خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب پنجويهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي صِفَةِ خُبْزِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ رسول الله جي ماني کائڻ جي صفت جو ذڪر آهي

 

سمجهاڻي: هن باب ۾ رسول الله جي ماني کائڻ جي صفت بيان ڪيل آهي يعني ڪيئن کائيندا هئا ۽ سندن خاندان به قناعت ۽ صبر سان ڪيئن هوندو هو. ڪهڙي قسم جي ماني تناول فرمائيندا هئا. نه پاڻ ڪڏهن ٽيبل تي کاڌو کاڌائون نه ڪڏهن ميدي اٽي جي ماني کاڌائون. (انوارِ غوثيه ص 203)

هن باب ۾ اٺ حديثون آهن.

 

}143} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى ، وَمُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ ، قَالاَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ قَالَ : سَمِعْتُ عَبْدَ الرَّحْمٰنِ بْنَ يَزِيدَ ، يُحَدِّثُ عَنِ الأَسْوَدِ بْنِ يَزِيدَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّهَا قَالَتْ : مَا شَبِعَ آلُ مُحَمَّدٍ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنْ خُبْزِ الشَّعِيرِ يَوْمَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ حَتَّى قُبِضَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

با محاوره ترجمو: حضرت سيده عائشه صديقه g کان روايت آهي ته حضرت حبيب ڪريم جي گهر ڀاتين جوَن جي ماني ٻه ڏينهن لاڳيتو ڍؤ ڪري نه کاڌي، تان جو رسول الله جن هن دنيا مان وصال ڪري ويا.

مفردات جو شرح: مَاشَبِعَ ڍؤ نه ڪيائون. شَبۡعُٗ کان ورتل آهي. ڍؤ ڪري کائڻ. مجمع البحار ۾ آهي شَبۡعُٗ (با جي جزم سان) اهو کاڌو جنهن مان ڍؤ ٿئي ۽ شبع با جي زبر سان مصدر آهي يعني ڍاول هجڻ. مُتَتَابِعَيْنِ لاڳيتا، مسلسل يعني هڪ کان پوءِ ٻيو.

سمجهاڻي: هن حديث شريف ۾ رسول الله جي آل جو ٻن ڏينهن تائين مسلسل ماني نه کائڻ جو ذڪر آهي هڪ حديث ۾ ٽي ڏينهن ماني نه کائڻ جو ذڪر آهي ته هڪ ۾ ڀاڄيءَ سان ماني نه کائڻ جو ذڪر آهي ۽ هڪ حديث ۾  آهي ته هڪ ڏينهن ماني ته هڪ ڏينهن کارڪ کائيندا هئا. جڏهن ته سخاوت، بخشش، فقيرن، عاجزن، مسڪينن ۽ غريبن جي پرورش ڪرڻ،  انهن کي کاڌو کارائڻ انهن جي حاجت پوري ڪرڻ، سرڪارِ دو عالم جي گهراڻي جي خاص وصف هئي ۽ آهي ان جي ڪري نبوي اهلبيت انتهائي صبر ۽ قناعت جي زندگي گذاريندا هئا جيئن الله حضور ڪريم کي هر قسم جي گندگي ۽ ڪثافت کان پاڪ ۽ صاف رکيو تيئن سندن اهلبيت کي به انهن گندگين ۽ غلاظتن کان به پاڪ رکڻ مقصود هو. دنياوي عيش عشرت ۽ فارغ البالي کي انهن مقدس وجودن پسند ئي نه ڪيو هو. بلڪه بک ۽ مسڪيني واري زندگيءَ کي انهن سڀني لذتن تي ترجيح ڏئي رسول الله جي نقشِ قدم تي هلڻ کي باعثِ فخر سمجهيو هيائون. (انوارِ غوثيھ ص 204) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته هن راويت ۾” يومين“ (يعني ٻه ڏينهن) جو لفظ آهي پر انهن ۾ راتيون به داخل آهن ۽ هتي جَوَن جي ماني جو ذڪر ۽ ٻي روايت ۾ ڪڻڪ جي مانيءَ جو ذڪر آهي ۽ روايت جي لفظ ”تانجو رسول الله جن ظاهري وصال فرمايو.“ مان ثابت ٿيو ته سندن مدينه منوره ۾ رهڻ واري ساري زندگي ان طرح گذري هئي. پر آخري دور ۾ هڪ سال جو قوت پنهنجي عيال وٽ رکندا هئا ۽ ان مان محتاج جي به حاجت پوري ڪرڻ فرمائيندا هئا. (المواهب شرح الشمائل ص 260، جمع الوسائل ج 1 ص 193) هن حديث ۾ آل لفظ آيو آهي آل ٻه قسم آهي (1) هڪڙي آل اها آهي جنهن کي هاشمي سڏيو ويندو آهي (2) ٻي اها آل آهي جن جو خرچ پکو رسول الله   جن  ڪندا هئا. اهي سندن گهرواريون آهن ۽ هتي مراد به اهي آهن.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1}  مسلم فـي ڪتاب الزهد والرقائق في ترجمتھ رقم الحديث 2970 حديث الکتاب 22، ج 4 ص 2282 {2} ابنِ ماجھ في ڪتاب الاطعمة باب 39 خبز الشعير رقم الحديث 3346 {3} احمد في المسند  ج 6 ص 98 {4} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 401، 402 {5} ابو الشيخ ص 230، 231 {6} الطبري في تهذيب الآثار ج 1 ص 412 {7} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 4072 ج 14 ص 277.

 

}144}  حَدَّثَنَا عَبَّاسُ بْنُ مُحَمَّدٍ الدُّورِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا يَحْيَى بْنُ أَبِي بُكَيْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا حَرِيرُ بْنُ عُثْمَانَ ، عَنْ سُلَيْمِ بْنِ عَامِرٍ قَالَ : سَمِعْتُ أَبَا أُمَامَةَ الْبَاهِلِيَّ يَقُولُ : مَا كَانَ يَفْضُلُ عَنۡ أَهْلِ بَيْتِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ خُبْزُ الشَّعِيرِ.

با محاوره ترجمو: حضرت سُليم بن عامر d کان روايت آهي ته مون ابو امامة d کان ٻڌو ته پاڻ سڳورن جي گهروارن وٽ جوَن جي ماني به ڪانه بچندي هئي. مطلب ته ماني ٿوري هوندي هئي. کائڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪانه بچندي هئي.

مفردات جو شرح: مَا كَانَ يَفْضُلُ نفي ماضي استمراري آهي. يَفْضُلُ الفضل کان ورتل آهي ان جي معنى بچڻ اَلشَّعِيرِ جَوَ.

سمجهاڻي: مطلب ته جيڪڏهن کين جوَن جي ماني ميسر هوندي هئي ته اها به ٿوري هوندي هئي کائڻ کان پوءِ نه بچندي هئي. جيئن ام المؤمنين سيده عائشه g کان روايت آهي ته ”سندن وفات ڪرڻ تائين ڪڏهن به دسترخوان تان مانيءَ جو ٽڪر بچايل نه کنيو ويو. هن روايت ۾ اهل بيت رسول الله جو ذڪر آهي يعني سندن گهرواريون پر ان مان سندن ذاتِ عالي صفات جو به حال معلوم ٿي رهيو آهي ڇوته جيڪو عزت ۽ عظمت وارو مڙس آهي اهو ائين نه ڪندو جو پاڻ عيش ۽ عشرت ۾ رهي ۽ گهروارا بُک ۾ هجن ۽ جوَن جي ماني گهر ۾ اڻپوري هجڻ جو هڪ سبب اهو به آهي جو سندن وٽ مهمانن جي ڪثرت سان گڏ علم جا خالص طالب اصحابِ صفه به هميشه موجود رهندا هئا جن کي کاڌو به پاڻ کارائيندا هئا. (خصائل نبوي ص 115)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 5 ص 260 {2} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 401  {3} الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 7680 ج 8 ص 191 {4} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 4076 ج 14 ص 274.

}145} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ مُعَاوِيَةَ الْجُمَحِيُّ قَالَ : حَ‍دَّثَنَا ثَابِتُ بْنُ زَيْدٍ، عَنْ هِلاَلِ بْنِ خَبَّابٍ ، عَنْ عِكْرِمَةَ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَبِيتُ اللَّيَالِيَ الْمُتَتَابِعَةَ طَاوِيًا هُوَ وَأَهْلُهُ لاَ يَجِدُونُ عِشَاءً وَكَانَ أَكْثَرُ خُبْزِهِمْ خُبْزَ الشَّعِيرِ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي ته رسول الله جن ڪيئي لاڳيتيون راتيون بُکارا رهندا هئا. پاڻ ۽ سندن ڪٽنب رات جي ماني نه ڏسندا هئا. هوڏانهن ماني به گهڻو ڪري جوَن جي هوندي هئي. 

مفردات جو شرح: يَبِيتُ رات گذاريندا الْمُتَتَابِعَةَ مسلسل، لاڳيتيون طَاوِيًا طوي کان ورتل. لغت وارن ان جي معنى. قصد سان بُکيو رهڻ ٻه ٻه، ٽي ٽي، ڏينهن ڪجهه نه کائڻ ورتي آهي. چيو ويندو آهي طوي فلان اذا جوع نفسہٖ. ”عَشَاءً (عين جي زبر سان) اهو کاڌو جيڪو سمهڻ وقت کائبو آهي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ مذڪور مسلسل راتيون بنا کاڌي جي رهڻ حضور پاڪ جو قصد ۽ اختيار سان هو ۽ ان معاملي کي پاڻ ۽ سندن خاندان سندن پاڪ ظاهري زندگي ۾ صبر جي ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ راز ۾ رکيو هيائون نه ته سندن صحابي شاهوڪار ته شاهوڪار هئا پر غريب به سر ڌڙ جي محنت ڪري کين کاڌي جي لاءِ هر شيءِ مهيا ڪن ها. ۽ هن مان مسڪين هجڻ ۽ سوال ڪرڻ کان بچڻ جي ڀلائي ثابت ٿي رهي آهي ۽ هن  راويت ۾ اهل مان مراد سندن گهرواريون آهن جن کي خرچ ڏيڻ سندن ذمي هو ۽ لغت جي ڪتاب ”المغرب“ جي صاحب لکيو آهي ته ”مڙس جو اهل ان جي زال، اولاد ۽ جن جو خرچ سندس ذمي آهي ۽ جيڪي سندس گهر ۾ کائڻ وارا ڀائر، ڀينرون، چاچا، سوٽ ۽ ٻيا ٻار سڀ آهن.                       ( المواهب شرح الشمائل ص 261 شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 195)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابن ماجھ في ڪتاب الاطعمة باب 49 خبز الشعير رقم الحديث 3347 {2} احمد في المسند ج 1 ص 255 {3} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 400 {4} الطبري في تهذيب الآثار ج 1 ص 389 {5} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 4077 ج 14 ص 274 {6} ابو الشيخ ص 221، 222.

 

}146} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا عُبَيْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الْمَجِيدِ الْحَنَفِيُّ ، حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ دِينَارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو حَازِمٍ ، عَنْ سَهْلِ بْنِ سَعْدٍ ، أَنَّهُ قِيلَ لَهُ : أَكَلَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ النَّقِيَّ ؟ - يَعْنِي الْحُوَّارَى - فَقَالَ سَهْلٌ : مَا رَأَى رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ النَّقِيَّ حَتَّى لَقِيَ اللَّهَ عَزَّ وَجَلَّ تَعَالَى ، فَقِيلَ لَهُ : هَلْ كَانَتْ لَكُمْ مَنَاخِلُ عَلَى عَهْدِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ؟ قَالَ : مَا كَانَتْ لَنَا مَنَاخِلُ. قِيلَ : كَيْفَ كُنْتُمْ تَصْنَعُونَ بِالشَّعِيرِ ؟ قَالَ : كُنَّا نَنْفُخُهُ فَيَطِيرُ مِنْهُ مَا طَارَ ثُمَّ نَعْجِنُهُ.

با محاوره ترجمو: حضرت سهل بن سعد d کان پڇيائون ته رسول الله جن سنهي اٽي يا اڇي ميدي جي ماني کاڌي آهي؟ ان چيو ته رسول الله سنهو اٽو يا ميدو الله سان ملڻ تائين نه ڏٺو. حضرت سهل سڳوري d کان پڇيو ويو ته ڀلا پاڻ ڪريمن جي زماني ۾ توهان وٽ اٽي ڇاڻڻ جا پروڻ هوندا هئا؟ ان چيو ته نه. پوءِ ان کان پڇيائون ته ڀلا پوءِ جوَن جو اٽو ڪيئن ڇاڻيندا ۽ صاف ڪندا هُيَئو؟ ان چيو ته جوَن جي اٽي کي ڦوڪ ڏيندا هئاسون. پوءِ ڪجهه تهه اڏامي ويندا هئا. باقي بچيل اٽي کي ماني پچائڻ لاءِ ڳوهيندا هئاسون.

مفردات جو شرح: اَلنَّقِيَّ ڇاڻيل اَٽو، ميدو هن کي اَلْحُوَّارَى به چوندا آهن. مَنَاخِلُ جنهن سان اٽو ڇاڻيو وڃي. پرڻنَعْجِنُ اسين اٽو ڳوهيندا هئاسون. عَجِيۡن پاڻي سان ڳوهيل اٽو ”عجن“ کان ورتل معنى اٽو ڳوهڻ.

سمجهاڻي: مذڪور حديث مان ثابت ٿيو ته حضور ڪريم جن ڇڻيل اٽي (يعني ميدي) جي ماني نه کاڌي هئي. بلڪه ٿلهي، اڻ ڇاڻيل ڦوڪ سان صاف ڪيل اٽي مان پڪل ماني تناول فرمائيندا هئا. هڪ ٻي حديث ۾ آهي ته رسول الله جن بعثت جي وقت کان دنيا تان رحلت ڪرڻ تائين ڇاڻيل اٽو ڏٺوئي نه هو. طبي نقطهء نظر سان به اڻ ڇاڻيل اٽي مان پچايل ماني جلد هضم ٿيندي آهي ۽ ميدي واري ماني معده تي بار ۽ دير سان هضم ٿيندي آهي. ( انوار غوثيه ص 208)

سوال: سهل بن سعد کان سوال ته حضور ڪريم جن جي ڇاڻيل اٽي کائڻ جي متعلق هو پوءِ ان جواب ۾ ڇو چيو ته حضور ڪريم جن ڏٺو ئي نه هو؟  

جواب: نه ڏسڻ سان نه کائڻ جي مفهوم خودبخود واضح ٿي وئي ڇوته جيڪا شيءِ ڪنهن ڏٺي ناهي اها کاڌي ڪيئن هوندائين ”تان جو الله سان مليا“ مطلب ته دنيا کي (ظاهري) الوداع ڪيائون. جنهن جي روح جسم کان جدائي ڪئي اهو الله جي بقا جو اهل ٿي ويو ڇوته ٻانهي ۽ الله ۾ حائل جسماني تعلقات آهن. حضرت سهل کان اهو سوال به ڪيو ويو ته ڇا اوهان اصحابن مهاجرن ۽ انصارن وٽ اٽي جي ڇاڻڻ وارا پَرَڻ هئا؟ ته ان فرمايو ته نه هئا حضرت سهل کان وري پڇيو ويو ته ”جوَن جي اٽي کي ڪيئن استعمال ڪندا هيئو؟ ڇوته ان ۾ تُهه سخت هوندا آهن ان سان پچايل ماني ڳهڻ ۾ ڏکي لڳندي ۽ تڪليف ڏيندي آهي؟ ان جواب ڏنو ته ان کي ڦوڪون ڏيندا هئاسين انهن سان جيترو صاف ٿيندو هو اهو ڳوهي پچائي کائيندا هئاسون. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته ”پروڻ، رکڻ بدعت آهن پر مُباح آهن ڇوته انهن مان مقصد کاڌي کي صاف ڪرڻ آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 263) بعض شارحن لکيو آهي ته پَرَڻ استعمال ڪرڻ بدعت آهي بلڪه ان کي جديد رواج جي اعتماد سان بدعت سڏيو ويو آهي. پر ان جي جائز هجڻ ۾ ڪو مشڪل ناهي.                                 (خصائل نبوي ص 116)

فائدو: حضور ڪريم جن جو ڇاڻيل اٽي کي نه ڏسڻ نبوت جي اظهار کان پوءِ آهي. نبوت جي اظهار کان پهريان پاڻ ٻه ڀيرا تجارتن لاءِ شام ملڪ ڏانهن ويا هئا. ۽ بصري شهر ۾ بحيرا راهب وٽ مهمانيءَ جي دعوت ۾ تشريف فرما ٿيا هئا ۽ شام ملڪ ان وقت روم سان شامل هو. ۽ ڇاڻيل اٽي واري ماني انهن وٽ گهڻي مروج هئي. ظاهر آهي ته پاڻ اها اتي ڏٺي هوندائون. پر نبوت جي اظهار کان پوءِ پاڻ مڪه، طائف ۽ مدينه منوره ۾ گهڻو وقت رهيا ۽ ان دوران سندن ذات عالي صفات ۽ اصحابن سڳورن تي تنگيءَ جي حالت رهي هئي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند ج 5 ص 332 {2} البخاري في ڪتاب الاطعمة باب 22 النفخ في الشعير رقم الحديث 5413 ج 9 ص 549 {3} النسائي في ڪتاب الرقائق من سننھ الڪبرى کما في التحفة ج 4 ص 127 {4} الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 5999 ج 6 ص 200     {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 233 {6} الطبري في تهذيب الآثار رقم الحديث 959 ج 1 ص 415.

}147}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَاذُ بْنُ هِشَامٍ قَالَ : حَدَّثَنِي أَبِي ، عَنْ يُونُسَ ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : مَا أَكَلَ نَبِيُّ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عَلَى خِوَانٍ وَلاَ فِي سُكُرَّجَةٍ ، وَلاَ خُبِزَ لَهُ مُرَقَّقٌ. قَالَ : فَقُلْتُ لِقَتَادَةَ : فَعَلاَمَ كَانُوا يَأْكُلُونَ ؟ قَالَ : عَلَى هَذِهِ السُّفَرِ.قَالَ مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ : يُونُسُ هَذَا الَّذِي رَوَى عَنْ قَتَادَةَ هُوَ يُونُسُ الإِسْكَافُ

با محاوره ترجمو:  حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته نبي ڪريم کاڌو نه ميز تي رکي کاڌو ۽ نه وري پيالن پليٽن ۾ ماني کاڌي. پاڻ سڳورن لاءِ اوڦراٽا به نه پچايا ويا. راوي چيو ته حضرت قتاده d کان پڇيم ته ڀلا ماني ڇاتي رکي کائيندا هئا؟ چيائين ته چمڙي جي سادي دسترخوان تي ماني کائيندا هئا.

مفردات جو شرح: خِوَانِ شهر جا ماڻهو ٽيبل وغيره تي مٿي رکي ماني کائيندا آهن ان کي خوان سڏيندا آهن.سکرجة ننڍو ٿانُ جنهن ۾ چٽڻي، آچار سلاطو وغيره رکيو ويندو آهي. مُرقق سنهڙي ماني. السفُر دسترخوان، چمڙي جو هجي يا ڪپڙي جو. اصل ۾ سفرة مسافر جي کاڌي کي چوندا آهن جيڪو گول چمڙي ۾ ويڙهي سفر ۾ کڻبو آهي. هاڻي عُرف ۾ مطلق دسترخوان کي سفره سڏيو ويندو آهي.

سمجهاڻي: هن روايت مان معلوم ٿيو ته سيدنا رسول الله جن ٽيبل تي کاڌو نه کائيندا هئا. ”شمائل“ جي شارحن علامه علي القاري ߋ ۽ علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته ٽيبل تي کاڌو کائڻ هميشه متڪبرن ۽ هٺيلن جو شيوو رهيو آهي.“ ۽ اسان جي دور ۾ جڏهن ته اهو نصارن سان تشبھ آهي ان جي ڪري (عذر کان سواءِ) مڪروههِ تحريمي آهي مشابهت جو مسئلو نهايت ئي اهم آهي نبوي حديثن ۾ نهايت ڪثرت سان مختلف عنوانات سان ان تي تنبيه ڪيل آهي کائڻ ۾، پيئڻ ۾، لباس ۾ تانجو عبادات ۾ به ان کان روڪيو ويو آهي، مگر افسوس جو هن دور ۾ مسلمان ان تشابهه کان لاپرواهه آهن. محبوب ڪريم جن لاءِ سنهي ماني به نه پچائي ويندي هئي. پاڻ ننڍين پليٽن ۽ پيالن ۾ گهڻن قسمن جا طعام وجهي به نه کاڌا اٿن اهڙي طرح هڪ ئي وقت گهڻا طعام تيار ڪرائڻ حرص جي نشاني آهي ۽ گهڻي کائڻ جي ڪري تندرستي نه ٿي رهي. ساڳي وقت ننڍي پليٽ ۾ کائڻ بخل جي نشاني آهي. مذڪور روايت ۾ آهي ته يونس، قتادة (هي ٻئي راوي آهن) کان پُڇيو ته ”پوءِ ڇا تي کاڌو رکي کائيندا هئا؟“ قتادة d فرمايو ته ”چم جي گول دسترخوانن يا کجيءَ جي پنن مان ٺهيل گول دسترخوانن تي کاڌو رکي کائيندا هئا.“ حضرت حسن بصري ߋ فرمايو ته ٽيبل تي کاڌو رکي کائڻ بادشاهن جو ڪم آهي ۽ رومال تي رکي کائڻ عجم جو ڪم آهي ۽ دسترخوان تي کاڌو رکي کائڻ عربن جو ڪم آهي ۽ اهو سنت آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 264) آخر ۾ شمائل جي مصنف وضاحت ڪندي لکيو آهي ته محمد بن بشار چيو ته هتي روايت ڪندڙ يونس مان مراد يونس الاسڪاف (موچي، جُتيون ٺاهيندڙ) آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب الاطعمة باب 8 الخبز المزفق والاکل علي الخوان والسفرة رقم الحديث 5386 ج 9 ص 530 {2} النسائي في ڪتاب الرقائق وفي ڪتاب الوليمة من سننه الڪبرى باب 9 السڪرجات رقم الحديث 6634 ج  4 ص 149، 150 {3} ابنِ ماجہھ في ڪتاب الاطعمھ  باب 20 الاکل علي الخوان والسفرة رقم الحديث 3292 ج 2 ص 1095 {4} احمد في المسند ج 3 ص 130 {5} البيهقي في سننھ ج 7 ص 47.

 

}148}  حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبَّادُ بْنُ عَبَّادٍ الْمُهَلَّبِيُّ ، عَنْ مُجَالِدٍ ، عَنِ الشَّعْبِيِّ ، عَنْ مَسْرُوقٍ قَالَ : دَخَلْتُ عَلَى عَائِشَةَ ، فَدَعَتْ لِي بِطَعَامٍ وَقَالَتْ : مَا أَشْبَعُ مِنْ طَعَامٍ فَأَشَاءُ أَنْ أَبْكِيَ إِلَّا بَكِيتُ . قَالَ : قُلْتُ لِمَ ؟ قَالَتْ : أَذْكُرُ الْحَالَ الَّتِي فَارَقَ عَلَيْهَا رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ الدُّنْيَا ، وَاللَّهِ مَا شَبِعَ مِنْ خُبْزٍ وَلَحْمٍ مَرَّتَيْنِ فِي يَوْمٍ.

با محاوره ترجمو: حضرت مسروق d کان روايت آهي ته هڪ دفعي آءُ سيده عائشه صديقه g وٽ ويس، ته مون لاءِ ماني گهرايائين، پوءِ چيائين ته آءُ جڏهن ماني ڍؤ ڪري کائيندي آهيان ته ويهي روئندي آهيان. پُڇيومانس ته ڇو روئندي آهين؟ چيائين ته ان حال کي ياد ٿي ڪريان، جنهن تي رسول الله دنيا کي ڇڏيو. الله جو قسم! پاڻ سڳورن هڪڙو ڏينهن به ٻه دفعا گوشت ۽ ماني مان ڍؤ ڪري نه کاڌو.

مفردات جو شرح: اَشۡبَعُ ڍؤ ڪري کاوان، اَبۡکِي بکاء کان ورتل. روئڻ، لَحۡم گوشت.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ سيده عائشه g جو آقاءِ نامدار جي دور کي ياد ڪري روئڻ جو ذڪر آهي ته سندن کاڌي کان خالي رهڻ جي اها ڪيفيت هئي جو دنيا کان (ظاهري طرح) جدا ٿيڻ تائين ڏينهن ۾ ٻه دفعا گوشت، ماني نه کاڌو هيائون. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته کاڌي ۾ گهڻائي ڪرڻ مڪروهات مان آهي ۽ ٿورو کائڻ محمود ۽ محبوب آهي ڇوته ان سان نياز، نوڙت پيدا ٿين ٿا ۽ اهو ئي مطلوب آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 266) حضرت ام المؤمنين عائشه g جن خادم کي حڪم ڪري مسروق کي کاڌو کارايو هو. (جمع الوسائل ص 198)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في الزهد ص 205 {2} ابويعلى في مسنده رقم الحديث 4538 ج 8 ص 33 {3} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 401 {4} الطبري في تهذيب الآثار ج 1 ص 413 {5} ابو نعيم في الحلية ج 2 ص 46.

 

}149} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوُدَ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ قَالَ : سَمِعْتُ عَبْدَ الرَّحْمٰنِ بْنَ يَزِيدَ ، يُحَدِّثُ ، عَنِ الأَسْوَدِ بْنِ يَزِيدَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا شَبِعَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مِنْ خُبْزِ الشَّعِيرِ يَوْمَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ حَتَّى قُبِضَ.

با محاوره ترجمو: حضرت سيده عائشه g کان روايت آهي ته رسول الله جن دنيا مان رحلت ڪرڻ تائين لاڳيتا ٻه ڏينهن به جوَن جي ماني ڍؤ ڪري نه کاڌي هئي.

مفردات جو شرح: مذڪور روايتن ۾ اچي چڪو آهي.

سمجهاڻي: هن باب جي پهرين حديث ۾ رسول الله جي خاندان جو معاش بيان ٿيو ۽ هتي سندن ذات عالي صفات جي حالات مبارڪ بيان ٿيل آهي ان جي ڪري ته پاڻ فرمايائون ته اَلۡفَقۡرُ فَخۡرِيۡ (يعني مسڪيني تي مون کي فخر آهي) (انوارِ غوثيه ص 212) علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته اهو حال پاڻ اختيار فرمايو هيائون.

 

}150} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَمْرٍو أَبُو مَعْمَرٍ ، حَدَّثَنَا عَبْدُ الْوَارِثِ ، عَنْ سَعِيدِ بْنِ أَبِي عَرُوبَةَ ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ أَنَسٍ قَالَ : مَا أَكَلَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عَلَى خِوَانٍ وَلاَ أَكَلَ خُبْزًا مُرَقَّقًا حَتَّى مَاتَ.

با محاوره ترجمو: حضرت انس d کان روايت آهي ته رسول الله جن دنيا مان موڪلائڻ تائين ميز تي کاڌو رکي نه کاڌو ۽ نڪي سنهي ماني کاڌائون.

مفردات جو شرح: مذڪور حديثن وارو آهي.

سمجهاڻي: هـن حـديث ۾ صراحـت سان ذڪر آيل آهي ته رسول الله جن نه ٽيبل يا ميز تي کاڌو تناول فرمايو ۽ نه ساري زندگي مبارڪ ميدي اٽي جي ماني کاڌائون. هيءَ حديث هن باب جي نمبر 5 تي لکيل آهي، حديثن جي روايات مان هيءَ ڳالهه ته صراحت سان ثابت آهي ته رسول الله جن مسڪيني جي حالت پاڻ پسند فرمائي هئي، ۽ جڏهن الله جي طرفان ڪنهن ملائڪ جي ذريعي سندن ذات کان مسڪيني ۽ شاهوڪاري مان ترجيح ڏيڻ جي متعلق سوال ڪيو ويندو هو. ته پاڻ مسڪيني پسند ڪندا هئا اهڙي مضمون جون متعدد حديثون آهن پر هن ڳالهه ۾ علماء جا ٻه قول آهن (1) ته سندن پسند ڪرڻ جي ڪري ملندو ئي ايترو هو جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي (2) ته ملندو گهڻو ڪجهه هو پر پاڻ تناول ايترو فرمائيندا هئا ۽ باقي تقسيم ڪري ڇڏيندا هئا.

(خصائل نبوي ص 118)

هتي مذڪور ٻنهي حديثن کي جن ٻين محدثن آندو آهي: انهن جو ذڪر حديث نمبر 143 ۽ حديث نمبر 147 ۾ بيان ڪيل آهي.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting