خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب پنجون

 

 بَابُ مَا جَاءَ فِي شَيْبِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

رسول الله جي اڇن وارن جو بيان

 

سمجهاڻي: هن باب ۾ اهي حديثون آهن جن ۾ رسول الله جن جي اڇن (يعني سفيد) وارن جو ذڪر آهي ۽ هن کان اڳي ڦڻي ڏيڻ جي ذڪر وارو باب ان جي ڪري آندائين جو اهو هڪ عمل آهي جنهن ۾ رسول الله جن جي اقتدا ڪئي ويندي ۽ وارن مبارڪن جو باب به ان جي ڪري اڳي آندو ويو جو ڦڻي ڏيڻ يا اڇو هجڻ وارن جا عوارض آهن. اصل شيءِ وار آهن. ۽ شَيۡبُٗ جي معنى آهي وارن جو اڇو ٿيڻ ۽ خود اڇي وار کي به شيب چيو ويندو آهي . (المواهب شرح الشمائل ص 122) هن باب ۾ اٺ (8) حديثون آهن. شَيۡبُٗ پوڙهائپ ۽ وارن جي سفيدي آهي. شَيۡبَة ۽ مُشيب به ان معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن شين جي زير سان استعمال ڪيو وڃي شِيبُ ته پوءِ ان جي معنى ٿيندي بگهڙ جو ٻچو. شَيبَانُ عرب جو هڪ قبيلو آهي. انهن مان حضرت امام اعظم ابو حنيفه ߋ جو شاگرد محمد بن حسن شيباني هو. (عليهما الرحمة والرضوان) حضور ڪريم جن جي مٿي مبارڪ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ڪهڙي ڪهڙي جاءِ تي سفيد وار هئا. ڪيترا هئا؟ ۽ ڇا حضور ڪريم جن انهن کي خِضابُ ڪيو هو؟ ۽ ڇا انهن وارن جي سفيدي الله جي خوف کان هئي. هن باب ۾ انهن ڳالهين جو ذڪر آهي. حضور ڪريم جي وارن پاڪن کي تبرڪ طور ۽ برڪتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ مؤمنن جون مائرون، حضور ڪريم جون گهرواريون ۽ صحابه ڪرام عليهم الرضوان پاڻ وٽ رکندا هئا. ۽ ان وار مبارڪ جي واسطي سان شفا حاصل ڪندا هئا.

”بخاري شريف“ ۽ ”مشڪواة شريف“ ۾ آهي حضرت عثمان بن عبدالله f فرمايو ته ”منهنجي گهرواري مون کي پاڻيءَ جو پيالو ڏئي ام المؤمنين امِ سلمه gg ڏانهن موڪليو ۽ منهنجي گهرواريءَ جي هيءَ عادت هئي ته جيڪڏهن ڪنهن کي نظر لڳندي هئي يا ڪو بيمار ٿيندو هو ته اها ٿانوَ ۾ پاڻي وجهي ام المؤمنين امِ سلمه gg ڏانهن موڪليندي هئي ڇوته ان وٽ حضور نبي ڪريم جن جو وار مبارڪ هوندو هو. (حضرت عثمان بن عبدالله f فرمايو ته جڏهن مان پاڻيءَ جو پيالو کڻي ام المؤمنين ام سلمه g وٽ پهتس ته) ان رسول الله جن جو وار مبارڪ جيڪو چانديءَ جي دٻيءَ ۾ پيل هو. ڪڍي پاڻيءَ ۾ وجهي مون کي ڏنائين ته مون پي ڇڏيو.  ”مسلم شريف“ ۾ حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته مون رسول الله جن کي ڏٺو، حجام سندن مٿي (مبارڪ) جا وار ڪوڙي رهيو هو ۽ سندن چؤڌاري صحابي ڦري رهيا هئا. پوءِ سندن هر وار ڪنهن نه ڪنهن صحابي جي هٿ ۾ ڪري رهيو هو. (بخاري شريف جزء اول ص 29 مطبوعه نور محمد اصح المطابع دهلي) ابن سيرين ߋ جو قول آهي ته مون عبيده کي چيو ته” اسان وٽ نبي ڪريم   جو وار مبارڪ آهي جيڪو اسان کي حضرت انس d يا ان جي اهل کان مليو آهي. ته عبيده d فرمايو مون وٽ حضور ڪريم جن جي وار مبارڪ جو هجڻ دنيا ۽ جيڪو ڪجهه ان ۾ آهي ان کان وڌيڪ پيارو آهي. (انوارِ غوثيه ص 65، 66)

 

}37} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : أَخْبَرَنَا أَبُو دَاوٗدَ قَالَ : أَخْبَرَنَا هَمَّامٌ ، عَنْ قَتَادَةَ قَالَ : قُلْتُ لِأَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : هَلْ خَضَبَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ؟ قَالَ : لَمْ يَبْلُغْ ذَلِكَ ، إِنَّمَا كَانَ شَيْبًا فِي صُدْغَيْهِ وَلَكِنْ أَبُو بَكْرٍ ، خَضَبَ بِالْحِنَّاءِ وَالْكَتَمِ.

بامحاوره ترجمو : حضرت قتاده d چيو ته مون حضرت  انس بن مالڪ d کان پڇيو ته رسول الله جن وارن کي خضاب يا رنگ ڪندا هئا؟ ان چيو ته پاڻ سڳورا رنگ ڪرڻ جي حد کي نه پهتا هئا. کين رڳو ٿورا اڇا وار لوندڙين مبارڪن ۾ هئا. پر حضرت ابو بڪر صديق d  مهندي ۽ ڪتم يا وسمھ سان رنگ ڪيو هو.

مفردات جو شرح : ”خَضَبَ : ماضيءَ جو صيغو خضاب کان ورتل . رنگ ڪيائون. شَيبُ : ٻڍڙائپ، اڇن (يعني سفيد) وارن جو اچڻ. صُدغيہِ : لوندڙيون . اها جاءِ جيڪا اکين ۽ ڪنن جي وچ تي هوندي آهي.الحِناءُ : مهندي اَلکَتمُ : هڪ قسم جو گاهه آهي جيڪو ڪارو رنگ پيدا ڪندو آهي.

سمجهاڻي : خضاب ڪرڻ جو شرعي حڪم ڇا آهي اهو ته اڳيان ”باب ماجاء في خضاب رسول الله “۾ بيان ٿيندو.هتي حضرت انس d کان سوال ڪيو ويو ته ڇا رسول الله جن رنگ ڪيو هو؟ ته ان ارشاد فرمايو ته ” رسول الله جن ان عمر کي نه پهتا هئا جو رنگ ڪن. مسلم محمد بن سيرين جي روايت سان آندو آهي ته ”مون حضرت سيدنا انس بن مالڪ d کان پڇيو ته ڇا رسول الله جن رنگ ڪيو هو؟ ان جواب ۾ فرمايو ته ”پاڻ سڳورا ان حد کي نه پهتا هئا. سندن وار مبارڪ ٿوري تعداد ۾ اڇا هئا. جيڪي سندن پاڪ لوندڙين ۾ نظر ٿي آيا، ۽ حضرت ابو بڪر صديق d جيڪو سيدنا رسول الله جن کي نهايت ويجهو هو. اهو مهندي ۽ ڪتم گاهه مِلائي ان سان رنگ ڪندو هو. رسول الله جن جي مٿي پاڪ جي پيشانيءَ سان سامهون وارن ۽ لوندڙين ۽ چپن مبارڪن جي هيٺان کاڏي مبارڪ تي ٿورا اڇا وار هئا. علامه زرقاني مواهب لدنيه جي شارح ߋ فرمايو آهي ته بعض روايتن مان ثابت ٿئي ٿو ته سندن مٿي پاڪ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ سڀ سترهن يا ارڙهن وار اڇا هئا. (انوارِ غوثيه ص 67)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البخاري في کتاب المناقب باب 23 صفة النبي حديث رقم 3550 ج 6 ص 564 {2} مسلم في کتاب الفضائل باب 29 شيبه 5 حديث الکتاب رقم 104 ج 4 ص 1821، 1822 {3} النسائي في کتاب الزينة باب 17 الخضاب بالصفرة ج 8 ص 140، 141 {4} ابو يعلى في مسنده حديث رقم 2893 ج 5 ص 275 {5} البغوي في الشمائل حديث رقم 171 ج 1 ص 150 وفي شرح السنة حديث رقم 3652 ج 13 ص 227، 228.

}38} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ ، وَيَحْيٰى بْنُ مُوسٰى ، قَالاَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّزَّاقِ ، عَنْ مَعْمَرٍ ، عَنْ ثَابِتٍ ، عَنْ أَنَسٍ قَالَ : مَا عَدَدْتُ فِي رَأْسِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَلِحْيَتِهِ إِلَّا أَرْبَعَ عَ‍شْرَةَ شَعْرَةً بَيْضَاءَ.

بامحاوره ترجمو : حضرت انس d چيو ته مون رسول الله جن جي مٿي مبارڪ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ رڳو چوڏهن (14) اڇا وار ڳڻيا هئا.

مفردات جو شرح : ”مَاعددتُّ“ واحد متڪلم جو صيغو مون نه ڳڻيا. رَاسُ“ مٿو مبارڪ. لِحۡيَتِهٖ سندن ڏاڙهي مبارڪ. اَرۡبَعَ عَشۡرَة 14 ”شَعرَة“  وار. ”بَيۡضَاء اڇا، سفيد.

سمجهاڻي : سيدنا رسول الله جي اڇن وارن مبارڪن جي تعداد ۾ مختلف روايتون آهن. حضرت سيدنا انس d جي هن روايت ۾ چوڏهن جو ذڪر آهي ۽ ٻي حديث ۾ سترهن سفيد وارن جو ذڪر آهي. ”مسلم شريف“ جي هڪ روايت ۾ ڏهن سفيد وارن جو ذڪر آهي. هڪ روايت ۾ يارهن سفيد وارن جو ذڪر آهي. پر هن آخري روايت کي محدثن شاذ ۽ منڪر چيو آهي. بهرحال سندن پاڪ مٿي ۾ اڇا (يعني سفيد) وار مبارڪ ارڙهن تائين هئا. (انوارِ غوثيھ ص 68)

هي اهڙو وڏو اختلاف ناهي مختلف وقتن تي محمول ٿي سگهي ٿو ۽ ڳڻڻ ۾ فرق به ممڪن آهي، جيئن جيئن عمر وڌندي وئي تيئن تيئن اڇا وار به وڌندا ويا.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} احمد في المسند ج 3 ص 165 {2} البزار في مسنده رقم الحديث 2365، ڪشف الاستار ج 3 ص 125.

 

}39} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى قَالَ : أَخْبَرَنَا أَبُو دَاوٗدَ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ قَالَ : سَمِعْتُ جَابِرَ بْنَ سَمُرَةَ ، وَقَدْ سُئِلَ عَنْ شَيْبِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، فَقَالَ : كَانَ إِذَا دَهَنَ رَأْسَهُ لَمْ يُرَ مِنْهُ شَيْبٌ ، وَإِذَا لَمْ يَدْهِنْ رُئِيَ مِنْهُ.

بامحاوره ترجمو : حضرت سماڪ بن حرب چيو ته حضرت  جابر بن سمرة  d کان رسول الله جي اڇن وارن جي باري ۾ پڇيو ويو. ان چيو ته جڏهن پاڻ سڳورا مٿي  مبارڪ ۾ تيل هڻندا هئا ته اڇا وار نظر نه ايندا هئا ۽ جڏهن پاڻ تيل نه مکيندا هئا ته ڪجھه اڇا وار ڏسڻ ۾ ايندا هئا.

مفردات جو شرح : ”يَسۡئَلُ“ : سوال کان ورتل پڇي، سوال ڪري. دَهَنَ“ : تيل مکيائون. لَمۡ يُرَ : ڏسڻ ۾ نه آيو، نه ڏٺو ويو. منِہُ“ : ان کان ، ان مان . رُئِيَ : ڏٺو ويو.

سمجهاڻي : حضرت جابر بن سمرة dجي هن ارشاد مان واضح ٿيو ته ”جڏهن پاڻ ڪريم جن تيل مکيندا هئا. ته سندن وار مبارڪ تيل سان سڻڀي ٿيڻ جي ڪري چمڪندا هئا ۽ اهي سفيد وار به ڏسڻ ۾ نه ايندا هئا. يا ڪنگي ۽ ڦڻي ڏيڻ جي ڪري سندن ٻين وارن جي هيٺان اچي وڃڻ جي ڪري به نظر کان غائب ٿي ويندا هئا. ان جي ڪري جو تمام ٿورا هئا. مسلم ۽ نسائي به  حضرت جابر d کان روايت آندي ته پاڻ پنهنجي مٿي مبارڪ جي اڳئين حصي ۽ ڏاڙهي مبارڪ کي ڦڻي ڏيندا ۽ تيل هڻندا هئا ته اڇا وار ظاهر نه ٿيندا هئا ۽ جيڪڏهن وار مبارڪ تيل کان سواءِ ائين ئي کُليل هوندا هوندا هئا ته سفيد وار ظاهر ٿيندا هئا. (جمع الوسائل و شرح المناوي للشمائل ج 1 ص 91،92)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} مسلم في ڪتاب الفضائل باب 29 شَيبہھ 5 ، رقم الحديث 2344 ج 4 ص 1822 {2} النسائي في ڪتاب الزينة باب 28 الدهن ج 8 ص 150 {3} البيهقي في الدلائل ج 1 ص 234 {4}  الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 1916 ج 2 ص 222 البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3654 ج 13 ص 228، 229.

 

}40} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ عَمْرِو بْنِ الْوَلِيدِ الْكِنْدِيُّ الْكُوفِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ آدَمَ ، عَنْ شَرِيكٍ ، عَنْ عُبَيْدِ اللَّهِ بْنِ عُمَرَ ، عَنْ نَافِعٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عُمَرَ قَالَ : إِنَّمَا كَانَ شَيْبُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ نَحْوًا مِنْ عِشْرِينَ شَعْرَةً بَيْضَاءَ.

بامحاوره ترجمو : حضرت ابن عمر f چيو ته رسول الله جن کي اڇا وار ويهارو کن هئا.

مفردات جو شرح : ”اِنَّمَا“ : حصر جـو حـرف نَحۡوًا“ : قـريب عشرينَ“ : ويهه

سمجهاڻي : اهڙيءَ طرح جي حديث حضرت انس d کان به آيل آهي جنهن ۾ ان جو قول آهي تهوَلَيۡسَ فِيۡ رَاسِھ وَلِحۡيَتِھ عِشۡرُوۡنَ شَعۡرَةً بَيۡضَاءَ (۽ سندن مٿي مبارڪ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ويهه وار به اڇا نه هئا.)

اڇن وارن جي گهٽ هجڻ ۾ حڪمت : شمائل جي شارح علامه قاضي محمد عاقل لکيو آهي ته سيدنا رسول الله جي سفيد وارن جي گهٽ هجڻ ۾ اها حڪمت به هئي جو عورتن کي سفيد وار گهٽ وڻندا آهن ۽ حضور ڪريم جي ڪنهن به شيءِ کي ناپسنديدگي جي نظر سان ڏسڻ ڪفر آهي، نعوذبالله . الله ان جي ڪري سندن گهڻن وارن کي سفيد ٿيڻ کان بچايو ته نه انهن کي ڪو ناپسند ڪري ۽ نه ڪفر کي قريب ٿئي. والله اعلم (انوارِ غوثيه ص 69)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابن ماجه في ڪتاب اللباس باب 35 من ترڪ الخضاب رقم الحديث  3630 {2 احمد في المسند ج 2 ص 90  {3 ابن کثير في الشمائل ص 27.

}41} حَدَّثَنَا أَبُو كُرَيْبٍ مُحَمَّدُ بْنُ الْعَلاَءِ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَاوِيَةُ بْنُ هِشَامٍ ، عَنْ شَيْبَانَ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنْ عِكْرِمَةَ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : قَالَ أَبُو بَكْرٍ : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، قَدْ شِبْتَ ، قَالَ : شَيَّبَتْنِي هُودُ، وَالْوَاقِعَةُ، وَالْمُرْسَلاَتُ،  وَعَمَّ يَتَسَاءَلُونَ ، وَإِذَا الشَّمْسُ كُوِّرَتْ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابن عباس f چيو ته حضرت ابو بڪر صديق d عرض ڪيو ته يا رسول الله اوهان پوڙها ٿي ويا آهيو! پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته مون کي سورة هود، سورة واقعة، سورة مرسلات، عم يتساءَلون ۽ اذا الشمس ڪورت (سورة تڪوير جي تلاوت) پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي.

مفردات جو شرح :  ”شِبۡتَ“ : واحد مذڪر ، مخاطب جو صيغو. اوهان پوڙها ٿي ويا آهيو. شَيَّبَتۡنِيۡ“ : واحد مؤنث، غائب جو صيغو، مون کي پوڙهو ڪيائون. هُوۡدُ“ : کان  کُوِّرتۡ“ : تائين قرآن ڪريم جي سورتن جا نالا آهن.

سمجهاڻي: حضرت ابنِ عباس f کان روايت ڪيل حديث ۾ حضور ڪريم   جي هن قول جو مقصد آهي ته ”مذڪوره سورتن ۾ جيڪو ڪجهه ذڪر ڪيل آهي اهو ٻڌڻ کان پوءِ منهنجا اهي وار (مبارڪ) سفيد ٿي ويا آهن.“ جيئن هڪ روايت ۾ آيو آهي ته ” پاڻ ڪريم جن پنهنجي پاڪ گهر کان ٻاهر اچي رهيا هئا ۽ حضرت  ابو بڪر صديق d ۽ حضرت  عمر فاروقِ اعظم d اڳئي مسجد شريف ۾ ويٺا هئا. اتي حضرت  ابو بڪر صديق d کين عرض ڪيو ته ” يا رسول الله ! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تان قربان! اوهان پوڙها ٿي ويا آهيو! ائين چئي روئڻ لڳو.“ ته پاڻ کيس مٿيون جواب ارشاد فرمايائون. روايتن ۾ مٿي ذڪر ڪيل سورتن کان سواءِ سورة ”الحاقة، القارعة ۽ الغاشية جي لاءِ به ائين فرمايو اٿن. انهن سڀني سورتن ۾ مذڪور گهڻو ڪري هڪڙو آهي يعني دوزخ جو ذڪر، صور ۾ ڦوڪ ڏيڻ جو ذڪر، مجرمن کي سزائن جو بيان قومن جا عذاب ۽ انهن تي آيل سختين جو ذڪر. هڪ ڀيري پاڻ فرمايائون ته جيڪو مان ڄاڻان ٿو جيڪڏهن اهو اوهان ڄاڻو ته روئندا رهو. ۽ کِلڻ ۽ عورتن جي صحبت به ڇڏي ڏيو.“ شرح السنة واري لکيو آهي ته هڪ بزرگ سيدنا رسول الله جن کي خواب ۾ ڏٺو ۽ کين عرض ڪيو ته ”اوهان جو فرمان ته مون کي سورة هود پوڙهو ڪيو آهي ان جو ڇا سبب آهي؟ پاڻ ان کي جواب ڏنائون  ته ”ان ۾ هڪ آيت آهي.”فَاسْتَقِمْ کَمَاۤ اُمِرْتَ (سورة هود آيت 112) (جيئن امر ڪيا ويا آهيو ائين استقامت ڪيو) انهيءَ جي خوف  کان آءُ پوڙهو ٿي ويو آهيان. ڇاڪاڻ ته اهو تمام مشڪل آهي اولياء ڪرام چونداآهن ته ”استقامت ڪرامت کان مٿي آهي“ دين تي پورو رهڻ ۽ الله جي هر رضا تي نفس کي راضي رکڻ اهڙي ڀلائي آهي جنهن ۾ ڪوبه شڪ ناهي. ماڻهو ڪڏهن ڪنهن بي دين کان به استدراج (ڍر ڏئي پڪڙڻ) طور ڪا ڳالهه ڏسندا آهن ته ان کي به ڪرامت سمجهندا آهن. حالانڪه ڪرامت صالحن، عابدن، زاهدن ٻانهن کان صادر ٿيندي آهي. حضرت علامه زمخشري ߋ لکيو آهي ته ”هڪ ڪتاب ۾ ڏٺو اٿم ته ”هڪڙو شخص ڪارن وارن وارو، نوجوان، نهايت صحتمند هو. مگر هڪ ئي رات ۾ ان جا سمورا وار اڇا ٿي ويا، صبح جو جڏهن ان کان ان جو سبب پڇيو ويو ته ان چيو ته مون رات خواب ۾ ڏٺو ته ماڻهن کي زنجيرن سان ٻڌي قابو ڪري جهنم ۾ اڇلايو پيو وڃي ان خوف کان منهنجا هي وار اڇا ٿي ويا آهن.“

                                                (فضائلِ النبي 5 شرح شمائل ترمذي ص 41)

سوال : وار اڇا تڏهن ٿيندا آهن جڏهن انسان جي اندر چئن طبيعتن جي نظام ۾ تبديلي ايندي آهي. حضور ڪريم   جن جي طبيعت مبارڪ ۾ ته اها ڳالهه ناممڪن آهي. پوءِ سندن وار اڇا ڇو ٿيا؟

جواب : علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ان جي جواب ۾ حضور ڪريم جن اهو ارشاد فرمايو هو ته ”قرآن مجيد جي سورتن ۾ مذڪور ڳالهه جي ڪري ائين ٿيو آهي .

فائدو : بعض روايتن ۾ اَلۡحَاقَّةُ ہَلْ اَتٰىکَ حَدِیۡثُ الْغَاشِیَۃِ اَلۡقَارِعَةُ سَالَ سآئل“، ”اِقْتَرَبَتِ السَّاعَۃُ سورتن جو به ذڪر آيل آهي ۽ هن حديث ۾ هي الفاظ ته ”مون کي هن سورتن پوڙهو ڪيو آهي“ اها سبب ڏانهن نسبت آهي. حقيقي مُسببُ الله آهي ۽ هي سورتون سندن پيرسن هجڻ جو سبب ان جي ڪري ٿيون جو انهن ۾ نيڪ بختن ۽ بدبختن ۽ قيامت جي سختين جو احوال ۽ انهن ڳالهين جو ذڪر آهي جيڪي قدسية نفوس جي لاءِ ڏکوئيندڙ آهن. ۽ اهو استقامت جو امر آهي جيئن اڳ ۾ بيان ٿيو ۽ ٻيون خوف واريون ڳالهيون به. خاص ڪري سندن امت تي ڇوته پاڻ پنهنجي امت تي رؤف رحيم آهن ۽ انهن جي غم تي غمگين ٿين ٿا. جيئن ڪجهه روايتن ۾ آهي ته شَيَّبَتۡنِيۡ هُوۡدُ وَاَخۡوَاتُهَا وَمَا فُعِلَ بِالۡاُمَمِ قَبۡلِيۡ يعني مون کي (سورة) هود ۽ ان جي ڀينر (سورتن) ۽ جيڪو مون کان اڳي امتن سان  ڪيو ويو ان پوڙهو ڪيو آهي.“ ۽ اهي سموريون ڳالهيون ضعيف هجڻ کي لازم ڪري وٺن ٿيون  ۽ جلدي پوڙهو بڻائن ٿيون. جيئن متنبي عرب شاعر جو شعر آهي:

 وَالۡهَمُّ يَخۡتَرِمُ الۡجَسِيۡمَ نِحَافَةً                                       وَيُشِيۡبُ نَاصِيَةَ الصَّبِيِّ وَ يُهۡرِمَ

(۽ هم، فڪر ٿلهي ماڻهوءَ کي به نحيف ڪمزور بڻائي ٿو ۽ ٻار جي پيشانيءَ کي پوڙهو بڻائي ۽ ڪمزور ڪري ٿو)

پر جڏهن ته سيدنا رسول الله جن وٽ شرحِ صدر ۽ سندن پاڪ قلب تي يقين جا انوار تسلي ڏيندڙ هئا ته سندن مٿان ٿورو اثر ٿيو جو سندن وار مبارڪ به ٿورا سفيد ٿيا هئا تان ته جلال ۽ جمال جو مظهر رهن. ۽ سورة” هود“ جو اڳي ٻين سورتن کان ذڪر ڪيو ويو ڇوته حضور ڪريم جن کي استقامت جي موقف ۾ ثابت رهڻ جو امر ڪيل آهي جنهن استقامت جي چوٽيءَ تي چڙهڻ لاءِ ڪوبه قوت نه ٿو رکي مگر جنهن کي الله اهو سلامتيءَ جي وڳن وارو شرف عطا فرمائي .

سوال : جنهن استقامت جو حضور ڪريم جن کي سورة ” هود“ ۾ امر ڪيو ويو آهي اهو ساڳيو امر سورة ”الشورى“ ۾ به آهي پوءِ پوڙهي ڪرڻ جي نسبت صرف سورة ”هود“ ڏانهن ڇو ڪئي وئي آهي؟

جواب : هڪ ان جي ڪري جو پاڻ اهو امر پهريان سورة”هود“ ۾ ٻُڌو هيائون. ۽ ٻيو ته کين جيڪو سورة ” الشورى“ ۾ امر ٿيل آهي اهو صرف سندن ذات سان مخصوص آهي ۽ سورة هود وارو امر سندن ذات سان گڏ سندن امت جي لاءِ به آهي. جڏهن کين علم هو ته سندن امتي ان امر جي اطاعت نه ڪري سگهندا ته انهن جي حال ۽ انهن جي امر جي عاقبت جي فڪر ۾ ائين ٿيو هو. (المواهب شرح الشمائل ص 129)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 435 {2} الحاڪم في المستدرڪ ج 2 ص 343، 486 {3} ابو نعيم في الحلية ج 4 ص 350 {4} الضياء في المختارة ج 1 ص 66، 75 {5} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 107، 108 {6} الدار قطني في العلل ج 1 ص 193 {7} البيهقي في شعب الايمان ج 1 ص 282 و في الدلائل ج 1 ص 357، 358.

 

}42} حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ وَكِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بِشْرٍ ، عَنْ عَلِيِّ بْنِ صَالِحٍ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنْ أَبِي جُحَيْفَةَ قَالَ : قَالُوا : يَا رَسُولَ اللَّهِ ، نَرَاكَ قَدْ شِبْتَ ، قَالَ : قَدْ شَيَّبَتْنِي هُودٌ وَأَخَوَاتُهَا.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو جحيفھ d کان روايت آهي ته اصحابن سڳورن عليهم الرضوان عرض ڪيو ته يا رسول الله اسان اوهان کي پوڙهو ٿا ڏسون. پاڻ سڳورن جن ارشاد فرمايو ته سورة هود ۽ ان جھڙين سورتن مون کي پوڙهو ڪيو آهي 

مفردات جو شرح : ”قَالوا“ : جمع جو صيغو آهي جنهن جي معنى آهي چيائون.

سوال : اهو جمع جو صيغو ڇو آندو ويو حالانڪه عرض ڪندڙ ته حضرت ابو بڪر صديق d هڪ هو؟

جواب : ان جا ٽي سبب آهن هڪ ته حضرت ابو بڪر صديق d انهن جو وڏو ۽ رئيس هو ان جي تعظيم جي لاءِ جمع جو صيغو آندو ويو. ٻيو ته جڏهن ڪا جماعت ڪنهن ڳالهه تي متفق هوندي آهي ته انهن مان هڪ جي قول کي جماعت جو قول قرار ڏئي جمع جو صيغو آندو ويندو آهي. ٽيون ته جيڪي صحابه موجود هئا انهن سڀني چيو ته ”يا رسول الله ! نَرَاکَ قَدۡ شِبۡتَ صحابه ڪرام جو ڳالهائڻ جو اهو انداز هو. نراڪ جمع متڪلم جو صيغو رؤيت کان ورتل آهي اسين اوهان کي ڏسون ٿا. قَدۡ شِبۡتَ زبر جي محل ۾ نَرَي“ جو ثاني مفعول آهي. يا نَرَاکَ جي ٻئي مفعول کان حال آهي ۽ اهو قول وڌيڪ ظاهر آهي. پوءِنِرَاکَ مان محسوس ٿيندڙ رؤية، علم جي معنى ۾ آهي. اَخواتُها اخت جو جمع معنى ڀينرون پر هتي مراد ان جي مشابهه سورتون آهن جن ۾ قيامت ۽ ان جي عذابن جو ذڪر آهي.

سمجهاڻي : سيدنا رسول الله جن کان صحابه ڪرام عليهم الرضوان اهو سوال ان جي ڪري ڪيو هو  جو پاڻ گهڻي رياضت ڪندا هئا جيڪا سندن پوڙهائپ جو سبب بڻي هئي. صحابن کين اها گهٽائڻ جي درخواست ڪرڻ ٿي گهري پر پاڻ ان جو سبب اهو بيان ڪيائون ته ” قرآن ڪريم جي سورتن نازل ٿيڻ ۽ انهن ۾ بيان ڪيل عذابن جي ڪري اها پوڙهائپ آئي آهي.“ ابن سعد d حضرت  انس d کان حديث آندي آهي ته حضرت ابو بڪر صديق ۽ حضرت  عمر فاروقِ اعظم d منبر پاڪ وٽ ويٺا هئا. ته رسول الله جن پنهنجي ڪجهه گهرواين وٽان نڪتا ۽ پنهنجي ڏاڙهي مبارڪ کي هٿ لڳائي، مٿي کڻي ان ڏانهن نهاريندا ٿي آيا. حضرت انس d فرمايو ته حضرت ابو بڪر صديق d دل جو نرم هو ۽ حضرت عمر فاروقِ اعظم d سخت مڙس هو. حضرت ابو بڪر صديق d کين عرض ڪيو ته ”منهنجو پيءُ ماءُ اوهان تان قربان اوهان جلد پوڙها ٿي ويا آهيو پوءِ پاڻ ڪريم جن ڏاڙهي مبارڪ مٿي کنيائون ۽ حضرت ابو بڪر صديق d ڏسي روئي ڏنو. پوءِ رسول الله جن ارشاد فرمايو :”مون کي (سورة) ”هود“ ۽ ان جي ڀينرن پوڙهو ڪيو آهي. حضرت ابو بڪر صديق پڇيو ته ”ان جون ڀينرون ڪهڙيون آهن؟ پاڻ ارشاد فرمايائون ته ”الواقعة، القارعة، سَال سائل، اذا الشمس کورت“ (جمع الوسائل و شرح المناوي  ج 1 ص 94)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 880 ج 2 ص 184 {2}  الدارقطني في العلل ج 1 ص 206 ، 207. {3}  الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 318 ج 22 ص 123 {4} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 4176  ج 14 ص 382، 374

 

}43} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ قَالَ : أَنْبَأَنَا شُعَيْبُ بْنُ صَفْوَانَ ، عَنْ عَبْدِ الْمَلِكِ بْنِ عُمَيْرٍ ، عَنِ إِيَادِ بْنِ لَقِيطٍ الْعِجْلِيِّ ، عَنْ أَبِي رِمْثَةَ التَّيْمِيِّ ، تَيْمِ الرَّبَابِ قَالَ : أَتَيْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَمَعِي ابْنٌ لِي ، قَالَ : فَأَرِيْتُهُ ، فَقُلْتُ لَمَّا رَأَيْتُهُ : هَذَا نَبِيُّ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَعَلَيْهِ ثَوْبَانِ أَخْضَرَانِ ، وَلَهُ شَعْرٌ قَدْ عَلاَهُ الشَّيْبُ ، وَشَيْبُهُ أَحْمَرُ.

بامحاوره ترجمو : حضرت ابو رمثھ تيمي (تيم الرباب قبيلي وارو) چوي ٿو ته آءُ پنهنجو پٽ گڏ وٺي نبي ڪريم جن جي خدمت ۾ آيس. مون کي حضور جن جي سڃاڻپ ڪرائي وئي. پوءِ مون نبي جن کي ڏٺو ۽ چيو ته هي الله جو نبي آهي. کين ٻه ساوا ڪپڙا پاتل هئا. سندن ڪجھه وارن تي پوڙهائپ جا آثار هئا ۽ ڀورا وار مبارڪ ڳاڙها هئا.

مفردات جو شرح : ”وَمَعِيَ : هي واو حال جو آهي ۽ جمله حاليه آهي يعني (حالانڪه  مون سان گڏ) فاُرِيتُہ مجهول جي صيغي سان. پوءِ مون کي ڏيکاريا وياوَعَلَيہ : واو حال جو جملھ حاليه آهي. (حالانڪه سندن مٿان)ثَوبَانِ اَخضَرَانِ : تثنيو آهي. ٻه ساوا ڪپڙا. انهن مان مراد گوڏ ۽ چادر آهن جيڪي سبز رنگ سان رڱيل هئا. وَلَھ شَعۡرُٗ : شعر ۾ تنوين تقليل جي آهي. ٿورڙا وار. قَد عَلاهُ الشيبُ : انهن جي مٿان سفيدي اچي وئي هئي. وَشَيبُھ اَحمَرُ : ۽ سندن سفيد وار ڳاڙها هئا. هن جي وضاحت ۾ ٻه قول آهن. هڪ ته پاڻ انهن ٿورڙن وارن کي مهندي لڳائي هئائون جيڪڏهن مهندي لڳائڻ ثابت آهي؟. ٻيو ته ڪنهن ڪنهن جا وار سفيد ٿيڻ کان اڳي ڳاڙها ٿيندا آهن.

سمجهاڻي : حضرت ابو رمثھ d جو ارشاد آهي ته ”مون سان گڏ منهنجو پُٽ به هو مان حضور ڪريم جن جي خدمتِ بابرڪت ۾ حاضر ٿيس ته مون کي سندن تعارف ڪرايو ويو. هن مان معلوم ٿيو ته ان اڳ ۾ حضور ڪريم جن جو ديدار نه ڪيو هو. هاڻي جڏهن ان رسول الله   جن جو عظمت ۽ شان وارو نوراني چهرو ڏٺو ته فورًا چوڻ لڳو” هي الله جو نبي آهي“ حضرت علامه علي قاري ߋ لکيو ته ان جو مطلب آهي ته: عَلِمۡتُ يَقِيۡنًا اِنَّھ نَبِيُّ اللهُ مِنۡ نُّوۡرِ جَمَالِھ الۡعَلِي وَظُهُوۡرِکَمَا لِھ الۡجَلِّيَ حَيۡثُ لَايَحۡتَاجُ اِلٰي اِظۡهَارِمُعۡجَزةِ وَاتِيَانِ بُرۡهَانِ وَحُجَّةِ يعني سندن بلند جمال جي نور ۽ روشن ڪمال جي ظهور مان مون کي يقين ٿيو آهي ته پاڻ الله جا نبي آهن ۽ اهو يقين ان حد تائين آهي جو معجزي ۽ ٻئي برهان ۽ حجة آڻڻ جي محتاجي نه رهي آهي. ان وقت کين ٻه ساوا ڪپڙا پاتل هئا. هڪ گوڏ ٻي چادر.

       شمائل جي شارح علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”واللباس الاخضر  هو لباس اهل الجنة کما في الخبر.“ (يعني سائي رنگ وارو لباس جنت جو لباس آهي جيئن حديث ۾ آيو آهي) ۽ الله جو فرمان آهي : وَيَلۡبَسُوۡنَ ثِيَابًا خُضۡرًا . (۽ سائو لباس پائيندا.) صحابي فرمايو ته (سيدنا) رسول الله جن کي ٿورڙا اڇا وار هئا ۽ اهي ڳاڙها هئا.“ جمهور جو قول آهي ته اڇي ٿيڻ جي شروعات ۾ وار ڳاڙها ٿيندا آهن هتي ان جو ذڪر آهي . (جمع الوسائل ج 1 ص 95، انوارِ غوثيھ ص 72)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابو داؤد في ڪتاب اللباس باب 18 في الخضرة رقم الحديث 4065 ج 4 ص 52 {2} الترمذي في ڪتاب الادب باب 48 باب ماجاء في الثوب الاخضر رقم الحديث 2812 ج 5 ص 119، بقصة البردين فقط. {3} النسائي في ابواب العيدين باب الزينة للخطبة للعيدين ج 3 ص 185 {4} الامام الاحمد في المسند ج 2 ص 226، 228 و ج 4 ص 163 {5} ابنِ حبان في صحيحة رقم الحديث 5995  ج 13 ص 337

 

}44}  حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا سُرَيْجُ بْنُ النُّعْمَانِ قَالَ : حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ ، عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ قَالَ : قِيلَ لِجَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ : أَكَانَ فِي رَأْسِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ شَيْبٌ؟ قَالَ : لَمْ يَكُنْ فِي رَأْسِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ شَيْبٌ إِلَّا شَعَرَاتٌ فِي مَفْرِقهٖ ، إِذَا ادَّهَنَ وَارَاهُنَّ الدُّهْنُ.

مفردات جو شرح : ”اَکَانَ“: همزه استفهام جو آهي ”ڇا هئا“ شَعۡرَاتُٗ : هن ۾ تنوين تقليل جي آهي. جنهن جي معنى آهي ٿورا وار.مَفرِقُ“ : (را جي زبر ۽ زير ٻنهي سان آيل آهي) مٿي جو وچ. اها جاءِ جتان وار جدا ٿين ٿا. اِدهَنَ : تيل هنيائين.  ”وَارَاهنَ“ : مُوارَاةُ کان ورتل ماضيءَ جو صيغو آهي. ”مُوَارَاةُ معنى ڍڪڻ، غائب ڪرڻ.

سمجهاڻي : جڏهن ته حضور ڪريم جن جي مٿي مبارڪ ۾ اڇا وار گهڻو گهٽ هئا ان جي ڪري تيل هڻڻ کان پوءِ جڏهن ڦڻي ڏيندا هئا ته اهي ٿورا اڇا وار ٻين ۾ ڍڪجي ويندا هئا. ڏسڻ ۾ نه ايندا هئا. ۽ هن حديث ۾ جڏهن ته سوال صرف سندن مٿي مبارڪ جي اڇن وارن جي متعلق هو ته حضرت سيدنا جابر بن سمرة جواب ۾ به صرف مٿي مبارڪ جي وارن جـو ذڪر ڪيو، سندن ڏاڙهي مبارڪ جي وارن جو ذڪر نه ڪيو.

تنبيهه : مٿي يا ڏاڙهيءَ مان اڇا وار چونڊ ڪري پٽڻ يا قينچيءَ سان ڪٽي ڇڏڻ منع آهي. اڪثر علماء جو اهو قول آهي ان جي ڪري مرفوع حديث ۾ آيو آهي:  لَاتَنۡتَفُوا الشَّيۡبَ فَاِنَّھ نُوۡرُ الۡمُسۡلِمِ (رواه الاربعة وقالواحسن) (اڇا وار چونڊي نه ڪڍو. بلاشڪ اهي مسلمان جو نور آهن.)    (المواهب شرح الشمائل ص 133)

فائدو : هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي اهي اڳئين حديث وارا ساڳيا آهن.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting