خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

تقريظ

حضرت علامه مولانا حبيب الرحمٰن گبول طاهري مدظلھ

(درگاهه االله آباد شريف ڪنڊيارو)

اِنَّ اللهَ اصۡطَفَاهُحَامِدًا ومصليًا ومسلما اَمَا بَعۡدُ!

 

”شمائل ترمذي“ حضور ڪريم، رؤف رحيم عليه الصلواة والتسليمات جي ذات با برڪات ۽ سندن جامع اوصاف و ڪمالات جي باري ۾ لکيل هزارين ڪتابن کان وڌيڪ مستند ۽ مقبول ڪتاب آهي. شمائل شريف جي موضوع تي عالم اسلام ۾ وڌ ۾ وڌ پڙهجندڙ ڪتاب امام محمد بن عيسى ترمذي قدس سره جو ”شمائل ترمذي“ ئي آهي نه معلوم دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ ڪيترين ٻولين ۾ ان جا ترجما ۽ شرح شايع ٿيا ۽ اڳتي به شايع ٿيندا رهندا. انشآءَ الله .سنڌي ٻولي ۾ به هن کان اڳ ”شمائل ترمذي“ جا ڪجهه ترجما ۽ شرح شايع ٿيا آهن پر منهنجي معلومات جي حد تائين ايترو معياري ، مستند، مفصل شرح سنڌي توڙي اردو ٻولي ۾ هن کان اڳ ڪڏهن شايع ڪونه ٿيو آهي جهڙو مفسر قرآن، خطيب اهلِ سنت ، عالمِ باعمل، فاضل بي بدل حضرت علامه و مولانا الحاج مفتي محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه ”الفيوضات المصطفوية شرح الشمائل المحمدية“ لکيو ۽ اڄ اوهان جي هٿن ۾ آهي.  هي حقيقت ڪنهن کان لڪل ڪين آهي ته هلندڙ دور ۾ علامه صاحب علمي توڙي عملي ميدان ۾ سنڌ ڌرتي جي محقق علماء جي پهرين صف ۾ نمايان نظر اچن ٿا ۽ اهو سڀ صدقو آهي ان حقيقي عشق، نسبت ۽ محبت جو جيڪو کين الله تبارڪ و تعالى سان ۽ ان جي حبيب ڪريم ۽ ڪامل مرشد حضرت سڄڻ سائين مدظل العالي جن سان حاصل آهي.

پاڻ پڪا مُوَحد، سچا سني، عاشق رسول ۽ مرشد ڪامل جا مقرب  ايترا جو مون پاڻ ڪيترائي دفعا مرشد ڪامل حضرت پير سهڻا سائين نور الله مرقده ۽ سندن نورِ نظر لختِ جگر پير سڄڻ سائين دامت برڪاتهم العاليھ ھکان مولانا محمد ادريس مدظلھ  جي تعريف ۽ توصيف ٻڌي آهي ۽ جڏهن پاڻ درگاهه شريف تي ايندا آهن ته حضرت صاحب جن خصوصي شفقت، محبت ۽ نيڪ دعائن سان کين نوازيندا آهن.

الله سائين هن اهل السنة والجماعت جي عالم باعمل کي علم و عمل ، فهم و عقل سان گڏ خوب صورت، خوب سيرت، سروقد، سماٽ جسم و جان ۽ مردانه وجاهت، رعب وتاب ۾ به پنهنجي هم عصر اڪثر علماء کان مٿانهون مقام عطا فرمايو آهي. ساڳي وقت انهن خوبين سان ڀرپور استفاده جي توفيق پڻ بخشي جو سندن ديني خدمتون به جهجهيون همه جهت مقبول خاص و عام آهن. برابر هن دور ۾ به اهل علم درس و تدريس ، تصنيف و تاليف توڙي وعظ و تقرير جي ذريعي سهڻي نموني ديني خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. الله اهل سنة جي اهڙن عالمن کي اڃان وڌائي پر جنهن جامع انداز ۾ علامه صاحب ڪم ڪيو آهي، آڱرين سان ڳڻڻ جيترا مس ملندا، جن هر ميدان ملهايو هجي، موصوف جي خدمات جو مختصر جائزو.

وعظ و تقرير :

 علامه صاحب جي زياده شهرت هڪ واعظ ۽ مقرر جــــي حوالي سان آهي، برابر خوش الحاني، شيرين زباني ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، فصاحت بلاغت، حاضر جوابي جون خوبيون پڻ منجهس موجود آهن پر سندن اصل سرمايو حضرت حبيب ڪريم ، سندس آل، اصحاب ۽ اولياءُ الله سان والهانه عشق و محبت ، ادب، علم ۽ عمل آهي. ” الله سائين اهل سنة جي اهڙن عالمن کي اڃان وڌائي آمين“ سندن پنجيتاليهه پنجاهه سالن جي خطابات جو اڀياس ڪجي ٿو ته سندن هر وعظ جو آخري نتيجو ۽ منتها، مقصد خوفِ خدا، عشقِ مصطفى ۽ شريعت ۽ سنت تي عمل کان سواءِ ڪجهه به ناهي سندن ڪلام ۾ مثالي تاثير جو سبب هي به آهي ته پاڻ فقط قول ۽ گفتار جا غازي نه آهن پر عمل ۽ ڪردار جا به غازي آهن نيڪي، تقوى، شب خيزي، ۽ ذڪر اذڪار ۾ به مستقل مشغول رهن ٿا.

تصنيف و تاليف:

علامه صاحب هن وقت تائين ڪيترا مفيد ۽ معياري ڪتاب لکيا آهن. وعظ و تقرير جيان علامه صاحب جي تصنيف و تاليف جو موضوع به قرآن ، سنت، ادب ۽ محبت رهيو آهي. سندن مشهور چند ڪتابن جا نالا (1) ”الدولة الڪبرى شرح اسماء الله الحسنى“ هن ڪتاب ۾ الله سائين جي 99 نالن سان هر هڪ اسم جي معنى ۽ تفصيلي شرح وضاحت سان بيان ٿيل آهي. هي ڪتاب علامه صاحب جي ابتدائي تصنيفات مان هڪ آهي، جنهن جي سٽ، اکر، اکر مان الاهي عشق و محبت محسوس ٿي رهي آهي.  (2) ”احسن التشريح لبردة المديح“ : رسول الله جي عشق و محبت سان ڀرپور عالم اسلام ۾ مشهور و معروف قصيده برده شريف جو سلوڻي سنڌي ۾ ترجمو ۽ تشريح (3) ترجمه وشرح قصيده امام ابو حنيفه d (4) ترجمه و شرح قصيده غوثِ اعظم، محبوب سبحاني سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني قدس سره (5) احسن التحقيق في سيرة الصديق d (6) تحفة الطلاب في سيرة عمر بن خطاب d (7) اوضح البيان في سيرة  عثمان بن عفان d (8) فتح القوي الغالب في سيرة علي بن ابي طالب d (9) سيرة سيده عائشه صديقه g (10) التحرير المقبول في اخبار اولاد الرسول  رضي الله عنهم : جنهن ۾ پاڻ دليلن سان ثابت ڪيو اٿن ته رسول الله جون پاڪ صلبي ۽ سڳيون نياڻيون چار آهن. (11) سيرة الحسنين امام حسن ، امام حسين f جا فضائل ۽ زندگيءَ جا احوال (12) سيرة بادشاهه بغدادي d (13) ڪرامات امام ربانيߋ  (14) محبوب ڪريم جون محبوب دعائون.        (15) ثبوت ختم النبوة  من القرآن والسنة“  (16) ”مجموعة الاشعار“ ٻه حصه : هي ڪتاب علامه صاحب جي شاعري جو شاهڪار ڪتاب آهي جنهن ۾ علامه موصوف حمدِ باري تعالى، نعت رسولِ مقبول ، مدحِ حضرات خلفاءِ راشدين و اهل بيت عظام ۽ ٻين صحابه ڪرام رضي الله عنهم، بزرگانِ دين خاص ڪري غوثِ اعظم ۽ پنهنجي پير و مرشد سڄڻ سائين مدظله ، پنهنجي استاد مولانا الحاج محمد اڪتڙائيߋ ۽ اڳئين زماني جي ڪامل بزرگن جي تعريف ۾ پڻ عاشقانه انداز ۾ شاعري ڪئي آهي. (17) ”احسن البيان في تفسير القرآن“ 9 ضخيم جلدن تي مشتمل قرآن شريف جو هي تفسير  جنهن جا ٽي چار ايڊيشن هن وقت تائين ڇپجي چڪا آهن. 80 جي لڳ ڀڳ تفسيرن جو مطالعو ڪري وڏي محنت ڪري علامه صاحب لکيو آهي هيترو جامع ۽ عام فهم تفسير سنڌي ٻولي ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿيو آهي ان حوالي سان سنڌي علم و ادب ۾ پڻ هن تفسير جو مٿانهون مقام آهي. سنڌ واسين اهل علم کي گهرجي ته ضرور هي تفسير خريد ڪري مطالعو ڪن ۽ پنهنجي لائبرين ۾ رکن جيئن ٻيا به ان مان لاڀ حاصل ڪن فقط هڪ اهل علم ئي نه هڪ معمولي لکيو پڙهيو ماڻهو به هن تفسير مان فيضياب ٿي سگهي ٿو ڇوته سندن انداز تحرير انتهائي آسان ۽ عام فهم آهي.

حجية حديث :

حضرت حبيب ڪريم جا فرمودات به حقيقت ۾ الله جا ارشادات آهن جو الله اِنۡ هُوَ اِلَّا وَحۡيُٗ يُوۡحَيٰ فرمائي سندن هر لفظ لفظ کي وحي الاهي چئي ان جي قطعي ۽ يقيني هجڻ تي مهر تصديق فرمائي آ ۽ ائين ڇونه هجي جو قرآن حديث کان بعد جنهن نموني رسول ڪريم جي ارشادات کي اصحاب ڪرام عليهم الرضوان ياد ڪيو ،لکيو ورجائي هڪٻئي کان پڇي ڪري روايت ڪري ٻين کي ٻڌايو. ترقي جي هن جديد دور ۾ به ڪنهن شخصيت جو قول يا علم نه اهڙي نموني محفوظ ٿي سگهيو آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو. صحابه ڪرام عليهم الرضوان کان بعد تابعين ، تبع تابعين ، فقه جي امامن ۽ حديث جي امامن جنهن انداز ۾ حديث شريف جي لفظن جي نشاندهي به ڪئي ۽ هڪ هڪ راوي جي حيثيت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ۽ اسماء الرجال جي عنوان سان انهن جو ذڪر ڪيو. راوي جي معمولي کان معمولي ڪمزوري جي وضاحت ڪئي. حديث شريف جي معياري هجڻ ۽ ان جي مستند ۽ مستقل حجت هجڻ لاءِ اهو ئي ڪافي آهي. علامه صاحب حجية حديث جي ان موضوع کي به اڻ پورو رهڻ نه ڏنو، مقدمه جي صورت ۾ ”فيوضاتِ مصطفويه“ جي منڍ ۾پڻ ان جو مفيد اضافو ڪري خاص ڪري اهلِ علم تي احسان عظيم ڪيو آهي، سندن ”محققانه بلڪه محدثانه“ تحقيق ڏسي دل ٺري پئي، بعض متعصب ماڻهو جن جو مقصد دينِ اسلام ۾ وڳوڙ وجهڻ کان سواءِ ڪجهه ناهي ۽ ڪي وري ڪم علم ۽ ساده ماڻهو انهن جي اثر هيٺ اچي حجية حديث جا انڪاري آهن يا گهٽ اهميت ڏين ٿا اميد ته اهي ٿڌي دل سان حق جا متلاشي ٿي هن مختصر ۽ جامع مقدمه جو مطالعو ڪندا ته پنهنجي غلط نظريي کان باز اچي ويندا. يَهۡدِيۡ بِهٖ مَنۡ يَّشَاءُ شال الله حضرت علامه الحاج محمد ادريس صاحب جي هن مفيد ڪتاب کي به اڳين ڪتابن جيان مقبوليت عطا فرمائي ۽ اهل سنڌ کي ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي توفيق بخشي.

 

اٰمِيۡن يَا رَب العٰلمِيۡنَ بِحُرمة ِالۡحَبِيۡب الۡاَمِيۡن عَلَيۡهِ وَعَلٰي اٰلِهٖ وَاَصۡحَابِه الصَّلٰوة وَالسَّلَامُ اِلٰي يَوم الدين.

 

الفقير حبيب الرحمٰن گبول طاهري عفي عنھ

14 جمادي الاولى 1432 هه

 

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting