محدث
ترمذيߋ
جي سوانح حيات
اسم
گرامي
:
محمد
پيءُ جو
نالو ۽ نسب
:
سندن والد مڪرم جو نالو مبارڪ عيسى ۽ اڳتي
سلسلو
هن طرح آهي.
عيسى بن سورة بن موسى بن ضحاڪ، سلمي، بوغي، ترمذي، سلمي بني سليم قبيلي ڏانهن نسبت
آهي جيڪو قيس بن غيلان جي اولاد مان هو. البوغي ”با“ جي پيش ”و“ جي جزم ۽ ”غين“
سان هڪ ڳوٺ ڏانهن نسبت آهي جيڪو جيحون درياء جي ڪناري تي ترمذ شهر کي ويجهو آهي ان
کي ”مدينة الرجال“ سڏيندا هئا.
(وفيات
الاعيان ج 4 ص 228 حاشيھ شمائل ترمذي ص 5)
ولادت
:
هي
ڀلارو سن
209
هه
مطابق
824ع
۾ بوغ مقام تي ڄائو هو.
(الحطة
ص 250)
علامه ذهبي
ߋ
هن بزرگ جي ولادت
210
هه
جي وچ تي لکي آهي.
(سير
اعلام النبلاء ج 13 ص 271)
نسبت
: پاڻ
ߋ
”ترمذ“ شهر ڏانهن منسوب هجڻ جي ڪري ترمذي سڏيو ويندو آهي ۽ هن نسبت ۾ ”تا“ جي پڙهڻ
۾ ٽي قول آهن. (1)
”تا“ جي پيش سان (2)
”تا“ جي زبر سان (3)
”تا“ جي زير سان. مگر گهڻو ڪري پراڻي دؤر کان ”تا“ ۽ ”ميم“ جي زير سان استعمال
ٿيندو آيو آهي.
(وفيات الاعيان ج 4 ص 228)
ڇا ڄمندي
ئي نابينا هو؟
: ان
۾ به اختلاف آهي پر جنهن قول کي علامه ذهبي
ߋ،
علامه حافظ ابنِ حجر
ߋ،
علامه ابنِ ڪثير
ߋ
وغيره ترجيح ڏني آهي اهو هي آهي ته هي بزرگ ڄمڻ وقت نابينا نه هو آخري عمر ۾
نابينا ٿيو هو.
(تذڪرة الحفاظ جزء 2 ص 634، سير اعلام النبلاء ج 13 ص 270)
حديث
حاصل ڪرڻ جي لاءِ سفر
: هن
حضرت حديث پاڪ حاصل ڪرڻ لاءِ خراسان، عراق ۽ حجاز جا سفر ڪيا هئا ۽ اتاهين ڪيترين
حديث جي راوين کان حديثون حاصل ڪيون هئائين.
(تهذيب التهذيب ج 9 ص
387)
حديث جي
فن ۾ سندس استاد
:
پاڻ هنن بزرگن کان حديث روايت ڪئي هئائين.
]1]
امام
بخاري
ߋ
[2]
امام مسلم
ߋ
[3]
ابو زرعة رازي
ߋ
[4]
ابو داؤد
ߋ
[5]
دارمي
ߋ
۽ ٻين وقت جي ڪيترن عظيم محدثن کان پر کيس وڏو فائدو حديث جي راوين جي امام محمد بن
اسماعيل بخاري کان مليو ۽ پاڻ گهڻو عرصو ان سان گڏ
رهيو.
(حاشيه
شمائل ترمذي ص 7)
محدث
ترمذي جا شاگرد
:
حافظ ابنِ حجر عسقلاني
ߋ
لکيو آهي ته محدث ترمذي
ߋ
کان هنن ڀلارن حديثون روايت ڪيون آهن.
]1]
ابو حامد مروزي
ߋ
[2]
احمد بن يوسف نسفي
ߋ
[3]
اسد بن حمدويه
ߋ
[4]
داؤد بن نصر بزدوي
ߋ
[5]
هيثم بن ڪليب شامي
ߋ
[6]
محمد بن محبوب ابو العباس محبوبي
ߋ
[7]
عبد بن محمد بن محمود نسفيߋ
[8]
محمود بن نمير
ߋ
[9]
محمد بن محمود
[10]
محمد بن محمود بن فرج
[11]
ابو جعفر محمد بن سفيان نسفي
[12]
محمد بن منذرهروي ۽ ٻيا. امام بخاري
ߋ
پاڻ به ان کان حديث ياد ڪئي هئي.
(تهذيب التهذيب ج 9 ص
387)
محدث هجڻ
سان گڏ فقيه
:
محدث ترمذي حديث جي علم ۽ روايت سان گڏ ان جي معنى ۽ مراد حاصل ڪرڻ ۾ تمام اونهو
ويندو هو. ۽ ان ۾ فقھ
جي سوچ گهڻي رکندو هو. ان سان متعلق علماء جي مذهبن کي گهڻو چاهيندو هو. ۽ پنهنجي
دور ۾ مشهور مذهبن جو جامع هو. سندس ڪتاب سندس فقيھ هجڻ، ان ۾ عميق وڃڻ ۽ ان تي
اطلاع رکڻ جي لاءِ ڪافي دليل آهي، پاڻ هر باب جي حديث جي پويان علماء جا اقوال آڻي
انهن مان ڪن کي ترجيح ڏني اٿس جنهن مان ان جي علمي وسعت ۽ فقهي امامت ائين واضح آهي
جيئن فن حديث ۾ سندس امامت مسلَّم آهي.
(مقدمه حاشيه شمائل ترمذي ص
7)
تصنيفات
: سندس لکيل ڪتاب هي آهن.
[1]
السنن
[2]
الشمائل
[3]
العلل الڪبير ۽ هي ان العلل کان جدا آهي جيڪو السنن جي آخر ۾ آيل آهي.
[4]
الزهد هن جو ذڪر علامه ابنِ حجر
ߋ
آندو آهي.
(تهذيب التهذيب ج 9 ص 389)
[5]
الاسماء والڪنى
[6]
اسماء الصحابة
[7]
التاريخ
[8]
الآثار الموقوفة
[9]
العلل الصغير.
محدث ترمذي
ߋ
جي ثناء ۽
فضيلت جي
متعلق علماء جا اقوال
محدث
ترمذي
ߋ
هڪ
اهڙو علمي نشان هو، جنهن جي اقتدا ڪئي ويندي هئي. علم جو اهڙو امام هو جنهن جي علم
۽ ڪتاب مان فائدو ورتو ويندو هو علماء جو ان جي وڏي هجڻ ۽ سندس ثناء ڪرڻ تي اجماع
آهي. ۽ سڀني ان جي علم ۽ علم جي حافظ هجڻ ۽ علم ۾ مضبوط هجڻ جي شاهدي ڏني آهي. ان
جي ڪمال کي تسليم ڪندڙن مان ڪجهه هي نالا آهن. (1)
علامه ادريسي
ߋ
فرمايو ته محدث ترمذي
ߋ
انهن امامن مان هڪ آهي. جن جي حديث جي علم ۾ اقتداء ڪئي ويندي آهي ۽ ان جو حديث پاڪ
ياد ڪرڻ ۾ مثال ڏنو ويندو آهي. (2)
علامه ابن الاثير به ساڳيا الفاظ آندا آهن. (3)
حافظ مُزي
ߋ
فرمايو : محدث ترمذي
ߋ
انهن امامن مان هڪ آهي جن حديث کي ياد ڪري ظاهر ڪيو ۽ الله
ﷻ
ان سان مسلمانن کي نفعو ڏنو. (4)
علامه ذهبي
ߋ
فرمايو ته امام ترمذي
ߋ
علم جو حافظ، کليل امام هو. (5)
محدث ابن حبان
ߋ
فرمايو :”محدث ترمذي انهن هستين مان هو جن حديث جمع ڪري تصنيف ڪئي، ياد ڪئي ۽ حديثن
جو ذڪر ڪيو. (6)
محدث جليلي
ߋ
فرمايو :” محدث ترمذي
ߋ
ثقة ۽ متفق عليھ هو.
(مقدمه حاشية شمائل ترمذي ص 9)
(7)
امام بخاري
ߋ
کيس فرمايو:“”مون اوهان مان ان کان گهڻو نفعو پرايو آهي جيڪو اوهان مون مان حاصل
ڪيو آهي.
(تهذيب التهذيب ج 9 ص 389)
محدث
حاڪم
ߋ
فرمايو ته :”امام بخاري
ߋ
کان پوءِ خراسان ۾ محدث ترمذي
ߋ
جهڙو علم، تقوى ۽ زهد ۾ ٻيو ڪونه هو.
انتقالِ پرملال
:
اڪثر علماء جو قول آهي ته ”هن ڀلاري بزرگ سومر جي رات تيرهين تاريخ رجب المرجب سنه
279
هه ۾
ترمذ ۾ وفات ڪئي.
(تذڪرة الحفاظ
ج 2 ص 635)
۽
ڪجهه علماء فرمايو ته سندس وفات سنه
275
هه ۾
ٿي.
(تهذيب التهذيب
ج 9 ص 389 الحطة ص 250، سير اعلام النبلاء ج 13 ص 277)
هن
ڪتاب جو تعارف
:
نالو مبارڪ : هن ڪتاب جو نالو ” الشمائل المحمدية“ آهي. شمائل، شمال
(شين
جي زير سان)
جو
جمع آهي جنهن جي معنى طبيعت آهي.
(مرقاة المفاتيح ج ص
64)
مفتي
احمد يار خان نعيمي
ߋ
لکيو آهي ته ”شمائل“
انسان جي پيدائشي عادت کي سڏيو ويندو آهي.
(مراة المناجيح ج 5 ص
386)
علامه نبهاني
ߋ
لکيو آهي ته ”الشمائل“ اصل ۾ اخلاق ۽ طبيعتن کي چيو ويندو آهي، قاموس ۾ لکيو اٿس ته
: الشمال جي معنى طبيعت ۽ لسان العرب ۾ لکيو اٿس ته : شمائل جو مفرد شمال آهي. شين
جي زير سان ۽ حديث جا علماء هن لفظ کي اصلي معنى جي لحاظ سان حضور ڪريم
ﷺ
جي سُهڻي اخلاق کي چوندا آهن ۽ مجازًا سندن صورت جي ظاهري اوصاف تي ڳالهائيندا آهن.
(وسائل الوصول ص
39، 40)
هن
موضوع تي لکيل ٻيا ڪتاب
: هن
موضوع تي دنيا ۾ ڪيترا ٻيا ڪتاب لکيا ويا جن مان ڪجهه هي آهن.
[1]
شمائل النبي
ﷺ
. مصنف : علامه جعفر بن محمد مستغفري المتوفي
432
هه
[2]
الشمائل : مصنف :علي بن محمد بن ابراهيم المعروف بابن المقري غرناطي المتوفي
552
هه
بمطابق
1157ع
[3]
شمائل محمديه مصنف : علامه عبدالرسول بن عبدالصمد
]4[
الشمائل الڪبرى مصنف : حضرت علامه نشتر جالندري.
شمائل
ترمذي جي اهميت
:
شمائل جي موضوع تي لکيل ڪتابن ۾ جيڪا هن ڪتاب کي دائمي شهرت، اهميت ۽ مقبوليت ملي
آهي اها ٻئي ڪنهن به ڪتاب کي نه ملي آهي. محدث علي القاري
ߋ
لکيو آهي : الشمائل محدث ترمذي
ߋ
جو لکيل ڪتاب آهي جيڪو مختصر مگر نهايت جامع، سيرت پاڪ تي ”علي الوجھ
الاتم“ مشتمل آهي.
(جمع الوسائل ص 2)
دل
سان هن ڪتاب کي مطالع ڪندڙ ائين ٿو محسوس ڪري ڄڻ ته حضور ڪريم
ﷺ
جن جو ديدار ڪري رهيو آهي. ۽ هر باب ۾ سندن پاڪ سيرت ملاحظه ڪري رهيو آهي.
(جمع الوسائل ص 2)
ڪتاب جي محبوبيت ۽ مقبوليت جي ڪري هن ڪتاب جا عربي، فارسي، ترڪي ۽ اردو زبانن ۾
ڪيترا شرح ۽ ترجما لکيا ويا آهن. عربي ۾ هي شرح آهن.
]1]
المواهب اللدنيھ علي الشمائل المحمدية“
علامه ابراهيم بيجوري.
[2]
اشرف الوسائل في شرح الشمائل“ علامه ابن حجر مڪي.
[3]
الاتحافات السنية علي الشمائل المحمدية“ علامه عبد الجواد الدؤمي.
[4]
شرح الشمائل المحمدية“ علامه عبدالرؤف مناوي.
[5]
جمع الوسائل في شرح الشمائل“ علامه علي قاري.
[6]
زهر الحمائل علي الشمائل “ علامه جلال الدين سيوطي.
[7]
در الفضائل في شرح الشمائل“ علامه شيخ عليم الدين قريشي.
[8]
المواهب المحمدية علامه سليمان جمل جو
[9]
الوفا شرح شمائل المصطفى علامه حلبي. صديق حسن قنوجي لکيو آهي ته علامه قسطلاني
ߋ
به هن ڪتاب جو شرح لکيو آهي.
(الحطة ص 253)
هن
ڪتاب جا اردو ۾ به شرح لکيل آهن، جن مان ٻه شرح مون وٽ موجود آهن.
]1]
”الانوار الغوثية“ : علامه سيد امير شاهه گيلانيءَ جو.
[2]
”خصائلِ نبوي“ محدث زڪريا ڪانڌلوي جو ۽ هن ڪتاب جا سنڌي زبان ۾ ٻه ترجما آهن.
[1]
علامه عبدالڪريم قريشي ٻيرويءَ جو مختصر شرح سان گڏ،
]2]
علامه عبدالرسول قادري جو.
ضروري
گذارش
:
موجوده دؤر ۾ ڪجهه ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته نبوي حديثن جي صرف بامحاوره معنى ۽
مختصر سمجهاڻي لکجي جو ماڻهن کي وڏن ڪتابن جي پڙهڻ سان دلچسپي ناهي يا انهن کي وقت
گهٽ ٿو ملي پر مون مسڪين جو خيال آهي ته نبوي حديث شريف جا مفصل شرح جيئن شروع کان
هلندا پيا اچن اهو سلسلو به جاري هجي. ان خيال تي عمل ڪندي شمائل جي شرح ۾ مون سلف
صالحين جي طريقي تي عمل ڪندي بفضلھ تعالى مقدمه اڳ ۾ ۽ باقي، مفردات جو شرح،
بامحاوره ترجمو ۽ سمجهاڻي آخر ۾ ۽ راوين جو تعارف به لکيو آهي. تان ته جنهن کي
جيترو وقت ملي ۽ جنهن جي جيتري دلچسپي هجي ان جي لاءِ اها ڳالهه موجود هجي. علماء
ڪرام ۽ طلباء حديث جي لاءِ راوين جو تعارف ۽ مفردات جو شرح اهم آهن. باقي عام
مسلمانن جي لاءِ بامحاوره ترجمو ۽ سمجهاڻي لکيل آهن. رب العزة
جل شانھ
جي
بارگاههِ بيڪس پناهه ۾ عاجزانه التجا آهي ته مون عاصي، دائر دائرة المعاصي جي هيءَ
نبوي حديث جي ٿورڙي خدمت پنهنجي دربار ۾ مقبول ڪري، ان جي صدقي آخرت ۾ سجاڳيءَ ۾ ۽
دنيا ۾ خواب ۾ پنهنجو ديدار نصيب ڪري ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ سجاڳيءَ يا خواب ۾ پنهنجي
حبيب
ﷺ
جي ديدار جي دولت عطا فرمائي.
اٰمين يا رب العٰلمين بجاه النبي الامين عليه وعلٰي اٰلهٖ
واصحابهٖ الصَّلٰوت والتسليمات الٰي يوم الدين .
حرره الفقير محمد ادريس عفي عنھ