خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب چوٽيهون

 

بَابُ كَيْفَ كَانَ كَلاَمُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هي باب رسول الله جي گفتگو جي ڪيفيت بيان ڪرڻ بابت آهي

 

سمجهاڻي: الڪلام التڪلم ڳالهائڻ جي معنى ۾ مصدر آهي. مطلب هي آهي ته رسول الله جي گفتگو ڪهڙي هئي ۽ سندن ڳالهائڻ ۽ سمجهائڻ جو طريقو ڪيترو مناسب ۽ موزون هو؟ فصاحت ۽ بلاغت کي سندن ارشادات تي ناز هو. ۽ ڇونه هجي جڏهن ته سندن گفتگو کيوَمَا یَنۡطِقُ عَنِ الْہَوٰی  ؕ﴿۳  اِنْ  ہُوَ  اِلَّا  وَحْیٌ  یُّوۡحٰی  ۙ﴿۴    جو اعزاز حاصل هو.

{223} حَدَّثَنَا حُمَيْدُ بْنُ مَسْعَدَةَ الْبَصْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا حُمَيْدُ بْنُ الأَسْوَدِ ، عَنِ أُسَامَةَ بْنِ زَيْدٍ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنْ عُرْوَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَسْرُدُ سَرْدَكُمْ هَذَا ، وَلَكِنَّهُ كَانَ يَتَكَلَّمُ بِكَلاَمٍ بَيِّنٍ فَصْلٍ ، يَحْفَظُهُ مَنْ جَلَسَ إِلَيْهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عائشھ g کان روايت آهي ته رسول الله جن اوهان وانگر تڪڙو ۽ لاڳيتو نه ڳالهائيندا هئا. پر صاف ۽ جدا جدا ڳالهائيندا هئا، جيڪو وٽن ويٺل هوندو هو اهو ان کي ياد ڪري وٺندو هو.

مفردات جو شرح : ”سرْدَ جلدي، جلدي، تڪڙو ڳالهائڻ فَصْلٍ آهستي، آهستي، ڇني ڇني الفاظ ڳالهائڻ.

سمجهاڻي: سرڪارِ دو عالم جن نهايت سڪون ، اطمينان ، انتهائي تسلي ۽ تشفي سان ڳالهائيندا هئا. ڀلي نموني ڳالهه سمجهائيندا هئا ۽ جيئن گهڻن قابل ۽ سنجيده فردن جو طريقو هوندو آهي ان کان به اعلى طريقي سان اهڙي پياري گفتگو فرمائيندا هئا جو جيترا به صحابه ڪرام رضي الله عنهم مجلس ۾ موجود هوندا هئا اهي سندن ان حڪمت واري ۽ غور و فڪر سان ڀرپور گفتگو کي آساني سان ياد ڪري وٺندا هئا پاڻ عام ماڻهن وانگر تڪڙو تڪڙو نه ڳالهائيندا هئا جو ٻڌڻ وارو ياد ته نه ڪري سگهي پرسمجهي به نه سگهي.

محبوب ڪريم جي محبوب ٻولي: جيئن ته پاڻ ڪريمن جي ذات عالي صفات الله کي سڀني کان وڌيڪ محبوب  ۽ پياري آهي تيئن سندن ٻولي، عربي به الله کي پياري آهي محدث حاڪم صحيح سند چوندي روايت آندي آهي ته اِنَّ اَهۡلَ الۡجَنَّةِ يَتَکَلَّمُوۡنَ بِلُغَّةِ مُحَمَّدِ ِ يعني جنت وارا (حضرت) محمد () جي ٻولي عربي ڳالهائيندا.“ ۽ جامع صغير ۾ روايت آهي ته سيد المرسلين فرمايو اَحِبُّوا الۡعَرَبَ لِاَني عَرَبِيُّ وَالۡقُرۡاٰنُ عَرَبِيُّ وَکَلَامُ اَهَلِ الۡجَنَّةِ عَرَبِيُّ عرب سان محبت رکو ڇوته مان به يقينن عربي آهيان۽ قرآن عربي آهي ۽ جنت وارن جي ٻولي به عربي آهي.) ۽ هيءَ حديث طبراني، حاڪم ۽ بيهقي حضرت ابن عباس f کان روايت ڪئي آهي. (جمع الوسائل ج 2 ص 8 اشرف الوسائل الي فهم الشمائل ص 303)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابو داؤد في کتاب الادب باب (21) الهدي في الکلام حديث رقم 4839 ج 4 ص 261 {2} النسائي في عمل اليوم والليلة باب سرد الحديث رقم 413  ص 314    {3} احمد في المسند ج 6 ص 138 {4} البيهقي في سننھ ج 3 ص 207 {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 83 {6} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 375 {7} البغوي في الشمائل حديث رقم 333 ج 1 ص 265

{224 حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ يَحْيٰى قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو قُتَيْبَةَ سَلْمُ بْنُ قُتَيْبَةَ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ الْمُثَنَّى ، عَنْ ثُمَامَةَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ رَسُولُ  اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُعِيدُ الْكَلِمَةَ ثَلاَثًا لِتُعْقَلَ عَنْهُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله جن هر هڪ لفظ کي ٽي دفعا ورائي چوندا هئا ته جيئن ڳالهه چڱي طرح سمجهي وڃي.

مفردات جو شرح: ”يُعِيدُ ورائي ڳالهائيندا هئا. دهرائيندا هئا، تڪرار ڪندا هئا. ثَلاَثًا“، محذوف جو معمول آهي، اي يتکلم بها ثلاثا ٽي ڀيرا ساڳيو جملو ڳالهائيندا هئا. لِتُعْقَلَ عَنْهُ مجهول جي صيغي سان. اي تان ته اهو ڪلمو کانئن سمجهيو وڃي.

سمجهاڻي: مطلب ته سرڪارِ دو عالم ، محبوبِ معظم جن نهايت دلجمعي، اطمينانِ قلب ۽ پوري توجهه سان سامعين سان خطاب فرمائيندا هئا تان ته اعلى اوسط ۽ ادنى ذهن وارو سندن سهڻي خطاب لاجواب کي ذهن نشين ڪري ۽ ان مان مستفيض ۽ مستفيد رهي ۽ سندن احڪام ۽ ارشادات کي ذهن نشين ڪري چڱيءَ طرح محفوظ رکي ياد ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري. اهڙي طرح هر جملي کي ٽي ڀيرا دُهرائڻ مان ثابت ٿيو ته پاڻ پنهنجي امت تي ڪمال درجي جي شفقت ۽ عنايت فرمائيندا هئا. ۽ سندن صحابه ڪرام عليهم الرضوان هر هڪ حديث ياد ڪري بعد ۾ اچڻ وارن امتين تائين پهچائي ان کي انهن جي لاءِ مشعل هدايت بنايو آهي، بعض شارحن هي به لکيو آهي ته رسول الله جن جو ان طرح سان ڪلام فرمائڻ ان وقت تي محمول آهي جڏهن سندن مجلس ۾ گهڻي تعداد ۾ صحابه ڪرام عليهم الرضوان موجود هوندا هئا تان ته سمورا چڱي طرح ياد ڪن ۽ سمجهن يا اهڙي وقت تي محمول آهي جو ان جي سمجهڻ ۾ اشتباه ۽ التباس ٿيو هجي ته ان جملي کي ورائي ورائي چوڻ سان اهو دور ٿي ويندو هو. (انوارِ غوثيھ ص 295)

فائدو: علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته هن ۽ هن کان اڳين حديث مان معلوم ٿيو ته معلم (يعني پڙهائيندڙ) کي گهرجي ته پنهنجي ڪلام ۾ آهستگي رکي ۽ سامعين کي سمجهائڻ، ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ۽ ضرورت پوي ته اها ڳالهه ٽي ڀيرا ورائي ورائي ڪري تان ته ٻڌندڙ چڱيءَ طرح سمجهي ۽ ذهن نشين ڪري. (اشرف الوسائل ص 305) علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته : پاڻ سڳورن جو ٽن ڀيرن تي اقتصار ڪرڻ سمجهائڻ جي لاءِ هو ڇوته سمجهندڙن جا به ٽي درجا آهن اعلى، اوسط ۽ ادنى ۽ جيڪو ٽن ڀيرن سمجهائڻ سان به نه ٿو سمجهي اهو گهڻن ڀيرن سمجهائڻ سان به نه سمجهندو. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته پهريون  ڀيرو ٻڌائڻ جي لاءِ ٻيو خبردار ڪرڻ لاءِ ٽيون ان جي لاءِ ته هي نهايت آهي وڌيڪ بيان نه ڪيو ويندو. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 2 ص 9) علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته ٽي ڀيرا ساڳيو ڪلمو تڪرار ڪرڻ مان مراد آهي  جڏهن مقام جي تقاضا اها هوندي هئي يا معنى جي ڏکيائي جي ڪري يا معنى جي غرابت، عجيب هجڻ جي ڪري يا سامعين جي ڪثرت جي ڪري پر هميشه ائين نه هوندو هو ڇوته ضرورت کان سواءِ ڪلام جو تڪرار بلاغت کان ناهي. (المواهب شرح الشمائل ص 362)

هيءَ حديث ٻين هنن  محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب العلم باب 30 من اعاد الحديث ليفهم منه حديث رقم 94، 95 ج 1 ص 188 {2} الحاڪم في المستدرڪ ج 4 ص 273 {3} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 83 {4}  البغوي في الشمائل رقم الحديث 334 ، 2661 1 {5} و في شرح السنة رقم الحديث 141 ج 1 ص 204.

{225} حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ وَكِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا جُمَيْعُ بْنُ عُمَرَ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ الْعِجْلِيُّ قَالَ : حَدَّثَنِي رَجُلٌ مِنْ بَنِي تَمِيمٍ مِنْ وَلَدِ أَبِي هَالَةَ زَوْجِ خَدِيجَةَ يُكْنَى أَبَا عَبْدِ اللَّهِ ، عَنِ ابْنٍ لِأَبِي هَالَةَ ، عَنِ الْحَسَنِ بْنِ عَلِيٍّ قَالَ : سَأَلْتُ خَالِي هِنْدَ بْنَ أَبِي هَالَةَ ، وَكَانَ وَصَّافًا ، فَقُلْتُ : صِفْ لِي مَنْطِقَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مُتَوَاصِلَ الأَحْزَانِ دَائِمَ الْفِكْرَةِ لَيْسَتْ لَهُ رَاحَةٌ ، طَوِيلَ السَّكْتِ ، لاَ يَتَكَلَّمُ فِي غَيْرِ حَاجَةٍ ، يَفْتَتِحُ الْكَلاَمَ وَيَخْتِمُهُ بِاسْمِ اللَّهِ تَعَالٰى  وَيَتَكَلَّمُ بِجَوَامِعِ الْكَلِمِ ، كَلاَمُهُ فَصْلٌ ، لاَ فُضُولَ وَلاَ تَقْصِيرَ ، لَيْسَ بِالْجَافِي وَلاَ الْمُهِينِ ، يُعَظِّمُ النِّعْمَةَ ، وَإِنْ دَقَّتْ لاَ يَذُمُّ مِنْهَا شَيْئًا غَيْرَ أَنَّهُ لَمْ يَكُنْ يَذُمُّ ذَوَّاقًا وَلاَ يَمْدَحُهُ ، وَلاَ تُغْضِبُهُ الدُّنْيَا ، وَلاَ مَا كَانَ لَهَا ، فَإِذَا تُعُدِّيَ الْحَقُّ لَمْ يَقُمْ لِغَضَبِهِ شَيْءٌ حَتَّى يَنْتَصِرَ لَهُ ، وَلاَ يَغْضَبُ لِنَفْسِهِ ، وَلاَ يَنْتَصِرُ لَهَا ، إِذَا أَشَارَ أَشَارَ بِكَفِّهِ كُلِّهَا ، وَإِذَا تَعَجَّبَ قَلَّبَهَا ، وَإِذَا تَحَدَّثَ اتَّصَلَ بِهَا ، وَضَرَبَ بِرَاحَتِهِ الْيُمْنَى بَطْنَ إِبْهَامِهِ الْيُسْرَى ، وَإِذَا غَضِبَ أَعْرَضَ وَأَشَاحَ ، وَإِذَا فَرِحَ غَضَّ طَرْفَهُ ، جُلُّ ضَحِكِهِ التَّبَسُّمُ ، يَفْتَرُّ عَنْ مِثْلِ حَبِّ الْغَمَامِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت حسن بن علي f چيو ته مون پنهنجي مامي هند پُٽ ابو هاله d کان جيڪو نبي پاڪ جن جي سهڻي سيرت کان چڱي طرح واقف هو. پاڻ سڳورن جي ڳالهائڻ جي باري ۾ پڇيو. ان چيو ته رسول الله جن هميشه آخرت جي غم ۽ فڪر ۾ رهندا هئا. کين ڪا خوشي ڪانه هئي. پاڻ سڳورا گهڻو ڪري خاموش رهندا هئا ۽ ضرورت کان سواءِ نه ڳالهائيندا هئا. ڳالهائڻ ۾ منڍ کان آخر تائين هڪ جهڙي صاف، چٽي ۽ جامع ڳالهه ڪندا هئا. سندن ڳالهائڻ ۾ نه ڊيگهه هوندي هئي ۽ نه اڻپورو ڳالهائيندا هئا. پاڻ سخت طبيعت به نه هئا ۽ نه وري ڪنهن کي جهڻڪيندا هئا  ۽ نه خوار ڪندا هئا الله جي نعمت کي وڏو ڀائيندا هئا، توڙي ٿوري هجي ته به برو نه سمجهندا هئا. کاڌي پيتي جي شين مان عيب نه ڪڍندا هئا ۽ اجائي نيڪي به نه ڪندا هئا. پاڻ سڳورن کي دنيا ۽ ان جي مال متاع جو نقصان به ڪين رنجائيندو هو. پر جڏهن ڪو حق ڇڏي يا حد کان لنگهي ويندو هو ته سندن ڪاوڙ کي ڪابه شيءِ ٿڌو ڪري نه سگهندي هئي. جيسين پاڻ ان جو بدلو نه وٺندا هئا. باقي پاڻ سڳورا پنهنجي ذات لاءِ ناراض نه ٿيندا هئا ۽ بدلو به نه وٺندا هئا. ڳالهائڻ مهل سموري هٿ سان اشارو ڪندا هئا ۽ جي ڪنهن ڳالهه تي اچرج ڪندا هئا ته هٿ ڦيرائيندا هئا ۽ جي ڳالهائيندا هئا ته ساڄي هٿ جي تري کاٻي هٿ جي آڱوٺي جي اندرئين پاسي تي هڻندا هئا. جڏهن پاڻ سڳورا ڪاوڙبا هئا ته منهن مبارڪ موڙيندا يا ڦيريندا هئا. جڏهن خوش ٿيندا هئا ته اک مبارڪ پوريندا نظر، جهڪائيندا هئا. پاڻ سڳورن جو کلڻ گهڻو ڪري مشڪڻ هوندو هو. ان مرڪڻ سان سندن ڏند مبارڪ سفيد ۽ چمڪندڙ ڳڙن وانگر ڏسڻ ۾ ايندا هئا. 

مفردات جو شرح: ”وصافا گهڻي وصف بيان ڪندڙ، منطق گفتگو، ڳالهه ٻولهه متواصل الاحزان، هميشه غمگين رهندڙ. راحة چين، آرام. ”اشداق ڀريل منهن فصل جدا جدا واضح واضح. ”تقصير ڪوتاهي يا ڪمي ڪرڻ مُهِينِ حقير ، ڪمزور دقت ٿوري ٿي، سنهي ٿي. ذَوَّاقًا مزي وٺڻ لاءِ چکڻتعدي زيادتي ڪيو ويو، تجاوز ڪيو ويو. اشاح ڪاوڙ ڪيائين. ”غض“، بند ڪيائين جُلُّ تــعظيم ڪيل، بزرگ چــــيز، ڪماليَفْتَرُّ ظاهر ٿئي، کلي پوي حَبِّ داڻو. ”اَلْغَمَامِجهڙُ ، ڪڪر.

سمجهاڻي: هن حديث مان واضح ٿيو ته رسول الله جن هميشه غمگين ۽ دائمي فڪر ۾ رهندا هئا غالبًا خاموش رهندا هئا ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو سندن گهڻي تفڪر ۽ الله جي جلال، ڪبريا ۽ عظمت جي شهود ۾ مستغرق هجڻ جي ڪري هو ۽ اها ڪيفيت هميشه مغموم رهڻ ۽ راحت ۾ نه هجڻ جي تقاضا ڪري ٿي ڇوته قلب ۾ مذڪور ڪيفيت جو هميشه رهڻ ان ڳالهه کي لازم ڪري وٺي ٿو ۽ هڪ قول آهي ته کين دنياوي امور ۽ دنيا جي لذتن ۾ دنيادارن  وانگر راحت نه ملندي هئي جيئن هن مراد ڏانهن حديث مبارڪ اَرِحۡنَا يَا بِلَالُ“ (اي بلال اسان کي راحت ڏي) يا حديث شريف قُرَّةَ عَيۡنِيۡ فِي الصَّلٰوةِ (منهنجي اکين جو ٺار نماز ۾ آهي) ۾ اشارو آهي ۽ الطبراني ۽ حاڪم حضرت ابو الدرداء d کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو اِنَّ اللهَ يُحِبُّ کُلَّ قَلۡبِِ حَزِيۡنِِ (الله هر غمگين قلب سان محبت رکندو آهي) ۽ بعض حديثن ۾ آهي ته تَفَکُّرَ سَاعَةِِ خَيۡرٌمِّنۡ عِبَادَةِ سَنَّةِِ وفي رواية ”مِنۡ عِبَادَةِ سِتِّيۡنَ سَنَّةً هڪ گهڙي فڪر ڪرڻ سال جي عبادت ۽ ٻي روايت موجب ”سٺ سال جي عبادت کان ڀلي آهي) ”طويل الصمت“ (گهڻي ماٺ ڪرڻ وارا.) امام احمد ۽ ترمذي حضرت ابن عمرf کان صحيح روايت آندي آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو مَنۡ صَمُتَ نَجَا جنهن چُپ ڪئي ته ڇوٽڪاي وارو ٿيو. ۽ بخاري، احمد، ترمذي ۽ ابن ماجھ ابي سريح کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو : مَنۡ کَانَ يُومِنُ بِا للهِ وَاۡليَوۡمِ الۡآخِرِ فَلۡيَقلۡ خَيۡرًا اَوۡ لِيَسۡکُتۡ (جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو ان لاءِ مناسب آهي ته ڀلو ڳالهائي يا چُپُ رهي) ۽ حضرت ابو بڪر صديق d کان روايت آهي ته يٰلَيۡتَنِيۡ کُنۡتُ اَخۡرَسَ اِلَّا عَنۡ ذِکۡرِ اللهِ (اي ڪاش مان الله جي ذڪر کان سواءِ ٻي ڳالهائڻ کان گونگو هجان ها) مطلب ته دنياوي يا ديني ضرورت هوندي هئي ته ڳالهائيندا هئا نه ته نه حسي ۽ معنوي فائدي کان سواءِ گفتگو نه ڪندا هئا جيئن الله جو فرمان آهي وَالَّذِيۡنَ هُمۡ عَنِ الَّلغۡوِ مُعۡرِضُوۡنَ (۽ اهي شخص جيڪي اجائي ڳالهه کان منهن موڙيندڙ آهن) ۽ محدثن جي جماعت حديث آندي آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو اِنَّ مِنۡ حُسۡنِ اِسۡلَامِ الۡمَرۡءِ تَرۡکُهَ مَالَا يَعۡنِيۡهِ (بلاشڪ مڙس جي اسلامي خوبين مان سهڻي ڳالهه هي آهي جو بي فائدي ڳالهه ڇڏي ڏي) ۽ ان ذات عالي صفات کان ڪيئن ٿو تصور ڪري سگهجي جنهن جي شان ۾ وَمَا یَنۡطِقُ عَنِ الْہَوٰی  ؕ﴿۳ اِنْ  ہُوَ  اِلَّا  وَحْیٌ  یُّوۡحٰی  ۙ﴿۴   ، (۽  سڌ جو ڪلام نه ٿو ڪري سندن ڪلام وحي آهي ) آيو آهي ته اهو بي فائده ڳالهيون نه ٿو ٻڌائييَفۡتَحُ الۡکَلَامَ وَيَخۡتِمُهۡ بِاِسۡمِ اللهِ (ڪلام جي شروعات ۽ پورائي الله جي اسم سان ڪندا هئا) ”باسم الله“ ٻنهي مذڪور فعلن سان متعلق آهي مطلب ته سندن ڪلام جا ٻئي پاسا ابتدا ۽ انتها الله جي ذڪر سان ۽ ان جي مدد وٺڻ سان ڍڪيل هئا ۽ ظاهر هي آهي ته سندن گفتگو جو هر لمحو الله جي ذڪر سان روشن هو جيئن الله جي فرمان وَسَبِّحْ بِالْعَشِیِّ وَالۡاِبْکَارِ ﴿٪۴۱ (سورة آل عمران آيت 41)  (۽ صبح ۽ شام پنهنجي رب جي تسبيح پڙهه) ۽ الله جي فرمان وَلَهُمۡ فِيۡهَا رِزۡقُهُمۡ بُكْرَۃً وَّ عَشِیًّا (۽ انهن جي لاءِ ان ۾ صبح ۽  شام سندن رزق آهي) ڇوته اهو يقين آهي ته سندن سيني شريف مان ڪوبه ڪلمو يا حرف نه نڪرندو هو مگر اهو الله جي ذڪر سان ڳنڍيل هوندو هو. جيئن حضرت حبيب ڪريم جي ڪنهن تابعدار جو قول آهي.

وَلَــــوۡ خَـــطۡرَتۡ لِيۡ فِيۡ سِوَاکَ اِرَادَةُ

عَلٰي خَاطِري سَهۡوًا حَکَمۡتُ بِرِدّتِيۡ

(۽ جيڪڏهن منهنجي دل ۾ توکان سواءِ ڪو ارادو چڀڪي ها ته مان (ان مهل) پنهنجي لاءِ مرتد هجڻ جو حڪم ڏيان ها.) ۽ رسول الله جن ارشاد فرمايو لَيۡسَ يَتَحَسَّرۡ اَهۡلُ الۡجَنَّةِ اِلَّا عَلٰي سَاعَةِِ مَرَّتۡ بِهِمۡ وَلَمۡ يَذۡکُرُوۡا اللهَ فِيۡهَا (يعني جنت وارا ڪنهن به شيءِ تي افسوس نه ڪندا مگر ان گهڙيءَ تي جيڪا انهن جي الله جي ذڪر کان سواءِ گذري هوندي. مذڪور تشريح کان پوءِ علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ان ذڪر مان مراد تسبيح ۽ تهليل وغيره ۾ منحصر ناهي بلڪه الله جو قول ۽ فعل ۾ هر مطيع ٻانهو الله سبحانه جو ذاڪر آهي. علامه موصوف اڳتي لکيو آهي ته ” حضرت حبيب ڪريم جن جي ذات پاڪ جي اک مبارڪ بند ڪرڻ يا کولڻ جو لمحو به الله جي ذڪر کان خالي نه هو. سندن هر گفتگو ذڪر هو ۽ سندن خاموش رهڻ فڪر هو. ۽ سندن حال مبارڪ صبر ۽ شڪر جي وچ ۾ ڦرندڙ هو. ” باشداقه“ اشداق، شدقِ جو جمع آهي (شين جي زير سان) مطلب ته محبوب ڪريم پنهنجي کليل وات مبارڪ سان ڳالهائيندا هئا هٺيلن ۽ متڪبرن وانگر نه ڳالهائيندا هئا. (اشرف الوسائل ص 306) علامه علي قاري ߋ لکيو ته حاصل ڪلام هي آهي ته ”سندن گفتگو وچٿري، صحيح، افراط ۽ تفريط کان خالي نهايت فصيح ۽ دل تي اثر انداز هئي ۽ پر ائين چوڻ ته سندن وات مبارڪ گهڻو ويڪرو هو ان جي ڪري اها گفتگو ڪندا هئا اهو بي سمجهه جو قول آهي. ”ويتکلم بجوامعِ الکلم“ جوامع جامعة جو جمع آهي ۽ ”الکلم“ الکلمة جو جمع آهي جيئن الله جو فرمان آهي: اِلَيۡهِ يَصۡعَدُ الۡکَلِمُ الطّيِّبُ (ان ڏانهن ئي پاڪ ڪلما چڙهن ٿا) ۽ علامه نورالدين الجامي قدس سره السامي. لکيو آهي ته ”الکلم“ جمع آهي جيڪو ٽن کان مٿي تعداد تي نه ڳالهايو ويندو آهي ۽ ”الکلم الطيب“ بعض الکلم سان تاويل ڪيو ويندو پر ان ۾ بحث ظاهر آهي ڇوته مٿي چڙهڻ بعض طيب ڪلمن سان مخصوص ناهي ائين نه چيو ويندو ته بعض طيب ڪلما مٿي ڪونه ٿا چڙهن ۽ ان کان پوءِ ”جوامع الکلم“ ڏانهن اضافت صفت جي موصوف ڏانهن اضافت آهي ۽ معنى هيءَ آهي ته پاڻ ڪريم جن اهڙا ٿورا ڪلما ارشاد فرمائيندا هئا جن جي مراد ۽ مفهوم گهڻي هوندي هئي ۽ علامه ابنِ حجر ߋ ۽ بعض ٻين شارحن جو قول آهي ته ”جوامع الکلم“ مان مراد قرآن ڪريم آهي پر اهو غير مناسب آهي ڇوته سندن ڳالهائڻ جي لاءِ ائين نه چيو ويندو ته ”پاڻ اهي جامعه ڪلما ڳالهائيندا هئا جيڪو قرآن هو. اظهر قول هي آهي ته ان مان مراد عام آهي بلاشڪ اها مدح اتم آهي مگر هي صحيح آهي جو چيو وڃي ته حضرت نبي ڪريم جن قرآن مان ڳالهائيندا هئا ۽ ان جو مطلب ته ان جون مرادون ۽ مفهومات بيان ڪندا هئا سندن گفتگو الله جي ڪلام کان ٻاهر نه هوندي هئي سندن هر امر ۽ نهي الله جي ڪلام جي مطابق هوندو هيو.“ جيئن ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان روايت آهي ان کان پڇيو ويو ته رسول الله جن جو خُلق ڇا هيو؟ ته پاڻ فرمايائين ”سندن خلق قرآن ڪريم آهي.“ هن مذڪور تشريح کان پوءِ علامه علي قاري چاليهه حديثون آنديون آهن جيڪي حضرت حبيب ڪريم جي جامع ڪلمات مان آهن.

جيڪو اهي پڙهڻ گهري ته جمع الوسائل ج 2 ص 11، 12 تي ڏسي. کَلَامُھ فَصۡلُ يعني سندن گفتگو حق ۽ باطل ۾ فرق ڪندڙ آهي يا باطل کان جدا ڪيل يا بچايل آهي ۽ پنهنجي معنى تي دلالت ڪرڻ ۾ ممتاز آهي جو ان جي معنى ٻئي سان ملتبس نه ٿي ٿئي سندن ڪلام صريح حق آهي ان ۾ باطل جو امڪان ئي ڪونه آهي نه ان ۾ اهڙي صورت آهي جو ٻڌندڙ کي پريشان ڪري يا ان ۾ اجائي تڪڙ هجيلَا فَضۡلَ وَلَا تَقۡصِيۡرَ نه ان ۾ ضرورت کان زياده ڪلام آهي نه ان ۾ مراد ادا ڪرڻ ۽ سمجهائڻ ۾ ڪوتاهي آهي پر اهو مقام جي تقاضا جي عين مطابق آهي مقام ايجاز، اختصار جي تقاضا ڪندو هو ته سندن ڪلام مختصر هوندو هو ۽ جيڪڏهن مقام وڌيڪ ڳالهائڻ جي ضرورت محسوس ڪندو هو ته وڌيڪ ارشاد فرمائيندا هئا. ڇوته فصيح جو شان اهو آهي ۽ حضور ڪريم جن سڀني کان وڌيڪ فصيح هئا.

فائدو: علامه ابن حجر هيتمي ߋ به اهڙيون ڪجهه حديثون آنديون جيڪي جامع ڪلمن تي مشتمل آهن. (اشرف الوسائل ص 306، 312)ليس با لجافي“ نه شوخ ۽ سخت ڳالهائيندڙ هئا جو ڪنهن جي دل آزاري ٿئي بلڪه سندن ڪلام ڌارين توڙي پنهنجن جي لاءِ هڪجهڙو هو. ڇوته پاڻ الله جي طرفان هديو ڏنل رحمت هئا. وَلَا بِمُهِيۡنِ ۽ نه پنهنجي ڪلام سان ڪنهن کي ذليل ۽ خوار ڪندڙ هئا. بلڪه نرم مزاج وڏي عزت وارا هئا جيڪو سندن خدمت ۾ ايندو هو. عزت ۽ مانُ حاصل ڪري ويندو هو. ها سندن مٿان وقار ، هيبت ۽ جلالت جا اهي انوار هوندا هئا جو جابرن ۽ ظالم بدوين ۽ وڏن بادشاهن جا هڏ ڏڪندا هئا. يعظم النعمة و ان دقت جيتوڻيڪ ننڍي نعمت هوندي هئي پر پاڻ ان کي عظيم سمجهندا هئا. پوءِ اها نعمت ظاهري هجي يا باطني ننڍي هجي يا وڏي، دنياوي هجي يا اخروي ڇوته قليل به رب جليل جي طرفان وڏي نعمت آهي ۽ جنهن ٿوري نعمت جو شڪر نه ڪيو ان گهڻي جو به نه ڪيو.”وَلَا يَذُمُّ مِنۡهَا شَيۡئًا ۽ ان نعمت مان ڪنهن به شيءِ جي مذمت نه ڪندا هئا ان مان عيب نه ڪڍندا هئا بلڪه ان نعمت جي تعريف ڪندا، ان تي الله جو حمد ۽ شڪر ڪندا هئا ۽ اهو سندن اخلاق جي محاسن ۽ مڪارم مان هو بلڪه اهو اصول مان هڪ اصل هو جنهن تي ڪيترا فرع نڪتا هئا. انهن مان هڪ گلا کان نجات هئي ڇوته ڪنهن نعمت کي گهٽ سمجهڻ الله جي نعمت جي تحقير ۽ توهين آهي. کين هر نعمت ۾ منعم (نعمت ڪندڙ) جي قدرت جي ڪمال جو مشاهدو حاصل هو. غَيۡرَ اِنَّهٗ لَمۡ يَکُنۡ يَذُمُّ ذَوَاقًا وَلَا يَمۡدَحُهٗ مٿي ذڪر ڪيل لا يذم منها شيئا کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو ته پاڻ کائڻ پيئڻ واري شيءِ جي هٺيلن وانگر مذمت به نه ڪندا هئا ته گهڻي کائيندڙن وانگر ان جي گهڻي تعريف به نه ڪندا هئا ڇوته دنيا جي کين ڪا پرواه ڪانه هئي. الله جو فرمان وَ لَا تَمُدَّنَّ عَیۡنَیۡکَ اِلٰی مَا مَتَّعْنَا بِھ اَزْوَاجًا مِّنْہُمْ زَہۡرَۃَ الْحَیٰوۃِ  الدُّنۡیَا ۬ۙ لِنَفْتِنَہُمْ فِیۡلِوَ رِزْقُ رَبِّکَ خَیۡرٌ وَّ اَبْقٰی ﴿۱۳۱ (سورة طٰـھ آيت 131)  (۽ پنهنجون (پاڪ) اکيون (مبارڪ) ان ڏانهن ڊگهيون ڪري نه نهاريو جيڪو اسان انهن کي ان مان نفعو ڏنو آهي قسمين قسمين انهن مان دنيا جي حياتيءَ جي تازگي تا ته اسين انهن کي ان سان آزمايون ۽ تنهنجي رب جو رزق ڀلو ۽ بقا وارو آهي.”وَلَا مَا کَانَ لَهَا ۽ نه ان جي ڪري جيڪو ان جي لاءِ آهي . مطلب ته دنياوي سامان جي لاءِ به ڪا پريشاني نه ڪندا هئا. ڇوته اهو سڀ ڪجهه عزت ۾ گهٽ، فنا ٿيڻ ۾ تڪڙو ۽ خسيس آهي فِاِذَا تُعَدِيَ الۡحَقُّ لَمۡ يَقُمۡ لِغَضَبِهٖ شَيءُٗ پوءِ جڏهن حق کان تجاوز ڪيو ويندو هو، حق جو احترام نه ڪيو ويندو هو ته جيستائين ان جو بدلو نه ورتو ويندو هو ته سندن ڪاوڙ جي اڳيان ڪير به بيهي نه سگهندو، ۽ پاڻ پنهنجي ذات جي لاءِ نه ڪاوڙ ڪندا هئا ۽ نه ان جو بدلو وٺندا هئا بلڪه ان وقت حلم ۽ ڪرم ظاهر ڪندا هئا. جيئن الله جو فرمان آهي خُذِ الْعَفْوَ وَاۡمُرْ بِالْعُرْفِ وَ اَعْرِضْ عَنِ الْجٰہِلِیۡنَ ﴿۱۹۹ (سورة اعراف آيت 199)  (معاف ڪرڻ کي لازم ڪري وٺو ۽ نيڪيءَ جو امر ڪيو ۽ برائيءَ کان روڪيو ۽ جاهلن کان منهن موڙيو) جڏهن ڪنهن ڏانهن اشارو ڪندا هئا ته پنهنجي سڄي هٿ سان اشارو ڪندا هئا مطلب ته سموري هٿ سان اشارو ڪندا هئا صرف آڱر وغيرها سان اشارو نه ڪندا هئا جيئن هٺيلا متڪبر ڪندا آهن ڪنهن ڳالهه تي عجب ڪندا هئا ته هٿ جي مٿئين پاسي کي هيٺ ڪندا هئا ۽ هيٺئين پاسي کي مٿي ڪندا هئا ۽ جڏهن ڳالهائيندا هئا ته پنهنجي هٿ کي به ان ۾ شامل ڪري سڄي هٿ جي تريءَ تي پنهنجي کاٻي هٿ جي آڱوٺي سان مڪ هڻندا هئا ۽ سندن مزاج ۾ اهو به هو ته ڪنهن سان ناراض ٿيندا هئا ته ان کان منهن مبارڪ موڙي ان ڏانهن توجهه نه ڪندا هئا يا ان کان درگذر ڪرڻ فرمائيندا هئا ۽ جڏهن خوش ٿيندا هئا ته پاڪ اکيون هيٺ ڪندا هئا. اهو ان جي ڪري ته متان ان خوشيءَ جي ڪري دل جو توجهه الله جي ذڪر کان گهٽجي وڃي. ان وقت طبيعت تي ڪنٽرول ۽ ضابطو پيدا ڪرڻ جي لاءِ اکيون مبارڪ هيٺ ڪري متوجھ الي الله رهندا هئا. جُلُّ ضَحۡکِهٖ التَّبَسُّمُ سندن سمورو کلڻ فقط مُرڪڻ هوندو هو، کلڻ وقت اڇن ڳڙن جهڙن ڏندن (مبارڪن) کي ظاهر ڪندا هئا.

فائدو :  کِلڻ جا قسم: کلڻ ٽي قسم آهي. (1) تبسم، مرڪڻ (2) ضحک“ کلڻ (3) قهقهة ٽهڪ ڏيڻ. ٽهڪ ڏيڻ ۾ کلڻ جو آواز پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. مرڪڻ ۾ صرف ڏند ظاهر ٿيندا آهن. ضحڪ ۾ صرف ڀرواري کي خبر پوندي آهي ته هي کلي رهيو آهي. هتي ضحڪ مان مراد عام معنى ورتل آهي جنهن ۾ کِلڻ ۽ مرڪڻ برابر شامل آهي. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته پاڻ خوشي وقت اکيون مبارڪ تواضع ۽ انڪساري جي ڪري هيٺ ڪندا هئا ۽ کين جڏهن خوشي ٿيندي هئي ته سندن منهن مبارڪ آئيني وانگر چمڪندو هو جنهن ۾ (مدينه منوره جون) ڀتيون نظر اينديون هيون ۽ سندن کلڻ مان مراد ڪڏهن ڪڏهن کلڻ آهي ڇوته امام بخاري ߋ ”الادب المفرد“ ۽ ابنِ ماجھ سنن ۾ سندن فرمان آندو آهي ته لَا تُکۡثِرِ الضَّحۡکَ فَاِنَّ کَثۡرَةَ الضَّحۡکِ تُمِيۡتُ الۡقَلۡبَ (گهڻو نه کِل بلاشڪ گهڻو کلڻ دل کي ماري ٿو) هن حديث شريف جي شرح ۾ سيد امير گيلاني هيئن لکيو آهي ته” حضور ڪريم جن اڪثر غمگين رهندا هئا. جو مطلب آهي ته پاڻ پنهنجي امت جي غم ۾ رهندا هئا ته اها ايمان جي نعمت کان محروم نه رهي ۽ انهن جي احوال ۽ ان فڪر ۾ به رهندا هئا ته انهن جي لاءِ حساب، ڪتاب آسان ٿئي ۽ بارگاههِ الاهي ۾ سجدو ڪري امت جي بخشش جي لاءِ دعائون گهرندا هئا ۽ اها هڪ حقيقت به آهي ته جيڪڏهن پاڻ اسان گنهگارن، سياهڪارن جي غمخواري نه ڪن ها ته ٻيو ڪير ڪري ها ۽ الله کين پنهنجي طرفان غمخواري ۽ رحمة للعالمين جي شان ۽ مومنن تي راحت ۽ رحيميت جي صفت سان موصوف بنائي مبعوث فرمايو. هميشه الله جي ڪبريائي، عظمت ۽ جلال جي شهود ۾ متفڪر رهندا هئا. علامه عبدالجواد الدومي المصري ߋ لکيو آهي ته ”پاڻ آسمان ۽ زمين جي خلقت ۽ ملڪوت عظيم جي ڦير ڦار ۾ متفڪر هوندا هئا جيئن هڪ روايت ۾ آهي ته ”هڪ گهڙي فڪر ڪرڻ ستر سالن جي عبادت کان ڀلو آهي. ”کين راحت نه ملي“ ۾ سندن مڪي زندگيءَ ڏانهن اشارو آهي جيڪا پاڻ انتهائي تڪليفن ۽ مشقت ۾ گذاري هيائون ۽ وري مدني زندگي ڪافرن سان جهاد ۾ گذاريائون عبادات ۾ مصروف رهيا مجاهدات ۽ رياضت ۾ منهمڪ هيا. ۽ دين جي دعوت وارن امورن ۾ ته نهايت مشغول رهيا جيئن علامه عبدالجواد الدومي المصري لکيو آهي ته لايمضي وقت من غير طاعة لاشتغاله بوظائف العبادات وما اکثرها واهتمامه بمايصلح الامة ويرفع راية الحق ويرسي قواعد العزوالمجد لدين الله فظاهر ه مشغول بذالک وباطنه موصول بذي الجلال والاکرم.“ (يعني سندن ڪوبه وقت اطاعت کان سواءِ نه گذرندو هو ڇوته پاڻ عبادات جي وظائف سان گهڻو مشغول هوندا هئا ۽ انهن ڪمن جو اهتمام ڪندا هئا جنهن سان امت جي اصلاح ٿئي ۽ حق جو جهنڊو بلند رهي ۽ الله جي دين لاءِ مجد ۽ عزت جو بنياد رکيو وڃي. پوءِ سندن ظاهر انهن پروگرامن سان مشغول هو ۽ سندن باطن الله سان مشغول هو. ۽ پاڻ اڪثر ڪري خاموش رهندا هئا.“ اهو ان جي ڪري جو اڪثر ڪري الله جي قدرتن، عجائب مخلوقات، عظيم دلائل، توحيد جي برهانن ۾ غور ۽ فڪر ڪندي کين ڳالهائڻ سان دلچسپي گهٽ هوندي هئي ضرورت کان سواءِ گفتگو نه ڪندا هئا ڇوته گهڻو ڳالهائڻ وارو عام طور تي اجايون، لغو ڳالهيون ڪندو آهي. بي معنى ۽ بي مقصد قصن ۾ مصروف رهندو آهي ۽ حضور ڪريم جن ته پنهنجي خواهش سان گفتگو نه ڪندا هئا بلڪه سندن زبان مبارڪ جي ذريعي سندن طرف ڪيل وحي جو اظهار ڪيو ويندو آهي سندن گفتگو ۾ جامع ڪلمات هوندا هئا جن جا حرف ٿورا ۽ معنائون گهڻيون هونديون هيون. پاڻ ”جافي“ جفا ڏيندڙ نه هئا نفعا ڏيندڙ هئا. صله رحمي، احسان، پنهنجن مِٽن، مائٽن ۽ احباب سان انتهائي ڀلائي، حليمي، نرمي ۽ رواداريءَ سان پيش ايندا هئا. پاڻ عالمين جي لاءِ رحمت هئا، آهن ۽ قيامت تائين بلڪه قيامت ۾ به رهندا. (انوارِ غوثيھ ص 300) علامه البيجوري ߋ هن حديث جي شرح ۾ لکيو آهي ته حضور ڪريم جن لاڳيتو غم ۾ رهندا هئا، ان جي ڪري غم ۾ رهڻ قديم زماني کان نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي صفت آهي ڇوته اها خوف جي حالت هوندي آهي ۽ اهو خوف معرفت جي انداز تي هوندو آهي جيئن بعض جو قول آهي.“

عَلٰي قَدۡرِ عِلۡمِ الۡمَرءِ يَعۡظُمۡ خَوُفُهَ                    فَلَا عَالِمَ اِلَّا هُوَ مِن اللهِ خَائِفُ

(مڙس جي علم آهر ان ۾ خوف وڏو هوندو آهي پوءِ ڪو عالم ناهي مگر اهو الله کان خوف رکندڙ آهي) پر علامه ابن القيم ߋ لکيو آهي ته رسول الله جن هميشه غم ۾ ڪيئن رهندا حالانڪه الله کين حزن، غم کان ۽ دنيا ۽ ان جي اسباب ۾ غم ڪرڻ کان بچايو آهي ۽ الله کين ڪافرن تي غم ڪرڻ کان به روڪيو آهي ۽ الله کين معاف ڪري ڇڏيو آهي پوءِ کين ڏک ڪٿان ايندو؟ ۽ پاڻ غم ۽ حزن کان الله جي بارگاهه مان پناهه گهري اٿن. بلڪه پاڻ هميشه خوش ۽ مرڪندڙ هوندا هئا ان جي ڪري ”متواصل الاحزان“ واري حديث غير ثابت آهي ۽ هن جي سندن ۾ غير معروف راوي آهي ۽ ابن القيم جي استاد علامه ابنِ تيميھ به پهريان اهو ملحوظ ڪيو هو پر پوءِ ان جو رد ڪندي فرمايائين ته هتي حزن مان مراد مطلوب جي فوت ٿيڻ يا مڪروه جي حصول تي ڏک ڪرڻ ناهي. پوءِ بلاشڪ پاڻ ان کان روڪيا ويا هئا ۽ نه اهو سندن احوال مان هو. بلڪه مراد کين پيش اچڻ وارن امرن جي لاءِ اهتمام ڪرڻ ۽ سجاڳ ٿيڻ هو. سندن غم جو هميشه هجڻ پنهنجي رب جي جلال جي شهود جي ڪري هو ۽ ماڻهن جي منهن ۾ مرڪڻ جي ڪثرت انهن کي محبت ڏيڻ ۽ نرميءَ سان پيش اچڻ جي لاءِ هئي، ان جي ڪري طريقت وارن وٽ هيءَ ڳالهه مشهور آهي ته ”عارف هشاش بشاش هوندو آهي يعني مرڪندڙ، کليل منهن ۽ ”دائم الفکرة“ جو مطلب آهي ته مخلوقات جي مصلحتن لاءِ سوچڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ تدبر ۾ هوندا هئا ”راحت نه هوندي هين“ ڇوته نماز، جهاد، تعليم، اسلام جي اظهار جو اهتمام مسلمانن جو بچاءُ ۽ حمايت ۾ سندن قلب مصروف رهندو هو. ”جامع ڪلما ڳالهائيندا هئا“ هن جي مراد ۾ هڪ قول هي آهي ته پاڻ اهڙا ڪُلي قواعد بيان ڪندا هئا جيڪي جُزئي فروع کي جامع هوندا هئا.يُعَظِّمُ النِّعۡمَةَ مان مراد آهي ته ”ظاهري، باطني، دنيوي اخروي نعمتن جو قدر ۽ عزت، قولًا . الله جي حمد سان، فعلًا رب جي تابعداريءَ سان ۽ ان جي رضا حاصل ڪرڻ سان ڪندا هئا. ”اشار بکفہ“  پنهنجي سڄي هٿ جي تريءَ سان اشارو ڪندا هئا. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته : سندن اشارو مختلف هو جيڪو توحيد جي شهادت جي لاءِ ”المسبحة“ اشهد واري آڱر سان هوندو هو ۽ باقي ٻئي ڪنهن ڪم جي لاءِ سڄو هٿ کڻي اشارو ڪندا هئا تان ته ٻنهي اشارن ۾ فرق رهي“ ۽ سڄي هٿ جي تري کٻي هٿ جي آڱوٺي کي هڻندا هئا.“ ڇوته اها عربن جي عادت هوندي هئي، ان ڳالهه جي اهميت واضح ڪرڻ لاءِ ۽ نفس مان سستي ۽ ڪاهلي دفع ڪرڻ جي لاءِ. جيئن ماڻهو قرآن مجيد پڙهڻ مهل بدن يا مٿو چوريندو يا لوڏيندو آهي ۽ سڄي هٿ جي پوري تري ۽ کٻي هٿ جو صرف آڱوٺو استعمال ڪرڻ ۾ حڪمت هيءَ هئي ته وڌيڪ شرف وارو سڄو هٿ پوري جو پورو استعمال ٿئي ۽ ٻئي جي بعض تي ڪفايت ڪئي وڃي ۽ آڱوٺي جو به پيٽ مخصوص ڪيو ويو ڇوته اهو دل، جي رڳن کي ويجهو آهي، اهو سجاڳ رهي ۽ ان حديث ڏانهن ويجهو ۽ ان وٽ حاضر ٿئي ”يفترعن مثل حب الغمام“ مطلب ته پاڻ اهڙو سهڻو کلندا هئا جو سندن ڏندن مبارڪن جي اڇائي، صفائي، روشني ۽ چمڪار ائين هئي جيئن مينهن وقت ڪڪر مان نڪرندڙ ڳڙا ظاهر ٿيندا هئا. جيئن هڪ روايت ۾ آهي ته حضور ڪريم جن کِلندا هئا ته ڀتين ۾ چمڪارا ٿيندا هئا. جيئن سج جي روشنيءَ جا چمڪارا هوندا آهن.

:(المواهب شرح الشمائل ص 364 کان 370 تائين)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث نمبر 8 جي تخريج ۾ ڏسو.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting