خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ستاويهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي صِفَةِ وُضُوءِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عِنْدَ الطَّعَامِ

هي باب انهن حديثن جي باري ۾ آهي جيڪي رسول الله

جي کاڌي کائڻ وقت وضو (هٿن مبارڪن کي ڌوئڻ) جي باري ۾ آيل آهن

 

سمجهاڻي: هتي وضو مان مُراد شرعي ۽ لغوي ٻئي قسم وضو جا آهن جيئن ايندڙ حديثن مان واضح آهي. طعام هر ان شيءِ جو نالو آهي جيڪا کاڌي ويندي آهي.

 

}185}  حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا إِسْمَاعِيلُ بْنُ إِبْرَاهِيمَ ، عَنْ أَيُّوبَ ، عَنِ ابْنِ أَبِي مُلَيْكَةَ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ خَرَجَ مِنَ الْخَلاَءِ فَقُرِّبَ إِلَيْهِ الطَّعَامُ فَقَالُوا : أَلاَ نَأْتِيكَ بِوَضُوءٍ ؟ قَالَ : إِنَّمَا أُمِرْتُ بِالْوُضُوءِ إِذَا قُمْتُ إِلَى الصَّلاَةِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابن عباس f کان روايت آهي ته رسول الله هڪ ڏينهن ضرورت پوري ڪرڻ جي جاءِ کان فارغ ٿي ٻاهر آيا ته پوءِ پاڻ سڳورن لاءِ ماني کڻي آيا. اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته اوهان جي وضو ڪرڻ لاءِ پاڻي نه آڻيون؟ پاڻ سڳورن فرمايو:” مون کي وضو ڪرڻ جو حڪم ان وقت آهي جڏهن نماز جو ارادو ڪريان.“

مفردات جو شرح: اَلْخَلاَءِ اصل ۾ الخلاء خالي جاءِ کي چيو ويندو آهي. ”قُرِّبَ“ ويجهو ڪيو ويو. ”أَلاَ نَأْتِيكَ“ ڇا اوهان وٽ نه آڻيون؟ وُضُوء (واو جي پيش سان) پاڪ ۽ خوبصورت ٿيڻ، منهن، هٿ ۽ پير ڌوئڻ. صرف هٿ ڌوئڻ ۽ گرڙي ڪرڻ کي به وضو سڏيو ويندو آهي. وضو جي اصطلاحي معنى ته معروف آهي يعني نماز جي لاءِ وضو ڪرڻ نماز ۾ فرض واجب، سنتون ۽ نوافل شامل آهن ۽ لغوي معنى آهي صرف هٿ ڌوئڻ ۽ گرڙي ڪرڻ.

سمجهاڻي: حضور ڪريم جن کي بيت الخلاء مان نڪرڻ کان پوءِ کاڌو ويجهو رکي هٿ ڌوئڻ جي لاءِ وضو ڪرڻ جي پاڻي آڻڻ ۽ پيش ڪرڻ جي لاءِ ان جي ڪري عرض ڪيو ويو هو جو سندن معمول هو ته گهڻو ڪري هٿ ڌوئڻ کان سواءِ کاڌو نه کائيندا هئا هن ڀيري پاڻ انهن کي جواب ۾ فرمايائون ته :”وضو ته صرف نماز جي لاءِ ضروري آهي“. ۽ اهو ان جي ڪري فرمايائون ته متان ماڻهو کاڌو کائڻ وقت به وُضو کي فرض سمجهن. فقهاء ڪرام فرمايو ته شرعي وضو پنجن نمازن، جنازي جي نماز ، تلاوت جي سجدي، قرآن ڪريم کي هٿ لڳائڻ ۽ بيت الله جي طواف لاءِ ضروري آهي.  ۽ کاڌي کائڻ کان پهريان ۽ پويان هٿ ڌوئڻ ۽ گرڙي ڪرڻ مستحب آهي. (انوارِ غوثيه ص 249) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”حديث مان اهو دليل ورتو ويو آهي ته رسول الله جن هر نماز جي لاءِ وضو پسند فرمائيندا هئا. وضو سان هجن يا وضو کان سواءِ هجن ۽ ائين ئي ڪندا رهندا هئا. پوءِ اهو مڪه مڪرمه کي فتح ڪرڻ واري ڏينهن ڇڏي ڏنائون. ۽ ان ڏينهن پنجئي نمازون هڪ وضو سان پڙهيون هيائون. اهو ڏسي حضرت عمر d کين عرض ڪيو ته يا رسول الله مون اوهان کي اڄ اهڙو نمونو ڪندي ڏٺو آهي جيڪو اوهان اڳي نه ڪيو آهي؟ پاڻ فرمايائون ته ”مون ائين عمدًا ڪيو آهي.“ (المواهب شرح الشمائل ص 307) الغرض ته هر وقت وضو سان رهڻ بهتر ۽ اولى آهي ڇوته ظاهر جي پاڪائي جو اثر باطن تي پوندو آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الاطعمة باب 11 في غسل اليدين عند الطعام رقم الحديث 3760 ج 3 ص 345 {2} النسائي في ڪتاب الطهارة باب 101 الوضوء لکل صلواة ج 1 ص 85، 86.  {3} احمد في المسند ج 1 ص 282 {4} البيهقي في سننھ ج 1 ص 42 }5} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 2835 ج 11 ص 283.

 

}186} حَدَّثَنَا سَعِيدُ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ الْمَخْزُومِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ عُيَيْنَةَ ، عَنْ عَمْرِو بْنِ دِينَارٍ ، عَنْ سَعِيدِ بْنِ الْحُوَيْرِثِ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : خَرَجَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنَ الْغَائِطِ فَأُتِيَ بِطَعَامٍ ، فَقِيلَ لَهُ : أَلاَ تَتَوَضَّأُ ؟ فَقَالَ : أَأُصَلِّي فَأَتَوَضَّأُ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابنِ عباس f کان ئي روايت آهي ته رسول الله جن حاجت جي خيال کان واندا ٿي ٻاهر آيا ته پوءِ پاڻ سڳورن لاءِ ماني آندائون ۽ اصحابن عرض ڪيو ته“ اوهان وضو ته نه ڪندؤ؟ پاڻ سڳورن فرمايو :”نماز پڙهندس ته وضو ڪندس يا نماز ٿو پڙهان ڇا جو وضو ڪريان؟“

مفردات جو شرح: اَلْغَائِطِ صحت خانو، غوط کان ورتل آهي هن جي معنى داخل ٿيڻ، گهسي وڃڻ آهي، غائط نرم ۽ هموار زمين کي به چوندا آهن. ”أَلاَ تَتَوَضَّ“ ڇا وضو نه ٿا فرمايو؟ استفهام جو صيغو آهي. أَأُصَلِّي هي به استفهام جو صيغو آهي ڇا مان نماز ٿو پڙهان جو وضو ڪيان؟

سمجهاڻي: هن جي سمجهاڻي هن باب جي حديث نمبر 1 واري ساڳي آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في ڪتاب الحيض باب 31 جواز اکل المحدث الطعام رقم الحديث 374 ج 1 ص 282 {2} النسائي في ڪتاب آداب الاکل من سننہھ الڪبرى باب 1 رقم الحديث 6736 ج 4 ص 170 {3} احمد في مسنده ج 1 ص 248 (3) الطيالسي في مسنده رقم الحديث 2765 ص 361 {4} الدارمي في ڪتاب الاطعمة باب 35 في الاکل والشرب علي غير وضوء رقم الحديث 2076 ج 2 ص 146 {5} الحميدي في مسنده رقم الحديث 478 ج 1 ص 225

 

}187} حَدَّثَنَا يَحْيَى بْنُ مُوسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ نُمَيْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا قَيْسُ بْنُ الرَّبِيعِ ، ( ح ) وَحَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الْكَرِيمِ الْجُرْجَانِيُّ ، عَنْ قَيْسِ بْنِ الرَّبِيعِ ، عَنْ أَبِي هَاشِمٍ ، عَنْ زَاذَانَ ، عَنْ سَلْمَانَ قَالَ : قَرَأْتُ فِي التَّوْرَاةِ أَنَّ بَرَكَةَ الطَّعَامِ الْوُضُوءُ بَعْدَهُ ، فَذَكَرْتُ ذَلِكَ لِلنَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، وَأَخْبَرْتُهُ بِمَا قَرَأْتُ فِي التَّوْرَاةِ ، فَقَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : بَرَكَةُ الطَّعَامِ الْوُضُوءُ قَبْلَهُ وَالْوُضُوءُ بَعْدَهُ.

با محاوره ترجمو: حضرت سلمان (فارسي) d کان روايت آهي ته مون تورات ۾ پڙهيو، ته کاڌي کائڻ کان پوءِ وضو ڪرڻ ۾ برڪت آهي پوءِ اها ڳالهه مون پاڻ سڳورن کي چئي ٻُڌائي. پاڻ سڳورن فرمايو ته”کاڌي کائڻ کان اڳ ۽ کاڌي کائڻ کان پوءِ وضو ڪرڻ (يعني هٿ ڌوئڻ) کاڌي جي برڪت آهي.“

مفردات جو شرح : ”اَلْوُضُوءُ هتي لغوي معنى ۾ آيل آهي. هٿ ڌوئڻ ۽ گرڙي ڪرڻ. ” بَرَکَةٌّ “ ڪنهن شيءِ ۾ وڌڻ، واڌارو ڪرڻ.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ ارشاد آهي ته توراة ۾ لکيل آهي ته کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ سان کاڌي ۾ برڪت پوندي آهي پر حضور ڪريم جن فرمايو آهي ته ”کاڌي کان پهريان هٿ ڌوئڻ ۽ گرڙيون ڪرڻ سان اها برڪت آهي ته کاڌي مان شيطان چوري ڪري نه سگهندو ۽ اهو طعام وڌندو ۽ کاڌي کان پوءِ برڪت مان مراد آهي ان کاڌي جي کائڻ سان کائيندڙ ۾ قوت پيدا ٿيندي ۽ سُهڻا عزائم ۽ ڀلا اخلاق پيدا ٿيندا. (انوارِ غوثيه ص 250)

اولياءِ ڪرام فرمايو آهي ته ”هميشه وضو سان رهڻ ۾ گهڻا فائدا آهن خاص طور تي رزق ۾ تنگي نه رهندي. اولاد ۾ برڪت پوندي، ۽ قرض جي ادا ڪرڻ جو ذريعو هوندو آهي. هڪ ڀيري هڪ شخص الله جي ڪنهن ولي جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته”ڪو اهڙو وظيفو ٻڌايو جنهن جي پڙهڻ سان الله رزق جي تنگي دور ڪري. سڄو ڏينهن ڪاروبار ڪيان ٿو پوءِ به برڪت ناهي.“ ان کيس فرمايو ته”هميشه وضُو سان  رهه ۽ گهروارن کي چئو ته ماني ۽ ڀاڄي وضُو سان تيار ڪن ڇهن مهينن کان پوءِ مون کي اچي احوال  ٻڌائجانء.“ ان ائين ڪيو ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ الله جي ولي وٽ اچي عرض ڪيائين ته”الحمدلله قرض به لهي ويو ۽ رزق ۾ برڪت به پئي آهي. رزق ۾ ڪشادگي ٿي وئي آهي.“ (انوارِ غوثيھ ص 250) علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته کاڌي کان پهريان ۽ پوءِ هٿ ڌوئڻ ۽ گرڙي ڪرڻ الله جي نعمت جو صفائي سان استقبال ڪرڻ ۽ مڪارم اخلاق جو ذريعوآهي ۽ کاڌي کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ سان هٿ ۾ موجود کاڌي جو سڻڀ وغيره به نڪري وڃي ٿو. رسول الله جن ارشاد فرمايو ته ”جيڪو رات جو سُمهي رهيو ۽ ان جي هٿن ۾ کاڌي جو اثر رهيل آهي جو ان کي نه ڌوتائين پوءِ ان کي ڪا تڪليف پهتي ته پوءِ پنهنجي نفس کان سواءِ ڪنهن کي ملامت نه ڪري.“ (جمع الوسائل مع شرح المناوي ص 232)

کاڌي کائڻ وقت سنت: علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”سنت آهي ته کاڌي کائڻ وقت اول ننڍن ٻارن کي هٿ ڌوئارجن پوءِ وڏن کي ڇوته ٻارن جا هٿ ميرا هوندا آهن. شيءِ وغيره سان ڀريل هوندا آهن ۽ کاڌي کائڻ کان پوءِ تعظيم ۽ اڪرام خاطر اول وڏن جا هٿ ڌوئارجن ۽  اهو مهمانن جي لاءِ حڪم آهي ميزبان کائڻ کان اڳي پهريان پاڻ هٿ ڌوئي ته کائڻ کان پوءِ به پهريان پاڻ هٿ ڌوئي ۽ کاڌي کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئي انهن کي سڪائڻ سنت آهي. کاڌي کان پهريان ڌوتل هٿ سڪائڻ سنت ناهن. رومال سان اگهڻ ۾ ممڪن آهي ته رومال ميرو هجي ۽ ان جي ميرنهن هٿ کي لڳي وڃي.

(المواهب شرح الشمائل ص 309)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الاطعمة باب 12 رقم الحديث 3761 ج 3 ص 345 {2} احمد في المسند ج 5 ص 441 {3} الحاڪم في المستدرڪ ج 4 ص 106 {4} ابن عدي في الڪامل ج 6 ص 45.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting