خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ايڪٽيهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي صِفَةِ شَرَابِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.
هي باب رسول الله جي پيئڻ وارين شين جي بيان ۾ آهي

 

سمجهاڻي: الشراب مان مراد پيئڻ واريون شيون آهن ۽ هن باب ۾ ٻه حديثون آهن.

 

}204}  حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي عُمَرَ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ مَعْمَرٍ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنْ عُرْوَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ أَحَبُّ الشَّرَابِ إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ الْحُلْوَالْبَارِدَ.قَالَ أَبُو عِيسٰى : هَكَذَا رَوَى سُفْيَانُ بْنُ عُيَيْنَةَ ، هَذَا الْحَدِيثَ ، عَنْ مَعْمَرٍ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنْ عُرْوَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ.وَرَوَاهُ عَبْدُ اللَّهِ بْنُ الْمُبَارِكِ ، وَعَبْدُ الرَّزَّاقِ ، وَغَيْرُ وَاحِدٍ ، عَنْ مَعْمَرٍ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مُرْسَلاً وَلَمْ يَذْكُرُوا فِيهِ عَنْ عُرْوَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ.وَهَكَذَا رَوَى يُونُسُ وَغَيْرُ وَاحِدٍ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مُرْسَلاً.قَالَ أَبُو عِيسٰى : إِنَّمَا أَسْنَدَهُ ابْنُ عُيَيْنَةَ مِنْ بَيْنِ النَّاسِ.

با محاوره ترجمو: حضرت عائشه g کان روايت آهي ته رسول الله جن کي پيئڻ جي سڀني شين ۾ مٺو ٿڌو پاڻي گهڻو وڻندو هو.

مفردات جو شرح:  ”الحلو“ مٺو، البارد ، ٿڌو.

سمجهاڻي: هن حديث مان واضح ٿيو ته سيدنا رسول الله جن کي ٿڌو ۽ مٺو پاڻي گهڻو پسند هوندو هو. ابو داؤد روايت آندي آهي ته سيدنا رسول الله جي پيئڻ لاءِ ”بيوت السقياء“ کان مٺو پاڻي آندو ويندو هو. ”السقياء“ مدينه منوره کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هڪ چشمو هو. محدثن ڀلارن فرمايو ته مٺو پاڻي گهرائڻ نه عياشي آهي نه زهد ۽ تقوى جي خلاف آهي پر پاڻي ۾ مشڪ وغيره ملائي ان کي خوشبودار بنائڻ کي امام مالڪ مڪروه چيو آهي ڇوته ان ۾ اسراف آهي، ۽ الله جي صالحن ٻانهن مٺو پاڻي پيتو آهي ۽ ان جي طلب به ڪئي آهي باقي کاري پاڻي جي پيئڻ ۾ ڪا فضيلت ناهي ۽ ان ڏانهن الله سبحانھ و تعالى اشارو به فرمايو آهي. وَمَا یَسْتَوِی الْبَحْرٰنِ٭ۖ ہٰذَا عَذْبٌ فُرَاتٌ سَآئِغٌ شَرَابُھ وَ ہٰذَا مِلْحٌ اُجَاجٌؕ (سورة فاطر آيت 12) ۽ ٻه سمنڊ برابر نه ٿا ٿين، هي مٺو آهي ان جو پيئڻ آسان آهي ۽ هي کارو ڪڙو آهي.) حضرت سيد، ابو الحسن الشاذليߋ فرمائيندو هو ته ”مان جڏهن مٺو پاڻي پيئندو آهيان ته دل جي وچ مان الله جو حمد ڪندو آهيان.“ ۽ هڪ قول آهي ته مٺي پاڻيءَ مان ان جي مراد ماکيءَ سان مليل پاڻي هوندو.“ ڇوته رسول الله جن کنڊ استعمال نه ڪئي آهي.

ماکيءَ ۾ شفا: ماکيءَ ۾ شفا به آهي جيئن الله جو فرمان آهي فِیۡھ شِفَآءٌ لِّلنَّاسِؕ (سورة نحل آيت 69) ( ان ۾ ماڻهن جي لاءِ شفا آهي) علامه ابن القيم ߋ فرمايو ته ”ماکيءَ ۾ صحت جا اهي اصول آهن جنهن جي سڃاڻپ ماهرن طبيبن کان سواءِ ٻئي کي نه هوندي آهي. بلاشڪ ماکيءَ جو پيئڻ ۽ آڱر سان چٽڻ بلغم کي زائل ڪندو آهي ۽ ماکي معده کي ڌوئي صاف ڪندي آهي ان جي سڻڀ کي ظاهر ڪندي، ان مان فضلات ڪڍندي ان کي معتدل بنائيندي ۽ ان جا بند ٿيل جزء کوليندي آهي ۽ ٿڌو پاڻي معده جي گرمي ختم ڪندو آهي ۽ بدن جي حفاظت ڪندو آهي ۽ بعض علماء فرمايو ته ”پاڻ ڪڏهن خالص کير پيئندا هئا ته ڪڏهن ان ۾ ٿڌو پاڻي ملائي پيئندا هئا ڇوته کير ڏهڻ مهل گرم هوندو آهي. ۽ اهي علائقا به گرم هئا ته ٿڌي پاڻي ملائڻ سان کير جي حرارت ختم ٿي ويندي هئي. هن باب ۾ آيل روايتن جو حاصل هي آهي ته ”مٺو، ٿڌو پاڻي رسول الله جن کي پيئڻ وارين شين ۾ وڌيڪ پسند هوندو هو. (جمع الوسائل ج 1 ص 246)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في ڪتاب الوليمة من سننھ الڪبرى باب 22 ذڪر الاشربة المباحة رقم الحديث 6844 ج 4 ص 190 {2} احمد في المسند ج 6 ص 38، 40 {3} ابنِ ابي حاتم في العلل ج 2 ص 36 {4} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 4516 ج 8 ص 14 {5} الحاڪم في المستدرڪ ج 4 ص 137

 

}205} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ قَالَ : حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ زَيْدٍ ، عَنْ عُمَرَ هُوَ ابْنُ أَبِي حَرْمَلَةَ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : دَخَلْتُ مَعَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَنَا وَخَالِدُ بْنُ الْوَلِيدِ عَلَى مَيْمُونَةَ فَجَاءَتْنَا بِإِنَاءٍ مِنْ لَبَنٍ ، فَشَرِبَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَأَنَا عَلَى يَمِينِهِ وَخَالِدٌ عَلَى شِمَالِهِ ، فَقَالَ لِي : الشَّرْبَةُ لَكَ ، فَإِنْ شِئِتَ آثَرْتَ بِهَا خَالِدًا فَقُلْتُ : مَا كُنْتُ لِأُوثِرَ عَلَى سُؤْرِكَ أَحدًا ، ثُمَّ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : مَنْ أَطْعَمَهُ اللَّهُ طَعَامًا ، فَلْيَقُلِ : اَللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِيهِ وَأَطْعِمْنَا خَيْرًا مِنْهُ ، وَمَنْ سَقَاهُ اللَّهُ عَزَّ وَجَلَّ لَبَنًا ، فَلْيَقُلِ : اللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِيهِ وَزِدْنَا مِنْهُ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابن عباس f کان روايت آهي ته آءُ ۽ خالد بن وليد d رسول الله جن سان گڏجي (پنهنجي ماسي) بيبي ميمونه g جي گهر وياسون ته بيبي ميمونه g کير جو ٿانءُ کڻي آئي. رسول الله جن اهو کير پيتو. آءُ (ابنِ عباس f ) پاڻ سڳورن جي ساڄي پاسي ۽ خالد بن وليد حضور ڪريم جن جي کاٻي پاسي ويٺل هئاسون.

پاڻ سڳورن فرمايو ته کير پيئڻ جو حق تنهنجو يعني ساڄي پاسي واري جو آهي جيڪڏهن گهرين ته اهو وارو خالد کي ڏين يا ان لاءِ قبول ڪرين. تنهن تي مون عرض ڪيو ته اوهان جي اوبر مبارڪ ٻئي ڪنهن کي ڏيڻ قبول نه ٿو ڪريان. پاڻ سڳورن فرمايو ته الله جنهن کي کاڌو کارائي ته هي دعا پڙهي:

اَللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِيهِ وَأَطْعِمْنَا خَيْرًا مِنْهُ

(ترجمو: اي الله ! هن ۾ اسان لاءِ برڪت عطا فرماءِ ۽ ان مان اسان کي ان کان به بهتر کاڌو کاراءِ.) ۽ جنهن کي الله کير پياري ته هيءَ دعا گهري :

اَللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِيهِ وَزِدْنَا مِنْهُ

(ترجمو : اي منهنجا الله! هن ۾ اسان لاءِ برڪت عطا فرماءِ ۽ هـــــن کان گهڻو ڏي.) پوءِ پاڻ سڳورن فرمايو ته” کير کان سواءِ ٻي اهڙي ڪا به شيءِ ڪانهي جيڪا کائڻ ۽ پيئڻ ٻنهي ۾ ڪم ڏئي.“

مفردات جو شرح : ”خالد بن وليدd مشهور صحابي آهي  . ”ميمونة“ هي حضرت حبيب ڪريم جي گهرواري مؤمنن جي ماءُ آهي ”اناء“ ٿانءُ. ”يمينہ“ رسول الله جن جي سڄي پاسي. ”شمالہ“ سندن کاٻي پاسي ”الشربة“ پيئڻ جو وارو. نمبر آثَرْتَ پنهنجو نمبر ٻئي کي ڏين.

سمجهاڻي: سيده ميمونه مؤمنن جي ماءُ، سيدنا رسول الله جي گهرواري، حارث جي نياڻي هئي. عبدالله بن عباس ۽ خالد بن الوليد f جي ماسي هئي. هي ٻئي ڀلارا سيدنا رسول الله سان گڏ سيده ميمونه جي گهر ويا ته اها سائڻ جوَن جو ٿانءُ ڀري آئي. پاڻ ڪريم جن ان مان پاڻي پيئڻ کان پوءِ پنهنجي ساڄي پاسي ويٺل (حضرت) ابنِ عباس f کي فرمايو ته ”اول پيئڻ تنهنجو حق آهي.“ ڇوته ساڄي پاسي کان ويٺل هو. ۽ هر سٺو ڪم ساڄي کان شروع ڪرڻ اولى ، انسب ۽ افضل آهي  پر جيڪڏهن تون ايثار ڪري پنهنجو وارو خالد کي ڏين ته ڀلي ڏي.“ ڇوته اهو عمر ۾ توکان وڏو آهي حضرت نبي ڪريم جن ائين فرمائي حضرت ابنِ عباس f کي درس ڏنو ته حق تنهنجو آهي پر وڏن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ به نهايت ڀلي شيءِ آهي انهن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. حضرت ابنِ عباس f عرض ڪيو ته يا رسول الله ! مان اوهان جي بچايل شيءِ تي ٻئي کي ترجيح نه ڏيندس.“ اوهان جو بچايل کير جيڪو مون کي هينئر ملي رهيو آهي اهو عظمى نعمت آهي اهو مان ٻئي ڪنهن کي به نه ڏيندس هي بچايل کير مون لاءِ بخت ۽ ڀاڳ آهي. حضرت ابنِ عباس f جو هي قول سندس عشق جي ڪمال ۽ غايت درجي جي محبت کي ظاهر ڪري رهيو  آهي ۽ حقيقت ۾ ايمان نالو ئي حضور ڪريم سان محبت ۽ پيار جو آهي. بعض شارحن لکيو آهي ته حضرت ابنِ عباس f جو مقصد هو ته مان ٿانوَ جي ان جاءِ تي چَپَ رکي پيان جنهن جاءِ تي حبيب ڪريم جا پاڪ چپ مبارڪ لڳا هئا ۽ اتي لڳل سندن چپن پاڪن جي آلاڻ مان فيض ۽ برڪت حاصل ڪيان. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته حضرت ابنِ عباس f ساڄي پاسي کان ويٺل هو. حضور ڪريم جن جو فرمان آهياَلَا يَمنَ فَا الَايمَنَ(رواه مالڪ و احمد واصحاب الستة عن انس) ساڄي کان پوءِ ساڄي کان (شروع ڪيو) ۽ هن حديث مان هي فائدو حاصل ٿئي ٿو ته ساڄي کان شروع ڪرڻ مستحب آهي.“ علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ساڄي کان شروع ڪرڻ، پيئڻ کان سواءِ کائڻ، ڪپڙن پائڻ وغيره ۾ به سنت آهي مجلس ۾ موجود وڏي کان فارغ ٿي پوءِ ساڄي کان ويٺل کي ڏجي ڀلي اهو ننڍو هجي ۽ کاٻي پاسي ويٺل وڏو ۽ ڀلو هجي. ابن حزم ته ان ترتيب کي واجب چيو آهي ۽ فرمايو اٿس ته ”ساڄي پاسي ويٺل جي اجازت کان سواءِ کاٻي پاسي ويٺل کي ڪجهه پيارڻ جائز ئي ناهي. الغرض ته نيڪيءَ جي ڪم ۾ ٻئي کي ترجيح نه ڏجي ته صحيح آهي. جيئن روايت آهي ته رسول الله جن جهاد ۾ نڪرڻ جي لاءِ پيءُ ۽ پُٽ ۾ ڪُڻو وڌو. ڪُڻو پُٽ جي حق ۾ نڪتو، پيءُ پُٽ کي چيو ته ”تون ايثار ڪر، مون کي جهاد ۾ وڃڻ جي لاءِ پنهنجو وارو ڏي.“ پُٽ کيس عرض ڪيو ته ”اي منهنجا پيءَ! ڪير ڪنهن کي جنت ڏيڻ جي لاءِ ايثار نه ڪندو.“ پوءِ رسول الله جن ان جي ڳالهه کي برقرار رکيو. حالانڪه والدين سان نيڪي ڪرڻ جو ڪيترو تاڪيد ڪيل آهي هن حديث مان هي فائدو به حاصل ٿئي ٿو ته ”جيڪڏهن ڪو ڪنهن عالم يا وڏي جي مجلس ۾ اچي مٿاهين جاءِ تي ويهي رهيو ته ان کي اتانهين ٻئي ڪنهن جي ويهڻ لاءِ نه اٿاريو ويندو ۽ بعد ۾ اچڻ واري کي جتي جاءِ ملي اتي ويهاريو ويندو. حبيب ڪريم جن جو فرمانِ عاليشان هي به آهي ته ”جنهن کي الله کاڌو کارائي ته اهو چوي اَللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِيهِ وَأَطْعِمْنَا خَيْرًا مِنْهُ“، (اي الله ! اسان کي هن ۾ برڪت وجهي ڏي ۽ اسان کي هن کان به ڀلو کاراءِ) ظاهر آهي ته کائڻ وارو اهي الفاظ چوي ڇو نه اڪيلو هجي يا عورت هجي. حديث شريف ۾ آيل الفاظ جي رعايت ڪري ۽ جمع جو صيغو عام مسلمان ڀائرن جي لحاظ سان چوي. ته اهي به ان ۾ شامل رهن. ۽ پاڻ سڳورن فرمايو: ”جنهن کي الله کير پياري اهو (دعا جا هي الفاظ چوي) اَللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِيهِ وَزِدْنَا مِنْهُ (اي منهنجا الله! اسان جي لاءِ هن ۾ برڪت وجهه ۽ اسان کي ان مان وڌائي ڏي) ۽ هن ۾ ائين نه فرمايائون تهوَاسۡقِنَا خَيۡرًا مِّنۡهُ (اسان کي ان کان ڀلو پيار) ڇوته ڪابه پيئڻ واري شيءِ کير کان وڌيڪ ڀلي ناهي. راوي فرمايو ته ان کان پوءِ رسول الله جن ارشاد فرمايو ته :”ڪابه شيءِ کير کان سواءِ ناهي جيڪا کائڻ ۽ پيئڻ جي ٻنهي جي جاءِ تي هجي.“ کير بُک به لاهي ٿو ته اڃ به ختم ڪري ٿو. ۽ هن حديث مان اهو به ثابت ٿيو  ته ٻيون پيئڻ واريون شيون کير جو مقام نه ٿيون رکن. ۽ کائڻ، پيئڻ مهل دعا ۾ حڪمت هيءَ آهي ته ظاهر ڪيو وڃي ته ”هي سڀ الله جو ڪرم آهي. ٻئي جو هن ۾ دخل ناهي.“

حديث شريف جي سند تي ڪلام: هنن ٻن حديثن کي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ محدث ترمذي ߋ ”قال ابو عيسى “ چئي هنن سان متعلق ڪجهه بحث لکيو آهي ته پهرين حديث هن نموني سفيان بن عيينه، معمر کان، نبي ڪريم کان مرسلًا آندي آهي انهن عن عروة، عن عائشه کان به آندو آهي ۽ يونس وغيره به اهڙي طرح زهري کان، نبي ڪريم کان مرسلًا آندي آهي. ابو عيسى ߋ (پاڻ محدث ترمذي) فرمايو ته هيءَ حديث ماڻهن مان سند سان ابنِ عيينھ ߋ آندي آهي. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته هن مان معلوم ٿيو ته ابنِ عيينھ واري روايت اسناد جي لحاظ سان غريب آهي جو اهو ان روايت ۾ منفرد آهي ۽ روايت جو غريب هجڻ ان جي لاءِ نقصان ڏيندڙ ناهي ۽ اهو حديث جي صحت ۽ حسن هجڻ جي منافي ناهي، ان جي ڪري جمهور محدثن جو مذهب آهي ته مرسل حديث حجت آهي ۽ امام شافعي ߋ جو مذهب به اهو آهي پر تڏهن جڏهن اها مرسل حديث متصل سان تائيد ڪيل هجي ۽ شمائل جي مصنف جي اشاري جو حاصل هي آهي ته ”مرسل سند کان وڌيڪ صحيح (اصح) آهي جيئن جامع ترمذي ۾ آندو اٿس ته ”والصحيح ماروي عن الزهري عن النبي مرسلًا“ انتهي. ۽ هن باب ۾ آندل ٻي حديث جي متعلق فرمايو اٿس. ”ابو عيسى ߋ چيو ته ”ميمونه بنت الحارث، رسول الله جي گهرواري، خالد بن وليد، ابنِ عباس“ ۽ يزيد بن الاصم جي ماسي هئي. رضي الله عنهم ۽ هن حديث جي علي بن زيد بن جدعان کان روايت ۾ ماڻهن (محدثن) جو اختلاف آهي هن کي هڪڙن علي بن زيد کان، ان عمر بن ابي حرمله کان آندو آهي ۽ هن کي شعبة علي بن زيد کان آڻي فرمايو ته عمرو بن حرمله کان آهي ۽ صحيح هي آهي ته اها روايت عمر بن ابي حرملھ کان آهي.

(المواهب شرح الشمائل ص 336، 337)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الاشربة باب 21 ما يقول اذا شرب اللبن رقم الحديث 3730 ج 3 ص 339 {2} النسائي في عمل الليوم والليلة باب ما يقول اذا شرب اللبن رقم الحديث 286، 287 ص 224، 225 بقصة الدعاء {3} ابنِ السني رقم الحديث 476 ص 139، 140 بقصة الدعاء فقط {4} احمد في المسند ج 1 ص 220 {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 179

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting