خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب يارهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي نَعْلِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

  انهن حديثن جو باب جنهن ۾ رسول الله

جي جُتي مبارڪ جو بيان آهي.

 

سمجهاڻي: هن باب ۾ حضور ڪريم جي جُتي مبارڪ جو ذڪر آهي ۽ حضور ڪريم جن پاڪ پيرن ۾ جتي پائڻ کان سواءِ پيرين اگهاڙا به هلندا هئا خاص ڪري بيمارن کان پڇڻ وقت، ڇوته ان ۾ تواضع سان گڏ اجر به وڌيڪ آهي. سندن جُتي مبارڪ چمڙي مان ٺهيل ، ڊگهي چنهب سان پويان کڙيءَ واري هوندي هئي. ڇوته سندن پاڪ پيرن ۾ آڱوٺي جي ڀر واري آڱر ڊگهي هوندي هئي. ۽ ان آڱر جي ڊيگهه مطابق جتيءَ جي چهنب به ڊگهي هوندي هئي. حافظ عراقي ߋ پنهنجن شعرن ۾ جُتي مبارڪ جي صفت ۽ مقدار هن طرح بيان ڪيو آهي.

 

 

وَنَـعۡلُهٗ الۡکَرِيۡمَةُ الۡمُصَوَنَه ،   طُـوبٰي لِمَنۡ مَسَّ بِهَا جَبِيۡنَه

لَــــهَـــا قِـبَــا لَانِ بِــسَيۡروَّهُـمَا،   سِبۡتِّيَانِ سَبَّتُوۡ ا شَـعۡرَ هُمَا

وَطُــوۡلُـــهَـا شِــبۡرُٗوَ اِصۡبَعَانِ،   وَعَرۡضُهُمَا مِــمَّا يَلِي الۡکَعۡبَانِ

سَـبۡعُ اَصَابِعَ وَ بَطَنُ الۡقَدَم،     خَمۡسُ وَّ فَوۡقَ ذَاسِتُّ فَاعۡلـمۡ

وَرَاسُهَا مُحَدَّدُٗ وَعَرۡضُ مَا،   بَيۡنَ الۡقِبَالَيۡنِ اصۡبَعَانِ اضۡبَطۡهُمَا

 

يعني آقا جي جُتي ڀلاري ، محفوظ هئي. جنهن اها پنهنجي پيشانيءَ تي لڳائي ان جي لاءِ بشارت آهي. ان جُتي (پاڪ) جون ٻه سبتي وڊهيون هيون جن سان پيرن پاڪن جا وار محفوظ رهندا هئا. ان جتي (مبارڪ) جي ڊيگهه هڪ گرانٺ ۽ ٻه آڱر هئي ۽ ويڪر ڀيڏين تائين پهچڻ واري ست آڱر هئي. ۽ سندن پاڪ پير جو پيٽ اندريون حصو پنج آڱر ۽ مٿيون حصو 6 آڱر هو ۽ پيرن جو منڍ محدود ۽ ويڪر ٻن وڍين جي وچ ۾ ٻه آڱر هئي. اهي مضبوط طرح ياد ڪر. هن باب ۾ يارهن حديثون آهن. (المواهب شرح الشمائل ص 184)

جتي پائڻ جي اهميت جُتي نبين عليهم الصلٰوة والسلام جي پيرن پاڪن جو لباس آهي۽ نعل جو لفظ شايد الله جي طرفان حضرت موسى (عليٰ نبينا وعليه الصلٰوة والسلام) کي حڪم فَاخۡلَعۡ نَعۡلَيۡکَ (پنهنجي جُتي لاهه) کان ورتل آهي ۽ حضور ڪريم جن کان به جُتي پائڻ ثابت آهي. (جمع الوسائل ج 1 ص 129)

 

}75}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو دَاوٗدَ الطَّيَالِسِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا هَمَّامٌ ، عَنْ قَتَادَةَ قَالَ : قُلْتُ لِأَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : كَيْفَ كَانَ نَعْلُ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ؟ قَالَ : لَهُمَا قِبَالاَنِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت قتاده d کان روايت آهي ته مون انس بن مالڪ d کان پڇيو ته رسول الله جن  جي جُتي مبارڪ ڪهڙي نموني جي هئي؟ ان چيو ته پاڻ سڳورن جي هر هڪ جُتيءَ مبارڪ ۾ ٻه ٻه وڍيون هيون.

مفردات جو شرح: ”نَعْلُ جُتي. ماوقيت بھ القدم عن الارض“ اها شيءِ جنهن سان پير کي زمين تي لڳڻ کان بچايو وڃي. ” النعل“ لفظ ڪڏهن مصدر ٿي ايندو آهي ته ڪڏهن اسم ٿي ۽ اهو عربي لغت ۾ مؤنث آهي. ”قِبَالاَنِ ٻه وڊهيون. جيڪي پير جي وچين آڱر ۽ ان جي ڀرواريءَ جي وچ ۾ هونديون هيون ۽ هاڻي آڱوٺي ۽ ان جي ڀرواري آڱر جي وچ ۾ وڊهي هوندي آهي . ”قبال“ کي شسع به چوندا آهن.“

سمجهاڻي: حضرت قتاده d جو حضرت انس d کان پڇڻ ته رسول الله جي جُتي ڪهڙي نموني هئي؟ اصحابن سڳورن عليهم الرضوان ۽ تابعين ڪرام جي حضور ڪريم سان والهانه محبت ۽ عشق جو ثبوت ۽ اظهار آهي ۽ اهي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي ۽ انهن ۾ سرخروئي جو راز ان ۾ سمجهندا هئا ۽ هن ڳالهه تي ڪامل يقين رکندا هئا ته حضور ڪريم جي قدوم، ميمنت لزوم سان ۽ سندن مقدس جُتي جي صدقي ئي نجات ۽ بخشش آهي. حضور ڪريم جن جُتي پائڻ جو حڪم به ڪيو آهي. جيئن مسلم حضرت جابر d کان مرفوع روايت آندي آهي ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ”جُتي گهڻي قدر پائيندا ڪيو. بلاشڪ مڙس جيستائين جُتي پير ۾ اٿس (ڄڻ ته) سوار آهي.“ حضرت ابن مسعود d حضور ڪريم جن جي جُتي مبارڪ، وهاڻو، ڏندڻ ۽ پاڪائي جي لاءِ پاڻي پاڻ سان گڏ کڻندو هو. ۽ پاڻ جڏهن (مجلس مان) اٿندا هئا ته اهو کين جُتي (مبارڪ) پارائيندو هو ۽ جڏهن ويهندا هئا ته اها پنهنجن ٻانهن سان قابو ڪري رکندو هو تان جو پاڻ اتاهين اٿن. (جمع الوسائل ج 1 ص 129)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1}  البخاري في ڪتاب اللباس باب 41 قبالان في نعل رقم الحديث 5857 ج 10 ص 312 {2}  ابو داؤد في ڪتاب اللباس  باب 41 في الانتعال رقم الحديث 4134 ج 4 ص 69 {3} النسائي في ڪتاب الزينة باب 115 صفة نعل رسول الله ج 8 ص 217 {4} ابن ماجھ في ڪتاب اللباس باب 27 صفة النعال رقم الحديث 3615 {5} احمد في المسند ج 3 ص 122 {6} عبد بن حُميد في المنتخب رقم الحديث 1176 ص 355.

 

}76} حَدَّثَنَا أَبُو كُرَيْبٍ مُحَمَّدُ بْنُ الْعَلاَءِ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ ، عَنْ سُفْيَانَ ، عَنْ خَالِدٍ الْحَذَّاءِ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ الْحَارِثِ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : كَانَ لِنَعْلِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قِبَالاَنِ مُثَنَّيً شِرَاكُهُمَا.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابن عباس f کان روايت آهي ته رسول الله جن جي جتيءَ مبارڪ ۾ ٻه ڪهيون هيون ۽ اهي ٻٽيون هيون.

مفردات جو شرح: ”مُثَنَّيً (ميم جي پيش ثا جي زبر سان) جعل الشيء اثنين . ڪنهن شيءِ کي ٻٽو ڪرڻ. ” التثني کان ورتل آهي شِرَاكُهُمَا هي مثني جو نائب فاعل آهي شراڪ شين جي زير سان اهي وڊهيون جيڪي جُتيءَ جي مٿان هونديون آهن .

سمجهاڻي: صحابي سڳوري d فرمايو ته ”اهي وڊهيون جيڪي پير مبارڪ جي پُٺي تي هونديون آهن ٻٽيون هيون. يعني نهايت مضبوط ۽ ڇڪيل هيون تان ته پيرن مبارڪن کي مضبوطيءَ سان وٺي جهلين. پيرن کي قابو رکن ۽ پيرن مبارڪن مان هلڻ جي دوران نڪري نه وڃن. (انوارِ غوثيھ ص 118)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابن ماجھ في ڪتاب اللباس باب 27 صفة النعال رقم الحديث 3614 {2} البيهقي في شعب الايمان ج 5 ص 178 {3} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3154 ج 12 ص 74 {4} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 177.

 

}77}  حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو أَحْمَدَ الزُّبَيْرِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا عِيسَى بْنُ طَهْمَانَ قَالَ : أَخْرَجَ إِلَيْنَا أَنَسُ بْنُ مَالِكٍ نَعْلَيْنِ جَرْدَاوَيْنِ لَهُمَا قِبَالاَنِ." قَالَ : فَحَدَّثَنِي ثَابِتٌ بَعْدُ عَنْ أَنَسٍ أَنَّهُمَا كَانَتَا نَعْلَيِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عيسى بن طهمان d کان روايت آهي ته انس بن مالڪ d اسان کي ٻه جوتا جن جي چمڙي تي وار نه هئا ڪڍي ڏيکاريا.

راوي چوي ٿو ته مون کي حضرت ثابت d بيان ڪري ٻڌايو ۽ ان کي حضرت انس بن مالڪ d ٻڌايو ته اهي ٻئي نعلين (جوتا) مبارڪ رسول الله جن جا آهن.

مفردات جو شرح: ”اَخۡرَجَ ڪڍيائين. نَعۡلَيۡنِ ٻه جُتيون (مبارڪ)جَرۡدَاوَيۡنِ“ ”الجرداءُ جيم سان ”الاجرد “ جو مؤنث آهي اها جُتي جنهن جي مٿان وار نه هجن ان زمين کي جرد چوندا آهن جنهن ۾ سلا نه هجن. يا ”جرداوين“ جي معنى آهي پراڻا استعمال ڪيل.

سمجهاڻي: هن حديث مان ثابت ٿيو ته صحابه ڪرام رضي الله عنهم حضور پُرنور جي استعمال ڪرڻ وارن ڪپڙن ، موزن، جُتي مبارڪ کي ساهه سان سانڍيندا هئا. هڪٻئي کي ان جي زيارت ڪرائيندا ۽ ان سان ڀلائي ۽ برڪت شفا حاصل ڪندا هئا. انهن وٽ سندن ڪجهه استعمال ڪيل ڪپڙا وغيره هوندا هئا. بخاري ۽ مسلم ۾ حضرت ابو برده d کان روايت آهي ته حضرت ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g اسان کي هڪ گهڻيون چتيون لڳل ڪمبل ۽ هڪ ٿلهي ڪپڙي جي چادر ڪڍي ڏيکاري ۽ فرمايائين ته حضور ڪريم جن هنن ٻن ۾ وفات ڪئي هئي. بخاري شريف ۾ آهي ته هڪ عورت حضور ڪريم جي خدمت ۾ چادر کڻي حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته ”هيءَ مون پنهنجي هٿن سان ٺاهي آهي اوهان پاڻ اها پايو.“ رسول الله! جن اها وٺي ۽ گوڏ ڪري ٻڌي صحابه ڪرام عليهم الرضوان وٽ آيا. انهن مان هڪڙي ڏسي عرض ڪيوته يا رسول الله صلي الله عليک وسلم اها مون کي ڏيو. پاڻ فرمايائون ”هائو“ پاڻ ڪجهه وقت مجلس ۾ ويهي اٿي گهر ويا ۽ اها چادر لاهي ويڙهي کڻي آيا ۽ ان صحابي کي موڪليائون جنهن اها گهري هئي ٻين اصحابن رضي الله عنهم چادر گهرڻ واري صحابي کي چيو ته تو اهو سٺو ڪم نه ڪيو تو کي خبر آهي ته حضور ڪريم جن ڪنهن سائل جو سوال رد نه ڪندا آهن. ان صحابي d انهن کي جواب ڏنو ته وَاللهِ مَاسَالۡتُهَا اِلَّا لِيَکُوۡنَ کَفَنِي يَوۡمَ اَمُوۡتُ.“ (الله جو قسم مون اها ان لاءِ گهري ته جڏهن مان مران ته اها منهنجو ڪفن ٿئي.

حضور جي استعمال ڪيل شين سان تبرڪ حاصل ڪرڻ : جناب سهل d فرمايو ته پوءِ اها ئي چادر ان جو ڪفن ٿي هئي. حضرت امام مالڪ d کي حضور ڪريم جا ٽي وار مبارڪ مليا هئا. جڏهن سندس وفات جو وقت قريب آيو ته وصيت ڪئي هيائين ته منهنجي مرڻ کان پوءِ هڪ وار مبارڪ منهنجي ساڄي اک تي ۽ هڪ وار مبارڪ منهنجي کاٻي اک تي ۽ هڪ وار مبارڪ منهنجي وات ۾ وجهي ڇڏجو. حضرت ابو هريره d حضرت امام حسن d کي چيو ته ”مون کي پنهنجي جسم جو اهو حصو ٻڌاءِ جنهن کي حضور ڪريم جن چُميو هو. حضرت امام حسن d ان کي پنهنجو دُن ٻڌايو ته حضرت ابو هريره d برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي چُمي ڏني.“ حضرت ثابت بناني حضرت ابو هريره d جي هٿ کي تيستائين نه ڇڏيندو هو جيستائين ان کي چُمي نه ڏيندو هو. ۽ کيس چوندو هو”ته هي هٿ حضور ڪريم جن کي لڳو هو. حضرت ابو عبدالله d فرمايو ته ”منهنجي ڏاڏي وٽ رسول الله جن جو ڪپڙو هو جڏهن عمر بن عبدالعزيز d خليفو ٿيو ته ان منهنجي والد کي چوَرائي موڪليو ته ”مون کي ان ڪپڙي جو ديدار ڪرايو. پوءِ منهنجو ڏاڏو ان ڪپڙي مبارڪ کي چمڙي ۾ ويڙهي ان وٽ کڻي آيو ته عمر بن عبدالعزيز d اهو ڪپڙو وٺي ان سان پنهنجي منهن کي گهڻي وقت تائين مهٽيندو رهيو. حضرت بيبي اسماء بنت ابي بڪر صديق f وٽ سهڻي نبي پاڪ جو جُبو مبارڪ هو. مسلم شريف ۾ آهي ان فرمايو”اهو جُبو مبارڪ آقا جن پائيندا هئا اسين ان کي بيمارن جي لاءِ ڌوئندا آهيون(يعني ان کي ڌوئي ان جو پاڻي بيمارن کي پياريندا آهيون.) ان سان شفا حاصل ڪئي ويندي آهي.“ شفا شريف ۾ آهي امام ابن مامون  فرمايو ته ”رسول الله جن جي استعمال ڪرڻ وارن پيالن مان هڪ پيالو اسان وٽ هو. اسين بيمارن جي لاءِ ان ۾ پاڻي وجهندا هئاسون ته اهو پاڻي پيئڻ وارا شفاياب ٿيندا هئا. “  (انوارِ غوثيه ص 120)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب فرض الخمس باب 5 ما ذڪر في درع النبي رقم الحديث 3107 ج 6 ص 212 {2} البيهقي في شعب الايمان ج 5 ص 177 {3} البغوي في الشمائل رقم الحديث 821 ج 2 ص 547 {4} وفي شرح السنة رقم الحديث 3152 ج 12 ص 73 {5} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 119

 

}78} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُوسٰى الأَنْصَارِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنٌ قَالَ : حَدَّثَنَا مَالِكٌ قَالَ : حَدَّثَنَا سَعِيدُ بْنُ أَبِي سَعِيدٍ الْمَقْبُرِيُّ ، عَنْ عُبَيْدِ بْنِ جُرَيْجٍ ، أَنَّهُ قَالَ لِابْنِ عُمَرَ : رَأَيْتُكَ تَلْبَسُ النِّعَالَ السِّبْتِيَّةَ ، قَالَ : إِنِّي رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَلْبَسُ النِّعَالَ الَّتِي لَيْسَ فِيهَا شَعَرٌ ، وَيَتَوَضَّأُ فِيهَا ، فَأَنَا أُحِبُّ أَنْ أَلْبَسَهَا.

با محاوره ترجمو: حضرت عبيد بن جريح d کان روايت آهي ته مون حضرت ابن عمر f کان پڇيو ته”آءُ توکي (هميشه) وارن کان صاف ٿيل چمڙي جي جتي پائيندي ڏسان ٿو.“

ان چيو ته مون رسول الله جن کي اهڙي جتي پائيندي ڏٺو، جنهن ۾ وار ڪونه هئا، پاڻ ان ۾ وضو به ڪندا هئا، دل گهرندي آهي، ته آءُ به اهڙي جتي پايان.“

مفردات جو شرح : ”رَاَيۡتُکَ رايت واحد متڪلم جو صيغو رؤيت کان ورتل آهي مون تو کي ڏٺو آهي . ”تلبس“ پائين ٿو.اَلنِعَالَ نعل جو جمع، جُتيون. السِّبۡتِيَّةَ“ (سين جي زير با جي جزم سان) السبت ڏانهن نسبت آهي اها رنگ ڪيل آهي. لغات الحديث جي صاحب لکيو آهي ته السِّبۡتِيَّةَ سين جي زير سان ان جي معنى آهي. ڳئون جي رڱيل کل. جنهن مان جوتا ٺاهيا ويندا آهن. ۽ بعض جو قول آهي ته ”ان مــان مراد اها کل آهي جنهن جا وار ڪوڙي ختم ڪيا وڃن.“ ۽ هيءَ معنى مناسب آهي.

سمجهاڻي: حضرت ابنِ عمر f کان عبيد بن جريح ڳئون جي رڱيل کل مان ٺاهيل جُتي پائڻ جي متعلق سوال ان جي ڪري ڪيو هو جو اهي جُتيون مالدار پائيندا هئا، انهن جي موافقت ڇو ٿو ڪرين؟  ان ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ ان جي ڪري گهڻا صحابي رضي الله عنهم اهي نه پائيندا هئا. حضرت ابن عمر f ان کي جواب ڏنو ته مون رسول الله کي ڏٺو هو ته” اها جُتي پائيندا هئا جنهن ۾ وار نه هئا ۽ ان ۾ وضو به ڪندا هئا.“ مطلب ته وضوء کان پوءِ پائيندا هئا. ان ۾ جيڪا آلاڻ ٿيندي هئي رڱڻ کان پوءِ چمڙي جي پاڪ هجڻ جي ڪري ان کان پرهيز نه ڪندا هئا. حضرت ابن عمر f فرمايو ته مان ان جي ڪري اها پسند به ڪيان ٿو. سبحان الله

صحابه جي محبت:. قارئين ڪرام! ڏسو ته اصحابن ڀلارن رضي الله عنهم جي اطاعت، اتباع ۽ نبين جي نبي عليهم الصلواة والسلام سان محبت جو ڇا جهان آهي جنهن صحابي پنهنجي آقا کي جنهن لباس ۾ ڏٺو ان اهو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هن حديث مان هر حال ۾ جُتي پائڻ جي جواز جو دليل ورتو ويو آهي. ۽ حضرت امام احمد ߋ فرمايو ته قبرستان ۾ جُتي پائڻ مڪروهه آهي. بشير بن الخصاصية ߋ جي حديث جي ڪري جو ان فرمايو ته ”مان جُتي سوڌو قبرستان ۾ هليس پئي ته مون کي پويان ڪنهن سڏ ڪري چيو ته”اي جُتيءَ جا صاحب! قبرستان ۾ هجين ته جُتي لاهي ڇڏ.“ اها حديث احمد ۽ ابو داؤد آندي آهي ۽ حاڪم ان کي صحيح چيو آهي ۽ طحاوي فرمايو ته” ممڪن آهي ته ان جُتيءَ ۾ ڪا گندگي هجي،  نه ته ان جي ڪري حديث آهي ته جڏهن ماڻهو ڪنهن ميت کي دفن ڪري موٽن ٿا ته اهو انهن جي جُتين جا چيڪٽ ٻڌي ٿو.“ اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن دفن ڪرڻ وارا قبرستان ۾ جُتين سان هوندا. هن مان قبرستان ۾ جُتي پائي وڃڻ جو جواز ملي ٿو. ۽ حضرت انس d کان صحيح حديث آهي ته رسول الله جن جُتي پاڪ سان نماز پڙهي آهي پوءِ جڏهن مسجد ۾ جُتي سان وڃڻ جائز آهي ته قبرستان ۾ به جائز آهي.، عسقلانيߋ فرمايو ته هي احتمال به آهي ته ميت جي عزت ڪرڻ جي ڪري جُتي  پائڻ کان روڪيو ويو هجي جيئن قبر جي مٿان ويهڻ کان روڪيل آهي. ۽ قبرستان ۾ سبتي جُتين سان هلڻ کان منع تخصيص لاءِ ناهي اتفاقي طور آهي اصل منع قبرستان ۾ جُتين  سان هلڻ کان آهي. هن حديث ۾ ذڪر ڪيو ويو ته حضور ڪريم جن ان جُتي ۾ وضو به ڪندا هئا. اهو ان جي ڪري جو سندن جُتي مبارڪ جو اڳيون حصو پير ڍڪي بيهڻ وارو نه هو ان ۾ چپل وانگر ٻه وڍيون هونديون هيون انهن ۾ وضو ڪرڻ آسان هوندو هو. پير چڱي طرح ڌوپي ويندا هئا. يا وضوء کان پوءِ هڪدم جُتي پائڻ مراد آهي پيرن جي سُڪڻ جو انتظار نه ڪندا هئا. تان ته معلوم ٿئي ته آلا پير جُتيءَ ۾ وجهڻ سان وضو ۾ ڪو فرق نه پوندو ۽ آلو پير جُتيءَ ۾ ان وقت داخل ڪبو جڏهن اها پاڪ هوندي نه ته داخل نه ڪبو.

            (جمع الوسائل ج 1 ص 130 ، خصائل نبوي ص 63، فضائل النبي ص 53)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1}  رواه البخاري في ڪتاب الطهارة باب 30 غسل الرجلين في النعلين  رقم الحديث 166 ج 1 ص 267 {2} مسلم في ڪتاب الحج باب 5 الاهلال من حيث تنبعث الراحلة رقم الحديث 1187 ج 2 ص 844،  {3} ابو داؤد في ڪتاب المناسڪ باب 21 في وقت الاحرام رقم الحديث 1772 ج 2 ص 150، 151 {4} النسائي في ڪتاب الطهارة باب 95 الوضوء في النعل ج 1 ص 80. 81. {5} ابن ماجھ في ڪتاب اللباس باب 34 الخضاب بالصفرة رقم الحديث 3626 {6}  احمد في المسند ج 2 ص 17   {7} مالڪ في الموطا في کتاب الحج باب 9 العمل في الهلال حديث رقم 31 ج 1 ص 333 {8} البيهقي في سننھ ج 5 ص 37 {9} الطحاوي في شرح المعاني ج 2 ص 122

 

}79}  حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مَنْصُورٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّزَّاقِ ، عَنْ مَعْمَرٍ ، عَنِ ابْنِ أَبِي ذِئْبٍ ، عَنْ صَالِحٍ مَوْلَى التَّوْأَمَةِ،  عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : كَانَ لِنَعْلِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قِبَالاَنِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته رسول الله جن جي جُتي مبارڪ کي ٻه ڪهيون هونديون هيون.

مفردات جو شرح: هن روايت ۾ ساڳيا الفاظ آهن ڪو نئون لفظ ناهي جو اهو سمجهايو وڃي.

سمجهاڻي: هن باب جي حديث نمبر 1 واري ساڳي سمجهاڻي آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي :{1} الطبراني في المعجم الصغير ج 1 ص 92 {2} البزار في مسنده رقم الحديث 2961 ج 3 ص 367.

 

}80} حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو أَحْمَدَ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنِ السُّدِّيِّ قَالَ : حَدَّثَنِي مَنْ سَمِعَ عَمْرَو بْنَ حُرَيْثٍ يَقُولُ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُصَلِّي فِي نَعْلَيْنِ مَخْصُوفَتَيْنِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عمرو بن حريث d کان روايت آهي ته مون رسول الله جن کي چَتي لڳل جُتيءَ ۾ نماز پڙهندي ڏٺو.

مفردات جو شرح: ”يُصَلِّي نماز پڙهي. ”نَعۡلَيۡنِ ٻه جُتيون مَخۡصُوۡفَتَيۡنِ ٻن ترن سبيلن واريون، ٻٽو ترو، چتيون لڳل.

سمجهاڻي: هن روايت جي سندَ جيتوڻيڪ مجهول آهي پر ان جي تائيد ٻين روايتن سان ٿئي ٿي. (1) ابن حبان ߋ حضرت ابو ذر d کان روايت آندي آهي ته مون رسول الله جن کي ڏٺو ته ڍڳي جي کل مان ٺهيل جُتيءَ ۾ نماز پڙهي رهيا هئا.“ (2) نسائي به اهڙي روايت آندي آهي (جمع الوسائل ج 1 ص 132) عروه d کان روايت آهي ته ام المؤمينن سيده عائشه صديقه d فرمايو ”رسول الله جن پنهنجا ڪپڙا سبندا هئا ۽ جُتي مبارڪ کي چتيون هڻندا هئا. اخرجه ابن حبان و الحاڪم ”جتيءَ ۾ نماز پڙهندا هئا.“ ان نماز مان مراد جنازي جي نماز آهي يا ٻي ڪا نماز هئي. حضور ڪريم جن پنهنجن ڪپڙن ۽ جُتي مبارڪ کي پاڻ ڳنڍيندا ۽ پاڻيءَ جو دلو به پاڻ ڀري کڻندا هئا. (اهو سڀ ڪجهه امت کي تعليم  ڏيڻ ۽ انهن ۾ محنت جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ هو ان کي عيب نه سمجهيو وڃي.) (جمع الوسائل ج 1 ص 133) ”مخصوفين“ جو مطلب اهو به آهي ته ان جو ترو ڊبل هو يا هي مطلب آهي ته جُتي مبارڪ ڇنل هجڻ جي ڪري چتيون لڳل هيس.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1}  النسائي في ڪتاب الزينة من سننھ الڪبرى باب 111 الامر بالاستکثار من النعال رقم الحديث 9804 ج 5 ص 506. {2}  ابوالشيخ في اخلاق النبي ص 118 {3}  احمد في المسند ج 4 ص 307.

}81} حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُوسٰى الأَنْصَارِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنٌ قَالَ : حَدَّثَنَا مَالِكٌ ، عَنْ أَبِي الزِّنَادِ ، عَنِ الأَعْرَجِ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : لاَ يَمْشِيَنَّ أَحَدُكُمْ فِي نَعْلٍ وَاحِدَةٍ ، لِيُنْعِلْهُمَا جَمِيعًا أَوْ لِيُحْفِهِمَا جَمِيعًا.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته رسول الله فرمايو ته ”ڪوبه هڪ پير ۾ جتي پائي نه گهمي، بلڪه ٻئي جتيون پائي يا ٻئي لاهي ڇڏي.“

مفردات جو شرح: ”لاَ يَمْشِيَنَّ هي صورت ۾ نفي ۽ معنى ۾ نهي آهي ۽ اهو صريح نهي کان به وڌيڪ مبالغي واروآهي. هرگز پنڌ نه ڪري. فِي نَعْلٍ وَاحِدَةٍ (هڪ جُتيءَ ۾ ) ياد رکڻ گهرجي ته نعل جو لفظ مؤنث آهي ۽ ان جي واحد لفظ سان صفت . حالانڪه اهو مذڪر آهي ان جي ڪري ڪئي وئي جو نعل جي تانيث غير حقيقي آهي، ۽ وڌيڪ صحيح قول هي آهي ته نعل جو لفظ هتي ملبوس ڍڪيل جي معنى ۾ آهي. لِيُنْعِلْهُمَا“ (يا جي پيش ۽ عين جي زير سان) مناسب آهي ته ٻنهي پيرن ۾ جُتي پائي.لِيُحْفِهِمَا ٻنهي کي اگهاڙو رکي. ”هُمَا“ جو ضمير پيرن ڏانهن وري ٿو. ”جَمِيعًا“ اي ٻنهي پيرن کي گڏ. هتي ”القدمين“ (پيرن) جو ذڪر آيل ناهي پر سياق جي دلالت مان معلوم ٿئي ٿو. (جمع الوسائل ج 1 ص 134، المواهب شرح الشمائل ص 191)

سمجهاڻي: هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته ”سروَرِ ڪونين، جد الحسنين جن پنهنجي امت کي جُتي پائڻ جو طريقو به سيکاريو. ارشاد فرمايائون ته”هڪ پير اگهاڙو، هڪ ۾ جوتو پائي نه هلو اها ڳالهه وقار جي منافي، ماڻهن جي طرفان کلون ۽ چٿرون ڪرڻ جو باعث، پير جي مچ ۾ سور پوڻ يا ان جي مُڙي پوڻ جو سبب آهي پير ترڪڻ جو خطرو هوندو آهي. وڏي ڳالهه هي آهي ته اها بدتميزي آهي. ها جيڪڏهن ڪنهن عذر جي سبب ائين ڪري ٿو ته پوءِ منع ناهي.“ (انوارِ غوثيه 124) اهڙي طرح پيراهڻ جي هڪ ٻانهن پائي هلڻ. ۽ هڪ پير ۾ جورابو پائڻ کان به پرهيز ڪرڻ گهرجي ڇوته اها عادت تميز کان خالي آهي. (خصائل نبوي ص 64)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب اللباس باب 40 لايمشي في نعل واحدة رقم الحديث 5855 ج 10 ص 309 {2} مسلم في ڪتاب اللباس والزينة باب 9 استحباب لبس النعل في اليمنى اولا رقم الحديث 2097. حديث الکتاب 68 ج 3 ص 1660 {3} ابو داؤد في ڪتاب اللباس باب 43 في الانتعال رقم الحديث 4136 ج 4 ص 69.

}82} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ ، عَنْ مَالِكِ بْنِ أَنَسٍ ، عَنْ أَبِي الزِّنَادِ نَحْوَهُ.

 هيءَ حديث اڳئين حديث وانگر آهي ان جي مفردات جو شرح، بامحاوره ترجمو،  سمجهاڻي ۽ تخريج ساڳي آهي.

}83}  حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُوسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنٌ قَالَ : حَدَّثَنَا مَالِكٌ ، عَنْ أَبِي الزُّبَيْرِ ، عَنْ جَابِرٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ نَهَى أَنْ يَأْكُلَ ، يَعْنِي الرَّجُلَ ، بِشِمَالِهِ ، أَوْ يَمْشِيَ فِي نَعْلٍ وَاحِدَةٍ.

بامحاوره ترجمو: حضرت جابر d کان روايت آهي ته نبي پاڪ جن کاٻي هٿ سان کائڻ کان منع ڪندا هئا ۽ هڪ پير ۾ جُتي پائي هلڻ کان به روڪيندا هئا.

مفردات جو شرح: ”نَهَى نهي کان ورتل منع ڪرڻ يَعْنِي الرَّجُلَ يعني هي لفظ حضرت جابر d جو آهي يا راوي جو مطلب ته ”ياکل“ مان حضور ڪريم   جي مراد مرد آهي ۽ عورت احڪام ۾ مرد جي تابع آهي اها به ان ۾ داخل آهي ته ” ياکل“ جو تفسير ان جي ڪري ڪيائين ته متان ڪنهن کي وهم ٿئي ته ان مان مراد جابر d آهي.بِشِمَالِهِ (شين جي زير سان) ”ياکل“ سان متعلق آهي.

سمجهاڻي: هن حديث شريف ۾ کاٻي هٿ سان کائڻ ۽ هڪ پير ۾ جُتي پائڻ کان منع آيل آهي. مسلم شريف ۾ ذڪر آهي ته رسول الله جن هڪ شخص کي ڏٺو ته کاٻي هٿ سان کائي رهيو هو. ته پاڻ ان کي فرمايائون ”ساڄي هٿ سان کاءُ.“ ان هروڀرو چيو ته ”مان ساڄي هٿ سان کائڻ جي طاقت ڪونه ٿو رکان.“ پاڻ ان کي فرمايائون ته ”طاقت رکندين به ڪونه“ ان کان پوءِ ان جو ساڄو هٿ ڪڏهن به ان جي وات تائين پهچي نه سگهيو. هن حديث ۾ ”الرجل“ مرد لفظ آيو آهي ۽ اهو مرد جي شرافت ۽ عزت جي ڪري آهي عورتون به ان حڪم ۾ شامل آهن ۽ هن حديث ۾ ”او“لفظ تقسيم جي لاءِ آهي. شڪ جي لاءِ ناهي. (انوارِ غوثيه ص 125) علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته عذر کان سواءِ کاٻي هٿ سان کائڻ شافعين وٽ مڪروه تنزيهي آهي ۽ گهڻن مالڪين ۽ حنبلين وٽ مڪروه تحريمي آهي.“ محدث ڪانڌلوي لکيو آهي ته ”جمهور علماء وٽ هي ارشاد استحبابي آهي يعني حرام ناهي پر بعض اصحابِ ظاهر هن کي ناجائز قرار ڏنو آهي. (خصائلِ نبوي ص 65) بهرصورت آقاءِ نامدار جا هي ارشاد امت کي اعلى اخلاق سيکارڻ جي لاءِ آهن انهن تي عمل ڪرڻ سان دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي آهي.

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} مسلم في ڪتاب اللباس والزينة باب 20 النهي عن اشتمال الصماء والاحتباء في ثوب واحد حديث رقم 2099 ج 3 ص 1661 {2}  مالڪ في المؤطا ڪتاب صفة النبي باب 4 النهي عن الاکل بالشمال رقم الحديث 5 ج 2 ص 922 وفيھ الزيادة {3}  احمد في المسند ج 3 ص 325 بقصة النعل فقط {4}  ابو داؤد في ڪتاب اللباس باب 43 في الانتعال رقم الحديث 4137 ج 4 ص 70 {5}  النسائي في ڪتاب الزينة من سننھ الکبرى باب 110 کراهية المشي في نعل واحد رقم الحديث 9798 ج 5 ص 505.

}84}  حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ ، عَنْ مَالِكٍ ، ح وَحَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُوسٰى قَالَ : حَدَّثَنَا مَعْنٌ قَالَ : حَدَّثَنَا مَالِكٌ ، عَنْ أَبِي الزِّنَادِ ، عَنِ الأَعْرَجِ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : إِذَا انْتَعَلَ أَحَدُكُمْ فَلْيَبْدَأْ بِالْيَمِينِ ، وَإِذَا نَزَعَ فَلْيَبْدَأْ بِالشِّمَالِ ، فَلْتَكُنِ الْيَمِينُ أَوَّلَهُمَا تُنْعَلُ وَآخِرَهُمَا تُنْزَعُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته نبي پاڪ جن فرمايو : جڏهن توهان مان ڪو جتي پائي ته ضرور ساڄي پاسي کان شروعات ڪري ۽ جڏهن لاهي ته کاٻي کان شروع ڪري. جيئن پائڻ وقت ٻنهي کان ساڄو اڳ ۾ ۽ لاهڻ وقت ٻنهي کان کاٻو اول هجي.

مفردات جو شرح: ”فليبدء امر غائب جو صيغو آهي گهرجي ته شروعات ڪري، ابتداء ڪري اول پائي. نَزَعَ نزع کان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي لاهي. پير مان ڪڍي. اليمنٰي سڄو.

سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ ساڄي کان شروعات ڪرڻ جو امر آهي. جيترا ڪم به عزت ۽ تڪريم سان متعلق آهن انهن جي شرف ۽ شان جي ڪري محمدي طريقي جي آداب مان آهي ته اهي ساڄي کان شروع ڪيا وڃن. ان جي ڪري محبوب ڪريم جن ارشاد فرمايو”جڏهن اوهان مان ڪو هڪ جُتي پائي ته ساڄي کان شروع ڪري ۽ جڏهن لاهي ته کاٻي کان شروع ڪري. ڇوته هي سينگار جو ڪم آهي ۽ ان جي شرافت جي تقاضا آهي ته ان جي آداب جو لحاظ رکيو وڃي ۽ سڀني شان ۽ شرف وارن ڪمن ۾ حضور ڪريم جي ارشاد تي عمل ڪيو وڃي. حڪيم ترمذي ߋ فرمايو ته ساڄو پاسو الله ۽ ان جي محبوب جو پسند ڪيل آهي. قيامت جي ڏينهن اعمالناما ساڄن هٿن ۾ ڏنا ويندا. نيڪيون لکڻ وارو ملائڪ ساڄي ڪلهي تي ويٺل آهي. قيامت جي ڏينهن  عمل تورڻ واري ساهميءَ جي ساڄي پُڙ ۾ نيڪيون وڌيون وينديون. ان جي ڪري هر ڀلي ڪم ۾ ساڄي کي مقدم رکڻو آهي ۽ جڏهن تقديم ۾ ان جو حق آهي ته جُتي لاهڻ ۾ ان کي پوئتي رکيو ويو ته ان جو حق کاٻي کان وڌيڪ رهي. (المواهب شرح الشمائل ص 194) ۽ اهو حڪم ان جي لاءِ آهي جيڪو ڪري سگهي پر جيڪڏهن ڪا مجبوري آهي ته پوءِ کاٻي کان شروع ڪري سگهي ٿو ۽ قميص، ڪانئچ ۽ ٻئي ڪپڙي جي استعمال ڪرڻ ۾ به اهو حڪم آهي. علامه نووي فرمايو ته ”جيڪي ڪم تڪريم ۽ شرف جي باب کان ناهن انهن ۾ کاٻي کان شروعات ڪرڻ گهرجي. جيئن بيت الخلاء ۾ داخل ٿيڻ، جُتي لاهڻ، پيرن مان موزو ڪڍڻ، مسجد مان نڪرڻ، پيٽ خالي ڪرڻ کان پوءِ ڀتر يا پٿر استعمال ڪرڻ وغيره ۾. (فتح الباري ج 10 ص 311، 312)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البخاري في ڪتاب اللباس باب 39 ينزع نعلها اليسرى رقم الحديث 5856 ج 1 ص 311 {2} مالڪ في المؤطا في ڪتاب اللباس باب 7 ماجاء في صفة الانتعال رقم الحديث 15 ج 2 ص 916 {3} الطبراني في الصغير رقم الحديث 48 ج 1 ص 51 {4} عبدالرزاق في المصنف رقم الحديث 20215 ج 11 ص 166.

}85} حَدَّثَنَا أَبُو مُوسٰى مُحَمَّدُ بْنُ الْمُثَنَّى قَالَ : حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ جَعْفَرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا شُعْبَةُ قَالَ : حَدَّثَنَا أَشْعَثُ هُوَ ابْنُ أَبِي الشَّعْثَاءِ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ مَسْرُوقٍ ، عَنْ عَائِشَةَ قَالَتْ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يُحِبُّ التَّيَمُّنَ مَا اسْتَطَاعَ فِي تَرَجُّلِهِ وَتَنَعُّلِهِ وَطُهُورِهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت بيبي عائشه صديقه g کان روايت آهي ته رسول الله جن ڦڻي ڏيڻ، جُتي پائڻ ۽ پاڪائي يا وضو ڪرڻ ۾ ساڄي پاسي کان شروع ڪرڻ پسند ڪندا هئا.

مفردات جو شرح: ”يُحِبُّ پسند فرمائيندا هئا. التَّيَمُّنَ ساڄي کان شروع ڪرڻ اِسْتَطَاعَ يعني طاقت آهر ۽ اهو ساڄي کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ تاڪيد آهي.تَرَجُّلِ مٿي کي ڦڻي ڏيڻ، وارن کي سڌو ڪرڻطُهُورِهِ (طا جي پيش ۽ زبر) ٻنهي سان آيو آهي. تَنَعُّلِهِ جُتي پائڻ ۾.

سمجهاڻي: هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته وس آهر جيستائين ڪا ضرورت مانع نه هجي ته بغير عذر ۽ ڪنهن سبب جي ساڄي کان شروع ڪرڻ کي نه ڇڏجي پر جيڪڏهن ڪو عذر يا مجبوري درپيش آهي ته پوءِ کاٻي کان شروعات ڪرڻ منع ناهي. حضرت علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته هن حديث ۾ ٽي ڪم مذڪور آهن. ڦڻي ڏيڻ، جُتي پائڻ ۽ پاڪائي ڪرڻ پر انهن سان تخصيص مراد ناهي، ۽ اهو به آيو آهي ته بيٺي جُتي پائڻ مڪروه آهي ان مان مراد اها جُتي آهي جنهن ۾ هٿ جي مدد جي ضرورت پوي. مطلق منع نه آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 195)

علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ٽن جي ذڪر سان تخصيص مراد ناهي بلڪه انهن جي ذڪر سان هن طرف اشارو آهي ته پاڻ وارن مبارڪن کان قدمن مبارڪن تائين ۽ ساري بدن جي استعمال ڪرڻ ۾ ساڄي کان شروعات کي پسند ڪندا هئا. ۽ موزا ۽ ڪانچ بيهي پائڻ به منع آهي ۽ مسجد ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ وقت ۽ اتي جُتي لاهڻ ۽ پائڻ وقت به ساڄي ۽ کاٻي کي شرعي مسنون طور استعمال ڪرڻ جو خيال رکڻو آهي. اڪثر ماڻهو اهو خيال نه ٿا ڪن ۽ ان مراعات کان غافل ۽ سنت کان جاهل ۽ ثواب حاصل ڪرڻ کان محروم آهن. مٿي جي ڦڻيءَ کي اڳ ۾ ذڪر ڪرڻ، ۽ جُتي پائڻ کي ان کان پوءِ ذڪر ڪرڻ پوءِ پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ اهو ئي اشارو آهي جيڪو مذڪور ٿيو. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 136)

هيءَ حديث ٻين جن محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث نمبر 34 جي تخريج ۾ مذڪور آهي.

 

}86} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ مَرْزُوقٍ أَبُو عَبْدِ اللَّهِ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ قَيْسٍ أَبُو مُعَاوِيَةَ قَالَ : حَدَّثَنَا هِشَامٌ ، عَنْ مُحَمَّدٍ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : كَانَ لِنَعْلِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قِبَالاَنِ وَأَبِي بَكْرٍ وَعُمَرَ ، وَأَوَّلُ مَنْ عَقَدَ عَقْدًا وَاحِدًا عُثْمَانُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته رسول الله حضرت ابو بڪر صديق d ۽ حضرت عمر فاروق d جي نعلين شريفين (يعني جُتين) ۾ ٻه ٻه ڪَهيون هونديون هيون ۽ هڪ ڪهي جي شروعات حضرت عثمانِ غني d ڪئي.

مفردات جو شرح: قبالان“ ٻه وڊهيون. هي ”کان“ جو معمول آهي ان جي اهم هجڻ ڏانهن اشارو آهي ۽ اهو ئي خبر ڏيڻ ۾ مقصود آهي. ”عقد“ ٺاهيائين .

سمجهاڻي: هن حديث مان هڪ وڊهي واري جُتي پائڻ جو جواز ثابت ٿي رهيو آهي. علامه علي قاري لکيو آهي ته : حضرت عثمان d جي هڪ وڊهي واري جُتي پائڻ ان جي جواز ڏانهن اشارو آهي ۽ حضور ڪريم جن جو ڍڪڻ، پائڻ سندن عادت مبارڪ طور هو عبادت طور نه هو. اصول ۾ اهو ثابت آهي ته حضور ڪريم جن جا ڪم چار قسم آهن. (1) مُباح (2) مستحب (3)  سنت (4 )فرض سندن جُتي پائڻ وارو طريقو فرض يا واجب يا سنت مؤڪده نه هو ۽ جيڪڏهن حضرت عثمان d ائين نه ڪري ها ته هڪ وڊهي واري جتي پائڻ جي ڪراهت جو خيال پيدا ٿئي ها يا ان کي خلاف سمجهيو وڃي ها. ڇوته اهو حضور ڪريم ۽ حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر فاروق f جي عمل جي خلاف هجي ها ۽ هن مان اهو به معلوم ٿيو ته جُتي نه پائڻ ۽ ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه پائڻ مڪروهه ناهي. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 137)

 

 

حضور ڪريم جي پاڪ جتيءَ جي نقش پاڪ جون برڪتون ۽ ڀلايون

حضرت نبي ڪريم جي نعلين شريفين جي نقش مبارڪ جون ڀلايون ۽ برڪتون بيان ڪندي محدثن ۽ سيرت نگارن جيڪو ڪجهه لکيو آهي ۽ مون کي مليو آهي اهو ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان.

}1} دلائل الخيرات جي شرح ۾ علامه محمد بن احمد بن علي الفاسي ߋ لکيو آهي ان يزور المثال من لم يتکن من زيارة الروضة“ ..... وشاهده مشتاقا     ويلثمه ويزداد فيه حباوشوقا“ الخ...

          يعني جنهن کي مدينه منوره ۾ پهچي روضهء پاڪ جي زيارت ڪرڻ ميسر نه ٿي اهو روضه پاڪ جي نقش جي مشتاقانه انداز ۾ زيارت ڪري ۽ ان کي چمي چنبڙي ۽ ان ۾ شوق ۽ محبت ۾ وڌي ۽ زياده ٿئي ۽ ان شرح ۾ ئي آهي وقد استنابوا مثال النعل عن النعل وجعلوا له من الاکرام والاحترام ماللمنوب عنه وذکرو اله خواصا و برکات وقد جربت وقالوا فيه اشعارا کثيرة والفوا في صورته  ورووه بالاسانيد  يعني علماءِ ڪرام نعلين مقدسين جي نقش کي ان جو نائب ۽ قائم مقام بنايو ۽ ان جي لاءِ اهو ئي اڪرام ۽ احترام ڪيو جيڪو اصل جي لاءِ ثابت هو. ۽ ان جا خواص ۽ برڪتون ذڪر ڪندي ان جي باري ۾ گهڻا شعر چيائون ۽ ان نقش جي باري ۾ ڪتاب ٺاهيائون.  وقد  قال القائل

اَذَا مَا الشَّوۡقُ اَقۡلَقَنِي اِلَـــــيۡهَا        وَلَمۡ اَظۡفَرُ بِمَطۡلُوۡبِنِيۡ لَدَيۡهَا

نَقَشۡتُ مِثَالَهَا فِي الۡکَفِّ نَقۡشًا       وَقُلۡتُ لِنَاظِريۡ قَصۡرًا عَلَيۡهَا

يعني شاعر هي شعر چيو آهي جنهن جي معنى آهي : جڏهن ان جي (ديدار) جي شوق مون کي پريشان ڪيو ۽ مان پنهنجي مطلوب حاصل ڪرڻ جي لاءِ اتي ڪامياب نه ٿيس ته مون پنهنجي تريءَ تي ان جي مثال جو نقش ڪڍي پنهنجي اک کي چيو ته ان (ديدار) تي اڪتفا ڪر. (مطالع المسرات ص 144 مطبوعه لاهور)

}2}  علامه فاکهاني ߋ لکيو آهي ته : من لم يمکنه زيارة الروضة فليبرز مثالها وليلثمه مشتاقا لانه ناب الاصل کما قد ناب مثال نعله الشريفة مناب عينها في المنافع والخواص بشهادة التجربة الصحيحة ولذا جعلواله من الاکرام والاحترام ما يجعلون للمنوب عنه الخ (شفاء الواله ص 26 بحوالو الفجر المنبر)

يعني جنهن کي اصلي روضه مبارڪ جي زيارت ممڪن نه ٿئي اهو ان جي تصوير ٺاهي شوق سان ان کي چُمي، چٽي ڇوته اها ان اصل جي قائم مقام آهي جيئن سندن جتي مبارڪ جي نقش جا نفعا ۽ خواص صحيح تجربه سان ثابت آهن ۽ ان جو احترام ۽ عزت ايتري ڪئي وئي آهي جيتري اصل جي آهي. صحيح بخاري جهڙي اهم ڪتاب جي شارح علامه احمد بن محمد القسطلاني ߋ سيرت جي لکيل پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”المواهب اللدنيہھ بالمنح المحمدية“ ۾ لکيو آهي ته : ابو اليمن ابن عساڪر حضور ڪريم جن جي جتي مبارڪ جي نقش جو هڪ ننڍي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي جنهن کي مون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان روايت ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح ان موضوع تي ابو اسحاق ابراهيم بن محمد بن خلف المسلمي المشهور بابن الحاج اندلسي هڪ جدا ڪتاب تاليف ڪيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ٻين الخ. ۽ نقش پاڪ جي بعض فضيلتن مان ۽ ان جي نفعي ۽ برڪت جي تجربي مان اهو به آهي جيڪو ابو جعفر احمد بن عبدالمجيد (جيڪو صالح بزرگ هو) ذڪر ڪيو آهي ته ”مون اهو نقش پاڪ بعض طالبن کي ٺاهي ڏنو پوءِ اهو طالب هڪ ڏينهن مون وٽ آيو ۽ چيائين ته مون رات هن نقش پاڪ جي عجيب برڪت ڏٺي آهي منهنجي گهرواريءَ کي اهڙو سخت سور پيو جو مرڻ کي ويجهي ٿي وئي پوءِ مون جتي مبارڪ جو نقش سور جي جاءِ تي رکي دعا گهري ته يا الله ! مون کي جتي مبارڪ جي پائڻ واري صاحب جي برڪت ڏيکار ته الله ان کي ان ئي وقت شفا عطا فرمائي ۽ هن جي برڪت مان هي به آهي ته : جنهن اهو (نقش مبارڪ) ان مان برڪت وٺڻ لاءِ پاڻ وٽ رکيو ته اهو بغاوت ڪندڙن جي بغاوت دشمنن جي غلبي ۽ هر سرڪش شيطان ۽ حسد ڪندڙ اک کان امن ۾ هوندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن حامله عورت کي ٻار ڄڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ته اها اهو نقش مبارڪ هٿ ۾ جهلي ته الله جي عنايت ۽ قوت سان ان جي لاءِ آساني ٿيندي. هن کان پوءِ علامه قسطلاني ߋ ابنِ عساڪر جا عربي شعر آندا آهن جن مان ڪجهه شعرن جو هي ترجمو اهي ته : حضور ڪريم جي نشانن کي چُم ۽ چَٽ انهن کي دل سان لڳاءِ . اهي پنهنجي ڳلن تي لڳاءِ . هڪڙو هي شعر به آهي:

يَا شِبهَ نَعۡلِ الۡمُصۡطَفٰى رُوۡحِي اَلفِدَآء

لِمَحَلِّکَ الۡاَسۡمٰى الشَّرِيۡفِ الۡعَالٖ

يعني اي مصطفى ( ) جي (پاڪ) جُتيءَ جا مثال (نقش) منهنجو روح تنهنجي بلند، مٿاهين ۽ شريف مقام تان قربان آهي.

هن مان نعلين پاڪ جي نقش جي علماء جي دل ۾ اهميت ۽ وقار واضح آهي. هڪ هي شعر به آندو اٿس:

مِثَالُ  لِنَعۡلَيۡ مَنۡ اُحِبَّ هَوَيۡتُهٗ

فَهَا اَنَا فِيۡ يَوۡمِيۡ وَلَيۡلِي اُلَاثِمُهٗ

يعني ان ذات پاڪ ( ) جي جتي پاڪ جو مثال (نقش) جنهن سان مان محبت رکان ٿو. (مان چاهيان ٿو) پوءِ خبردار مان ان کي پنهنجي ڏينهن ۽ رات ۾ چمان، چٽيان ٿو. حضرت قسطلاني آخر ۾ اسلامي دنيا جي مشهور قاري ، علم تجويد جي ماهر، فقيه ، محدث، ضابط، نحو جي ماهر، اديب ، ڪاتب، دين ۾ مضبوط، پرهيزگاريءَ ۾ سچي ، دنيا کان منهن موڙيندڙ، جنهن پنهنجي شهر ۾ قراءت ۽ فقه جا درس ڏنا  سن ڇهه سؤ ٻاونجاهه ۾ وفات ڪئي. (سندس ولادت سن 607 هه ۾ ٿي هئي (شرح الزرقاني علي المواهب ج 5 ص 50 ڇاپو دارالمعرفه بيروت)

علامه ابي بڪرر احمد بن الامام ابي محمد عبدالله بن الحسين القرطبي جا شعر آندا آهن جن مان هي به آهن:

وَنَعۡلُ  ٗ خَفَعۡنَا   هَيۡبَةً   لِبَهَائِهَا

وَاَنَّا مَتٰي نَخۡضَعُٗ لَهَا اَبَدًا نَعۡلُوۡا

(يعني : اها جُتي مبارڪ جنهن جي عزت جي ڪري اسين ان جي اڳيان هيٺاهين ڪيون ٿا ۽ اسان جنهن وقت به ان جي لاءِ هيٺاهين ڪنداسون ته هميشه بلند ٿيندا رهنداسون.)

هڪ شعر هي به آهي :

شِـــــفَاءُ  لِّذِيۡ سُقۡمِِ  رَجَاءُ   لِبَائِسِ

اَمَانُٗ لِذِيۡ خَوۡفِ کَذَا يُحۡسَبُ الۡفَضۡلُ

يعني  بيمار جي لاءِ شفا مايوس لاءِ اميد ، خوف واري جي لاءِ امن جو باعث آهي اهڙي طرح ئي فضيلت حساب ڪئي ويندي آهي. (المواهب اللدنيه للقسطلاني ص 466، 470 ڇاپو المڪتب الاسلامي بيروت)

مذڪور علامه جو وڌيڪ تعارف: علامه ابي بڪر احمد بن الامام ابي محمد عبدالله بن الحسين القرطبي گهڻو روئندڙ ، مرڪڻ کان سواءِ ٽهڪ ڏئي نه کلندڙ، روڪڻ کان پوءِ وري روئندڙ، الله کان  مغفرت گهرندڙ، کاڌي ۽ لباس ۾ وچٿرائي ڪندڙ، حديث ٻڌائيندڙ عربي ادب پڙهائيندڙ انهن جي طرفان تائيد ڪيل مصر ۾ حج جي سفر دوران بيمار ٿي پيو سڄي مصر ۾ سندس ذڪر خير جو آواز بلند  ٿي ويو. بادشاهه کيس زيارت لاءِ طلب ڪيو ته انڪار ڪيائين جڏهن ان کيس گهڻو ستايو ۽ عرض ڪيا. تڏهن ملڻ جي موڪل ڏنائيس ان قيمتي انعام پيش ڪيو ته قبول نه ڪيائين ۽ وفات ڪيائين ته جنازه نماز ۾ بادشاهه سان گڏ ڳڻڻ کان مٿي ماڻهون شامل ٿيا هئا.

ديوبندي مڪتبهء فڪر جي وڏي عالم، علامه اشرف علي ٿانوي جو ننڍڙو مقالو جيڪو درودن تي سندس لکيل ننڍڙي ڪتاب زاد السعيد (مطبوعه مڪتبهء ٿانوي دفتر الابقاء مسافر خانه بندر روڊ ڪراچي) جي آخر ۾ ” نيل الشفا بنعل المصطفى“ ( ) جي نالي سان شايع ٿيو. ان ۾ لکيو اٿس ته هي ناچيز اشرف علي عرض ٿو ڪري ته هنن ڏينهن ۾ اسان ماڻهن جي گهڻن گناهن جي ڪري صوري ۽ معنوي مصيبتن جو جيڪو هجوم آهي اهو ظاهر آهي ان جو علاج اصلاح اعمال توبهه ۽ استغفار کان سواءِ ڪجهه ناهي پر ان هوندي به اسان ماڻهن جي قلب ۽ زبان جي جيڪا ڪيفيت آهي اها معلوم آهي ها جيڪڏهن ڪو وسيلو قوي آهي ته ان جي برڪت سان قلب جو حضور ميسر ٿي سگهي ٿو ۽ قبول ٿيڻ جي اميد به قريب آهي انهن وسيلن مان بزرگانِ دين جي تجربي سان حضور ڪريم جي جُتي مبارڪ جو نقش نهايت قوي البرکت ۽ سريع الاثر ثابت ٿيو آهي ان جي ڪري اسلامي خيرخواهي ان جو باعث ٿي ته سندن نعل پاڪ جي تصوير (نقش) گهڻي کان گهڻي (امام زين العابدين عراقي محدث عراقي جي حسب روايت) مسلمانن جي لاءِ مهيا ڪئي وڃي ته پاڻ وٽ رکي برڪتون حاصل ڪن ۽ ان جي توسل سان پنهنجون حاجتون ۽ معروضات الله جي درٻار ۾ قبول ڪرائن  هن نقش مبارڪ جي آثار، خواص ۽ فضائل کي ڪير ٿو شمار ڪري سگهي. پر هن مقام تي نهايت اختصار سان محدثين ۽ محققين علماء جي معتبر ڪتابن مان ڪجهه برڪتون ۽ ڪجهه ابيات شوق ۽ ذوق تي مشتمل نقل ڪيا وڃن ٿا، جو انهن جي پڙهڻ سان حضور جي ذات سان عشق ۽ محبت پيدا ٿئي ۽ محبت جي غلبي سبب تڪليف کان سواءِ سندن اتباع نصيب ٿئي جيڪو اصل مقصود ۽ دنياوي ۽ اخروي نجات جو سرمايو آهي.

وسيلي وٺن جو طريقو

            بهتر هي آهي ته رات جي پوئين حصي ۾ اٿي وضو ڪري جيتريقدر ٿي سگهي تهجد پڙهي. ان کان پوءِ يارهن ڀيرا درود شريف يارهن ڀيرا ڪلمه طيبه ۽ يارهن ڀيرا استغفار پڙهي. هن نقش کي با ادب پنهنجي مٿي تي رکي ۽ پوري زاريءَ سان باري تعالى جي بارگاهه ۾ عرض ڪري ته اي منهنجا الله ! مون جنهن پاڪ پيغمبر جي جُتي پاڪ جو نقش پنهنجي مٿي تي رکيو آهي ان جو ادنى درجي جو غلام آهيان. يا الله ! ان غلاميءَ جي نسبت تي نظر ڪرڻ فرماءِ (پر اها حاجت شريعت جي خلاف نه هجي) ان کان پوءِ ان نقش پاڪ کي مٿي تان لاهي پنهنجي منهن تي ملي ۽ ان کي محبت سان چمي ۽ نبي پاڪ جي عشق ۽ محبت ۾ کين ياد ڪري ذوق ۽ شوق وارا شعر پڙهي انشآءَ الله عجيب ڪيفيت لهندو.

جتي پاڪ جي نقش جا ڪجهه آثار ۽ خواص

علامه محدث تلمساني ߋ ڪتاب ”فتح المتعال في مدح خير النعال“ ۾ فرمايو ته هن نقش مبارڪ جا نفعا اهڙا کليل آهن جو بيان جي ضرورت ئي ناهي. (پوءِ ان مواهب لدنيھ وارا مذڪور واقعا لکيا آهن) اڳتي لکي ٿو ته ” شيخ ابن حبيب النبي بيان ڪيو آهي ته کيس بدن ۾ هڪ اهڙو ڳوڙهو نڪتو جيڪو ڪنهن کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ان ۾ نهايت سخت درد هو.. ڪنهن طبيب جي سمجهه ۾ ان جي دوا نه آئي. پوءِ ان هي جُتي مبارڪ جو نقش ان درد واري جاءِ تي رکيو ته کيس هڪدم اهڙو سڪون ٿيو جو ڄڻ سور ٿيو ئي ڪونه هيس. هڪ اثر خود ڪتاب ”فتح المتعال“ جي صاحب جو مشاهدو ڪيل هو. بيان ڪري ٿو ته : هڪ ڀيري کاري سمنڊ ۾ سفر جو اتفاق ٿيو ۽ ان ۾ هڪ ڀيرو اهڙي حالت ٿي جو سڀئي هلاڪت جي قريب ٿي وياسين ۽ ڪنهن کي به بچڻ جي اميد نه رهي. مون هي نقشو ٻيڙي هلائيندڙ ملاح ڏانهن موڪليو ته هن سان وسيلو وٺو. (ان وسيلو ورتو ته) ان وقت الله مهرباني ڪري انهن سڀني کي بچايو.

 علامه محمد الجزري ߋ کان منقول آهي ته : جيڪو شخص هن نقش پاڪ کي پاڻ وٽ رکندو خلقِ خدا  ۾ مقبول ٿيندو ۽ پيغمبر ڪريم جي زيارت سان خواب ۾ مشرف ٿيندو ۽ هي نقش مبارڪ جنهن لشڪر ۾ هوندو اهو شڪست نه کائيندو ۽ هي جنهن قافلي ۾ هوندو اهو لٽ مار کان محفوظ رهندو. جنهن سامان ۾ هوندو ان تي چورن جو هٿ نه پڄندو، جنهن ٻيڙيءَ ۾ هوندو اها غرق ٿيڻ کان بچيل رهندي ۽ جنهن حاجت جي حصول جي لاءِ هن جي وسيلي سان عرض ڪيو ويندو اها پوري ٿيندي.

علامه ٿانوي لکيو آهي ته : هي سمورو مضمون ڪتاب القول السديد في ثبوت الاستبراک بنعل سيد الاحرار والعبيد تان نقل ڪيا ويا آهن ۽ ڪتاب المرتجىٰ بالقبول في خدمة قدم الرسول“ ( ) ۾ محقق ۽ معتبر علماء کان گهڻا آثار، خواص ۽ حڪايات نقل ڪيل آهن. جنهن کي شوق هجي ڏسي وٺي. هاڻي ڪجهه شوقيه اشعار ترجمي سان گڏ لکيا وڃن ٿا تانت انهن کي پڙهندڙ ۽ سمجهندڙ جي شوق ۽ محبت ۾ اضافو ٿئي. الامام ابو الخير محمد بن محمد الجزري ߋ فرمايو :

يَــــــــا طَالِبًا تِمۡثَالَ نَعۡلِ نَبِيِّهٖ

هَا قَدۡ وَجۡدتَّ اِلَي اللِّقَاءِ سَبِيۡلًا

(اي پنهنجي نبي ( ) جي جتي جي نقش جي طلب ڪندڙ، خبردار ٿي. تحقيق تو (ان جي) ديدار جو رستو لڌو آ.)

فَا جۡعَلۡهُ فَوۡقَ الرَّاسِ وَاخۡفَعۡنَ لَهٗ

وَتَغَالَ فِيۡهِ وَ وَالِهٖ التَقۡبِيۡلًا

(پوءِ ان کي مٿي جي مٿان رک ۽ ان جي لاءِ هيٺانهين ڪر ۽ ان ۾ مبالغو ڪر ۽ ان کي لاڳيتو چمڻ (جي سعادت حاصل ڪر)

مَنۡ يَّدَّعِي الۡحُبَّ الصَّحِيۡحَ فَاِنَّهٗ

يُثۡبِتُ عَلٰي مَا يَدَّعِيۡهِ دَلِيۡلًا

(جيڪو صحيح محبت جي دعوى ڪري ٿو اهو ان دعوى تي دليل پيش ڪندو آهي.)

سيد محمد الحجازي الحسيني المالڪي ߋ فرمايو:

لَمَّا رَاَيۡتُ مِثَالَ نَعۡلِ الۡمُصۡطَفٰى

المُسۡنَدِ الۡوَضۡعِ الصَّحِيۡحِ مُعَرَّفًا

(جڏهن مصطفى ( ) جي جُتي (پاڪ) جو نقش ڏٺم جو صحيح سند سان ان جي رکڻ جي تعريف ڪيل آهي.

فَمَسَحۡتُ وَجۡهِي بِالۡمِثَالَ تَبُّرَّکًا

فَشُفِيۡتُ مِنۡ وَّقۡتِي وَکُنۡتُ عَلَي الشِّفَا

(پوءِ مون اهو نقش (مبارڪ) برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ منهن کي لڳائي مهٽيو ته اتي جو اتي تندرست ٿي ويس ۽ شفا جو صاحب بڻيس.

وَظَفَرۡتُ بِالۡمَطۡلُوۡبِ   مِن    بَرَکَاتِهٖ

وَوَجدتُّ فِيۡهِ مَا اُرِيۡدُهٗ مِنَ الصَّفَا

(۽ ان جي برڪت سان مان مطلب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس ۽ ان مان جنهن صفائي حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيو هوم اها لڌيم)

فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”تحفه رسوليه“ جي مصنف فرمايو :

”هرکه بقرطاس مثالش کشد ............ تاج وش آنرا بسر خودنهد“

(جيڪو ان جتي مبارڪ جو ڪاغذ تي نقش ٺاهي ان کي تاج وانگر پنهنجي مٿي تي رکي)

”فتح وظفر يا بدوگردد عزيز ..... نور دل افزايدو عقل و تميز“

(فتح ۽ ڪاميابي لهي ۽ عزت وارو ٿئي ، دل جو نور ۽ عقل ۽ سمجهه به وڌائي ٿو)

”آتش سوزنده نسوزد ورا..... سوزن سيلاب نه دوزد ُورا“

(نه ان کي ساڙيندڙ باهه ساڙيندي، ۽ نه ان کي سيلاب جي سئي سبندي)

”از همه آفات سلامت بود ..... روز قيامت بکر امت بود“

(سڀني آفتن کان سلامت هوندو .... قيامت جي ڏينهن عزت سان هوندو)

”وانکه بخانه نهدش باادب ..... غم رو داز خانه آيد طرب“

(۽ اهو جو ان کي ادب سان گهر ۾ رکندو، ته گهر مان غم ويندو ۽ خوشي ايندي)

”هرکه به بيند به دلش برنهد... شجره اميد ور ابرد هد“

(جيڪو به ان کي ڏسي دل تي رکندو ته ان جي اميد جو وڻ ان کي ميوو ڏيندو.)

”مي کشم اين جا به تبرک مثال ..... تاشود اين نسخھ گرامي مقال“

(مان هن جاءِ تي ان جو نقش تبرڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪڍان ٿو تانت هي عزت وارو نسخو پورو ٿئي)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ضروري گذارش

هن نقش مبارڪ کي ادب ۽ احتياط سان رکجي پر اهڙو غُلو نه ڪجي جو ڪا ڳالهه شريعت جي خلاف ٿي وڃي ۽ هن نقش کي برڪت ۽ محبت جو وسيلو سمجهيو وڃي، ائين نه ٿئي جو دين جا سڀئي احڪام ۽ خير جا اعمال ڇڏي صرف هن تي اڪتفا ڪئي وڃي.والسلام علٰي من اتبع الهديٰ ( زاد السعيد ص 45 ، 50)

۽ هن ڪتاب ۾  نقش پاڪ آندل آهي ان جي مٿان هٰذَا مِثَالُ نِعَالِهٖ  صَلُّوا عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ لکيل آهي ۽ هڪ پاسي  هي بيت لکيل آهي ”بمقا ميکھ نشان کف پاء بود“ ۽ ٻئي پاسي ”سالها سجده صاحب نظران خواهد بود“ فارسي ۾ لکيل شعر آهي.

حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي (مدارج النبوة ج 1 ص 810 ۾ ۽ الشيخ العالم العلامة المحدث يوسف بن اسماعيل النبهاني ߋ به ائين لکيو آهي.. (وسائل الوصول الي شمائل الرسول ص 130 ڇاپو دار منهاج جده العربيه السعودية)

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting