خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب پنجٽيهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي ضَحِكِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هي باب رسول الله جي کلڻ جي متعلق حديثن بابت آهي

 

سمجهاڻي: کِلڻ انسان جو خاصو آهي ۽ گهڻو ڪري اهو ان خوشيءَ جي ڪري هوندو آهي جيڪا قلب، دل کي حاصل ٿيندي آهي ۽ ڪڏهن خوشي حاصل نه ٿيڻ وارو به کِلندو آهي ۽ هن باب ۾ نوَ (9)حديثون آهن. (المواهب شرح الشمائل ص 371)

{226 حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبَّادُ بْنُ الْعَوَّامِ قَالَ : أَخْبَرَنَا الْحَجَّاجُ وَهُوَ ابْنُ أَرْطَاةَ ، عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ قَالَ : كَانَ فِي سَاقِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ حُمُوشَةٌ ، وَكَانَ لاَ يَضْحَكُ إِلَّا تَبَسُّمًا ، فَكُنْتُ إِذَا نَظَرْتُ إِلَيْهِ قُلْتُ : أَكْحَلُ الْعَيْنَيْنِ وَلَيْسَ بِأَكْحَلَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جابر بن سمره d کان روايت آهي ته رسول الله جن جون پنيون مبارڪ سنهيون (پر مضبوط) هيون. پاڻ سڳورا مرڪڻ کان وڌيڪ نه کلندا هئا پوءِ آءُ جڏهن حضور ڪريم جن کي ڏسندو هوس. ته کين اکين ۾ سرمو پاتل ڀائيندو هوس پر سرمو پاتل نه هوندا هئا.

مفردات جو شرح: ”سَاقِ پني حُمُوشَةٌ سنهائي أَكْحَلُ سرمي پاتل.

سمجهاڻي: هن روايت مان معلوم ٿيو ته سيدنا رسول الله جن غالبا مرڪندا هئا. وڏي آواز سان کلڻ جي نوبت تمام گهٽ ايندي هئي ۽ جڏهن ڪڏهن کلندا هئا ته ڏند مبارڪ نظر ايندا هئا. البيجوري ߋ لکيو آهي ته کان يضحک في امور الآخرة و يتبسم في امور الدنيا يعني آخرت جي ڳالهين ۾ کلندا هئا ۽ دنيا جي امور ۾ مُرڪندا هئا. حضور سراپا حسن وجمال، سيد الڪائنات جي ٻنهي پنبڻين جي ڪاراڻ ته اصلي خلقت هئي.

حضور جو جمال پيدائشي هو: ”الاتحافات الربانية جي صاحب لکيو آهي ته انما هو الجمال الخلقي الذي لا مثيل له اهو سندن خلقت وارو جمال هيو جنهن جو مثال نه آهي ان جي ڪري ڏسڻ وارو سمجهندو هو ته ڄڻ پاڻ اکين ۾ سرمو پاتل آهن حالانڪه سرمو پاتل به نه هوندا هئا بلڪه اها قدرتي ۽ ذاتي، خلقتي ڪاراڻ هوندي هئي جيڪا سرمي کان ڪئين درجا مٿي خوبصورت بهتر، سُٺي ۽ ديده زيب هوندي هئي ڇوته اها هميشگي ۽ زائل نه ٿيڻ واري هوندي هئي ۽ اها نهايت مناسب ۽ انتهائي درجي جي پاڪيزه هئي ان جي برعڪس سرمي ۾ اهي خوبيون نه آهن.

فائدو: هن مان اهو نه سمجهڻ گهرجي ته پاڻ ڪڏهن به سرمو نه پائيندا هئا. تانت سرمي پائڻ واري حديث جي خلاف هجي. پر پاڻ ٻين مقصدن جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن سرمو پائيندا هئا. (انوارِ غوثيه ص 302) علامه ابن حجر هيتمي ߋ مڪي هن حديث جي شرح ۾ لکيو آهي ته پاڻ گهڻو ڪري نه کلندا هئا  جيئن بخاري ام المؤمنين سيده عائشه g کان روايت آندي آهي ته مون رسول الله جن کي مڪمل طور اهڙو کلندو نه ڏٺو جو سندن ڪاڪڙو نظر اچي. (اشرف الوسائل ص 318)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 5 ص 97، 105 {2} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 7455 ج 13 ص 450 {3} الحاڪم في المستدرڪ ج 2 ص 606 {4} الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 2024 ج 2 ص 244 {5} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3642 ج 13 ص 242 {6} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 372.

{227} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : أَخْبَرَنَا ابْنُ لَهِيعَةَ ، عَنْ عُبَيْدِ اللَّهِ بْنِ الْمُغِيرَةِ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ الْحَارِثِ بْنِ جَزْءٍ ، أَنَّهُ قَالَ : مَا رَأَيْتُ أَحَدًا أَكْثَرَ تَبَسُّمًا مِنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

بامحاوره ترجمو: عبدالله بن الحارث بن جزء کان روايت آهي ته مون رسول الله کان وڌيڪ مُرڪندڙ ڪنهن کي نه ڏٺو.

مفردات جو شرح: ”تبسم“ مرڪڻ، هلڪو کلڻ جنهن ۾ فقط سامهون وارا  ڏند نظر ايندا آهن، آواز نه هوندو آهي.

سمجهاڻي: هن حديث مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته پاڻ سڳورا ماڻهن کي منهن مبارڪ جي تازگيءَ ۽ خنده پيشانيءَ سان پيش ايندا هئا ڇوته سندن ان انداز سان صحابه ڪرام رضي الله عنهم خوشي ۽ سڪون محسوس ڪندا هئا. علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته اهو ان جي ڪري جو ڪاملن جو شان آهي ته جنهن جي دل جوئي ڪرڻ گهرندا آهن ان کي ان محبوب انداز سان پيش ايندا آهن ڀلي اندر ۾ غمگين هجن. پاڻ ڪريم جن هميشه غمگين هجڻ جي باوجود خنده پيشاني، کليل طبيعت سان نظر ايندا هئا. (المواهب شرح الشمائل ص 373)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي{1} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 30 {2} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 372، 373 {3} البيهقي في الشعب ج 6 ص 251 {4} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3702 ج 13 ص 259، 260.

{228} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ خَالِدٍ الْخَلَّالُ قَالَ : حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ إِسْحَاقَ السَّيْلَحَانِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا لَيْثُ بْنُ سَعْدٍ ، عَنْ يَزِيدَ بْنِ أَبِي حَبِيبٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ الْحَارِثِ قَالَ : مَا كَانَ ضَحِكُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِلَّا تَبَسُّمًا. قَالَ أَبُو عِيسٰى : هَذَا حَدِيثٌ غَرِيبٌ مِنْ حَدِيثِ لَيْثِ بْنِ سَعْدٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن الحارث d کان روايت آهي ته رسول الله جو کلڻ رڳو مرڪڻ هوندو هو.

مفردات جو شرح نئون ناهي.

سمجهاڻي: مطلب ته محبوب آقا جن جو کِلڻ مُرڪڻ جي صورت ۾ هوندو هو. وڏي آواز سان کلڻ جي صورت تمام گهٽ واقع ٿيندي هئي. محدث ترمذي ߋ جو قول آهي ته هيءَ روايت هن راوي ليث بن سعيد جي لحاظ سان غريب آهي. محدثن جي اصطلاح ۾ غريب اها حديث آهي، جنهن جو صرف هڪ ئي راوي هجي. هيءَ حديث هتي ليث بن سعيد راويءَ جي لحاظ سان غريب آهي، هن ۾ اها غرابت سند جي لحاظ سان آهي. حديث جي متن ۾ ناهي ۽ اها سند جي غرابت حديث جي صحت جي خلاف ناهي ان جي ڪري اهو شخص جيڪو هن سند ۾ منفرد آهي يعني ليث بن سعد . ان جي جلالت ۽ امامت ۾ ڪو شڪ ناهي بلڪه ان جي امامت تي اتفاق ۽ اجماع آهي. جيئن علامه علي قاري ߋ لکيو آهي تهان الغرابة  في السند لاتنافي صحته(جمع الوسائل ج 2 ص 16)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: علامه ابو عبدالله السيد بن احمد حموده ߋ لکيو آهي. {1} هن جي سند حسن آهي. رواه المصنف في جامعه 3641 وقال حسن، غريب و نقل المزي قوله : غريب      {2} والبغوي 3702 {3} ابن المبارڪ في الزهد 145 {4} البيهقي في الشعب من طريقه ص 8047 {5} ابو الشيخ ص 25 من طريق ابن المبارڪ عن ابن لهيعة به {6} الفسوي في المعرفة والتاريخ ج 2 ص 497 (حاشية العلامة المذڪور علي الشمائل ص 181)

{229 حَدَّثَنَا أَبُو عَمَّارٍ الْحُسَيْنُ بْنُ حُرَيْثٍ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ قَالَ : حَدَّثَنَا الأَعْمَشُ ، عَنِ الْمَعْرُورِ بْنِ سُوَيْدٍ ، عَنْ أَبِي ذَرٍّ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : إِنِّي لَأَعْلَمُ أَوَّلَ رَجُلٍ يَدْخُلُ الْجَنَّةَ وَآخِرَ رَجُلٍ يَخْرُجُ مِنَ النَّارِ ، يُؤْتَى بِالرَّجُلِ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فَيُقَالُ : اَعْرِضُوا عَلَيْهِ صِغَارَ ذُنُوبِهِ وَيُخَبَأُ عَنْهُ كِبَارُهَا ، فَيُقَالُ لَهُ : عَمِلْتَ يَوْمَ كَذَا كَذَاوَ كَذَا ، وَهُوَ مُقِرٌّ لاَ يُنْكِرُ ، وَهُوَ مُشْفِقٌ مِنْ كِبَارِهَا فَيُقَالُ : أَعْطُوهُ مَكَانَ كُلِّ سَيِّئَةٍ عَمِلَهَا حَسَنَةً ، فَيَقُولُ : إِنَّ لِي ذُنُوبًا مَا أَرَاهَا هَهُنَا.

قَالَ أَبُو ذَرٍّ : فَلَقَدْ رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ضَحِكَ حَتَّى بَدَتْ نَوَاجِذُهُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو ذر غفاري d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو :” آءُ سڀني کان پهريان بهشت ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهوء کي ڄاڻان ٿو ۽ ان کي به جيڪو دوزخ مان سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ نڪرندو. قيامت جي ڏينهن هڪ ماڻهو الله جي درٻار ۾ آندو ويندو. ملائڪن کي حڪم ٿيندو ته سندس ننڍا ڏوهه ظاهر ڪريو ۽ سندس وڏا گناهه کانئس لڪائي ڇڏيو پوءِ ان کي چيو ويندو ته تو فلاڻي ڏينهن هي هي گناهه ڪيا هئا؟ اهو شخص گناهه مڃيندو ۽ انڪار نه ڪندو ۽ پنهنجن وڏن گناهن ظاهر ٿيڻ کان پيو ڊڄندو پوءِ حڪم ٿيندو ته ان کي هر هڪ گناهه جي عيوض نيڪي ڏيو. پوءِ اتي عرض ڪندو ته منهنجا ٻيا به ڪيترا وڏا گناهه آهن جي هتي نه ٿو ڏسان.

حضرت ابو ذر d چيو ته مون رسول الله جن کي ڏٺو ته ان ڳالهه تي ايترو کليا، جو سندن اڳيان ڏند مبارڪ ظاهر ٿيا.

مفردات جو شرح: ”لَأَعْلَمُ البت ڄاڻان ٿو. يُؤْتَى بِالرَّجُلِ مرد آندو ويندو، پيش ڪيو ويندو. اَعْرِضُوا“ (همزه وصل سان ۽ را جي زير سان) العرض کان ورتل امر جو صيغو آهي. ”صِغار“ ننڍا يُخۡبَأُ لڪايا ويندا أَعْطُوهُ ان کي عطا ڪيو.

سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ آقا جو ارشاد آهي ته مان ان شخص کي چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو جيڪو سڀ کان پهريان جنت ۾ داخل ٿيندو ۽ آخري شخص کي به ڄاڻان ٿو جيڪو باهه مان نڪرندو.“ علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ان مان مراد اهو پهريون شخص آهي جيڪو دوزخ مان نڪرڻ کان پوءِ اول جنت ۾ داخل ٿيندو ڇوته مطلقًا اول جنت ۾ داخل ٿيندڙ ته حضور ڪريم جن پاڻ آهن ۽ اهو حضور ڪريم جن کي علم وحي يا الهام يا سِڌو الله جي طرفان عطا ڪرڻ سان هو. اهو حضور ڪريم جن تي مالڪ مٺي جو خاص فضل ۽ ڪرم آهي جو جنت ۾ اول داخل ٿيندڙ کي به ڄاڻن پيا ته جهنم مان آخر ۾ نڪرندڙ کي به ڄاڻن پيا.

حضور کي عطا ڪيل علم: الله پنهنجي حبيب کي ان علم سان نوازيو هو جنهن جي ذره تائين به ٻئي جي رسائي نه هئي. حضرت محدث ڪبير، فقيه اعظم علامه شاهه عبدالعزيز دهلوي ߋ پنهنجي مشهور تفسير عزيزي ۾ آيت مبارڪ :”وَيَکُوۡنَ الرَّسُوۡلُ عَلَيۡکُمۡ شَهِيۡدًا جي تفسير ۾ لکيو آهي ته يعني ”وباشد رسول شما برشما گواه زيراکه او مطلع است بنور نبوت بررتبه هر متدين بدين خود که درکدام درجه ازدين من رسيده است و حقيقت ايمان او چيست و حجابي که بد ان از ترقي محجوب مانده است کدام است پس او مي شناسد گناهان شمارا و درجات ايمان شمارا واعمال نيک وبد شمارا و اخلاص و نفاق شمارا و لهذا شهادت او درد نيا برحکم شرع درحق امت مقبول و واجب العمل است“ يعني حضور ڪريم نبوت جي نور سان پنهنجي دين تي هلندڙ هر ديندار جي رتبي کان با خبر آهن ته منهنجي دين مان ڪهڙي درجي تي پهتل آهي ۽ ان جي ايمان جي حقيقت ڇا آهي ۽ جنهن حجاب جي ڪري ترقيءَ کان محجوب آهي اهو ڪهڙو آهي پوءِ پاڻ اوهان جي گناهن کي سڃاڻن ٿا ۽ اوهان جي ايمان جي درجن ۽ نيڪ ۽ برن عملن ۽ اخلاص ۽ منافقي کي به سڃاڻن ٿا تنهن ڪري سندن شاهدي سندن امت جي باري ۾ شريعت جي حڪم مطابق مقبول ۽ واجب العمل آهي.“ الاتحافات الربانية“ جي مصنف علامه عبدالجواد الدومي المصري ߋ لکيو آهي ته پاڻ ڪريمن جي شخصيت ئي آهي جو اول جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ علامه قاضي محمد عاقل، شمائل جو فارسي ۾ شرح لکندڙ بزرگ لکيو آهي ته ”مقصد هي آهي ته پاڻ سڀني کي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي واقعا پيش ايندا اهي به سندن علم ۾ آهن ۽ هتي بيان ٿيل واقعو انهن مان هڪ آهي پوءِ اڳتي ايندڙ ڪلام استيناف آهي. حضرت ابوذر d جو اڳتي بيان آهي ته ”پوءِ تحقيق مون ڏٺو ته پاڻ کِليا تانجو سندن هوڙون (يعني ڏاٺون) ظاهر ٿيون“ مطلب ته پاڻ ان شخص تي حيرت ڪندي جو الله ان جي گناهن کي معاف ڪري ان کي نيڪيون عطا ڪيون. کِليا سندن کِلڻ تعجب جي ڪري هو ته جڏهن ان شخص ننڍن گناهن کي نيڪين سان بدلجندي ڏٺو ته ان ۾ حرص پيدا ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته منهنجي وڏن گناهن جي بدلي ۾ به مون کي نيڪيون ملن. (انوارِ غوثيه ص 306) الله مرضيءَ جو مالڪ آهي جيڪڏهن ڪنهن ٻانهي تي راضي ٿي ان جي لاءِ بخشش جو اعلان ڪري ته ان جو اختيار آهي.لَايُسۡئَل عَمَّا يَّفۡعَل وَهُمۡ يُسۡئَلُوۡنَ“ (جيڪي ڪري ٿو ان جي باري ۾ پڇا نه ڪيو ويندو ۽ اهي (ٻانها) پڇا ڪيا ويندا) جڏهن اسين عاجز ٻانها پنهنجي هن عارضي ملڪيت ۾ تصرف ڪري سگهون ٿا ته خالق الخلق ، مالڪ الملڪ   جيڪڏهن پنهنجي حقيقي ملڪيت ۾ اهڙو فضل ۽ ڪرم وارو تصرف ڪري ته ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو ۽ هي به ٿي سگهي ٿو ته ان ٻانهي ڪا اهڙي توبهه ڪئي هجي جنهن جي ڪري ان تياُولٰئِکَ يُبَدِّلُ اللهُ سَيّاتِهِمۡ حَسَنَاتٍ“ واري مهرباني ٿي هجي ۽ الله ان جي براين کي نيڪين سان بدلائي ڇڏي. (فضائل النبي ص 123) ۽ ٻانهو الله جي فضل ۽ ڪرم کي ڏسي پنهنجا ٻيا گناهه به ظاهر ڪندو ته انهن جي بدلي ۾ به نيڪيون ملن ۽ ان موقعي تي حضور ڪريم جن جي کلڻ جو سبب اهو هو ته ٻانهو پهريان ڊنو ٿي ۽ هاڻي انهن سان گڏ ٻين گناهن جي جي به ظاهر ڪرڻ جو طلبگار ٿي بيٺو آهي. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته حضور ڪريم جن جو اهڙي انداز سان کلڻ نادر ۽ اتفاقًا هيو. باقي اهڙي نموني گهڻو کلڻ مڪروه آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 377) علامه ابن حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته ” هن حديث ۾ هن ڳالهه تي دليل آهي ته ”تعجب وارين ڳالهين تي کلڻ جيئن هن ڳالهه ۾ حضور ڪريم تعجب طور کليا هئا مڪروهه ناهي ۽ نه اهو مروت ۽ ماڻپي جي خلاف آهي ڇوته ان سان عادت ڪيل حد کان تجاوز نه ڪيو ويو آهي.

سوال: ام المؤمنين سيده عائشه g اهڙي کلڻ جي نفي ڪئي آهي جيئن گذريل روايت مان واضح ٿيو؟

جواب: امان سائڻ جي روايت ۾ نفي آهي ۽ حضرت ابو ذر d جي روايت ۾ اثبات آهي ۽ اصول آهي ته مثبت نافي کان مقدم هوندو آهي ان جي ڪري هيءَ روايت مقدم آهي. ۽ حديثن جي مجموع مان حاصل (جيئن متاخرين محدثن مان بعض جو قول آهي) هي آهي ته حضور ڪريم جن اڪثر ڪري مرڪندا هئا ۽ ڪڏهن جيڪڏهن ان کان وڌائيندا هئا ته کلندا هئا ۽ هي ڳالهه اڳ ۾ به مذڪور ٿي آهي ته ”پاڻ جڏهن کلندا هئا ته چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندا هئا.“ علامه موصوف لکيو آهي ته سندن پاڪ ڏندن جو نور سج وانگر روشني ڪندو هو ۽ پاڻ اوٻاسي کان محفوظ هئا جيئن تاريخ البخاري ۽ مصنف ابن ابي شيبه مان ثابت آهي ۽ ابن ابي شيبه آندو آهي ته اوٻاسيءَ جو نه اچڻ سڀني نبين ۾ عام آهي. (اشرف الوسائل ص 321)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في ڪتاب الايمان باب 84 ادنى اهل الجنة منزلة فيها رقم الحديث 190 ج 1 ص 177 {2} احمد في المسند ج 5 ص 157 ، 170 {3} البيهقي في سننھ ج 10 ص 190 {4} ابن حبان في صحيحه رقم الحديث 7375 ج 16 ص 375 {5} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 4360 ج 15 ، ص 192.

{230 حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَاوِيَةُ بْنُ عَمْرٍو قَالَ : حَدَّثَنَا زَائِدَةُ ، عَنْ بَيَانٍ ، عَنْ قَيْسِ بْنِ أَبِي حَازِمٍ ، عَنْ جَرِيرِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ قَالَ : مَا حَجَبَنِي رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مُنْذُ أَسْلَمْتُ وَلاَ رَآنِي إِلَّا ضَحِكَ.

بامحاوره ترجمو:  حضرت جرير بن عبدالله d کان روايت آهي ته : جڏهن کان مون اسلام قبول ڪيو ته رسول الله جن مون کان حجاب نه ڪيو ۽ مون کي جڏهن به ڏسندا هئا ته کلندا هئا.

مفردات جو شرح: ”مُنْذُ جڏهن کان، جنهن وقت کان. أَسْلَمْتُ  اسلام قبول ڪيم، مسلمان ٿيس. ضَحِكَ کِليا.

سمجهاڻي: حضرت جرير d فرمايو ته : ”مون کان حجاب نه ڪيائون.“ مطلب ته مون کي دربار ۾ اچڻ کان نه روڪيائون. جڏهن به مان ويندو هوس ته سندن خدمت ۾ ويهڻ نصيب ٿيندو هو. ”مون کي ڏسي کلندا هئا“ يعني جڏهن به مون ڏانهن نظرِ عنايت ڪندا هئا ته انتهائي خوشي ۽ سرور سان نوازيندي مُرڪندا هئا. علامه نبهاني ”وسائل الوصول“ ۾ لکيو آهي ته: پاڻ جڏهن کِلندا ۽ مرڪندا هئا ته سندن ڏند مبارڪ ائين چمڪندا هئا ڄڻ ڪڪرن مان کنوڻ تجليون ڏئي رهي آهي. (وسائل الوصول، انوارِ غوثيه ص 307)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في کتاب الجهاد باب 162 (بنحوه) حديث رقم 3035 ج 6 ص 161 {2} مسلم في کتاب فضائل الصحابه باب 29 من فضائل جرير بن عبدالله d حديث رقم 2475 حديث الکتاب 134 ج 4 ص 1925 {3} النسائي في کتاب المناقب من سننھ الکبرى باب 56 جرير بن عبدالله حديث رقم 8302 ج 5 ص 82 {4} ابنِ ماجھ في المقدمة باب 11 حديث رقم 159 {5} احمد في المسند ج 4 ص 358

{231 حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَاوِيَةُ بْنُ عَمْرٍو قَالَ : حَدَّثَنَا زَائِدَةُ ، عَنِ إِسْمَاعِيلَ بْنِ أَبِي خَالِدٍ ، عَنْ قَيْسٍ ، عَنْ جَرِيرٍ قَالَ : مَا حَجَبَنِي رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَلاَ رَآنِي مُنْذُ أَسْلَمْتُ إِلَّا تَبَسَّمَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جرير بن عبدالله کان روايت آهي ته جڏهن کان آءُ مسلمان ٿيو آهيان مون کي رسول الله (خاص مجلس ۾ حاضر ٿيڻ کان) نه روڪيو. پاڻ سڳورا مون کي جڏهن به ڏسندا هئا، ته مُرڪندا هئا.

مفردات جو شرح: ”مَا حَجَبَنِي مون کي نه روڪيائين. ”مُنْذُ جڏهن کان وَلاَ رَآنِي ۽ نه ڏٺائون مون کي.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ حضرت جرير بن عبدالله البجلي d تي حضور ڪريم جن جي خصوصي ڪرم نوازي جو ذڪر آهي. صحابي سڳوري d فرمايو ته ”جڏهن کان مون اسلام قبول ڪري حضرت حبيب پاڪ تي دل سان ايمان آندو تڏهن کان مون کي سندن خصوصي مجلس ۾ خصوصي ساٿين سان گڏ ويهڻ کان نه روڪيندا هئا. يا پنهنجي پاڪ گهر ۾ اچڻ کان منع نه ڪندا هئا. مقصد ته مان موڪل وٺي اچڻ جو محتاج نه هوندو هوس يا مراد آهي ته مان کين جيڪو التماس ڪندو هوس ته ان کان مون کي محروم نه رکندا هئا بلڪه مون کي عطا ڪندا هئا. جڏهن کان اسلام آندو هيم، هن ڀلاري ان سال اسلام قبول ڪيو هو جنهن سال حضور ڪريم جن دنيا تان ظاهري انتقال فرمايو هو ۽ سندس قول آهي ته مون رسول الله جن جي ظاهري وفات کان چاليهه ڏينهن اول اسلام قبول ڪيو هو. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته هن صحابي سڳوري ڪوفه ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي ۽ اتاهين وري ”قرقسيا“ نالي شهر ڏانهن منتقل ٿيو هو. ۽ اتيئي سن 51 هه ۾ وفات ڪئي هيائين. هن کان گهڻن ماڻهن حديث روايت ڪئي هئي. حضرت جرير d فرمايو ته مون کي رسول الله جن جڏهن به ڏسندا هئا ته مُرڪندا هئا. هتي ضحڪ مان مراد تبسم آهي ۽ حبيب ڪريم جن جي طرفان ان تي اها مهرباني ان جي دل کي خوش ڪرڻ جي لاءِ هئي. ڇوته هي صحابي گهڻو سهڻو هيو جيئن اڳ ۾ لکي آيا آهيون. علامه البيجوري ߋ لکيو آهي ته ”حضرت جرير d حضور پاڪ جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو هو ته ”مان گهوڙي تي ويهي نه ٿو سگهان“ ته پاڻ سڳورن سندس سيني تي هٿ هڻي دعا فرمايائون. اَللّٰهُمَّ ثِبِّتۡهُ وَاجۡعَلۡهُ هَادِيًا مَّهۡدِيًا اي منهنجا الله ! هن کي ثابت رک ۽ هن کي هدايت ڪندڙ ۽ هدايت ڪيل بناءِ. (المواهب شرح الشمائل ص 378) علامه ابنِ حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي ته ان بيان مان حضرت جرير d جو ارادو آهي ته نبي ڪريم جن کيس خصوصي طور نوازيندا هئا ۽ پاڻ ڪريم ان ۾ خصوصي فضيلت محسوس ڪندي مٿس خاص رحمت جي نظر عنايت ڪندا هئا. (اشرف الوسائل ص 322) علامه يوسف نبهاني ߋ وسائل الوصول ۾ لکيو آهي ته ”عبدالله بن حارث جو بيان آهي ته حبيب ڪريم   جو کلڻ مرڪڻ هوندو هو. پاڻ جڏهن گفتگو ڪندا هئا ته مُرڪندي خنده پيشانيءَ سان ڪندا هئا ۽ پاڻ جڏهن ڪنهن مجلس ۾ ويهندا هئا ته صحابي سندن اڳيان ايتري سنجيدگيءَ سان ويهندا هئا ڄڻ انهن جي مٿن تي پکي ويٺل آهن متان مٿي لوڏڻ جي ڪري اڏامي وڃن. اهي حضرت حبيب ڪريم جي اڳيان نه ٽهڪ ڏئي کِلندا هئا نه زور سان ڳالهائيندا هئا. پوريءَ مجلس تي خاموشي ڇانيل هوندي هئي. اتفاقًا جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن ڳالهه تي کل ايندي هئي ته اهو پنهنجي منهن تي هٿ يا ڪپڙو ڏيندو هو ته حضرت حبيب ڪريم جي اڳيان کل جو آواز نه نڪري وڃي ۽ بي ادبي نه ٿي وڃي ۽ صحابه ڪرام رضي الله عنهم جو اهو حال ادب ۽ احترام جي ڪري هو. (وسائل الوصول، انوارِ غوثيه ص 307)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في ڪتاب فضائل الصحابة رضي الله عنهم باب 29 من فضائل جرير بن عبدالله رقم الحديث 2475 حديث الڪتاب 134 ج 4 ص 1925 {2} النسائي في ڪتاب المناقب من سننھ الڪبرى باب 56 جرير بن عبدالله 2 رقم الحديث 8302 ج 5 ص 82 {3} ابنِ ماجھ في المقدمة باب 11 في فضائل اصحاب رسول الله رقم الحديث 159 {4} احمد في المسند ج 4 ص 358 {5}  الطبراني في الصغير رقم الحديث 239 ج 1 ص 155 {6} ابن حبان في صحيحھ رقم الحديث 7175 ج 16 ص 375 {7} البيهقي في الشعب ج 6 ص 250 {8} البغوي في الشمائل رقم الحديث 302 ج 1 247.

{231} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَاوِيَةُ بْنُ عَمْرٍو قَالَ : حَدَّثَنَا زَائِدَةُ ، عَنِ إِسْمَاعِيلَ بْنِ أَبِي خَالِدٍ ، عَنْ قَيْسٍ ، عَنْ جَرِيرٍ قَالَ : مَا حَجَبَنِي رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَلاَ رَآنِي مُنْذُ أَسْلَمْتُ إِلَّا تَبَسَّمَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جرير d چــيو ته جڏهن کان وٺي مـون اسلام آندو ته مون کي رسول الله (خاص مجلس ۾) اچڻ کان نه روڪيو ۽ مون کي جڏهن به ڏسندا هئا ته پاڻ سڳورا مرڪندا هئا.

مفردات جو شرح ڪو خاص ناهي.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ به حضرت جرير بن عبدالله d جو ساڳيو ئي بيان آهي ته منهنجي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ محبوبن ڪريمن جن مون تي ايترا مشفق ۽ مهربان هئا جو مون کي پاڻ وٽ اچڻ کان روڪيندا نه هئا .

هيءَ حديث ٻين انهن محدثن آندي آهي جن هن کان اڳين حديث آندي آهي.

{232 حَدَّثَنَا هَنَّادُ بْنُ السَّرِيِّ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو مُعَاوِيَةَ ، عَنِ الأَعْمَشِ ، عَنِ إِبْرَاهِيمَ ، عَنْ عَبِيدَةَ السَّلْمَانِيِّ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ مَسْعُودٍ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : إِنِّي لَأَعْرفُ آخِرَ أَهْلِ النَّارِ خُرُوجًا ، رَجُلٌ يَخْرُجُ مِنْهَا زَحْفًا ، فَيُقَالُ لَهُ : انْطَلِقْ فَادْخُلِ الْجَنَّةَ قَالَ : فَيَذْهَبُ لِيَدْخُلَ الْجَنَّةَ ، فَيَجِدُ النَّاسَ قَدْ أَخَذُوا الْمَنَازِلَ ، فَيَرْجِعُ فَيَقُولُ : يَا رَبِّ ، قَدْ أَخَذَ النَّاسُ الْمَنَازِلَ ، فَيُقَالُ لَهُ : أَتَذْكُرُ الزَّمَانَ الَّذِي كُنْتَ فِيهِ ، فَيَقُولُ : نَعَمْ قَالَ : فَيُقَالُ لَهُ : تَمَنَّ قَالَ : فَيَتَمَنَّى ، فَيُقَالُ لَهُ : فَإِنَّ لَكَ الَّذِي تَمَنَّيْتَ وَعَشَرَةَ أَضْعَافِ الدُّنْيَا ‍ قَالَ : فَيَقُولُ : تَسْخَرُ بِي وَأَنْتَ الْمَلِكُ قَالَ : فَلَقَدْ رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ضَحِكَ حَتَّى بَدَتْ نَوَاجِذُهُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عبدالله بن مسعود d کان روايت آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ”آءُ دوزخ مان پڇاڙي ۾ نڪرڻ واري کي ڄاڻان ٿو. اهو ماڻهو دوزخ مان بانبڙا پائي ٻاهر نڪرندو. پوءِ ان کي الله جو حڪم ٿيندو، ته وڃي بهشت ۾ رهه.“ پاڻ ڪريمن فرمايو”ته اهو شخص جڏهن بهشت ۾ وڃڻ لاءِ هلندو، ڏسندو ته ماڻهو جايون والاري ويا آهن، موٽي اچي چوندو ته، اي منهنجا پالڻهار! ماڻهو جايون والاري ويا آهن. پوءِ کيس چيو ويندو، اهو زمانو ياد اٿئي، جيڪو دنيا ۾ تو گذاريو؟ چوندو ته هائو. کيس چيو ويندو ته، گهُر جيڪي گهرين. پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته”اهو جڏهن پنهنجي خواهش ظاهر ڪندو. ان کي حڪم ٿيندو ته توکي سڀ ڪجهه ملندو، جيڪو تو گهريو ۽ ان کان ڏهوڻ وڌيڪ به ملندو.“

پاڻ ڪريمن ارشاد فرمايو ته”اهو شخص تعجب مان چوندو، ته تون بادشاهه ٿي به مون سان چرچا ٿو ڪرين؟“

 راويءَ چيو ته ”مون رسول الله جن کي ڏٺو، ته ان ڳالهه تي ايترو کِليا جو سندن اڳيان ڏند مبارڪ ظاهر ٿيا.“

مفردات جو شرح: ”لَأَعْرفُ البت سڃاڻان ٿو. خُرُوجًا نڪرڻ ۾ زَحْفًا ريڙهيون ڏيندي. انْطَلِقْ وڃ تون. تَمَنَّ تمنا ڪر. أَضْعَافِ ٻيڻايون.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ جهنم مان ٻاهر ڪڍيل ٻانهي جي ڪيفيت ۽ سوچ بيان ڪئي وئي آهي. اهو جڏهن الله جي فضل و ڪرم سان جنت کي ڀريل ڏسندو ته ان کي ان ۾ پنهنجي لاءِ ڪا جاءِ نظر نه ايندي پوءِ الله کيس فرمائيندو ته دنيا جي زندگيءَ وارو وقت ياد ڪر اتي توکي ڪيتري ڪشادگي هوندي هئي. اها هن آخرت جي جهان ۽ جنت جي وسعت جي مقابلي ۾ ڪجهه نه هئي. هتي هيڏي وڏي بهشت ۾ تولاءِ جاءِ ڪيئن نه لڀندي؟ توکي هينئر جيڪو گهرڻو آهي اهو گهرُ. اهو پنهنجون خواهشون الله جي اڳيان پيش ڪندو ته مالڪ مٺو کيس فرمائيندو ”جيڪي تو گهريو اهو ۽ ان کان ڏهه ڀاڱا وڌيڪ ٻيا به توکي عطا ڪجن ٿا.“ اهو ٻڌي اهو گهٽ همٿ وارو ٻانهو الله جي طرفان ان کي ڀوڳ سمجهندو يا جهنم جي تڪليف کان پوءِ ايتري انعام ۽ اڪرام ملڻ تي خوشيءَ ۾ بي اختيار ٿي اهڙا جملا ڳالهائيندو پر الله پنهنجي رحمت جو اظهار ڪندو ڇوته ان جي رحمت هر شيءِ کان ڪشادي آهي. حضور ڪريم جن اها حديث بيان ڪرڻ تي ايترا کليا جو سندن اندريان ڏند مبارڪ به ڏسڻ وارن کي ڏسڻ ۾ آيا. علامه ابن حجر هيتمي مڪي ߋ لکيو آهي تهاَتَسۡخَرُبِيۡ ڇا تون مون سان ڀوڳ ٿو ڪرين. ٻانهي جي طرفان الله کي ائين چوڻ جيئن عام مخلوق کي چيو ويندو آهي. ان جي گهڻي خوشيءَ ۾ اچڻ جي ڪري اختيار کان  ٻاهر ٿيڻ هو. جيئن هڪ حديث ۾ آيو آهي ته :”هڪ ٻانهي دعا ۾ خوش ٿيندي عرض ڪيو هو ته اَنۡتَ عَبۡدِيۡ وَاَنَا رَبُّکَ (تون منهنجو ٻانهو آهين ۽ مان تنهنجو رب آهيان) (اشرف الوسائل ص 322) ۽ علامه البيجوري لکيو ته ”هي الفاظ چوندڙ کي خبر ئي نه پئي ته ڇا پيو چوي ۽ اهو ان جي خضوع جوڪمال هيو جيڪو ان جي مٿان مالڪ جي سخاوت جي ڪمال جو سبب بڻيو هيو. حضرت عبدالله بن مسعود d فرمايو فَقَدۡ رَاَيۡتُ رَسُوۡلَ اللهِ پوءِ الله جو قسم آهي ته مون رسول الله جن کي ڏٺو پاڻ ايترو کليا جو سندن ڏاٺون مبارڪ ظاهر ٿيون. هتي ”فلقد“ کان اڳ ۾ قسم محذوف آهي. (المواهب شرح الشمائل  ص 382)

هيءَ حديث  ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب الرقاق باب 51 صفة الجنة والنار رقم الحديث 6571 ج 11 ص 418، 419 {2} مسلم في ڪتاب الايمان باب 83 آخر اهل النار خروجًا رقم الحديث 186 ج 1 ص 173 {3} ابن ماجھ في ڪتاب الزهد باب 39 صفة الجنة رقم الحديث 4339 {4} احمد في المسند ج 1 ص 378، 379 {5} ابو يعلى في مسنده  رقم الحديث 5139 ج 9 ص 72 {6} ابن ابي شيبھ في المصنف رقم الحديث 34016 ج 7 ص 37.

{233} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو الأَحْوَصِ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنْ عَلِيِّ بْنِ رَبِيعَةَ قَالَ : شَهِدْتُ عَلِيًّا ، أُتِيَ بِدَابَّةٍ لِيَرْكَبَهَا فَلَمَّا وَضَعَ رِجْلَهُ فِي الرِّكَابِ قَالَ : بِسْمِ اللَّهِ ، فَلَمَّا اسْتَوَى عَلَى ظَهْرِهَا قَالَ : اَلْحَمْدُ لِلَّهِ ، ثُمَّ قَالَ : { سُبْحٰنَ الَّذِي سَخَّرَ لَنَا هَذَا وَمَا كُنَّا لَهُ مُقْرِنِينَ { [الزخرف :آيت 13 ] { وَإِنَّا إِلَى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُونَ } [الزخرف آيت 14 ] . ثُمَّ قَالَ : اَلْحَمْدُ لِلَّهِ ثَلاَثًا ، وَاللَّهُ أَكْبَرُ ثَلاَثًا ، سُبْحٰنَكَ إِنِّي ظَلَمْتُ نَفْسِي ، فَاغْفِرْ لِي فَإِنَّهُ لاَ يَغْفِرُ الذُّنُوبَ إِلَّا أَنْتَ ، ثُمَّ ضَحِكَ . فَقُلْتُ لَهُ : مِنْ أَيِّ شَيْءٍ ضَحِكْتَ يَا أَمِيرَ الْمُؤْمِنِينَ ؟ قَالَ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ صَنَعَ كَمَا صَنَعْتُ ثُمَّ ضَحِكَ فَقُلْتُ : مِنْ أَيِّ شَيْءٍ ضَحِكْتَ يَا رَسُولَ اللَّهِ ؟ قَالَ : إِنَّ رَبَّكَ لَيَعْجَبُ مِنْ عَبْدِهِ إِذَا قَالَ : رَبِّ اغْفِرْ لِي ذُنُوبِي ، إِنَّهُ لاَ يَغْفِرُ الذُّنُوبَ غَيْرُكَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت علي بن ربيعه d کان روايت آهي ته آءُ حضرت علي d وٽ ويس، ته ان جي سواريءَ لاءِ وهٽ آندو ويو. پاڻ ان سواريءَ تي چڙهڻ مهل پنهنجو پير رڪيب ۾ رکيائين ته ”بسم الله“ پڙهيائين. جڏهن ان جي پُٺيءَ تي سڌو ٿي ويٺو ته ”الحمدلله“ چيائين. پوءِ هي دعا پڙهيائين.

{ سُبْحٰنَ الَّذِي سَخَّرَ لَنَا هَذَا وَمَا كُنَّا لَهُ مُقْرِنِينَ } { وَإِنَّا إِلَى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُونَ } [الزخرف 13،  14  ] .

(ترجمو: اهو الله پاڪ آهي، جنهن اسان لاءِ هن سواريءَ کي تابعدار بنايو ۽ اسان ان تي قوت رکندڙ نه هئاسون ۽ اسان کي پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽڻو آهي.)

ان کان پوءِ ٽي ڀيرا ” الحمدلله“ ۽ ” الله اڪبر“ پڙهيائين. پوءِ هي دعا پڙهيائين.

سُبْحٰنَكَ إِنِّي ظَلَمْتُ نَفْسِي ، فَاغْفِرْ لِي فَإِنَّهُ لاَ يَغْفِرُ الذُّنُوبَ إِلَّا أَنْتَ.“

(ترجمو : پاڪ آهي تنهنجي ذات، مون تنهنجي نعمتن تي شڪر ادا نه ڪرڻ ۾ پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو آهي، سو مون کي بخش ڪر، ڇوته تو کان سواءِ ٻيو ڪو گناهه نه بخشيندو آهي.)

      هي دعا پڙهي حضرت علي d کِلي ڏنو. راوي چوي ٿو ته مون کين چيو ته : اي مومنن جا سردار! تون ڇا تي کلئين؟ جواب ڏنائين ته مون رسول الله جن کي ائين ڪندي ڏٺو هو. پوءِ مون پاڻ سڳورن کي عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ! اوهان ڪهڙي ڳالهه تان کليا آهيو؟ پاڻ ڪريمن فرمايو : بيشڪ منهنجو رب ٻانهي کان خوش ٿيندو آهي، جڏهن ٻانهو چوندو آهي: اي منهنجا پالڻهار! منهنجا گناهه بخش. اهو ڄاڻي ٿو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه گناهه نه بخشيندو آهي.

مفردات جو شرح: ”شَهِدْتُ مون علي کي ڏٺو، ان وٽ حاضر ٿيس. ”اُتِيَ“ پيش ڪيو ويو. دَابَّةٍ جانور، گهوڙو، سواري.اِسْتَوَىٰ سڌو ٿي ويٺو. ”ظَهْرِهَا ان جي پٺيءَ تي. لَيَعْجَبُ عجب ٿو ڪري.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ علي بن ربيعة حضرت علي المرتضى d جو سيدنا رسول الله جي سنت تي عمل ڪرڻ کي بيان ڪيو آهي. حضرت علي d سواري تي سوار ٿيڻ مهل اول بسم الله “ پڙهي، ان تي ٺهي ويهڻ کان پوءِ ”الحمدلله“ پڙهيو. ان کان پوءِ سوار ٿي وڃڻ کان پوءِ مشهور دعا سُبْحٰنَ الَّذِیۡ سَخَّرَ لَنَا ہٰذَا وَمَا كُنَّا لَھ  مُقْرِنِیۡنَ ﴿ۙ۱۳  وَ اِنَّاۤ  اِلٰی رَبِّنَا لَمُنۡقَلِبُوۡنَ ﴿۱۴ پڙهڻ کان پوءِ وري ”الحمدلله“ ٽي ڀيرا ، الله اکبر“ ٽي ڀيرا ۽ هيءَ مغفرت جي طلب لاءِ دعا سُبۡحٰنَکَ اِنِّي ظَلَمۡتُ نَفۡسِيۡ فَاغۡفِرۡلِيۡ فَاِنَّهٗ لَايَغۡفِرُ الذُّنُوۡبَ اِلَّا اَنۡتَ پڙهي کِليو. علي بن ربيعه d چوي ٿو ته پوءِ مون کيس عرض ڪيو ته اي مؤمنن جا امير! اوهان ڪهڙي شيءِ جي ڪري کليو؟. ته پاڻ فرمايائون :” مون رسول الله جن کي ائين ڪندي ڏٺو هو ، جيئن مون ڪيو ۽ مون کانئن عرض ڪري پڇيو ته پاڻ فرمايائون ”تنهنجو رب پنهنجي ٻانهي کان راضي ٿئي ٿو جڏهن اهو الله کي عرض ڪري ٿو ته ”اي منهنجا رب! مون کي منهنجا گناهه بخش ڪر“ ٻانهو ڄاڻي ٿو ته الله کان سواءِ ان جا گناهه ڪير به بخش نه ڪندو.“

حضور جي اطاعت جي اهميت: هن روايت مان رسول الله جي هر ادا ۾ اتباع جي اهميت واضح ٿي رهي آهي ۽ اتباع سنت سان صحابه ڪرام خصوصًا خلفاءِ راشدين رضي الله عنهم جي محبت به روشن آهي. علامه علي القاري ߋ لکيو آهي ته حضرت علي جي ”بسم الله“ پڙهڻ گويا حضرت نوح علٰي نبينا وعليه الصلواة والسلام جي ٻيڙيءَءَ ۾ چڙهڻ وقت بسم الله پڙهڻ کان ورتل آهي. علامه ابنِ حجر ߋ ان قول جي لاءِ فرمايو ته ”اهو تاويل ڪرڻ درست ناهي، ڇوته حضرت علي ان ۾ رسول الله جي اتباع ڪئي آهي حضرت نوح علٰي نبينا وعليه الصلواة والسلام جي اتباع نه ڪئي آهي پر علامه علي القاري ߋ علامه ابنِ حجر ߋ جي ان قول تي بحث  ڪندي فرمايو ته ”حضرت رسول الله جو عمل جنهن جي بناء تي حضرت علي d ائين ڪيو سو الله جي قول وَقَالَ ارْکَبُوۡا فِیۡہَا بِسْمِ اللھ مَجْرٖىہَا وَمُرْسٰىہَاؕ(سورة هود آيت 41) مان ورتل آهي ۽ ان ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ناهي ڇوته الله جو ٻيو فرمان آهياُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ ہَدَی اللھ  فَبِہُدٰىہُمُ اقْتَدِہۡؕ  (سورة انعام آيت 90)  اهي (انبياء) اهي آهن جن کي الله هدايت عطا ڪئي پوءِ انهن جي هدايت  جي اقتداء ڪر“ جيئن اڳتي  اچڻ وارا اذڪار به الله   جي قولوَ جَعَلَ لَكُمۡ مِّنَ الْفُلْکِ وَ الْاَنْعَامِ مَا تَرْکَبُوۡنَ ﴿ۙ۱۲   لِتَسْتَوٗا عَلٰی ظُہُوۡرِھ  ثُمَّ تَذْكُرُوۡا نِعْمَۃَ  رَبِّكُمْ  اِذَا اسْتَوَیۡتُمْ عَلَیۡھ (سورة زخرف آيت12، 13) (۽ الله () اوهان جي لاءِ ٻيڙين ۽ چوپاين مان اهي پيدا ڪيا جن تي اوهان سوار ٿيندا آهيو تان ته انهن جي پٺين تي سڌا ٿي ويهو ۽ ان کان پوءِ جڏهن سڌا ٿي ويهو ته پنهنجي رب جي نعمت ياد ڪيو.) تي عمل آهي. علامه موصوف لکيو آهي ته حضرت علي ߋ ته حضور ڪريم جي اتباع ۾ کليو هو پر حضور ڪريم جن ٻن سببن جي ڪري کليا هئا. (1) هڪ ته کين اهو علم هو ته ٻانهي جي مغفرت طلب ڪرڻ سان الله ان تي راضي ٿيو ۽ ان کي وڏو ثواب عطا فرمايائين (2) ٻيو ته حضرت حبيب ڪريم جن جي امتي کي وڏو درجو ملي اهو سندن ذات جي لاءِ انتهائي خوشيءَ جو باعث هو جنهن تي پاڻ خوش ٿي کِلي رهيا هئا. (جمع الوسائل ج 2 ص 22)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد ڪتاب الجهاد باب (81) ما يقول الرجل اذا رکب  حديث رقم 2602 ج 3 ص 34 ص 34 رقم الحديث 6571 ج 11 ص 418 {2} النسائي في ڪتاب السير من سننھ الڪبرى باب 130 التسمية عند رکوب الدابة و في عمل اليوم والليلة رقم الحديث 7339 {3} احمد في المسند ج 1 ص 378 {4} الحاڪم في المستدرڪ ج 2 ص 98، 99 {4} الطبراني في الدعاء حديث 784 ج 2 ص 163.

{234 حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ عَبْدِ اللَّهِ الأَنْصَارِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَوْنٍ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ مُحَمَّدِ بْنِ الأَسْوَدِ ، عَنْ عَامِرِ بْنِ سَعْدٍ قَالَ : قَالَ سَعْدٌ : لَقَدْ رَأَيْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ضَحِكَ يَوْمَ الْخَنْدَقِ حَتَّى بَدَتْ نَوَاجِذُهُ . قَالَ : قُلْتُ : كَيْفَ كَانَ ؟ قَالَ : كَانَ رَجُلٌ مَعَهُ تُرْسٌ ، وَكَانَ سَعْدٌ رَامِيًا ، وَكَانَ يَقُولُ كَذَا وَكَذَا بِالتُّرْسِ يُغَطِّي جَبْهَتَهُ ، فَنَزَعَ لَهُ سَعْدٌ بِسَهْمٍ ، فَلَمَّا رَفَعَ رَأْسَهُ رَمَاهُ فَلَمْ يُخْطِئْ هَذِهِ مِنْهُ - يَعْنِي جَبْهَتَهُ - وَانْقَلَبَ الرَّجُلُ ، وَشَالَ بِرِجْلِهِ : فَضَحِكَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ حَتَّى بَدَتْ نَوَاجِذُهُ. قَالَ : قُلْتُ : مِنْ أَيِّ شَيْءٍ ضَحِكَ ؟ قَالَ : مِنْ فِعْلِهِ بِالرَّجُلِ

بامحاوره ترجمو: حضرت عامر بن سعد d کان روايت آهي ته حضرت سعد d چيو مون رسول الله جن کي خندق جي ڏينهن ڏٺو، پاڻ سڳورا ايترو کِليا، جو سندن اڳيان ڏند مبارڪ ظاهر ٿيا.

       حضرت عامر d چيو، مون حضرت سعد d کان پڇيو، ته پاڻ سڳورا ايترو ڪهڙي ڳالهه تي کليا؟ ان چيو ته هڪ ڪافر وٽ ڍال هئي ۽ اهو ڪافر پنهنجي اڳيان ڍال ڦيرائي سر جو بچاءُ ڪري رهيو هو. حضرت سعد d ڏاڍو نشان باز تير انداز هو. ان پنهنجو هڪ تير ڪڍي نشاني لاءِ تيار ڪيو. جيئن ئي ان ڪافر پنهنجو مٿو مٿي ڪيو، ته اهڙو تير چٽيائينس، جو سندس نراڙ ۾ وڃي لڳو. اهو ڪافر ڌڪ جي زور جي ڪري ٽَنگ کڻي ابتو ٿي وڃي ڪريو. تنهن تي حضور ڪريم جن ايترو کليا، جو سندن ڏند مبارڪ ظاهر ٿيا. حضرت عامر d پڇيو ته پاڻ سڳورا ڪهڙي ڳالهه تان کليا؟ حضرت سعد d چيو ته منهنجي بهادري واري ڪم تي، جيڪو ڪافر سان تير چُٽڻ ذريعي ڪيم.

مفردات جو شرح: ”تُرْسٌ سِپَر، ڍال. رَامِيًا تير هڻندڙ. يُغَطِّيڇپائي رکي، ڍڪي ڇڏي. نَزَعَ ڪڍيائين سَهۡمُ تير . ” شَالَ مٿي ڪيائين. بلند ڪيائين.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ عشره مبشره مان هڪ حضرت سعد d جو بيان آهي ته خندق جي جنگ واري ڏينهن مون رسول الله جن کي ڏٺو ته پاڻ ايترو کِليا جو سندن اندريان ڏند (ڏاٺون مبارڪ) ظاهر ٿيا. هن حديث جي راوي عامر d جو بيان آهي ته مون حضرت سعد d کان پڇيو ته پاڻ ايترو ڇو کِليا هئا؟ حضرت سعد d فرمايو ته جنگ جي ميدان ۾ هڪ (ڪافر) شخص کي ڍال هئي جيڪا هٿ ۾ کڻي تيرن کان بچاءَ ڪري پيو، پوءِ مون (حضرت سعد جيڪو وڏو تير انداز هيو) ان کي تاڙي جڏهن ان مٿو مٿي کنيو ته اهڙو تير هنيو جو ان جي پيشانيءَ تي لڳو ۽ اهو ڪلٽيون کائي اونڌو ٿي اهڙي نموني ڪريو جو پير مٿي کڄي ويس. منهنجي (حضرت سعد d جي) ان تير هڻڻ کي ڏسي حضرت حبيب ڪريم خوشيءَ ۾ ايترو کِليا هئا. هن روايت جي جمله وَكَانَ الرَّجُلۡ يَقُوۡلُ كَذَا وَكَذَا بِالتُّرْسِ جي هڪ معنى آهي ته هيڏي هوڏي ان ڍال سان اشارا ڪري پيو. يا قول مان مراد ان جا حضور ڪريم جي شان ۾ گستاخي وارا ڪلما هئا جن کي قبيح سمجهندي حضرت سعد d بيان نه ڪيو آهي ۽ پوءِ ان صورت ۾ ”با لترس“ جار ۽ مجرور ٻئي ما بعد سان متعلق آهن  يعني ”يغطي وجهه“ سان ۽ حبيب ڪريم جن حضرت سعد d جي تير اندازي جي قابليت سان گڏ ان ڪافر جي ذليل ٿي مرڻ ۽ ڪفر جي باهه وسائڻ تي خوش ٿي کليا هئا. پر ائين چوڻ ته ان جي اونڌي ٿي ڪرڻ، پير مٿي کڄي وڃڻ ۽ اگهاڙي ٿيڻ جي ڪري کليا هئا. صحيح ناهي ڇوته اهو نبي ڪريم جي شان جي لائق ناهي. (المواهب شرح الشمائل ص 388، جمع الوسائل ج 2 ص 23، اشرف الوسائل ص 326)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} الامام احمد في المسند ج 1 ص 186 {2} ابن حبان         (2697، 2698) {3} ابو داؤد (2602) {4} الطيالسي (7134) {5} عبد بن حميد (89088) {6} الشريعة للآجري (635،636) {7} البزار (773)

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting