى في مسنده حديث رقم 6122 ج 4 ص 179

 

]14]  حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ وَكِيعٍ ، وَمُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ ، الْمَعْنَى وَاحِدٌ ، قَالاَ : أَخْبَرَنَا يَزِيدُ بْنُ هَارُونَ ، عَنْ سَعِيدٍ الْجُرَيْرِيِّ قَالَ : سَمِعْتُ أَبَا الطُّفَيْلِ يَقُولُ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَمَا بَقِيَ عَلَى وَجْهِ الأَرْضِ أَحَدٌ رَآهُ غَيْرِي ، قُلْتُ : صِفْهُ لِي ، قَالَ : كَانَ أَبْيَضَ مَلِيحًا مُقَصَّدًا.

با محاوره ترجمو : حضرت  سعيد الجريري روايت ڪري ٿو ته ابو الطفيل d  چوي پيو ته مون رسول الله جن کي چڱي طرح ڏٺو آهي ۽ هن وقت مون کان سواءِ روءِ زمين تي کيس ڏسڻ وارن مان ڪوبه موجود نه آهي مون ابو الطفيل کي چيو ته مون کي پاڻ سڳورن   جو حُليو مبارڪ ٻُڌاءِ ان چيو ته رسول الله جن تمام خوبصورت سُهڻا ۽ وچولي قد وارا هئا.

مفردات جو شرح :  ”مَا بَقيَ : ڪو باقي نه رهيو آهي ، ڪوئي موجود ناهي ڪوئي زندهه ناهي.  وَجۡھ الۡاَرۡضِ : روءِ زمين تي، زماني ۾  مَلِيۡحًا : ملاحت وارو نمڪين. مُقَصَّدًا : وچولي قدوارو  قَصۡدُ“ : مصدر آهي جنهن جي معنى وچٿرائي ڪرڻ، عدل ڪرڻ وغيره.  مُقَصَّدُ : اهڙي وجود واري کي چوندا آهن جو نه ڊگهو هجي نه بندرو هجي نه ٿلهو هجي نه ڏٻرو.

سمجهاڻي : حضرت ابو الطفيل d جي فرمان ته (مون نبي ڪريم جن کي ڏٺو ۽ هن وقت مون کان سواءِ روءِ زمين تي ڪوبه زندهه نه رهيو آهي جنهن ان کي ڏٺو هجي) مان مراد آهي ته انسانن مان ڪير به نه رهيو آهي. ان قول ۾ ملائڪ ۽ جن داخل ناهن ۽ سندس قول ته (زمين جي منهن تي) سان حضرت عيسى عليٰ نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جن خارج ٿي ويا ڇوته اهي زمين تي ناهن آسمانن تي آهن ۽ حضرت خضر به ان مان خارج ٿي ويو ڇوته اهو زمين تي نه هو سمنڊ جي پاڻيءَ جي مٿان هو.

سوال : ڪن جو قول آهي ته معمر مغربي ۽ رتن هندي صحابي هئا جيڪي ستين صدي هجري جي قريب هجڻ تائين زندهه رهيا هئا؟

جواب : وڏن محدثن وٽ اهو قول صحيح ناهي. غير معتبر آهي. سعيد جُريري d فرمايو ته مون حضرت ابو الطفيل d کي عرض ڪيو ته مون کي رسول الله جن جي حليو بيان ڪري ٻُڌاءِ ان فرمايو ته وچولي قد وارا، نه ڊگها، نه بندرا، نه ٿلها، نه گهڻو ڪمزور ۽ ڏٻرا. سندن رنگ سفيد ڳاڙهاڻ ڏانهن مائل هو.مَلِيۡحًا ڪشش رکندڙ حُسن وارا هئا. سندن هر ادا نرالي هئي.

فائدو : هن روايت ۾ غور ڪرڻ سان هي ڳالهيون ذهن ۾ اچن ٿيون.

]1] صحابه ڪرام عليهم الرضوان کي نبي ڪريم سان ايتري محبت هئي جو سندن حُليو مبارڪ هر لحاظ سان ياد رکندا هئا ۽ تابعي سڳورا به اهڙا عاشق هئا جو محبوب عليه السلام جـــي حُليي جـــو هر پهلو پُڇي ياد ڪندا هئا ۽ پنهنجي قلب ۽ دماغ تي ان جو نقش وهاريندا هئا.

]2] هن حديث جي شرحن مان ثابت ٿيو ته ”محدثن وٽ حضرت خضر عليه السلام زندهه آهي.

]3] حضرت نبي ڪريم ظاهري زندگي جي آخري مهيني ۾ ۽ هڪ روايت موجب زندگيءَ جي آخري عشاء نماز پڙهائي اٿي بيهي فرمايو هو ته :” مان اوهان کي هن رات ۾ هڪ ڳالهه ٻڌايان ٿو ته اڄ کان سؤ سال پوءِ دنيا تي هن وقت موجود ماڻهن مان ڪوبه زندهه نه هوندو..“ ۽ حضرت ابو الطفيل اهو آخري انسان هو. (جمع الوسائل ج 1 ص 54، المناوي ص 54 المواهب ص 77)

[4] هن حديث سان حضرت خضر جي زندهه هجڻ تي اعتراض نه ٿو ٺهي ڇوته اهو نبي ڪريم جي ظاهري دور کان اڳي حضرت موسى عليه السلام جي دور ۾ به هو ۽ اهو حضرت عيسى عليه السلام وانگر مستثنى آهي. حضور ڪريم جي ارشاد وقت سمنڊ جي مٿان هو زمين تي نه هو. (ايضًا)

هيءَ روايت ٻين هنن محدثن آندي آهي : ]1] مسلم في ڪتاب الفضائل باب 28 رقم الحديث 2240 ج 4 ص 1820 [2] ابو داؤد في ڪتاب الادب باب في هدي الرجل رقم الحديث 4863 ج 4 ص 266 [3] احمد في المسند ج 5 ص 454. ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 86

 

]15] حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا إِبْرَاهِيمُ بْنُ الْمُنْذِرِ الْحِزَامِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الْعَزِيزِ بْنُ أَبِي ثَابِتٍ الزُّهْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنِي إِسْمَاعِيلُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ ابْنُ أَخِي مُوسَى بْنِ عُقْبَةَ ، عَنْ مُوسَى بْنِ عُقْبَةَ ، عَنْ كُرَيْبٍ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَفْلَجَ الثَّنِيَّتَيْنِ ، إِذَا تَكَلَّمَ رُئِيَ كَالنُّورِ يَخْرُجُ مِنْ بَيْنِ ثَنَايَاهُ.

بامحاوره ترجمو : حضرت ابنِ عباسd چوي ٿو ته رسول الله جا اڳيان ڏند مبارڪ ڪجھه وٿين سان ڇڊا هئا ۽ جڏهن پاڻ سڳورا ڳالهائيندا هئا ته اڳين ڏندن مبارڪن مان نور وانگر تجلي نڪرندي ڏسڻ ۾ ايندي هئي.

مفردات جو شرح :  ”اَفلَجَ“ : ڪشادو هتي فلج فرقُ جي معنى ۾ آيل آهي. اَلثَّنِيَتَيۡنِ : سامهون وارا ٻه ڏند مبارڪ.  ”ثَنَايَا : سامهون وارا ڏند مبارڪ .

سمجهاڻي : حضرت ابنِ عباس d فرمايو ته رسول الله جن جا ڏند مبارڪ ڇڊا، کُليل هوندا هئا. جڏهن گفتگو فرمائيندا هئا ته ڏندن مبارڪن مان نور وانگر چمڪار نظر ايندا هئا.

حسي نور : علامه ابراهيم بن محمد البيجوري المتوفي سن 1276 هه لکيو آهي ته ويکون الخارج حينئذ نورا حسيا معجزة لہ يعني اهو نڪرندڙ نور حسي اکين سان ڏسڻ ۾ اچڻ وارو هوندو هو ۽ اهو سندن معجزو هو. اهو نور اندر کان اچي ڏندن مبارڪن کان ظاهر ٿيندو هو. ۽ جنهن جو گمان آهي ته ان مان مراد معنوي نور آهي سندن گفتگو کي نور سڏيو ويو آهي سو اهو ان جو بي سمجهه هجڻ جي ڪري وهم آهي. ۽ ان حديث جي لفظ ”رُءِيَ“ کي سمجهيو ئي ناهي. حضرت علامه علي قاريߋهي قول آندو آهي ته ”کالنور“ ۾ ”ک“ زائده آهي. ڏسڻ ۾ ايندڙ نور وانگر نه پر خود نور هو. ۽ علامه مناوي ߋ به لکيو آهي ته نور حسي هو معنوي چوڻ وارو ”رءي“ جي معنى نه سمجهيو آهي. ۽ شمائل جي شارحن لکيو آهي ته هن روايت جي هن سنَد ۾ جيڪا ترمذي هتي آندي آهي. قيل وقال آهي پر اها ساڳي حديث دارمي، طبراني ۽ ٻين به صحيح سند سان آندي آهي.

جانب جو جمال : مذڪوره احاديث جي مطالعي ڪرڻ مان معلوم ٿيو ته حضور ڪريم جن جو حسن ۽ جمال ڪائنات جي هر شيءِ کان نرالو هو جيئن پاڻ ذات ۾ هر مخلوق کان نرالا آهن تيئن صفات ۾ به نرالا آهن. علامه نبهاني ߋ سيده حليمه سعديه g حضور ڪريم جي کير پيارڻ واري امان g جو بيان لکيو آهي  ان فرمايو ته :” حضور ڪريم  جن کي کير پيارڻ جي لاءِ جڏهن مان سيده آمنه g (رسول الله جي والده ماجده) جن جي گهر مبارڪ ۾ داخل ٿيس ته پاڻ ان وقت ننڊ ۾ هئا سندن حسن ۽ جمال جي ڪري مون ۾ جراءت نه ٿي ته مان کين سجاڳ ڪيان پر ان هوندي به سندن ڪشش جي ڪري مان ويجهو وڃي پنهنجو هٿ سندن سيني مبارڪ تي رکيو ته پاڻ کِلي اکيون مبارڪ کولي مون ڏانهن نهاريائون ته سندن اکين پاڪن مان نور نڪتو جيڪو آسمان تائين پهتو. (الانوار المحمديه ص 19) حضرت ام سعيد ۽ حضرت حليمه سعديه g فرمايو آهي ته ”جيڪڏهن پاڻ خاموش هوندا هئا ته سندن وقار جي بلندي نظر ايندي هئي ۽ جيڪڏهن ڳالهائيندا هئا ته سندن ڪلام جو اعلى هجڻ محسوس ٿيندو هو پاڻ پري کان به نهايت سهڻا ۽ تازا نظر ايندا هئا. ۽ ويجهي پنڌ کان به گهڻو حسين ۽ جميل محسوس ٿيندا هئا. (المستدرڪ للحاڪم ج 3 ص 9)

علامه سمهودي ߋ حضرت ڪعب بن مالڪ d کان روايت آندي آهي ته ”مون رسول الله جن تي سلام چيو (۽ ڏٺم) ته سندن چهرو مبارڪ خوشيءَ مان چمڪي رهيو هو. ۽ پاڻ جڏهن به خوش ٿيندا هئا ته سندن منهن مبارڪ ائين چمڪندو هو ڄڻ ته اهو چنڊ جو ٽڪرو آهي. “

ام المؤمنين سيده عائشه بنت الصديق g فرمايو ته : رسول الله جن سڀني ماڻهن کان نهايت حسين ۽ نوراني رنگ وارا هئا. حضرت ابو بڪر صديقd فرمايو ته :”رسول الله جن جو پاڪ منهن مبارڪ (چوڏهين جي) چنڊ جي دائره وانگر نظر ايندو هو.  حضرت ابنِ عباس d فرمايو ته :” رسول الله جن جو پاڇو نه هوندو هو. پاڻ جڏهن سج جي روشني ۾ بيهندا هئا ته سندن نور ۽ روشني سج جي روشنيءَ کان غالب هوندي هئي ۽ جيڪڏهن ڏيي جي روشنيءَ ۾ بيهندا هئا ته سندن روشني ان کان به غالب هوندي هئي.“ (الوفا ج 2 ص 406) ام المؤمنين سيده عائشه بنت الصديق g فرمايو ته :”سندن پاڪ منهن تي پگهر ايندو هو ته اهي قطرا ڄڻ تازا موتي هوندا هئا ۽ سندن پگهر جي خوشبوءِ مشڪ وانگر هوندي هئي.“ اهڙيءَ طرح حضرت علي d جو به فرمان آهي ته سندن هر ادا حُسن  ۽ جمال جو پيڪر هوندي هئي. علامه احمد قسطلاني ߋ لکيو آهي ته :”هيءَ ڳالهه قطعي ۽ يقيني آهي ته ايمان ڪامل رکڻ جي لاءِ هي عقيدو ضروري آهي ته سندن وجود اطهر کان وڌيڪ رب العزة جل وعلا ڪنهن کي سهڻو نه بنايو آهي.“ (المواهب اللدنية ج 1 ص 248)

مسلمانن تي واجب عقيدو : علامه ابنِ حجر مڪي ߋ فرمايوته ” اي مسلمان! تو تي واجب آهي ته تون هن اعتقاد کي حضور ڪريم تي ايمان آڻڻ جي لاءِ لازم سمجهه ته الله جهڙو رسول الله جن جي جسم مبارڪ کي حسين، جميل ۽ ڪامل بڻايو آهي اهڙو سندن تشريف آوري کان اڳي يا پوءِ ڪنهن کي به نه بنايو آهي.“                     (جواهر البحار ج 2 ص 79)

قرآن ڪريم جي مشهور مفسر علامه قُرطبي ߋ فرمايو : اسان جي اڳيان حضور ڪريم جو حسن ۽ جمال ڪامل طور ظاهر نه ڪيو ويو آهي جيڪڏهن سندن حسن ۽ جمال ڪامل طور ظاهر ڪيو وڃي ها ته اسان جون اکيون سندن ديدار جي طاقت نه رکن ها.“   (زرقاني علي المواهب ج 4 ص 71)

حضرت علامه شيخ محقق عبدالحق محدث دهلوي ߋ لکيو آهي:”حضور ڪريم جي حقيقي جمال باڪمال کي ڏسي اکيون انڌيون ٿي وڃن ها سندن  جسم پاڪ چنڊ ۽ سج وانگر روشن هو جيڪڏهن پاڻ بشري لباس ۾ نه هجن ها ته سندن طرف نهارڻ ۽ سندن ڪامل حُسن جو ادراڪ ممڪن نه هو.“ (مدارج النبوة ج 1 ص 129) حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي ߋ فرمايو :”منهنجي والد شاهه عبدالرحيم ߋ کي خواب ۾ حضور ڪريم جي زيارت ٿي ان کين عرض ڪيو ته ”يا رسول الله! مصر جي عورتن حضرت يوسف (علٰى نبينا وعليه والصلٰوة والسلام) کي ڏسي بيهوش ٿي هٿ وڍيا هئا. پر ڇا سبب جو اوهان جي ديدار ڪندڙن جي اها ڪيفيت نه ٿي رهي..! ان جي جواب ۾ حضور ڪريم جن فرمايو ته :” منهنجي رب غيرت جي سببان (ته ٻيو ڪو حقيقي ديدار نه ڪري) منهنجو حسن ۽ جمال ماڻهن کان مخفي رکيو آهي جيڪڏهن اهو ڪما حقھ ظاهر ٿئي ها  ته ماڻهن تي محويت، بيخودي ۽ بيهوشيءَ جو عالم ان کان وڌيڪ طاري ٿئي ها. جيڪو حضرت يوسف (علٰى نبينا وعليه والصلٰوة والسلام)  تي طاري ٿيو هو.    (الدر الثمين ص 70)

شيخ ابو محمد عبدالجليل القصري ߋ لکيو آهي ته حضرت  يوسف عليٰ نبينا وعليه الصلواة والسلام ۽ ٻين حسينن جو حسن سندن حسن جي خيرات آهي. جيڪڏهن الله سندن حسن ۽ جمال کي هيبت ۽ وقار جي پردن سان ڍڪي نه ڇڏي ها ته هي دنياوي اکيون سندن مشاهدو نه ڪري سگهن ها. (مطالع المسرات ص 394) حضرت علامه يوسف نبهاني ߋ لکيو آهي ته حضور ڪريم جي وصال کان پوءِ حضرت عمر d ۽ حضرت علي d حضرت اويس قرني d سان ملاقات جي لاءِ ان جي ڳوٺ ”قرن“ پهتا ۽ ان کي حضور ڪريم جو فرمان ٻڌايائون. گفتگو جي دؤران حضرت اويس قرني d حضرت عمر فاروق d ۽ حضرت علي d کان پڇيو ته ڇا اوهان ڪڏهن رسول الله   جو حقيقي ديدار ڪيو آهي؟ انهن فرمايو ته ها. حضرت اويس d کين مرڪندي چيو: اوهان ته حضور ڪريم جي حسن جي صرف هڪ جهلڪ ڏٺي آهي. (جواهر البحار ج 3 ص 15) حضرت شيخ عبدالعزيز دباغ ߋ فرمايو ته جيڪڏهن سندن ڪامل نور کي عرش عظيم تي ظاهر ڪيو وڃي ها ته اهو پگهرجي وڃي ها اهڙيءَ طرح جيڪڏهن سموري مخلوقات کي گڏ ڪري انهن تي سندن نور اقدس ظاهر ڪيو وڃي ها ته اهي حيرت ۾ اچي عقل وڃائي ويهن ها.                                        (الابريز ص 272)

سوال : آخر ائين ڇو ٿيو؟

جواب : حضرت علامه شيخ عبدالحق محدث دهلوي ߋ ان جي متعلق نشاندهي ڪندي فرمايو ته ”اڳيان سمورا انبياء عليهم السلام الله جي ذاتي اسماء جي فيض جو جلوو آهن ۽ اولياءِ ڪرام صفاتي اسماء جو ۽ ٻي سموري مخلوقات صفاتِ فعليه جو جلوو آهن. ۽ سيد الانبياء عليهم الصلٰوة والسلام جن بلا واسطه حق جي ذات جي فيض جو جلوو آهن ۽ صرف سندن ئي ذات ۾ الله جي شان جو بذات ظهور آهي. (مدارج النبوة ج 2 ص 209) علامه قسطلاني ߋ فرمايو : جڏهن الله حضور ڪريم جي ذات اقدس ۽ سندن اعلى شان جي پيدا ڪرڻ جو ارادو فرمايو ته ان ذات اقدس جي انوار صمديت مان ڪنهن واسطي کان سواءِ محمدي حقيقت کي ظاهر فرمايو.۽ پوءِ ان جي فيض مان سمورن هيٺين ۽ مٿين جهانن جا علوم پيدا فرمايا. (المواهب اللدنيه ج 1 ص 5) علامه فاسي ߋ لکيو آهي ته حضور ڪريم جن حضرت ابو بڪر صديق d کي مخاطب ٿي فرمايو: يَا اَبَا بَکۡرِ وَالَّذِيۡ بَعَثَنِيۡ بِالۡحَقِّ لَمۡ يَعۡرِفۡنِي حَقِيۡقَةً غَيۡرُ رَبِّيۡ. يعني اي ابا بڪر! ان ذات جو قسم آهي جنهن مون کي حق سان موڪليو آهي ته منهنجي رب کان سواءِ ڪير به منهن جي حقيقت کي نه ٿو سڃاڻي.“            (مطالع المسرات ص 129)

صحابه جو عقيدو

حضرت حسان بن ثابت d سيدنا رسول الله جي حسن کي بيان ڪندي هيئن فرمايو آهي:

وَاَحۡسَنُ مِنۡکَ لَمۡ تَرَقَطُّ عَيۡنِيۡ

وَاَجۡمَلُ مِنۡکَ لَمۡ تَلِدِ النِّسَآء

يعني : اوهان کان وڌيڪ سهڻو منهنجي اک ڪڏهن به نه ڏٺو آهي ۽ اوهان کان وڌيڪ جمال وارو عورتن ڄڻيو ئي ناهي.

خُلِقۡتَ مُبَرَّاً مِنۡ کُلِّ عَيۡب

کَاَنَّکَ قَدۡ خُلِقۡتَ کَمَا تَشَآءً

يعني اوهان هر عيب کان پاڪ ڪري پيدا ڪيا ويا آهيو ڄڻ ته اوهان جيئن گهريو ٿي تيئن پيدا ڪيا ويا آهيو. (ديوانِ حسان بن ثابت ص 10) سيدنا رسول الله جن جي چاچي حضرت عباس d فرمايو :

وَاَنۡتَ لَمَّا وُلِدۡتَّ اَشۡرَقَتِ الۡاَرۡضُ

بِنُوۡرِکَ وَضَـــــــاءَتِ الۡاُفۡــــــــــقُ

يعني اوهان جڏهن ڄاوا هئا ته زمين اوهان جي نور سان چمڪي ۽ دنيا جا پاسا روشن ٿيا هئا. (نشر الطيب ص 10 ارشاد القاري ص 173)

سوال : حضرت يوسف عليٰ نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جو حسن ايترو دلين کي ڇڪيندڙ هو جو ان کي ڏسي ان تي عورتون مست ٿي پونديون هيون ان جي ڪري پاڻ برقعه ڍڪي هلندو هو. حضور ڪريم جي حسن جي ڪيفيت اهڙي نقل ڪيل ناهي؟

جواب : حُسن جا ٻه قسم آهن. [1] هڪ اهو جو ڏسڻ واري کي هڪدم گرويده بنائي ڇڏي پر ان جي ملڻ جلڻ سان  آهستي آهستي ان جو اثر گهٽجڻ لڳي. حضرت يوسف علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جو حسن ان قسم جو هو. چنانچه جن عورتن جي نظر مٿن اوچتو پئي انهن ته پنهنجا هٿ وڍي ڇڏيا پر بيبي زليخا پنهنجا هٿ نه وڍيا هئا ڇوته اها ميل جول جي ڪري ان جلون کي برداشت  ڪري چڪي هئي. [2] ٻيو قسم حسن جو هي آهي ته ڪنهن عارض جي ڪري اهو ڏسندڙن تي هڪدم ظاهر نه ٿيندو آهي مگر جيئن جيئن ميل جول وڌندو آهي تيئن اهو ظاهر ٿيندو ويندو آهي. جيئن عربي ۾ هڪ شعر آهي.

يَزِيۡدُکَ وَجۡهُھ حُسۡنًا اِذَا مَا زِدۡتَّھ نَظَرًا.

(توکي ان جو منهن حسن ۾ وڌندو نظر ايندو جڏهن  تون ان ڏانهن نظر وڌائيندو رهندين.) حضور ڪريم جن جي حسن سان گڏ رعب به هوندو هو جو ڪير. سندن چهري پاڪ ڏانهن چتائي نهاري نه سگهندو هو. ان جي ڪري سندن حسن فورًا ظاهر نه ٿيندو هو. (ارشاد القاري ص 171) حضرت ڪعب بن زهير d فرمايو :

اِنَّ الـــــرَّسُوۡلَ لَنُوۡرُٗ يُّسۡتَضَاءُ بِهٖ

                                                                                         مُهَنَّدُٗ مِّنۡ سُيُوۡفِ اللهِ مَسۡلُوۡلَ ( قصيده بانت سعاد ص .....)

يعني بيشڪ رسول الله جو نور آهي جنهن مان روشني حاصل ڪئي وڃي ٿي الله جي تلوارن مان ظاهر ڪيل چمڪندڙ تلوار آهي.)

حضرت ابوهريره d فرمايو تهمَا رَاَيۡتُ شَيۡئًا اَحۡسَنَ مِنَ رَّسُوۡلِ اللهِ . مون ڪابه شيءِ رسول الله جن کان وڌيڪ سهڻي نه ڏٺي. حضرت ابو هريره d جي فرمان ۾ ”ڪابه شيءِ“ آهي ڪو انسان يا مرد مذڪور ناهي جنهن مان ثابت ٿيو ته سندن حسن ۽ سونهن هر شيءِ کان مٿي آهي ۽ هڪ روايت ۾ ان فرمايو ته : سندن چهرو مبارڪ اهڙو چمڪندڙ ۽ روشن هو گويا سج سندن منهن مبارڪ ۾ هلي رهيو آهي.“ بيهقي ابو اسحاق ߋکان روايت آندي آهي ته ”همدان قبيلي جي هڪ عورت مون کي ٻُڌايو ته مون رسول الله جن سان گڏ حج ڪيو آهي. ”مون ان کي چيو ته”سندن منهن مبارڪ جي ڪيفيت ته مون کي ٻڌاءِ؟ ان چيو ته”چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر هئا مون ان جهڙو نه اڳي ڏٺو نه پوءِ .“ (مدارج النبوة ج 1 ص 11، 12) علامه شرف الدين بوصيري ߋ سرڪار دو عالم جن جي ظاهري ۽ باطني ڪمال کي هن طرح بيان ڪيو آهي.

فَهُوَ الَّذِيۡ تَمَّ مَعۡنَاهُ وَصُـــــــــوۡرَتُہٗ

ثُمَّ اصۡطَفَاهُ حَبِيۡبًا بَارِيءُ النَّسۡمٖ

يعني حضور ڪريم جن اهڙا شاندار نبي آهن جنهن جي سيرت ۽ صورت اهڙي ڪامل ٿي جو ان کان پوءِ کين هر شيءِ جي پيدا ڪندڙ پنهنجو حبيب ڪيو آهي.

 مُنَزَّهُٗ عَنۡ شَرِيۡکِ فِــــيۡ مَحَاسِنِهٖ

فَجَوۡهَرُ الۡحُسۡنِ فِيۡهِ غَيۡرُ مُنۡقَسِمٖ

يعني حضور ڪريم جن پنهنجي خوبين ۾ شريڪ کان پاڪ آهن. جيڪو سندن حسن جو جوهر آهي. اهو تقسيم ٿيندڙ ناهي. مطلب ته پاڻ حسن ۾ بي مثال آهن. علامه ذوالفقار علي ديوبندي هن شعر جي شرح ۾ لکيو آهي ته :”حضور ڪريم جن ان عيب کان پاڪ آهن جو سندن خوبين ۾ ڪو بالذات سندن شريڪ هجي  بلڪه ٻين جون سڀ خوبيون سندن خوبين جو پاڇو آهن ڇوته اهي کانئن ئي مستفاد آهن. هي ان حديث ڏانهن اشارو آهي جيڪا حضرت جابر d کان روايت ڪيل آهي . ان حضور ڪريم کان پڇيو هو ته پهرين مخلوق ڪير آهي؟ پاڻ فرمايائون ته ”الله پهريان تنهنجي نبي ( ) جي نور کي پنهنجي نور پيدا فرمايو پوءِ ان کي وسعت ڏني ۽ ان (جي فيض) مان لوح، قلم، عرش، ڪرسي، ملڪ ۽ ملڪوت، عالم ۽ آدم (عليٰ نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) کي پيدا فرمايو.“ ۽ جوهر لفظ آڻڻ ۾ هن طرف هي لطيف اشارو آهي ته ”سندن جي حقيقت نه ورهائجڻ ۾ جوهر فرد وانگر آهي. ورهائجڻ کي قبول ڪندڙ ناهي ڇوته جيڪا حسن جي حقيقت کين حاصل آهي ان جا حصا ۽ بعض نه ڪيا ويا بلڪه اها پوري جي پوري ۽ ڪامل اولًا بالذات سندن ئي ذات شريف ۾ منحصر آهي ۽ ٻين تي ان جو پاڇو صرف هڪ جهلڪ آهي.                    

 (عطر الورده ص 24)

عارف باالله سيد عبداللطيف ڀٽائي ߋ حضور ڪريم جي حسن کي بيان ڪندي فرمايو:

ساهـــڙ جــا سينگار اڻ لکيا اڳـــي هــئا

 نــڪا ”کُنۡ فَيَکُوۡنُ“ هئي نڪا ٻـــي پـــــچار

 مَــلڪِنِئَا مَهد هئي توڏي جــــي تنوار

محبت ساڻ ميهار، لايائين لطيف چئي

ــــــ

چوڏهين چنڊ اڀرين سهسين ڪرين سينگار

پلڪ پريان جي نه پڙين جي حيلا ڪرين هزار

جهڙو تــــون سـڀ ڄمار تهڙو دم دوست جو

ــــــ

سهسين سِجن اُڀري، چَوراسي چَــنڊن

باالله ريءَ پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان

ــــــ

چنڊ تنهنجي ذات ، پاڙيان نه پرين سان

تـــــون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو

ــــــ

چنڊ چــــوان حق جي وڙهين جـــي وچرين

ٻه اکيون ٽيون نڪ، تو ۾ ناههِ پرين جِـهو

ــــــ

کڻي نيڻ خمار سان ، جان ڪيائون ناز نظر

سورج شاخون جهڪيون ڪوماڻو قــــمر

تـــــارا ڪتيون تائب ٿيا ديکيندي دلــــــبر

جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين

ــــــ

اونـــداهي اڌ رات ۾ پرين پسايو پاڻ

چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاءِ ۾

                                                                                                                                              (شاهه جو رسالو سر کنڀات وغيره)

اهل السنة والجماعت جي برگزيده عالم، اعلى حضرت مجددِ دين و ملت الشاهه امام احمد رضا خان محدث بريلوي ߋ فرمايو:

تیرے ہی ماتھے رہا اے جان سہرا نور کا

بخت جاگا نور کا چمکا ستارا نور کا

ـــــ

بینی پر نور پر چمکا، رخشاں  نور کا

ہے لواء الحمد پر اڑتا پہریرا نور کا

ـــــ

تُو ہے سایھ نور کا ہر عضو ٹکڑا نور کا

سایھ کا سایہ نہ ہوتا ہے نہ سایہ نور کا

ـــــ

تیری نسل پاک میں ہے بچہ بچہ نور کا

تو ہے عینِ نور تیرا سب گھرانہ نور کا

(حدائقِ بخشش)

سنڌ سهڻيءَ جي نامور شخصيت علامه مخدوم عبدالغفور هُمايوني ߋ سرڪارِ دو عالم جي شان ۾ هي سهڻو شعر چيو آهي.

تنهنجي زُلف جي بَند ڪمند وِڌا، زنــــدان هــزارين مان نه رُڳــو

ڇـــا جِــنَ ملائڪ حُـــور پَــري، غِلمان هـــــزاريــن مـان نه رُڳـــو

ـــــــ

تنهنجي جَلوه جمال جي عِشوه گري، ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري

ڪئين ابرو تِيغ شهيد ڪيا، ڪئين ناز مَـــــــزيد مُـــريد ڪيا

رِي ناڻـــــي ديـد خــــريد ڪيا، سلطان هــــــــزارين مان نه رُڳـــــو

ـــــــ

اي ماههِ لقا محبــــوب مِٺا، تنهنجـــــــي ناز و اَدا تان جان فِـــــــدا

ٿيا دامــــــن گير امِـــــير، گـــــــدا، حـــــيران هـــزارين مان نه رُڳــــو

ـــــــ

ڪئين گهايل تنهنجــــــي گُهــور سَندا، مَخمور غَفور سُرور سَندا

تنهنجــــي نُور همئور ظـــــــــهور سَندا، نگـــران هزارين مان نه رُڳو

(سيفِ هُمايوني ص 14)

عاجز الفقير الي الله المغيث محمد ادريس الداهري شمائل جي سنڌي زبان ۾ شارح سرڪارِ دو عالم جن جي خدمت ۾ هن طرح عرض ڪيو آهي.

نعت شريف (1)

ٿلهه :  نه ٿيو آهي نه ڪو ٿيندو منهنجا منٺار تو جِهڙو

ساري دنيا جي سهڻن ۾ نه آ سردار تو جهڙو

ــــــ

بنايو بي مثل محبوب توکي آ مٺي مالڪ

تون آهين نور نرمل ڪونه آ ننگدار تو جهڙو

ــــــ

جنين ڪئي ٿي بُرائي تن سان تو بيحد ڀلائي ڪئي

گُھرين دشمن جي لئه دعائـــــون نه آ دلدار تـــو جِھڙو

ــــــ

ســــوا لک انبيائن ۾ نــــرالـــي ذات تنهنجــي آ

ڀـــلارا ســـڀ بلاشڪ پـــر نه آ پڳدار تـــــو جِــھڙو

ــــــ

ســـخي آهــين، نه سائل کي ڪڏهن محبوب موٽائين

نه ٿــــي سگهندو سخــي حاتم يتيمن  يار تــو جِــھڙو

ــــــ

جھلي جھولي اچــــي ”ادريس“ دلبر تنهنجــــي در بيٺو

تون لاهج ”ڏاهريءَ“ جــــا ڏک نه آ غمخوار تـو جِــھڙو

 

نعت شريف (2)

ٿلهه: منهنجي محبوب جو مَٽُ مِثل ڪونه آ جي نه ٿئي پڪ ڀلا

پيش ڪر پيش ڪر

سهڻي ننگدار نرمل نبي الهدى جھڙو ٻيو مصطفى پيش ڪر پيش ڪر

ـــــ

شان سهڻي جو ڏِس کولي قرآن ۾، هر سورة لٿل آ سندس شان ۾

ڪنهن جي چهري مبارڪ جي تعريف ۾،آ لٿي والضحى

پيش ڪر پيش ڪر

اهڙو دنيا تي ٻيو ڪونه انسان آ، ٿي جنهن جي حُسن تي خلق حيران آ

پُڄي يوسف نه سگهندو منهنجي پرينءَ سان، اهڙو ماهِ لقا

 پيش ڪر پيش ڪر

ٿي جُھڪي وڻن سجدا ڪيا جنهن اڳيان، ٿي ڀڄي جانور سام پيا جنهن اڳيان

جنهن جي صدقي ٿين مُعاف مشڪل مٺا، اهڙو مُشڪل ڪشا

 پيش ڪر پيش ڪر

هي سوا لک نبين جــو سرتاج آ، ماڻيو محبوب جيئن ڪنهن نه معراج آ

آسڄي خلق مان جنهن کي خالق گُھريو، اهڙو خير الورى

 پيش ڪر پيش ڪر

جي گھري دعا ته بادل پيا ڀرجي اچن، جنهن جي صدقي عذابن کان عاصي بچن

جي چوين ٿو ته تو جھڙو آهي نبي، تون به اهڙي دعا

پيش ڪر پيش ڪر

ڪري جنهن جو ذڪر عرش تي خود خدا، ٿيون حُورون فرشتا جنهين تان فِدا

جنهن جي نظرِ ڪرم ساڻ امت مٿان، ٿي دفع هر بلا، 

پيش ڪر پيش ڪر

جڏهن سائل ٿي سرڪار جي در اڳيان، سهڻي محبوب ماهِ منور اڳيان

ٿو ڪيان عرض ”ادريس“، چئي ٿو پرين، ڇا کپئي اي گدا

پيش ڪر پيش ڪر

 

هيءَ حديث ٻين محدثن آندي آهي ]1] الدارمي في سننہھ في المقدمة باب 10 في حسن النبي رقم الحديث 58 ج 1 ص 44 [2] البيهقي في الدلائل ج 1 ص 215 الطبراني في الاوسط کما في مجمع الزوائد ج 8 ص 279

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting