خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ٽيويهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي اتِّكَاءِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ

هن باب ۾ رسول الله جن جي (ٻئي تي)

ٽيڪ ڏئي هلڻ جي بيان ۾ آيل حديثن جو ذڪر آهي

 

سمجهاڻي: هن باب مان مقصود ڪنهن عارضي جي ڪري رسول الله جن جو ڪنهن صحابي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ جو ذڪر آهي. جيئن هن باب ۾ آندل حديثن مان واضح ٿي رهيو آهي ۽ بعض ماڻهن اهو فرق نه سمجهڻ جي ڪري چيو ته ظاهر هي آهي ته اڳيون ۽ هي باب ٻئي هڪ هجن ها. هن باب ۾ ٻه حديثون آهن.

 

}135} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا عَمْرُو بْنُ عَاصِمٍ قَالَ : حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ ، عَنْ حُمَيْدٍ ، عَنْ أَنَسٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَانَ شَاكِيًا فَخَرَجَ يَتَوَكَّأُ عَلَى أُسَامَةَ بْنِ زَيْدٍ وَعَلَيْهِ ثَوْبٌ قِطْرِيٌّ قَدْ تَوَشَّحَ بِهِ فَصَلَّى بِهِمْ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس d کان روايت آهي ته نبي ڪريم جن بيماريءَ جي حالت ۾ حضرت اسامه d تي ٽيڪ ڏئي گهر کان ٻاهر نڪتا. پاڻ سڳورن جي ڪلهن مبارڪن تي يمني چادر ويڙهيل هئي. پوءِ پاڻ انهيءَ حالت ۾ صحابه ڪرام عليهم الرضوان کي نماز پڙهايائون.

مفردات جو شرح: شَاكِيًا بيمار، عليل. ”يَتَوَكَّأُ ٽيڪ ڏئي. أُسَامَةَ هي رسول الله جي آزاد ڪيل غلام زيد جو پُٽ هو. تَوَشَّحَ ويڙهجي نڪتو.

سمجهاڻي: رسول الله جن جنهن بيماريءَ جي دوران دنيا تان رحلت فرمائي هئي هن حديث ۾ ان جو ذڪر آهي. حضرت انس d فرمايو ته پاڻ ان بيماري دوران اسامه بن زيد d تي ٽيڪ ڏئي پنهنجي حجره مبارڪه مان ان حال ۾ نڪري آيا جو مٿن قطري چادر ويڙهيل هئي ۽ پاڻ اها سڄي ڪلهي جي هيٺان آڻي کٻي ڪلهي تي رکي هيائون. ۽ پاڻ اصحابن سڳورن کي نماز پڙهايائون.  (المواهب شرح الشمائل ص 252)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث نمبر 8 باب ماجاء في لباس رسول الله جي تخريج ۾ ذڪر ڪيل آهي.

}136} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْمُبَارَكِ قَالَ : حَدَّثَنَا عَطَاءُ بْنُ مُسْلِمٍ الْخَفَّافُ الْحَلَبِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا جَعْفَرُ بْنُ بُرْقَانَ ، عَنْ عَطَاءِ بْنِ أَبِي رَبَاحٍ ، عَنِ الْفَضْلِ بْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : دَخَلْتُ عَلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي مَرَضِهِ الَّذِي تُوُفِّيَ فِيهِ وَعَلَى رَأْسِهِ عِصَابَةٌ صَفْرَاءُ فَسَلَّمْتُ عَلَيْهِ ، فَقَالَ : يَا فَضْلُ! قُلْتُ : لَبَّيْكَ يَا رَسُولَ اللَّهِ! قَالَ : اشْدُدْ بِهَذِهِ الْعِصَابَةِ رَأْسِي قَالَ : فَفَعَلْتُ ، ثُمَّ قَعَدَ فَوَضَعَ كَفَّهُ عَلَى  مَنْكِبِي ، ثُمَّ قَامَ فَدَخَلَ فِي الْمَسْجِدِ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ.

با محاوره ترجمو: حضرت فضل بن عباس f کان روايت آهي ته مان رسول الله جن وٽ انهيءَ بيماري جي حالت ۾ ويس. جنهن ۾ پاڻ ڪريم وصال فرمايو. ان وقت سندن مٿي مبارڪ تي ڦِڪي پَٽي ٻَڌل هئي. مون پاڻ سڳورن تي سلام ورايو. پاڻ سڳورن فرمايو ته اي فضل! مون عرض ڪيو، يا رسول الله! حاضر آهيان. پاڻ فرمايائون ته منهنجي مٿي کي هن پَٽيءَ سان ڇڪي ٻَڌ. مون ائين ئي ڪيو. پاڻ سڳورا اٿي بيٺا. پوءِ پنهنجي هٿ مبارڪ کي منهنجي ڪلهي تي رکي اٿيا ۽ مسجد شريف ۾ آيا. هن حديث ۾ ڊگهو قصو آهي.

مفردات جو شرح: اَلْعِصَابَةِ پَٽي، رومال، پڳ. تَوُفِّيَ فِيۡہِ مجهول جو صيغو آهي جنهن ۾ وفات ڪرايا ويا صَفۡرَاءُ“  ڦِڪي. ”اُشۡدُدۡ مضبوط ڪري ٻڌ.

سمجهاڻي: سيدنا رسول الله جي سؤٽ حضرت فضل بن عباس f جو فرمان آهي ته مان سندن خدمت ۾ ان بيماريءَ جي حالت ۾ حاضر ٿيس جنهن ۾ پاڻ دنيا تان ظاهري رحلت فرمائي هيائون. سلام پيش ڪيم ته حڪم  ڪيائون” هن ڪپڙي ، رومال وغيره سان منهنجي مٿي مبارڪ کي مضبوط نموني سان ٻَڌ. مون سندن حڪم جي تعميل ڪئي. ان کان پوءِ پاڻ  پنهنجو هٿ مبارڪ منهنجي ڪلهي تي رکي اُٿي مسجد ۾ داخل ٿيا. شمائل جي مصنف ߋ فرمايو ته هن حديث ۾ ڊگهو قصو آهي. شارحن ان جي هن طرح وضاحت ڪئي آهي ته پاڻ منبر تي رونق افروز ٿيا ۽ مون کي فرمايائون ته ”ماڻهو گڏ ڪري وٺ. مان ماڻهو وٺي آيس ته پاڻ حمد ۽ ثنا ڪري فرمايائون ”منهنجو اوهان کان موڪلائي وڃڻ جو زمانو ويجهو اچي ويو آهي اوهان مان جيڪڏهن مون ڏانهن ڪنهن جو حق حساب رهجي ويو هجي ته مون کان وصول ڪري يا معاف ڪري ڇڏي ۽ ڪنهن جي پُٺيءَ تي جيڪڏهن ڪو ڌڪ هنيو اٿم ته منهنجي پُٺي حاضر آهي . ڀلي بدلو وٺي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جو مالي حق آهي ته اهو ڀلي وصول ڪري وغيره ۽ اهو منهنجو هڪ ڀيرو نه پر وري وري اعلان سمجهو ان کان پوءِ پاڻ منبر تان هيٺ لٿا ۽ ظهر جي نماز کان پوءِ وري منبر تي تشريف فرما ٿي ساڳيو اعلان ڪيائون ۽ فرمايائون ته ڪنهن ڏانهن به ڪنهن جو ڪو حق حساب هجي ته ادا ڪري ڇڏي. دنياوي خواريءَ جو خيال نه ڪيو اها آخرت جي خواريءَ کان بلڪل گهٽ آهي . نيٺ هڪ شخص اٿي بيٺو ۽ عرض ڪيائين ته حضرتا! منهنجا اوهان ڏانهن ٽي درهم آهن. پاڻ فرمايائون ته” مان ڪنهن به مطالبي ڪندڙ کي ڪوڙو نه ڪندس ۽ نه ان کي سندس دعوى تي قسم کڻائيندس پر ايترو پڇان ٿو ته اهي پيسا ڪيئن رهجي ويا آهن؟ ان عرض ڪيو ته ”هڪ سائل اوهان وٽ آيو هو  اوهان مون کي حڪم فرمايو هو ته ”هن کي ٽي درهم ڏيو.“ پاڻ جن حضرت فضل d کي فرمايو ته ”هن کي ٽي درهم ڏي“ ان کان پوءِ ٻيو اٿيو ۽ ان عرض ڪيو ته ”مون ڏانهن بيت المال جا ٽي درهم آهن جيڪي مون کنيا هئا پاڻ ان کان انهن جي کڻڻ جو سبب معلوم ڪيائون. ان عرض ڪيو ته مان ان وقت سخت محتاج هيس. پاڻ حضرت فضل d کي فرمايائون ته هن کان اهي وصول ڪر. وري پاڻ فرمايائون ته ”جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي حال تي اطمينان نه هجي ته اهو دعا ڪرائي ڇڏي.“ اتي هڪڙي شخص اٿي عرض ڪيو ته ”مون ۾ ڪوڙ هڻڻ جي عادت آهي گهڻي ننڊ ڪرڻ جو عادي آهيان مون کي دعا ڪيو. پاڻ ڪريم جن ان جي لاءِ دعا گهري ته ”يا الله ! هن کي سچائي، ڪامل ايمان ۽ گهڻي ننڊ جي مرض کان شفا عطا فرماءِ.“ ان کان پوءِ هڪ ٻيو شخص اٿيو ان به اهڙو عرض ڪيو پر ان گهڻي ننڊ جي بجاءِ چيو ته مان گناهگار آهيان. اتي حضرت عمر d ان کي چيو ته هروڀرو پاڻ کي گناهن سان نسبت پيو ڏين. حضرت حبيب ڪريم جن حضرت عمر d کي فرمايو ته ”تون چُپ ڪر. دنيا جي خواري آخرت جي خواريءَ کان تمام گهٽ آهي.“ پوءِ ان شخص جي لاءِ پاڻ دعا فرمايائون. ان کان پوءِ حضرت عمر d ڪجهه ڳالهايو ته پاڻ فرمايائون ”عمر مون مان آهي ۽ مان عمر مان آهيان. مون کان پوءِ جيڏانهن به عمر ويندو ته حق عمر سان گڏ هوندو.“ وري ٻيو شخص اٿيو ۽ ان عرض ڪيو ته يا رسول الله ! مان دلير ناهيان ۽ نينڊي آهيان. پاڻ ان جي لاءِ به دعا فرمايائون. حضرت فضل d فرمايو ته ”حضور ڪريم جي دعا کان پوءِ اهو ماڻهو گهڻو دلير بنجي ويو.“ انهن فرمانن ۽ دعائن کان پوءِ پاڻ ڪريم جن ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g جي رهڻ واري جاءِ تي تشريف فرما ٿيا. روايت ۾ اچي ٿو ته حضور ڪريم جن عورتن ۾ به اهڙو اعلان فرمايو هو. اتي هڪ عورت عرض ڪيو ته يا رسول الله ! مان پنهنجي زبان تي ڪنٽرول ڪري نه ٿي سگهان مون لاءِ دعا گهرو پاڻ ان لاءِ دعا گهريائون.  (خصائل نبوي ص 105 کان 110 حاشية الزمزلي ص 177، 178) سيدنا رسول الله جو پنهنجي مٿي مبارڪ تي پٽي يا رومال وغيره کي ڇڪي ٻڌرائڻ الله تي توڪل ڪرڻ جي خلاف ناهي ڇوته اهو هڪ قسم جو علاج آهي ۽ الله جي بارگاهه ۾ پنهنجي  عجز ۽ انڪساري جو اظهار آهي. (جمع الوسائل ج 1 ص 187) سيدنا رسول الله گهڻو ڪري ڪنهن تي ٽيڪ نه ڏيندا هئا. هن بيماريءَ جي حالت ۾ سندن ٽيڪ ڏيڻ ثابت آهي. (انوارِ غوثيه ص 194)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: }1} الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 718 ج 18 ص 280، 281. {2} البيهقي في دلائل النبوة ج 7 ص 179 ، 180 .

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting