باب
ايڪيهون
بَابُ مَا جَاءَ فِي جِلْسَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.
هن باب ۾ اهي
حديثون آهن جن ۾
رسول الله
ﷺ
جي ويهڻ (جي صفت) جو بيان آهي
سمجهاڻي:
جِلسة (جيم جي زير سان) هن باب ۾ حضور ڪريم
ﷺ
جي ويهڻ، تشريف فرما ٿيڻ جي مختلف هيئتن ۽ ڪيفيتن جو ذڪر آهي. هر اهڙي طريقي ۽
نموني تي ويهڻ جنهن سان غرور، تڪبر ، وڏائي ظاهر نه ٿئي ۽ عاجزي ، انڪساري، تواضع
نمايان ٿئي جائز آهي. پر اهڙي طريقي سان ويهڻ جنهن سان اوگهڙ ظاهر ٿئي منع آهي ۽
هتي ويهڻ مان مراد بيهڻ جي مقابلي ۾ آهي. ان ۾ ليٽڻ به داخل آهي.
(جمع الوسائل ج 1 ص 178)
هن
باب ۾ ٽي حديثون آيل آهن.
}127}
حَدَّثَنَا عَبْدُ بْنُ حُمَيْدٍ قَالَ
:
حَدَّثَنَا عَفَّانُ بْنُ مُسْلِمٍ قَالَ
:
حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ حَسَّانَ ، عَنْ جَدَّتَيْهِ ، عَنْ قَيْلَةَ
بِنْتِ مَخْرَمَةَ ، أَنَّهَا رَأَتْ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ
وَسَلَّمَ فِي الْمَسْجِدِ وَهُوَ قَاعِدٌ الْقُرْفُصَاءَ قَالَتْ : فَلَمَّا
رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ الْمُتَخَشِّعَ فِي
الْجِلْسَةِ أُرْعِدْتُ مِنَ الْفَرَقِ.
با
محاوره ترجمو:
حضرت
قيلة بنت مخرمة
g
کان روايت آهي ته مون رسول الله
ﷺ
جن کي مسجد ۾ اوڪڙو يا ڪانڀ ٻڌڻ وانگر ويٺل ڏٺو يعني پاڻ سڳورا
ﷺ
ٻنهي گوڏن کي اُڀو ڪري، انهن تي منهن رکي ، هٿ مبارڪ ڪڇن ۾ ڏئي، نماڻائي سان غور
فڪر ۾ مُراقبي وانگر مستغرق ويٺا هئا. پوءِ پاڻ سڳورن
ﷺ
کي اهڙي نماڻي حال ۾ ويٺل ڏسي. آءُ خوف کان ڏڪي ويس.
مفردات جو شرح:
”اَلۡقُرفَضَاءُ“
ٻئي
رانون کڙيون ڪري انهن کي ٻنهي هٿن جي ڪاراين سان وٺي چتڙن تي اوڪڙو ويهڻ.
”اُرۡعِدتُّ“
ڏڪي
ويس.
”
اَلۡفَرۡقُ“
ڊپ،
خوف.
سمجهاڻي:
هن
حديث جي روايت ڪندڙ صحابيه
g
فرمايو ته حضور ڪريم
ﷺ
مسجد ۾ ”القرفصاء“ طريقي سان ويٺا هئا. القرفصاء
(قاف
جي پيش، فا جي
پيش ، را جي جزم سان)
هن
مان مراد ٻانهن سان ڪانڀ ٻڌي اوڪڙو ويهڻ آهي ۽ پاڻ ويهڻ ۾ نهايت خشوع، نياز، نوڙت
واري اهڙي انداز ۾ هئا جو مان ڊپ کان ڏڪي ويس. صحابيه
f
ان جي ڪري ڏڪي وئي جو کيس آقاءِ نامدار
ﷺ
جو رعب، هيبت ۽ جلال نظر آيو. پاڻ ان وقت قلب مبارڪ تي ڪامل توجهه ڏئي، ماسوي الله
کان قطع نظر ڪيو ويٺا هئا.. سندن وجود اقدس، انوار الاهي جو مهبط، رباني تجليات جو
مرڪز بڻيل هو. التخشع التفعل جي وزن تي تڪليف جي لاءِ نه پر خشوع ۾ مبالغي جي
زيادتي لاءِ آهي.
هيءَ
حديث جن ٻين محدثن آندي آهي:
انهن
جو ذڪر حديث نمبر
66
جي
تخريج ۾ آيل آهي.
}128}
حَدَّثَنَا سَعِيدُ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمٰنِ الْمَخْزُومِيُّ ، وَغَيْرُ وَاحِدٍ
قَالُوا
:
حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، عَنْ عَبَّادِ بْنِ تَمِيمٍ ، عَنْ
عَمِّهِ ، أَنَّهُ رَأَى النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ
مُسْتَلْقِيًا فِي الْمَسْجِدِ وَاضِعًا إِحْدَى رِجْلَيْهِ عَلَى الْأُخْرَى.
با
محاوره ترجمو:
حضرت
عباد بن تميم
g
پنهنجي چاچي (عبدالله بن يزيد
d
) کان روايت ڪئي ته مون رسول الله
ﷺ
جن کي مسجد ۾ سنئون سڌو پير تي پير چاڙهي سُتل ڏٺو.
مفردات جو شرح:
”مُسْتَلْقِيًا“
ڪياڙي ڀر ليٽندڙ، استلقاء کان ورتل آهي.
”وَاضِعًا“
رکندڙ،
”إِحْدَى“
هڪ،
”رِجْلَيْهِ“
رِجل
جو تثنيه آهي. ”پير“ .
سمجهاڻي:
هن
حديث ۾ بيان ٿيو آهي ته نبي ڪريم
ﷺ
جن مسجد شريف ۾ سُتا پيا هئا. ۽ ان دوران هڪ پير مبارڪ ٻئي تي رکيائون. هن مان
معلوم ٿيو ته اهڙي طرح سُمهڻ منع ناهي ڇوته اهڙي طرح ڪرڻ سان جسم جو منع ڪيل حصو
ظاهر نه ٿو ٿئي. ها هڪ گوڏي کي اڀو ڪري پيو پير ان تي نه رکجي ڇوته ان ۾ اوگهڙ
ظاهر ٿيڻ جو خطرو آهي، پر اهو تڏهن جڏهن گوڏ ٻَڌل هجي. پر جيڪڏهن ڪانچ پاتل آهي ۽
اوگهڙ ظاهر ٿيڻ جو خطرو ناهي ته پوءِ اها صورت به منع ناهي. علامه ابن حجر
ߋ
فرمايو ته” هن باب سان هيءَ حديث پوري مناسبت رکي ٿي ڇوته هن ۾ سڀني ڪيفيتن سان
ويهڻ جي جواز جو دليل ملي ٿو. ڪياڙي تي ليٽڻ، ويهڻ کان هيٺ آهي جڏهن ڪياڙيءَ ڀر
ليٽڻ جائز آهي ته سڀني ڪيفيتن سان ويهڻ به جائز آهي.
(انوارِ غوثيه ص 186)
علامه علي قاري
ߋ
لکيو آهي ته ”هڪ پير ٻئي تي رکڻ جا ٻه نمونا آهن. (1)
ٻئي ٽنگون ڊگهيون ڪري هڪ پير ٻئي تي رکجي. (2)
هڪ گوڏو اڀو ڪري پوءِ ٻيو پير ان تي رکجي. هن باب واري حديث مان مراد پهريون نمونو
آهي ۽ حضور ڪريم
ﷺ
کان پوءِ بعض صحابه
رضي الله عنهم
به
ائين ڪندا هئا ۽ ڪنهن به انهن تي انڪار نه ڪيو ۽ هن مان مسجد ۾ ٽيڪ ڏئي ويهڻ، ليٽڻ
۽ راحت وٺڻ جو جواز ثابت آهي ۽ ممڪن آهي ته ان کي اعتڪاف جي حالت سان مقيد ڪجي.
ڇوته حضور ڪريم
ﷺ
جو ماڻهن جي مجمع ۾ وقار ۽ تواضع سان ويهڻ هوندو هو.
(جمع الوسائل مع شرح
المناوي ج 1 ص 179)
هيءَ
حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي:
{1}
البخاري في ڪتاب الصلواة باب
85
الاستلقاء في المسجد و مدالرجل رقم الحديث
475
ج
1
ص
563
{2}
مسلم في ڪتاب اللباس باب
22
في
اباحة الاستلقاء ووضع احدي الرجلين علي الاخرى رقم الحديث
2100
ج
3
ص
1662
{3}
النسائي في ڪتاب المساجد باب
149
الاستلقاء في المسجد ج
2
ص
50
{4}
احمد في المسند ج
4
ص
38،
39 {5}
مالڪ في المؤطا ڪتاب قصر الصلواة في السفر باب
24
جامع
الصلواة رقم الحديث
87
ج
1
ص
172.
}129}
حَدَّثَنَا سَلَمَةُ بْنُ شَبِيبٍ قَالَ
:
حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ إِبْرَاهِيمَ الْمَدَنِيُّ قَالَ
:
حَدَّثَنَا إِسْحَاقُ بْنُ مُحَمَّدٍ الأَنْصَارِيُّ ، عَنْ رُبَيْحِ بْنِ عَبْدِ
الرَّحْمٰنِ بْنِ أَبِي سَعِيدٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ جَدِّهِ أَبِي سَعِيدٍ
الْخُدْرِيِّ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ
إِذَا جَلَسَ فِي الْمَسْجِدِ احْتَبَى بِيَدَيْهِ.
با
محاوره ترجمو:
حضرت
رُبيح بن عبد الرحمٰن ٻن واسطن سان پنهنجي ڏاڏي ابو سعيد خدري
رضي الله عنهم
کان
روايت ڪئي، ته رسول الله
ﷺ
جن مسجد ۾ ويهندا هئا ته گوڏن جي چؤڌاري هٿ ٻَڌي ڪانڀ ڪڍي ويهندا هئا.
مفردات جو شرح:
”اِحۡتَبٰي
بِيَدَيۡہِ“
ٻنهي
هٿن سان ڪانڀ ٻڌي ويٺا.
سمجهاڻي:
مطلب
ته پاڻ مسجد ۾ ڪانڀ ٻَڌي ويهندا هئا. ائين ويهڻ جو رواج آهي. حبيب اڪرم
ﷺ
جن به ائين ويهندا هئا. ان ۾ تواضع آهي ڪڏهن هٿن جي بجاءِ ڪپڙو ويڙهبو آهي. ابو
داؤد ۾ روايت آهي ته پاڻ فجر جي نماز کان پوءِ سج جي صاف ٿي اڀرڻ تائين پلٿ هڻي
ويهندا هئا. سندن ويهڻ جي اها به هڪ صورت هئي. ۽ نبي ڪريم
ﷺ
جن جمعه جي خطبه دوران ان هيئت تي ويهڻ کان منع فرمايو آهي ۽ ان جو وجه هي آهي ته
ان حالت ۾ ننڊ اچڻ جو امڪان آهي پوءِ ان کان خطبه ٻڌڻ رهجي ويندو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن وضو
به ڀڄي پوندو آهي ۽ نماز فوت ٿي ويندي آهي. حضرت جابر بن سمرة
d
کان روايت آهي ته نبي ڪريم
ﷺ
جن فجر جي نماز پڙهي سج اڀرڻ تائين پلٿ ڀڃي ويهندا هئا.“ هيءَ حديث نووي
ߋ
”رياض الصالحين“ ۾ آڻي فرمايو ته ”صحيح آهي. هن کي ابو داؤد صحيح سندَ سان آندو
آهي. پوءِ هڪ قول آهي ته هيءَ حديث مخصص آهي ۽ ميرڪ شاهه محدث
ߋ
فرمايو ته ” احوال جي اختلاف تي محمول آهي . پاڻ ڪڏهن پلٿ ڀڃي ويهندا هئا ته ڪڏهن
ڪانڀ ٻَڌي ويهندا هئا. ڪڏهن ڪياڙي ڀر ليٽندا هئا ته ڪڏهن پير مبارڪ ٻيڻا ڪري سمهندا
هئا. اهو سڀ ڪجهه رحمت ڪيل امت جي لاءِ ڪشادگي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪرڻ فرمائيندا هئا.
(جمع الوسائل ج 1
ص 80)
هيءَ
حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي:
{1}
ابو
داؤد في ڪتاب الادب باب
25
في
جلوس الرجل رقم الحديث
4846
ج
4
ص
262
{2}
البيهقي في سننہھ
ج
3
ص
236
{3}
ابو
الشيخ في اخلاق النبيﷺ
ص
210
{4}
احمد في المسند ج
5
ص
63.