خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

تقريظ

ولي ابن ولي عالم ابن عالم ڪامل ابن ڪامل سيدي

حضرت مرشدي قبله محمد طاهر المعروف به سڄڻ سائين دامت برڪاتھم

پسو ۽ پروڙيو

نحمدهٗ و نصلي علٰي رسوله الکريم اما بعد!

اڄڪلهه ديني ڪتابن پڙهڻ جو شوق بنهه گهٽجي ويو آهي، چند فيصد خوش قسمت ماڻهو آهن جيڪي ديني ڪتابن پڙهڻ جو ذوق رکن ٿا، تن ۾ به اڪثريت انهن جي آهي، جيڪي روزاني اخبار جيان سرسري نموني ڪتاب پڙهي پنهنجي ديني مطالعي ۽ معلومات ۾ اضافي کي ڪافي سمجهن ٿا. حالانڪه ديني ڪتاب پڙهڻ مان اصل مقصد کي سمجهي ان کي عملي زندگي جو حصو بنائڻ گهرجي. خاص ڪري پيش نظر ڪتاب ”الفيوضات المصطفوية شرح الشمائل المحمدية“ ته آهي ئي عمل ڪرڻ جو ڪتاب. مذڪور ڪتاب ۾ علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري زيد عمره وعلمه محدث ترمذي جي لکيل عربي ڪتاب، الشمائل حضور نبي   ڪريم جي اسوهء حسنھ ھ کي سهڻي طرح سنڌي ٻولي جو ويس پهرائي بيان ڪيو آهي. شال الله سندس تحريري توڙي تقريري خدمتون قبول ڪرڻ فرمائي ۽ کيس صحتِ ڪامله سان نوازيندي سندس اولاد کي به اهو شوق ۽ ديني خدمت جو جذبو عطا ڪري. آمين! قارئين ڪرام کي گذارش آهي ته هن ڪتاب کي غور سان پڙهي حضرت حبيب ڪريم جي اٿڻ، ويهڻ، ڏيڻ وٺڻ،  پائڻ کائڻ ۽ پاڻ ڪريم جي حياتِ طيبه جي سمورن معمولات مبارڪه مطابق زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪن، اهو ئي اسان اهل اسلام لاءِ دين ۽ دنيا جو سرمايو آهي.

وَصَلَّي اللهُ تَعَاليٰ عَليٰ حَبِيۡبِهٖ سَيِّدِنَا وَمَولَانَا مُحَمَّدِ وَّعَلٰي اٰلِهٖ وَاَصۡحَابِهٖ اَجۡمَعِيۡنَ()

 

محمد طاهر بخشي

12 جمادي الاول 1432 هه

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting