خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

پنهنجي پاران

اَلۡحَمۡدُ للهِ الۡعَلِيِّ الۡعَظِيۡمِ وَالصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلٰي سَيِّدِنَا وَ مَوۡلَانَا مُحَمَّدِ ن النَّبِيِّ الۡکَرِيۡمِ وَعَلٰي  اٰلِهٖ وَصَحۡبِهِ الَّذِيۡنَ فَازُو َمِنۡهُ بِحَظِ جَسِيۡمِ اَمَا بَعۡدُ!

قارئين ڪرام جي خدمت ۾ عرض آهي ته : دنيا جا بادشاهه پنهنجي رعيت کان صرف مڃرائڻ جا طلبگار هوندا آهن. محبت جا نه هوندا آهن، پر بادشاهن جي بادشاهه رب العزت جل جلاله جو شان ائين ناهي اهو پنهنجي ٻانهن کان اطاعت سان گڏ پنهنجي ۽ پنهنجي محبوب عليه الصلٰـوة والسلام جي محبت جو به فرمان ڪندڙ آهي ۽ اها محبت به ايتري گهڻي جنهن جي اڳيان والدين، اولاد، عزيزن ۽ قريبن، دنيا، دولت، مڪانن، محلاتن سڀني جي محبت ڪجهه به حيثيت نه رکي جيئن هن شعر مان واضح آهي.

محمد (عليه الصلوٰة والسلام) ہے  متاع عالم و ایجاد سے پیارا

پدر ، مادر،  برادر،  جان  اور  اولاد  سے  پیارا

 

سورة توبھ جي آيت 24  قُلْ اِنۡ کَانَ اٰبَآؤُكُمْ وَاَبْنَآؤُكُمْ وَ اِخْوَانُكُمْ وَاَزْوَاجُكُمْ وَعَشِیۡرَتُكُمْ وَ اَمْوَالُۨ اقْتَرَفْتُمُوۡہَا وَتِجَارَۃٌ تَخْشَوْنَ کَسَادَہَا وَمَسٰکِنُ تَرْضَوْنَہَاۤ  اَحَبَّ  اِلَیۡكُمۡ مِّنَ اللھ وَرَسُوۡلِھ  وَجِہَادٍ فِیۡ سَبِیۡلِھ فَتَرَبَّصُوۡا حَتّٰی یَاۡتِیَ اللھ بِاَمْرِہٖؕ وَاللھ  لَا یَہۡدِی الْقَوْمَ الْفٰسِقِیۡنَ ﴿٪۲۴    ان فيصلي جي فرضيت ثابت ڪري رهي آهي ۽ محبت ۾ ڪمال تڏهن ثابت ٿيندو جڏهن پاڻ کي ڪجهه نه سمجهي الله جي بندگي ۽ ان جي سچي رسول حضرت محمد مصطفى جي دل سان غلامي اختيار ڪئي ويندي. اغيار جو توجهه نه رهي. دل ۾ صرف دلدار هجي جيئن ظهوري نالي شاعر فارسي شعر ۾ چيو آهي:

   شد است سينه ظهوري پراز محبت يار

برائے کينهء اغيار در دلم  جا نيست

 

يعني اي ظهوري!  منهنجو سينو يار جي محبت سان اهڙو ڀريل آهي، جو ٻين جي دشمنيءَ جي ان ۾ ڪابه جاءِ ناهي. ٻئي شاعر فارسي شعر ۾ ان حقيقت جو هن طرح اظهار ڪيو آهي.

بے حجابانہ  در ااندر  کاشانہ  ما

کہ کسے نيست بجز درد تو درخانہ ما

يعني اسان جي ڪاشانه ۾ حجاب کان سواءِ هليو آ جو تنهنجي درد کان سواءِ اسان جي گهر ۾ ڪير به ناهي. جيستائين محبت ۾ ڪمال پيدا نه ٿو ٿئي تيستائين حقيقي زندگي حاصل نه ٿي ٿئي. ان جي ڪري چيو ويو ته ”جنهن کي محبت ناهي ان جو ايمان ڪامل ناهي.“ نقشبندي سلسلي جي ڪامل ۽ مشهور ولي حضرت خواجه مظهر جان جانان ߋ جي والد محترم خواجه مرزا جان عليھ الرحمة والغفران جو فرمانِ عاليشان آهي ته : ”جنهن جي دل عشق جي سوز سان جڙيل ناهي ته ان جي طبيعت واري زمين انهيءَ محبت جي ٻج لاءِ صلاحيت نه ٿي رکي. رب العزت جل جلالھ جي رضا ۽ ان جي محبوب جي نظرِ عنايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مون به مالڪ مٺي کان سندس حبيب جي وسيلي سان دعا گهري ته : ”الشمائل المحمدية“ جو سنڌي زبان ۾ شرح لکان جيڪو خميس جي ڏينهن 2009ع تي شروع ڪري ۽ ان جو نالو الفيوضات المصطفوية شرح الشمائل المحمدية رکيو اٿم.

فللھ الحمد وله الشکر الوافي والصَّلٰوة والسّلام علٰي حبيبهِ الکريم الذي فيضه الشافي وللامة الجاري والساري والکافي.

 

وانا الفقير الي رحمة الله المغيث محمد ادريس الداهري

 السنّي مسلکا الحنفي مذهبا النقشبندي القادري

 الغفاري البخشي مشربا

 

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting