تقريظ
از
: پير، روشن ضمير حضرت علامه و مولانا پير محمد ڪرم الله زيد مجدهم
اَلۡحَمۡدُ لِلّٰهِ رَبِّ
الۡعٰلَمِيۡنَ وَالصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلٰي اَشۡرَفِ الۡمُرۡسَلِيۡنَ وَسَيِّدِ
الۡخَلۡقِ اَجۡمَعِيۡن مُحَمَّدِ رَّسُوۡلِ اللهِ الۡهَادِي الۡاَمِيۡنِ وَعَلٰي
اٰلِهٖ وَصَحۡبِهٖ
وَتابِعِيۡهِمۡ بِاِحۡسَاِنِ اِلٰي يَومِ الدِّيۡنِ اَما بَعۡدُ!
علامة
الدهر، وحيد العصر، حضرت علامه محمد ادريس ڏاهري
مدظله العالي
جو
شمار عصر حاضر جي صفِ اول جي مصنفن ۾ ٿئي ٿو. جن سنڌ جي ٻهراڙي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ
(مقيم ڏاهري) ۾ ويهي گهڻا علمي، فڪري ۽ اصلاحي ڪتاب لکيا آهن. سندن سڀ کان وڏو
ڪارنامو قرآن ڪريم جو مڪمل تفسير لکڻ آهي ۽ ان کان پوءِ سندن وڏي علمي خدمت هي تازو
ڪتاب ”الفيوضات المصطفوية شرح الشمائل المحمدية“ آهي. جيڪو مٺي محمد ڪريم5
جي حسن و جمال حسين صورت ۽ بيمثال سيرت تي مشتمل هڪ شهره آفاق ڪتاب ”شمائل
تـــــرمذي“ جــــو علمي، فڪري، عشقي ۽ روحاني تشريحي ڪتاب آهي. فقير کي هن ڪتاب جي
بالاستيعاب پڙهڻ جي سعادت ته نصيب نه ٿي سگهي آهي مگر طائرانه نظر سان جي به سِڪ
ڀريون سِٽُون پڙهيم تن جي سٽاءُ ۽ سُڀاءُ مان موصوف جي علمِ تفسير سان گڏ حديث شريف
۾ به علمي ۽ تحقيقي گهرائي نظر آئي. ڪتاب جي آغاز ۾ پاڻ امام ترمذيߋ
جي زندگي مبارڪ جو مختصر مگر جامع جائزو ورتو اٿن. فنِ حديث ۾ سندن مقام بابت
اعيان ۽ اعلام جا اقوال آندا اٿن. جيڪي قاري کي ان محدث سان قلبي لڳاءُ پيدا ڪن ٿا
۽ ان جي عزت ۽ عظمت کي دلين ۾ اجاگر ڪن ٿا ان کان پوءِ پاڻ اصل ڪتاب جي اهميت
افاديت ۽ ان موضوع جي ٻين ڪتابن ۾ هن ڪتاب جي انفراديت بابت تمام علمي بحث ڪيو اٿن.
ان ڪتاب جا ڪهڙين ٻولين ۾ڪهڙن نالن سان شرح شايع ٿيا آهن تن کي نشانبر ۽ نروار ڪيو
اٿن جنهن جي پڙهڻ سان ان ڪتاب جي اهميت دلين ۾ راسخ ٿئي ٿي ان ڪتاب ۽ ڪتاب لکڻ واري
سان الفت ۽ ڪتاب پڙهڻ جي چاهت من ۾ پيدا ٿئي ٿي. ان کان پوءِ پاڻ هڪ مڪمل بحث
”حجيتِ حديث“ بابت آندو اٿن. جنهن ۾ ”احاديثِ نبويه“
علٰي
قائلها الصلواة والسلام
جي
منڪرن جي چڱي طرح لاک لاٿي اٿن. معاندين ۽ منڪرين ۽ معترضين جي اڍنگن اعتراضن واري
شيشي کي تحقيق واري قلم سان چڪنا چور ڪري ڇڏيو اٿن. بلڪه سندن زوردار قلم جي چوٽ
سان انهن منڪرن جا واهي تباهي اعتراض هباءَ منثور بنجي اُڏي وڃن ٿا. پوءِ پاڻ تدوين
حديث جي موضوع تي هڪ مختصر مگر معلوماتي ۽ دلائل سان ڀرپور بحث آندو اٿن. عهد رسالت
مآبﷺ
۾ جيڪي صحابه ڪرام حديثن جا مجموعا جمع ڪيا هئا انهن بابت تمام ناياب معلومات فراهم
فرمائي اٿن. مثلا : صحيفھء ابنِ عباسf
بابت
لکن ٿا ته : طبقات ابنِ سعد ۾ ڪريب بن ابي مسلم کان روايت آهي ته حضرت ابنِ عباس جي
لکيل ڪتابن مان اٺ جي کڻڻ جيترو ذخيرو مليو هو. ان کان پوءِ پاڻ ڪتب احاديث جي
اقسام بابت مفصل مدلل ۽ بهترين مواد جمع ڪيو اٿن جيڪو خواص سان گڏ عوام لاءِ به
مفيد ثابت ٿيندو. مدرسن جي طالب علمن ۽ حديث جي شائقن لاءِ هي معلومات ڪافي ۽ شافي
آهي. فقير جي راءِ آهي ته اگر ان مقدمه کي هڪ جدا رسالي جي صورت ۾ شايع ڪيو وڃي ته
تمام بهترين ٿيندو. پوءِ ڪتاب مبارڪ جي متن مان اصل حديث آڻڻ بعد ان جو بامحاوره
سنڌي ترجمو ان جي سمجهاڻي حديث مان حاصل ٿيندڙ مسائل ۽ حديث جي راوين جو تعارف ان
تي علماءِ جرح و تعديل جا رايا ۽ اقوال آڻي حديث پاڪ جي مڪمل سمجهاڻي ڏني اٿن. ان
سان گڏ مفردات جو به بامحاوره شرح آندو اٿن. ان جي ڪري هي ڪتاب علماءِ ڪرام ۽ حديث
جي طالبن لاءِ ۽ عوام لاءِ يڪسان مفيد آهي. هن ڪتاب مان هر مسلڪ ۽ هر مڪتبهء فڪر
وارو استفادو ڪري سگهي ٿو. آءُ چوان ٿو ته هي ڪتاب هر عاشقِ رسول جي گهر ۾ هجڻ
ضروري آهي. هن جي پڙهڻ سان حبيب ڪريم
ﷺ
جي حسنِ بي مثال جو جلوو سامهون اچي وڃي ٿو. ذوق ۽ وجدان چوي ٿو ته جيڪو به هن ڪتاب
کي عشق ۽ محبت سان پڙهندو اميد آهي ته ان کي ضرور حبيبن ڪريمنﷺ
جو ديدار نصيب ٿيندو. (باذن الله تعالى) هن عظيم ڪارنامي تي آءُ کين هڪ نه لک بار
مبارڪ پيش ڪيان ٿو سندن هي خدمت صدين تائين ياد رکي ويندي. ساري سنڌ کين هڪ سُريلي
مقرر طور سڃاڻي ٿي پر سندن زندگي مبارڪ ۽ خدمات جا گهڻا اهڙا گوشا آهن جيڪي عوام
کان ته اوجهل رهيا آهن پر خواص مان به ڪي ڪي سندن صلاحيتن کي سمجهي سگهيا آهن. علم
حديث تي سندن هي ڪتاب، سندن حديث جي فن ۾ مهارت جو چٽو ثبوت آهي. ويهه سال اڳ ۾ لاڙ
جي پاسي سندن تقرير ٻُڌي تقريبًا هڪ سؤ گهر مسلمان ٿيا هئا. علمِ مناظره ۾ سندن
قابليت جو پتو ان وقت پيو جڏهن هڪ اهم موضوع تي هڪ مولوي صاحب گاڏي ڪتابن جي ڀري
ساڻن مناظري لاءِ آيو. پاڻ صرف هڪ ڪتاب هٿ ۾ کڻي مقامِ مناظره تي پهتا. جڏهن گفتگو
شروع ٿي ته پاڻ چند جملن ۾ فريقِ ثاني کي لاجواب ڪري ڇڏيائون ۽ هڪ ڀيري غيبي ديري
چانڊين سردارن جي ڳوٺ ڏانهن قاديانين به ساڻن مناظره ڪيو پر الحمدلله
ﷻ
هڪ ڪلاڪ به نه هلي سگهيا ۽ پنهنجي غلط عقيده کان تائب ٿي مسلمان ٿيا هئا، سندن
ديني، روحاني ۽ علمي خدمات جي پيشِ نظر آءُ کين ”مخدومِ
اهل سنت“
جو لقب ڏيان ٿو ۽ عوام اهلسنت کي گذارش ڪيان ٿو ته کين ”مخدوم“ جي لقب سان ياد ڪيو
وڃي. ۽ هي ڪتاب ذوق ۽ شوق سان خريد ڪري پڙهيو وڃي. دعا آهي ته الله ڪريم هن رباني
عالم کي صحت سان گڏوگڏ وڏي ڄمار عطا ڪري جيئن اسان جهڙا طالبِ علم سندن علم ۽ قلم
مان فيض پرائيندا رهن.
اٰمِيۡن
يَا رَبَّ الۡعٰلمين
فقير
ناچيز
ڪرم
االله الاهي قادري نقشبندي
دربار عاليھ
فضل آباد شريف ماتلي
|