خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ٽيهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي فَاكِهَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ

انهن حديثن جو باب جن ۾ رسول الله

جي ميون واپرائڻ جو بيان آهي

 

سمجهاڻي: ”الفاکهة“ ان ميوي کي چيو ويندو آهي جنهن جي کائڻ سان لذت ۽ مزو حاصل ڪيو ويندو آهي تازو هجي يا سڪل. جيئن انجير، گدرو، ڪشمش،تازي، کجور (ڏوڏا يا ڏنگ) ڏاڙهون وغيره. (المواهب شرح الشمائل ص 321) راغب اصفهاني فرمايو ته فاکهة سڀني ميون کي چيو ويندو آهي ۽ بعض جو قول آهي ته کجور ۽ ڏاڙهونءَ کان سواءِ باقي ميون کي فاکهة سڏيو ويندو هو گويا انهن قرآن مجيد جي سورة الرحمٰن جي آيت نمبر 28 فِیۡہِمَا فَاکِہَۃٌ  وَّ نَخْلٌ وَّ رُمَّانٌ ﴿ۚ۶۸ “ ڏانهن نظر ڪئي آهي. جو کجور ۽ ڏاڙهونءَ کي. فاکهة“ تي عطف ڪيو ويو آهي ۽ ان جي ڪري به جو کجور غذا آهي ۽ ڏاڙهون دوا آهي ۽ حضرت امام ابو حنيفه جو به اهو قول آهي. (جمع الوسائل ص 240)

 

}197} حَدَّثَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ مُوسٰى الْفَزَارِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا إِبْرَاهِيمُ بْنُ سَعْدٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَأْكُلُ الْقِثَّاءَ بِالرُّطَبِ.

با محاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن جعفر d چيو ته نبي ڪريم تازي کجور سان گڏ ونگو کائيندا هئا.

مفردات جو شرح : القثاء“ بادرنگ  ”الرطب“ تازي کجور، ڏوڏا، ڏنگ.

سمجهاڻي: شارحن سڳورن هن حديث جي شرح ۾ طبي نقطهء نگاه سان گهڻا تبصرا ڪيا آهن جيڪي پنهنجي جاءِ تي درست ۽ صحيح آهن. هن حديث شريف سان حضرت نبي ڪريم جن جو بادرنگ (يعني کيري) کي تازي کجور سان ملائي کائڻ ثابت آهي بادرنگ ٿڌو ۽ کجور گرم هوندي آهي. ٻنهي ۾ اعتدال پيدا ڪرڻ جي لاءِ حبيب ڪريم ملائي تناول فرمايو. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته بادرنگ ٿڌو، آلو، اڃ لاهيندڙ، فطري قوتن کي برپا ڪندڙ، گرمي ۽ حرارت کي وسائيندڙ ، مثاني وغيره جي سور کان نفعو ڏيندڙ آهي ۽ تازي کجور، گرم، معدي کي قوت ڏيندڙ آهي پر جلد بدبوءِ پيدا ڪندڙ آهي، ابو داؤد ۽ ابنِ ماجھ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان روايت آندي آهي ته منهنجي ماءُ مون کي بدن ۾ ٿلهو ڪرڻ جو ارادو ڪيو جو مان رسول الله وٽ ڪنوار ٿي وڃڻ واري هيس پوءِ کيس اهڙي ڪابه شيءِ ميسر نه ٿي تانجو مون کي بادرنگ ۽ تازي کجور کارايائين پوءِ مان وڻندڙ ٿولهه واري ٿيس.“ الغرض ته اهو صحت جو اصل ۽ علاج جو بنياد آهي. راويءَ کائڻ جي ڪيفيت بيان نه ڪئي آهي. طبراني ضعيف سند سان حديث آندي آهي ته عبدالله بن جعفر d فرمايو ته ”مون رسول الله جي سڄي هٿ ۾ بادرنگ ۽ کاٻي هٿ ۾ تازي کجور ڏٺي. ۽ پاڻ هڪ ڀيري هِنَ مان ته ٻئي ڀيري هُن مان کائي رهيا هئا ۽ حافظ عراقي روايت آندي آهي ته رسول الله جن بادرنگ لوڻ سان ملائي کائيندا هئا. (المواهب شرح الشمائل ص 322) علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ”کائڻ مهل کاٻي هٿ واري به ساڄي هٿ ۾ آڻي کائيندا هئا. کاٻي سان نه کائيندا هئا. طبراني واري مذڪور روايت جي اها مراد آهي. علامه نووي ߋ لکيو ته ان مان ثابت ٿيو ته ٻه طعام گڏي کائڻ يا کاڌي ۾ ڪشادگي ڪرڻ جائز آهي. ان جي جواز ۾ علماء ۾ اختلاف ناهي ۽ بعض علماء کان جو ان جي ڪراهيت نقل ڪيل آهي ان مان مراد اها عادت بنائڻ آهي ۽ قرطبيߋ فرمايو ته هن حديث مان اهو به ثابت آهي ته کاڌي کائڻ ۾ کاڌل شين جي صفتن ۽ طبيعتن جي رعايت ڪرڻ ۽ انهن جو طبي اصول تي لائق نموني استعمال ڪرڻ جائز آهن ۽ ٻه شيون هڪ وقت کائڻ هن حديث مان ثابت آهن جيڪا ابو داؤد ۽ ابن ماجھ آندي آهي ته حضرت نبي ڪريم جن تشريف فرما ٿيا ته سندن خدمت ۾ مکڻ ۽ کجور پيش ڪيا ويا ۽ پاڻ انهن کي پسند ڪندا هئا. (جمع الوسائل ج 1 ص 240)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب الاطعمة باب 39 رقم الحديث 5440 ج 9 ص 564 {2} مسلم في ڪتاب الاشربة باب 23 اکل القثاء بالرطب رقم الحديث 2043 ج 3 ص 1616 {3} ابن ماجھ في ڪتاب الاطعمة باب 37 رقم الحديث 3325 {4} احمد في المسند ج 1 ص 203 {5} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 6798 ج 12 ص 171.

 

}198} حَدَّثَنَا عَبْدَةُ بْنُ عَبْدِ اللَّهِ الْخُزَاعِيُّ الْبَصْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَاوِيَةُ بْنُ هِشَامٍ ، عَنْ سُفْيَانَ ، عَنْ هِشَامِ بْنِ عُرْوَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ يَأْكُلُ الْبِطِّيخَ بِالرُّطَبِ.

با محاوره ترجمو: حضرت سيده عائشھ g کان روايت آهي ته پاڻ سڳورا تازي کارڪ سان گڏ ڇانهين (يعني هنداڻو) کائيندا هئا.

مفردات جو شرح : البطيخ“ گدرو (با جي زير سان صحيح آهي با جي زبر سان غلط آهي.

سمجهاڻي: بطيخ جي ترجمي ۾ اختلاف آهي بعض جو قول آهي ته ان جي معنى گدرو آهي ۽ بعض جو قول ته ان مان مراد ڇانهين آهي. علامه علي قاري ߋ فرمايو ته صحيح معنى ڇانهي (يعني هنداڻو) آهي ڇوته اها ٿڌي آهي ۽ کجور جي گرمي کي معتدل ڪري ٿي. ابو داؤد ۽ ترمذي روايت آندي آهي ته نبي ڪريم جن ڇانهين کي رطب، تازي کجور سان ملائي کائيندا ۽ فرمائيندا هئا ” هن جي گرمي هُن جي ٿڌاڻ کي کڻي ٿي ۽ هن جي ٿڌاڻ هِن جي گرمي کي کڻي ٿي. ۽ جيڪڏهن گدرو مراد ورتو ويندو ته پوءِ اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته گدري جي ٿڌاڻ تيستائين آهي جيستائين اهو ڪچو آهي پڪي ٿيڻ کان پوءِ اهو به گرم ٿي وڃي ٿو.“ ۽ هن مان به اهو ثابت ٿئي ٿو ته سيدنا رسول الله جن کائڻ ۾ طعام جي صفات جو خيال رکندا هئا ۽ طب جي قانون ۽ اصول مطابق استعمال ڪندا هئا. (المواهب شرح الشمائل ص 323)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في ڪتاب الوليمة من سننھ الڪبرى باب 56 الرطب رقم الحديث 6723 ج 4 ص 166 {2} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 2894 ج 11 ص 329 {3} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 186.

 

}199} حَدَّثَنَا إِبْرَاهِيمُ بْنُ يَعْقُوبَ قَالَ : حَدَّثَنَا وَهْبُ بْنُ جَرِيرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبِي قَالَ : سَمِعْتُ حُمَيْدًا ، أَوْ قَالَ : حَدَّثَنِي حُمَيْدٌ - قَالَ وَهْبٌ : وَكَانَ صَدِيقًا لَهُ - عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَجْمَعُ بَيْنَ الْخِرْبِزِ وَالرُّطَبِ.

با محاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته مون پاڻ سڳورن جن کي ڏٺوته هنداڻو تازي کارڪ سان گڏ کائيندا هئا.

مفردات جو شرح: ساڳيو آهي.

سمجهاڻي: رسول الله جن کان ٻه مٺيون شيون گرم مزاج ۽ سرد مزاج واريون ملائي کائڻ ثابت آهي. هتي به اهڙو ذڪر آهي. ٻيو ته جيڪڏهن گدرو گهٽ مٺو هوندو ته کجور جي ملائي کائڻ سان ان ۾مٺاڻ پيدا ٿيندو ۽ کائڻ ۾ لذيذ لڳندو. جيئن اسان وٽ ڦڪي گدري ۾ کنڊ ملائي مٺو ڪري کائيندا آهن.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} النسائي في ڪتاب الوليمة من سننھ الڪبرى باب 59 رقم الحديث 6726 ج 4 ص 167 {2} احمد في المسند ج 3 ص 142 {3} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 185، 186 {4} البيهقي في الشعب ج 5 ص 112 {5} الضياء في المختارة  ج 2 ص 86، }6} ابنِ سعد في الطبقات ج 1 ص 393.

 

}200} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ يَحْيٰى قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ عَبْدِ الْعَزِيزِ الرَّمْلِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ يَزِيدَ بْنِ الصَّلْتِ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ إِسْحَاقَ ، عَنْ يَزِيدَ بْنِ رُومَانَ ، عَنْ عُرْوَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَكَلَ الْبِطِّيخَ بِالرُّطَبِ.

با محاوره ترجمو: حضرت عائشه g کان روايت آهي ته بيشڪ پاڻ ڪريم تازي کارڪ سان گڏ گدرو کائيندا هئا.

مفردات جو شرح: ساڳيو آهي.

سمجهاڻي: هن حديث جي سمجهاڻي به مٿي مذڪور ساڳي آهي ۽ هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي انهن جو ذڪر حديث نمبر 198 جي تخريج ۾ لکيل آهي.

 

}201}  حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ ، عَنْ مَالِكِ بْنِ أَنَسٍ ، ( ح ) وَحَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُوسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنٌ قَالَ : حَدَّثَنَا مَالِكٌ ، عَنْ سُهَيْلِ بْنِ أَبِي صَالِحٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : كَانَ النَّاسُ إِذَا رَأَوْا أَوَّلَ الثَّمَرِ جَاءُوا بِهِ إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، فَإِذَا أَخَذَهُ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : اَللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِي ثِمَارِنَا ، وَبَارِكْ لَنَا فِي مَدِينَتِنَا ، وَبَارِكْ لَنَا فِي صَاعِنَا وَفِي مُدِّنَا ، اللَّهُمَّ إِنَّ إِبْرَاهِيمَ عَبْدُكَ وَخَلِيلُكَ وَنَبِيُّكَ ، وَإِنِّي عَبْدُكَ وَنَبِيُّكَ ، وَإِنَّهُ دَعَاكَ لِمَكَّةَ ، وَإِنِّي أَدْعُوكَ لِلْمَدِينَةِ بِمِثْلِ مَا دَعَاكَ بِهِ لِمَكَّةَ وَمِثْلِهٖ مَعَهُ قَالَ : ثُمَّ يَدْعُو أَصْغَرَ وَلِيدٍ يَرَاهُ فَيُعْطِيهِ ذَلِكَ الثَّمَرَ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته جڏهن ماڻهو ڪو نئون يا تازو آيل موسمي ميوو ڏسندا هئا ته اهو برڪت خاطر پاڻ سڳورن جن جي خدمت ۾ کڻي ايندا هئا. تڏهن پاڻ سڳورا اهو ميوو وٺي هي دعا گهرندا هئا.

اَللّٰهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِي ثِمَارِنَا ، وَبَارِكْ لَنَا فِي مَدِينَتِنَا ، وَبَارِكْ لَنَا فِي صَاعِنَا وَفِي مُدِّنَا ، اللَّهُمَّ إِنَّ إِبْرَاهِيمَ عَبْدُكَ وَخَلِيلُكَ وَنَبِيُّكَ ، وَإِنِّي عَبْدُكَ وَنَبِيُّكَ ، وَإِنَّهُ دَعَاكَ لِمَكَّةَ ، وَإِنِّي أَدْعُوكَ لِلْمَدِينَةِ بِمِثْلِ مَا دَعَاكَ بِهِ لِمَكَّةَ وَمِثْلِهِ مَعَهُ

(ترجمو: اي الله ! اسان لاءِ اسان جي ميون ۾ برڪت فرماءِ ۽ اسان جي شهر مديني ۾ برڪت فرماءِ ۽ اسان جي ماپ ٽوئي ۽ پاٽيءَ ۾ برڪت فرماءِ. اي الله! بيشڪ ابراهيم عليه السلام تنهنجو ٻانهو، تنهنجو دوست ۽ تنهنجو نبي هو ۽ بيشڪ آءُ به تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجو نبي آهيان. اُن توکان مڪي شريف لاءِ دعا گهري هئي ۽ آءُ توکان مديني شريف لاءِ دعا گهران ٿو، جيتري انهيءَ توکان مڪي شريف لاءِ دعا گهري هئي مان توکان مديني جي لاءِ اوتري دعا گهران ٿو ۽ اوتري ٻي دعا به گهران ٿو.)

راوي چوي ٿو ته پوءِ پاڻ سڳورا جنهن به ننڍي ٻار کي ڏسندا هئا ته ان کي سڏي اهو نئون ميوو ڏئي ڇڏيندا هئا.

مفردات جو شرح : صاع“ ٽويو. ”مد“ عرب ۾ ماپ ڪرڻ جو هڪ ذريعو ”ح“ سند جي تحويل جو نشان.

سمجهاڻي: حضرت ابو هريره d فرمايو ته ”جڏهن به ڪو نئون ميوو لهندو هو ته صحابه ڪرام رضي الله عنهم اهو پاڻ ڪريمن جي خدمت ۾ کڻي ايندا هئا ته محبوب ڪريم ان ۾ برڪت جي دعا ڪن. پاڻ سڳورا ان ۾ برڪت جي لاءِ حديث ۾ مذڪور دعا ڪندا هئا ۽ هن مان معلوم ٿيو ته حضرات صحابه ڪرام رضي الله عنهم حضور ڪريم جي دعا تي ڪيترو يقين رکندا هئا. نبي ڪريم جن حضرت ابراهيم علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي مڪه مڪرمه لاءِ گهريل دعا جو ذڪر ڪندي مدينه منوره جي لاءِ ان کان ٻيڻي برڪت گهري. جيڪا اڄ تائين ظاهر آهي ۽ صحابه ڪرام جي ان طريقي کي ذهن ۾ رکندي اڄ به سني، حنفي مسلمان حضرات اولياءِ ڪرام ۽ علماءِ عظام وٽ فروٽ وغيره دعا طلبي لاءِ کڻي ويندا آهن. حضرت حبيب ڪريم جن نئين ميوات لهڻ ۽ سندن خدمت ۾ پيش ڪرڻ مهل الله حقيقي منعم ڏانهن متوجهه ٿيندي مزيد انعام جي لاءِ برڪت جي گهري.“ اي الله! اسان جي ميون ۾ برڪت پيدا ڪر ۽ اسان جي لاءِ اسان جي مدينه ۾ برڪت پيدا ڪر.“ جيڪا عام ان ۾ رهندڙن ۽ ميون ۽ سمورن نفعن تي مشتمل هجي (۽ اسان جي مُد ۾، هن مان مراد اهو طعام آهي جيڪو ماپ ڪيو ويندو هو. پوءِ ان مان مراد سندن عام قوت وارين شين ۾ برڪت آهي ڇوته اهي سندن معاشي امور ۾ اصل آهن ۽ ميون جو ذڪر اڳ ۾ ان جي ڪري ڪيائون جو وقت جي خواهش ۽ تقاضا اها هئي. ان کان پوءِان وقت ماپ ڪرڻ وارين شين جو ذڪر انهن جي اهميت جي ڪري ڪيو هيائون. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته حضرت نبي ڪريم جي ٽويي ۽ مُد کي مدينه منوره وارن ضايع ڪري ڇڏيو. الله ئي پنهنجي دين جو محافظ آهي. علامه موصوف لکيو آهي ته : مستحب آهي ته جنهن کي تازو ميوو لٿل ملي اهو الله جي بارگاهه ۾ هن برڪت واري دعا سان دعا گهري. علامه قاضي عياض ߋ فرمايو ته ”برڪت وڌڻ ۽ زيادتي جي معنى ۾ آهي ۽ ثبات ۽ لازم هجڻ جي معنى ۾ به هوندي آهي. ۽ هي احتمال به آهي ته حديث ۾ ذڪر ڪيل برڪت مان مراد ديني برڪت هجي ۽ دنياوي برڪت به مراد ٿي سگهي ٿي. بلڪه حضور ڪريم جي دعا سان مدينه منوره ۾ سڀ برڪتون موجود هيون، آهن ۽ قيامت تائين هونديون. حبيب ڪريم جن دعا ۾ عرض ڪيو ته ”اي منهنجا الله! بلاشڪ (حضرت) ابراهيم تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجو خليل ۽ تنهنجو نبي آهي ۽ مان تنهنجو ٻانهو ۽ تنهنجو نبي آهيان“ (حضرت حبيب ڪريم جن پنهنجي لاءِ خليل يا حبيب جو لقب پنهنجي رب جي اڳيان تواضع ۽ پنهنجي ڏاڏي جي ادب کي ملحوظ رکي نه چيو)” ۽ بلاشڪ ان (حضرت ابراهيم) توکان مڪه مڪرمه جي لاءِ دعا گهري ۽ مان توکان مدينه جي لاءِ اهڙي دعا گهران ٿو جيڪا ان توکان مڪه لاءِ گهري ۽ ان سان گڏ ان جو مثال به گهران ٿو.“ حضرت ابراهيم (علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) جي مڪه مڪرمه وارن لاءِ هيءَ دعا هئي. فَاجۡعَلۡ اَفۡئِدَةً مِّنَ النَّاسِ تَهۡوِيۡ اِلَيۡهِمَ وَارۡزُقُهُمۡ الثَّمَرَاتِ لَعَلَّهُمۡ يَشۡکُرُوۡنَ.“ پوءِ ماڻهن مان انهن جي دلين کي اهڙو بناءِ جو انهن (مڪه مڪرمه وارن) ڏانهن خواهش رکن ۽ انهن کي ميون مان رزق ڏي تان ته اهي شڪر ڪن.“ يعني انهن کي ميون مان اهڙو رزق ڏي جو انهن ڏانهن  پر انهن شهرن کان ڇڪجي اچن تان ته اهي ان نعمت جو شڪر ڪن جو انهن وٽ اهڙي وادي ۾ جتي نه ول آ نه وڻ آ نه پاڻي آ ميوا ڇڪجي اچن ٿا. الله حضرت ابراهيم علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي دعا قبول ڪئي ۽ جيئن چيائين تيئن ٿيو. فرمانِ الاهي آهي اَوَ لَمْ نُمَکِّنۡ لَّہُمْ حَرَمًا اٰمِنًا یُّجـبٰي اِلَیۡھ  ثَمَرٰتُ كُلِّ شَیۡءٍ رِّزْقًا مِّنۡ لَّدُنَّا وَلٰکِنَّ  اَكْثَرَہُمْ لَا یَعْلَمُوۡنَ ﴿۵۷ (سورة قصص آيت 57) (ڇا اسان انهن کي امن وارو حرم نه ڏنو جنهن ڏانهن هر شيءِ جا ميوا ڇڪي آندا وڃن ٿا اسان جي طرفان رزق ٿي. ۽ پر انهن مان اڪثر نه ٿا ڄاڻن.) علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ”مون کي پنهنجي عمر جو قسم آهي مدينه منوره لاءِ حضرت حبيب ڪريم جي دعا قبول ٿي ۽ ان ۾ ڀلائي ٻيڻي ٿي. خلفاءِ راشدين رضي الله عنهم جي دور ۾ زمين جي اوڀرن ۽ اولهن کان هر نعمت ڇڪجي آئي. ڪسرى، قيصر ۽ خاقان جا خزانا ڳڻڻ کان مٿي آيا ۽ آخري دور ۾ دين مدينه منوره ڏانهن ائين اچي پناهه وٺندو جيئن نانگ پنهنجي ٻر ۾ لڪي پناهه وٺندو آهي ۽ اها ئي ان جي حصي مان مراد آهي.ومثله معه ان جا ٻئي ضمير لِمِثۡلِ مَا دَعَاکَ ڏانهن ورن ٿا. ان کان پوءِ سمجهه ته ”خليل“ فاعل جي معنى ۾ ”الخلة“ (خا جي پيش سان) مان ورتل آهي. الخلة. اها صداقت ۽ محبت آهي جيڪا دل کي  چيري اندر داخل ٿي رهندي آهي. ۽ هي حضرت ابراهيم علٰي نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جي دل جي لحاظ سان صحيح آهي جو ان ۾ الله جي محبت اندر ۾ قرار پذير هئي ۽ اها ئي الله جي فرمان اِلَّا مَنْ اَتَی اللھ  بِقَلْبٍ سَلِیۡمٍ ﴿ؕ۸۹  (سورة شعراء آيت 89) جي معنى ۽ مراد آهي يعني اهڙو قلب جو غير الله جي محبت کان خالي هجي. ۽ هڪ قول آهي ته ”الخليل“ الخلة (خا جي زبر سان) کان ورتل آهي ان جي معنى آهي حاجت خليل جي معنى حاجتمند . جيڪو دنيا کان منقطع رهندي صرف الله سان حاجت جو اظهار ڪري ان تي ئي اعتماد ڪري پنهنجو وجود ان جي حوالي ڪري ڇڏي تان جو جڏهن باهه ۾ اڇلائڻ وقت جبرائيل عليه السلام کيس مدد جي پيشڪش ڪندي عرض ڪيو ته اَلَکَ حَاجَةُٗ؟ ڇا تنهنجي ڪا حاجت آهي ته ان کي جواب ۾ فرمايائين اَمَّا اِلَيۡکَ فَلَا پر تو ڏانهن ته ڪا حاجت ناهي . جبريل عليه السلام وري کيس عرض ڪيو ته فَا سَاَلۡ رَبَّکَ پوءِ پنهنجي رب کي عرض ڪيو ته پاڻ فرمايائونکَفَي عِلمُھَ بِالۡحَالِ عَنِ السُّوَالِ بِالۡمَقَالِ ان جو (منهنجي) حال کي ڄاڻڻ قول سان سوال ڪرڻ کان ڪافي آهي. ۽ حضرت رسول الله جن پنهنجي خليل هجڻ کي دعا ۾ بيان نه ڪيو حالانڪه پاڻ به الله جا خليل آهن (جيئن هن جاءِ کان سواءِ نص سان فرمايو اٿن (بلڪه پاڻ خليل کان به ارفع ۽ اعلى محبوبيت جي مقام سان مخصوص آهن جيڪو خليل کان بلند ۽ بالا آهي. ڇوته پاڻ دعا جي مقام ۾ هئا جنهن لاءِ تواضع ۽ انڪساري مناسب ۽ لائق آهي پاڻ تمدح ۽ افتخار جي  مقام ۾ نه هئا. پاڻ ڏاڏي سائين جو ادب ڪنديوَمِثۡلَھ مَعَهٗ جي لفظ سان  پنهنجي محبوبيت ڏانهن به اشارو ڪري ڇڏيو هيائون. حضرت ابو هريره d فرمايو ته ان کان پوءِ پاڻ ڪنهن ننڍي ٻار کي ڏسندا هئا ته اهو تازو ميوو ان کي ڏئي ڇڏيندا هئا. ڇوته ٻار ان سان گهڻي رغبت رکندا آهن. ۽ پاڻ اهو ان جي ڪري نه کائيندا هئا جو پاڪ نفس، صاف اخلاق جا صاحب هئا! هي عام ٿيڻ کان پوءِ کائيندا  آهن تان ته هر ڪو انهن سان محظوظ رهي.

فائدو : علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته امت جو ان تي اجماع آهي ته مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره دنيا جي ساري ڌرتي کان ڀلا آهن ۽ ٽن امامن، امام اعظم، امام احمد بن حنبل، امام شافعي عليهم الرحمه وٽ مڪه مدينه کان ڀلو آهي ۽ امام مالڪ وٽ مدينه منوره  ڀلو آهي پر اهو اختلاف ان زمين جي ٽڪري کان سواءِ آهي جنهن ۾ رسول الله مزار مبارڪ ۾ آرام فرما آهي باقي اهو ٽڪرو مبارڪ ته آسمانن، زمينن سڀني کان ڀلو آهي ۽ مڪه مڪرمه جي نالي جي خاصن مان هي به آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جي نڪ مان رت وهي (نڪهير اچي) ته ان جي پيشاني تي لکجيمَکَّةُ وَسۡطُ الۡبِلَادِ وَاللهُ رَؤَفُٗ بِالۡعِبَادِ (مڪه مڪرمه شهرن جو وچ آهي ۽ الله ٻانهن سان مهربان آهي)  ته رت وهڻ بند ٿي ويندو. (المواهب شرح الشمائل ص 326) بعض علماء فرمايو ته جنهن ننڍي ٻار کي حضور ڪريم جن اهو ميوو ڏيندا هئا اهو سندن اهلبيت مان هوندو هو پر علامه علي قاري ߋ فرمايو ته اهو ضروري نه هو. اهو ننڍو ٻار اهل بيت مان هوندو هو يا ٻين مان پاڻ ان کي ڏئي ڇڏيندا هئا سندن اخلاقِ ڪريمه ۽ مزاج مبارڪ لاءِ مناسب به اهو آهي. (جمع الوسائل  ج 1 ص 244) ترمذي شريف جي روايت ۾ آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو :”جيڪڏهن مان ڪنهن کي خليل بنايان ها ته ابوبڪر کي بنايان ها پر محبت ۽ ايمان واري ڀائپي آهي ۽ خبردار اوهان جو صاحب الله جو خليل آهي“ هن ارشاد مان واضح ٿيو ته حضور ڪريم جن جي پاڪ قلب ۾ حضرت ابوبڪر سان ايمان واري ڀائپي هئي. ياد رکڻ گهرجي ته خلت سان محبت لازمي آهي محبت سان خلت جو هجڻ لازمي ناهي. ڇاڪاڻ ته خلت قلب جي وچ ۾ پيهي وڃي ٿي ان جي ڪري ان جو اثر قلب جي ٻاهرين پردن تي پهچڻ لازمي آهي مگر محبت قلب جي چوڌاري گهيرو ڪري فقط ان جي ٻاهرين پردن ۾ رهي ٿي ان جي ڪري، ان جي اثر جو قلب جي اندر پهچڻ ضروري ناهي. محبت ۽ خلة ۾ اهو ئي فرق آهي محبت وري ٻه قسم آهي.  (1) هڪ اها محبت جيڪا ٻاهران اچي صرف قلب جي پردن ۾ جاءِ وٺي ٿي. (2) ٻي اها محبت جيڪا خود خلت ته ناهي پر ان جو خلت سان ايترو تعلق آهي جو اها قلب جي پردن ۾ ٻاهر رهندي به دل جي اندر اثر انداز رهي ٿي. حضرت نبي ڪريم جن حضرت ابو بڪر، حضرت عمر، حضرت بيبي عائشه صديقه g، حضرت علي d ، ۽ حضرت سيده فاطمه زهراء g ۽ ڪيترن صحابن سان محبت جو اظهار فرمايو آهي حضرت عمرو بن العاص d کان روايت آهي ته مون رسول الله جن کان عرض ڪري پڇيو ته مَنۡ اَحَبُّ النَّاسِ اِلَيۡکَ؟ قَالَ عَائِشَةُ . قُلۡتُ مِنَ الرِّجَالِ؟ قَالَ اَبُوۡهَا قُلۡتُ ثُمَّ مَنۡ؟ قَالَ عُمَرُ فَعَدَّ رِجَالًا فَسَکَتُّ مَخَافَةَ اَنۡ يَّجۡعَلَنِيۡ  فِيۡ اٰخِرِهِمۡ (بخاري) (اوهان کي ماڻهن مان وڌيڪ پيارو ڪير آهي؟ فرمايائون : ”عائشه“ مون عرض ڪيو ته مردن مان؟ فرمايائون ته ”ان جو پيءُ“ مون عرض ڪيو ته ان کان پوءِ ڪير؟ فرمايائون ”عمر“ پوءِ ڪجهه شخص ڳڻي ٻڌايائون. پوءِ مون ان خوف کان چُپ ڪئي ته متان مون کي آخر ۾ ڪن. بريدة d کان ٻي روايت آهي ته ”حضرت رسول الله جن جي عورتن مان وڌيڪ محبت فاطمه g سان ۽ مردن مان حضرت علي d سان هئي.“ (ترمذي) ام المؤمنين سيده عائشه کان به اهڙي روايت آيل آهي. انهن مختلف روايتن مان معلوم ٿيو ته سردارِ دو جهان، نبي آخر الزمان جي قلب اطهر ۾ انهن سڀني ڀلارن، ڀاڳ وارن جي محبت پنهنجي پنهنجي نموني سان موجود هئي. مگر حضرت ابو بڪر صديق d جي محبت حضرت نبي ڪريم جي قلب مبارڪ ۾ خُلت جي بدلي ۾ آهي باقي ٻين جي لاءِ سندن قلب مبارڪ ۾ صرف محبت آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جنهن جي ڪري حضرت ابو بڪر صديق d سڀني کان بارگاههِ نبوت ۾ مقرب ۽ بلند درجي تي رهيو جيئن الله حضرت نبي ڪريم جن لاءِ ”رؤف، رحيم (رافت ۽ رحمت وارو) فرمايو تيئن حضرت حبيب ڪريم حضرت ابو بڪر صديق d جي لاءِ فرمايو: اَرۡحَمُ اُمَّتِيۡ بِاُمَّتِي اَبُوۡ بَکۡرَ منهنجي امت مان منهنجي امت لاءِ وڌيڪ رحم وارو (يعني مهربان) ابو بڪر آهي.) رب العزت جل و علاشانه وري ارحم الراحمين (رحم ڪندڙن ۾ وڌيڪ رحم ڪندڙ) آهي سندس رحمت ٻانهن تي والدين جي رحم کان به وڌيڪ آهي. الله جي رحمت ۾ ”نقمة“ ٻانهي کي تڪليف ڏيڻ ناهي پر والدين واري رحم ۾ ڪڏهن تڪليف به هوندي آهي جو اهي مهربان هجڻ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن ٻار کي مارڪُٽ به ڪندا آهن پر ان جي لاءِ ٻي تڪليف کي برداشت به ڪندا آهن. ڀلي ان جي لاءِ ان ۾ ترقي ڇونه هجي ان جي ڪري ڪيترن ٻارن جي تعليم ۽ ترقي ماءُ جي آرکان اڻ پوري  رهجي وڃي ٿي. ايڏو تدبير جو نقصان سڀ رحمت تي نقمة جي غلبي کان آهي، ساڳئي وقت پيءُ جي به اولاد سان محبت گهڻي هوندي آهي پر اهو اولاد جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندڙ نظر اچي ٿو. پوءِ ڀلي ان ۾ ٻار کي دقت پهچندي رهي. ان مان معلوم ٿيو ته پيءُ جي رحمت تي نقمة غالب آهي پر الله اهڙو رحيم آهي جنهن جي رحمت نِقمَة کان بلڪل صاف آهي اهو ارحم الراحمين آهي ۽ هميشه پنهنجن ٻانهن لاءِ ٻنهي جهانن جي ترقيءَ ۽ ڀلائيءَ جو اول کان وٺي آخر تائين انتظام ڪري ڇڏيو اٿس ان جي لاءِ ئي الله انبياء ڪرام ۽ خاص طور تي حضرت حبيب ڪريم کي دنيا تي مبعوث فرمايو ۽ سندن شان ۾ فرمايائينوَمَاۤ  اَرْسَلْنٰکَ اِلَّا رَحْمَۃً  لِّلْعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۰۷ (سورة الانبياء آيت 107) يعني اسان اوهان کي جهانن تي رحم ڪندڙ ڪري لاءِ موڪليو آهي، اها رحمت عام آهي ۽ ٻي خاص رحمت بِا لۡمُؤمِنِيۡنَ رَؤفُٗ رَّحِيۡمُٗ ۾ بيان ٿيل آهي جيڪا خاص مؤمنن جي لاءِ آهي. اها ئي رحمت حضرت ابو بڪر ۾ سمايل هئي جنهن کي مذڪور حديث ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. رحمت هڪ اهڙي وصف آهي جيڪا الله جي خاص صفتن مان نقمة کان سواءِ صفت آهي جنهن جو بيان پاڻ الله ”ارحم الراحمين“ لفظن سان ڪيو آهي ۽ ان پنهنجي رحمت کي حضرت حبيب ڪريم جي صورت ۾ جهانن تي ظاهر ڪيو ۽ ان کان پوءِ حضرت ابو بڪر صديق d جي وجود کي امت جي لاءِ ” ارحم“ وڌيڪ رحم ڪندڙ بنايو، اها ئي ان ۾ موجود رحمت واري صفت هئي جنهن ان کي ”خلة“ جي صفت جي ويجهو ڪري ڇڏيو. جنهن سان حضور ڪريم جن هڪ طرف الله جا خليل آهن ته ٻئي طرف حضرت ابو بڪر صديق d کي رحمت واري فيض سان نوازي محبت سان مالامال  ڪري خلة جي ويجهو رکن ٿا. هن مان حضرت نبي ڪريم جي خليل هجڻ ۽ حضرت ابو بڪر صديق d جو بلا فصل خليفھ هجڻ  جو راز به واضح ٿيو.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} مسلم في ڪتاب الحج باب 85 فضل المدينة رقم الحديث 1373 ج 2 ص 1000 {2} النسائي في (عمل اليوم والليلة) رقم الحديث 302 ص 270. {3} ابن السني في عمل الليوم والليلة رقم الحديث 280 ص 88 {4} مالڪ في المؤطا ڪتاب الجامع باب 1 الدعاء للمدينة واهلها رقم الحديث 2 ج 2 ص 885. {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 210 مختصرًا {6} البغوي في شرح السنة حديث رقم 2012 ج 7 ص 316.

 

}202} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ حُمَيْدٍ الرَّازِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا إِبْرَاهِيمُ بْنُ الْمُخْتَارِ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ إِسْحَاقَ ، عَنْ أَبِي عُبَيْدَةَ بْنِ مُحَمَّدِ بْنِ عَمَّارِ بْنِ يَاسِرٍ ، عَنِ الرُّبَيِّعِ بِنْتِ مُعَوِّذِ بْنِ عَفْرَاءَ ، قَالَتْ : بَعَثَنِي مُعَاذُ بْنُ عَفْرَاءَ بِقِنَاعٍ مِنْ رُطَبٍ وَعَلَيْهِ أَجْرٌ مِنْ قِثَّاءِ زُغْبٍ ، وَكَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُحِبُّ الْقِثَّاءَ ، فَأَتَيْتُهُ بِهِ وَعِنْدَهُ حِلْيَةٌ قَدْ قَدِمَتْ عَلَيْهِ مِنَ الْبَحْرَيْنِ ، فَمَلَأَ يَدَهُ مِنْهَا فَأَعْطَانِيهِ.

با محاوره ترجمو: حضرت ربيع بنت معوذ g کان روايت آهي ته مون کي (منهنجي چاچي) معاذ بن عفراء d تازين کارڪن جو ٿانءُ ڀري ڏئي ان جي مٿان تازيون ونگيون رکي نبي پاڪ جن جي خدمت ۾ موڪليو. پاڻ سڳورا ونگين کي گهڻو پسند ڪندا هئا. پوءِ اهي سڀ حضور ڪريم جن وٽ کڻي آيس. ان وقت پاڻ ڪريم جي اڳيان بحرين کان آيل سون ۽ چانديءَ جا ڳهه رکيل هئا. پوءِ انهن زيورن مان هڪ مُٺ ڀري مون کي ڏنائون.

مفردات جو شرح: معاذ بن عفراء هي الربيع جو چاچو هو بقناع ۾ با متعدي ڪرڻ لاءِ آهي مصاحبت جي معنى تي به مشتمل آهي. قناع قاف جي زير سان ان ٿانوَ کي چئبو آهي جنهن ۾ کاڌو رکي کائبو آهي. ۽ هڪ قول مطابق اهو ٿانءُ جنهن تي کائڻ جي شيءِ رکي هديو ڪري موڪلي ويندي آهي ان کي قناع سڏيو ويندو آهي. ”اجر“ (همزه جي زبر جيم جي سڪون را تنوين واري جي زير سان) ۽ ان جو اصل آجر افلس وانگر آهي پوءِ واو کي يا سان بدلايو ويو ڇوته اهو چوٿون نمبر حرف آهي ۽ پيش کي ياء جي مناسبت جي ڪري زير سان مٽايو ويو. پوءِ قاض واري قانون سان ياء کي ڪيرايو ويو ۽ اهو جرو جو جمع آهي هر قسم جي ننڍي شيءِ کي حيوان هجي يا ٻي ڪا شيءِ اجر سڏيو ويندو آهي. ”ازغب“ پيش سان ۽ غين جي جزم سان ازغب جو جمع آهي، ازغب زا ۽ غين جي زبر سان جسم مان نڪرڻ وقت ننڍڙا وار. ان سان انهن وارن وانگر نظر اچڻ وارن بادرنگ جي مٿان ذرن کي سڏيو ويندو آهي. شمائل جي هڪ نسخي ۾ ”وعليه آخر“ ۽ ان تي ٻيو آهي. يعني هڪ بادرنگ جي مٿان  ٻيو بادرنگ رکيل هو. ”حلية“ (حا جي زبر سان يا زير سان ۽ لام جي جزم سان) سينگار جي سامان کي سڏيو ويندو آهي. چاندي هجي يا ڪا ٻي شيءِ ”البحرين“. بصره  ۽ عمان جي وچ ۾ ايريا آهي. نجد جي علائقي مان آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 328) قثاء“ ڪچيون ونگيون.

سمجهاڻي: هن حديث پاڪ مان معلوم ٿيو ته حضرات صحابه ڪرام عليهم الرضوان حضرت رسول الله جي ذاتِ عالي صفات کي جيڪو ميوو پسند هوندو هو. نئون لهندو هو ته سندن خدمتِ عاليه ۾ پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا هئا ۽ پاڻ ڪريم انهن جي ٿانوَ کي خالي نه موٽائيندا هئا. جيڪو ڪجهه سندن خدمت ۾ موجود هوندو هو ان ٿانوَ تي وجهي پوءِ واپس ڪندا هئا. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته وفيه دليل علي کمال کرمه و مروتھ و رعاية المناسبتةالتامة يعني ميون موڪلڻ واري عورت ڏانهن حضور ڪريم جن جو ٿانوَ ۾ زيورن جو موڪلڻ سندن ڪرم جي ڪمال ۽ ماڻپي تي دليل آهي ۽ زيورن جو بدلي ۾ موڪلڻ عورت جي رعايت سان پورو مناسب آهي. علامه مناوي ߋ لکيو آهي تهفيه عظيم سخائھ وجوده ورعايتھ کمال المناسبة ان ۾ سندن وڏي سخا ۽ جود ۽ مناسب ڪمال جي رعايت آهي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 245) الاتحافات الربانيھ جي مصنف علامه احمد عبدالجواد  الدومي به ائين لکيو آهي.                                       (انوارِ الغوثيہھ ص 269)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابن ابي الدنيا في مڪارم الاخلاق ص 96، 217 {2} البغوي في الشمائل رقم الحديث 368 ج 1 ص 288 {3} وفي شرح السنة رقم الحديث 2895 ج 11 ص 330 ، 331.

 

}203} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شَرِيكٌ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ مُحَمَّدِ بْنِ عَقِيلٍ ، عَنِ الرُّبَيِّعِ بِنْتِ مُعَوِّذِ بْنِ عَفْرَاءَ ، قَالَتْ : أَتيتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ بِقِنَاعٍ مِنْ رُطَبٍ وَأَجْرٍ زُغْبٍ ، فَأَعْطَانِي مِلْءَ كَفِّهِ حُلِيًّا أَوْ قَالَتْ : ذَهَبًا.

با محاوره ترجمو: حضرت بيبي ربيع g کان روايت آهي ته آءُ نبي ڪريم جن وٽ تازين کارڪن جو ٿانءُ ۽ ان جي مٿان تازيون ڪچڙيون ونگيون رکيل هيون کڻي ويس ته پاڻ سڳورن مون کي ڳهن يعني زيورن مان مُٺ ڀري ڏنائون يا چيائين ته ”سون مان مُٺ ڀري ڏنائون.“

مفردات جو شرح: ملاء“ ڀرجڻ جو قدر. ”کفہ“ پنهنجي تري، هٿ، ”حُلِيَّا“ حا جي پيش لام جي زير يا جي شد سان، ”اوقالت“ يا چيائين. او راوي جي طرفان شڪ آهي.

سمجهاڻي : هن حديث جي سمجهاڻي هن کان اڳئين حديث واري آهي جدا ناهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 6 ص 259 {2} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 185 {3} الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 694 ج 4 ص 273 {4} البيهقي في شعب الايمان ج 5 ص 106 {5} البغوي في الشمائل رقم الحديث 990 ج 2 639.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting