خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب اٺون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي لِبَاسِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

رسول الله جي پوشاڪ جو بيان

 

سمجهاڻي: هن باب ۾ اهي حديثون آهن جن ۾ حضور ڪريم جي لباس جو بيان آهي ۽ اڳين بابن کان پوءِ هي باب آندائين جو هي انهن سان زينت جي لحاظ سان مناسب آهي. الصحاح وغيره لغت جي ڪتابن ۾ آهي ته لباس ڪتاب وانگر ان شيءِ کي چيو ويندو آهي جيڪا ڍڪي وڃي. ۽ اهڙي طرح مَلبَسُ مذهب جي وزن تي ۽ اللبس حمل جي وزن تي ۽ اللبوس صبور وانگر . لباس سان پنج حڪم وابسته آهن. {1} واجب: جنهن سان اوگهڙ ڍڪجي. {2} مستحب: جيئن عيدين لاءِ سهڻو ڪپڙو ۽ جمعي لاءِ سفيد ڪپڙو. {3} حرام: جيئن مردن جي لاءِ خالص ريشم پائڻ. {4} مڪروه: جيئن غني، مالدار کي هميشه پراڻا ڪپڙا پائڻ. {5} مباح: جيڪو ان کان علاوه آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 150) مرد لاءِ ڀيڏين کان هيٺ گوڏ يا شلوار، ڪانچ پائڻ ناجائز آهي ۽ عورتن کي اهڙو سنهو ڪپڙو پائڻ حرام آهي.  جنهن مان جسم نظر اچي يا ڄنگهن يا ٻانهن جا حصا کليل  رهن. ساڳي ريت ڪپڙا پائي ڦونڊ ڪرڻ ۽ تڪبر ڪرڻ به حرام آهي. هن باب ۾ حضور سيد المرسلين علٰي نبينا وعليهم الصلٰوة والسلام  جي ڪپڙن جو ذڪر آهي. سفيد لباس ۽ قميص  پسند ڪرڻ، قميص جي هيئت، چادر مبارڪ ڍڪڻ، نئين ڪپڙي پائڻ وقت دعا ۽ مختلف رنگن جو استعمال جو ذڪر آهي. علامه احمد عبدالجواد الدومي لکيو آهي ته ”حضور ڪريم جن پنهنجي قوم جو لباس ڍڪڻ پسند فرمائيندا هئا ۽ لباس ۾ ٻين کان جدا رهڻ کي پسند نه ڪندا هئا.                                                                       (الاتحافات الربانية بشرح الشمائل المحمدية ص 93)

 

}54}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ حُمَيْدٍ الرَّازِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا الْفَضْلُ بْنُ مُوسَى ، وَأَبُو تُمَيْلَةَ ، وَزَيْدُ بْنُ حُبَابٍ ، عَنْ عَبْدِ الْمُؤْمِنِ بْنِ خَالِدٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ بُرَيْدَةَ ، عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ ، قَالَتْ : كَانَ أَحَبَّ الثِّيَابِ إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ الْقَمِيصَ.

بامحاوره ترجمو: بيبي ام سلمة f کان روايت آهي ته رسول الله جن کي سڀني ڪپڙن مان قميص وڌيڪ وڻندي هئي.

مفردات جو شرح : ”احب اسم تفضيل جو صيغو، گهڻو پيارو الثياب ثوب جو جمع. (ڪپڙا)  القميص ان پائڻ واري ڪپڙي جو نالو جنهن کي ٻه ٻاهوڙيون ۽ جيب (يعني کيسو) هوندو آهي.

سمجهاڻي : هن حديث کي مصنف ٽن سنَدُن سان ذڪر ڪيو آهي. هن ۾ قميص جو ذڪر آهي ته اها رسول الله جن کي گهڻو پياري هئي. ڇوته ٻين ڪپڙن جي بنسبت هن ۾ پردو وڌيڪ آهي ۽ اها بدن تي وڌيڪ هلڪي آهي ۽ ان کي پائيندڙ گهٽ تڪبر ڪندو آهي ۽ هن حديث ۾ ان مان مراد ڪپهه يا کاڌيءَ جو ڪپڙو آهي اُنَ جو ناهي.ڇوته اها بدن کي ايذائي ٿي ۽ پگهر پيدا ڪري ٿي جنهن جي بوءِ ساٿين کي تنگ ڪري ٿي. ۽ حديث ۾ وارد آهي ته ” مصطفى ڪريم جن کي هڪ قميص هوندي هئي. جيئن ڪتاب”الوفا“ ۾ ام المؤمنين عائشة g کان روايت آهي ته ”ڪڏهن به رسول الله جن صبح جو کاڌو رات لاءِ نه رکندا هئا ۽ نه رات وارو صبح لاءِ رکندا هئا ۽ ڪنهن به شيءِ مان ٻه شيون نه رکندا هئا. نه ٻه قميصون نه ٻه چادرون نه ٻه گوڏيون ۽ نه جتين جا ٻه جوڙا.                                                                                (المواهب شرح الشمائل ص 152)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} ابو داؤد في کتاب اللباس باب 3 ماجاء في القميص حديث رقم 4025 ج 4 ص 43 {2} النسائي في کتاب الزينة من سننہھ الکبرى باب 97 لبس القميص حديث رقم 9668 ج 5 ص 482 {3} ابو يعلى في مسنده حديث رقم 7014 ج 12 ص 445 {4} عبد بن حميد في المنتخب حديث رقم 1540 ص 444 {5} البيهقي في سننھ ج 2 ص 239.

 

}55} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا الْفَضْلُ بْنُ مُوسَى ، عَنْ عَبْدِ الْمُؤْمِنِ بْنِ خَالِدٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ بُرَيْدَةَ،  عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ ، قَالَتْ : كَانَ أَحَبُّ الثِّيَابِ إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ الْقَمِيصَ.

بامحاوره ترجمو: هيءَ به بيبي ام سلمة g کان ٻي روايت آهي ته پاڻ سڳورن جو  وڌيڪ وڻندڙ لباس (جيڪو پاڻ پائيندا هئا) قميص هو.

مفردات جو شرح : متن ساڳيو آهي پر سندَ جي اختلاف جي ڪري ان کي پهرينءَ روايت جي تاڪيد لاءِ آندو اٿس.

سمجهاڻي: هن حديث جي سمجهاڻي به ساڳي آهي.

ڪتاب اللباس واريون شمائل ۾ آندل پهريون ٽي روايتون ٻين هنن محدثن به آنديون آهن:  {1} ابو داؤد في ڪتاب اللباس باب 3 ماجاء في القميص رقم الحديث 4025 ج 4 ص 73 {2} النسائي في ڪتاب الزينة من سننھ الڪبرى باب 97 لبس القميص رقم الحديث 9668 ج 5 ص 482 {3} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 7014 ج 12 ص 445 {4}  البيهقي في سننہھ ج 2 ص 239. {5} عبد بن حُميد في المنتخب رقم الحديث 1540 ص 444. {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3068 ج 12 ص 4.

 

}56}  حَدَّثَنَا زِيَادُ بْنُ أَيُّوبَ الْبَغْدَادِيُّ ، قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو تُمَيْلَةَ ، عَنْ عَبْدِ الْمُؤْمِنِ بْنِ خَالِدٍ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ بُرَيْدَةَ ، عَنْ أَمِّهِ ، عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ ، قَالَتْ : كَانَ أَحَبُّ الثِّيَابِ إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَلْبَسُهُ الْقَمِيصَ. قَالَ : هَكَذَا قَالَ زِيَادُ بْنُ أَيُّوبَ ، فِي حَدِيثِهِ : عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ بُرَيْدَةَ ، عَنْ أَمِّهِ ، عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ ، وَهَكَذَا رَوَى غَيْرُ وَاحِدٍ ، عَنْ أَبِي تُمَيْلَةَ مِثْلَ رِوَايَةِ زِيَادِ بْنِ أَيُّوبَ ، وَأَبُو تُمَيْلَةَ يَزِيدُ فِي هَذَا الْحَدِيثِ عَنْ أَمِّهِ وَهُوَ أَصَحُّ.

بامحاوره ترجمو: سيده ام سلمه کان روايت آهي ته انهن ڪپڙن مان جيڪي رسول الله جن پائيندا هئا کين وڌيڪ پياري قميص هوندي هئي.

مفردات جو شرح : ساڳيو آهي.

سمجهاڻي: محدث ترمذي جي روايت ڪيل هنن ٽنهي روايتن جو متن هڪ آهي پر جڏهن ته انهن جي سندن ۾ ڪجهه اختلاف هو ان جي ڪري ٽئي سنَدون آڻي ٽي حديثون آنديون اٿس جن مان معلوم ٿيو ته سرڪارِ دو عالم جن کي قميص پائڻ پسند هئي.

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي اهي اڳئين حديث جي تخريج ۾ مذڪور آهن.

 

}57} حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ مُحَمَّدِ بْنِ الْحَجَّاجِ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَاذُ بْنُ هِشَامٍ قَالَ : حَدَّثَنِي أَبِي ، عَنْ بُدَيْلٍ يَعْنِي ابْنَ مَيْسَرَةَ الْعُقَيْلِيَّ ، عَنْ شَهْرِ بْنِ حَوْشَبٍ ، عَنْ أَسْمَاءَ بِنْتِ يَزِيدَ قَالَتْ : كَانَ كُمُّ قَمِيصِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِلَى الرُّسْغِ.

بامحاوره ترجمو: اسماء بنت يزيد g کان روايت آهي ته رسول الله جي قميص جون ٻانهون ڪاراين تائين هيون.

مفردات جو شرح: ”کُم ٻانهن جو ڪپڙو، ٻانهوڙي. الرسغ“  (قُفل وانگر) ابن حجر ߋ جو قول آهي ته ” ابو داؤد ۽ مصنف وٽ الرصغ صاد سان آهي ۽ ٻين وٽ سين سان آهي، ۽ ميرڪ جو قول آهي ته ”الرسغ (را جي پيش ۽ سين جي جزم سان آهي) ۽ هڪ لغت ۾ سين جي بجاءِ صاد آيو آهي. رسغ ڪارائي ۽ هٿ جي چنبي جي وچ واري جاءِ آهي. اَلۡکُمۡ“: ٻاهوڙي، الرُّسُغِ ڪارائي.

سمجهاڻي: محدثن ڀلارن لکيو آهي ته حضور ڪريم جن جي قميص مبارڪ تمام ڊگهي نه هئي. ۽ ان جون ٻانهون ڪاراين کان هيٺ چنبي ڏانهن لٿل نه هيون ۽ هٿن کان ٿورو مٿي ٻانهون رکڻ ۾ اهو راز هو ته ” ٻانهن سردي ۽ گرمي کان محفوظ رهي پر هٿ کان هيٺ لڙڪائڻ واري حالت ۾ هٿ کي ڪم ۾ آڻڻ ڏکيو ٿيندو آهي. حضور ڪريم جي ٻانهن جي ويڪر هڪ گرانٺ ۽ ٻه آڱر هئي. بعض روايتن ۾ اچي ٿو ته سندن ٻانهن هٿن مبارڪن جي آڱرين تائين پهچندي هئي. سو ممڪن آهي ته ڪنهن وقت کين اهڙي قميص به پاتل هجي. (فضائل النبي ص 46) ۽ حضرت ابن عباس f کان روايت آهي ته رسول الله جن قميص پائيندا هئا جيڪا ڊيگهه ۾ سندن پاڪ پيرن جي ڀيڏين کان مٿي هوندي هئي. ۽ ان جون ٻانهون سندن هٿن پاڪن جي آڱرين جي پاسن کي ڍڪي بيهنديون هيون. ابن الجوزي ڪتاب ”الوفاء“ ۾ اهڙي طرح آندو آهي.                                                  (جمع الوسائل شرح الشمائل ج 1 ص 110)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} رواه ابو داؤد في کتاب اللباس باب 3 ماجاء في القميص حديث رقم 4027 ج 4 ص 43 {2} النسائي في کتاب الزينة من سننھ الکبرى باب 97 لبس القميص حديث رقم 1765 ج 24 ص 238 {3} الطبراني في المعجم الکبير حديث رقم 416 ج 4 ص 163 {4} البغوي في شرح السنة رقم 3082 ج 12 ص 70.

 

}58} حَدَّثَنَا أَبُو عَمَّارٍ الْحُسَيْنُ بْنُ حُرَيْثٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبُو نُعَيْمٍ قَالَ : حَدَّثَنَا زُهَيْرٌ ، عَنْ عُرْوَةَ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ قُشَيْرٍ ، عَنْ مُعَاوِيَةَ بْنِ قُرَّةَ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : أَتَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فِي رَهْطٍ مِنْ مُزَيْنَةَ لِنُبَايِعَهُ ، وَإِنَّ قَمِيصَهُ لَمُطْلَقٌ ، أَوْ قَالَ : زِرُّ قَمِيصِهِ مُطْلَقٌ ، قَالَ : فَأَدْخَلْتُ يَدِي فِي جَيْبِ قَمِيصِهِ فَمَسَسْتُ الْخَاتَمَ.

بامحاوره ترجمو: حضرت معاويه بن قرة d پنهنجي پيءُ کان روايت ڪري ٿو (هو چوي ٿو ته آءُ رسول الله جن وٽ قبيلي مزينة جي هڪ جماعت سان بيعت ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيس، مون ڏٺو ته) ان وقت رسول الله جن جي قميص کليل هئي يا چيائين ته قميص جا بٽڻ کليل هئا. سو مون سندن قميص جي ڳچيءَ کان اندران هٿ ڪري (برڪت خاطر) سندن مهر نبوت کي هٿ لاٿو.

مفردات جو شرح: ”رهط قوم ۽ قبيلو . ٽن کان وٺي ستن يا ڏهن يا چاليهن ماڻهن تائين جماعت کي چوندا آهن. ۽ اها هڪ اهڙي جماعت هوندي آهي جنهن ۾ عورتون شامل نه هونديون آهن. ”رهط“ جي معنى وڏا وڏا گره کائڻ به آهي.مزينة مضر جو هڪ قبيلو. اصل ۾ هڪ عورت جو نالو هو. لِنُبايعَ تان ته بيعت ڪيون. جمع متڪلم جو صيغو مبايعة کان ورتل آهي. مُطۡلَقُٗ : کليل. طلق کان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي رسي جو نڪرڻ، قيد کان ڇٽڻ. زِرُ بٽڻ، ٻِيڙي . هن جو جمع ازرار آهي.

سمجهاڻي: ارشاد آهي ته ”مان مزينھ قبيلي جي هڪ جماعت سان سيد المرسلين، خاتم النبيين جن جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيس. تان ته اسين سندن هٿ مبارڪ تي بيعت ڪيون. علامه عبدالرؤف مناوي، المتوفي سن 1003 هه لکيو آهي ته ” اها بيعت اسلام قبول ڪرڻ تي هئي. مزينه مضر قبيلي جو هڪ حصو آهي انهن مان هڪ جماعت اسلام جي لاءِ آئي ۽ حضرت قرة بن اياس به انهن سان گڏ آيو ۽ اسلام جي لاءِ بيعت ڪرڻ سان مشرف ٿيو هو. ان جو ارشاد آهي ته ”ان وقت حضور ڪريم جي قميص مبارڪ جو گريبان وارو بٽڻ کُليل هو. جڏهن ته صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين جو دستور هو ته جنهن طرح اهي حضور ڪريم کي ڏسندا هئا پاڻ به اهو دستور، طور ۽ طريقو استعمال ڪندا هئا. اهو لباس جو نمونو  ڏسڻ کان  پوءِ معاويه ۽ ان جي والد قرة  دستور ڪري ڇڏيو هو ته سيارو هجي يا اونهارو پنهنجي قميصن جا گريبان کليل ڇڏيندا هئا. بٽڻ يا ٻِيڙي نه هڻندا هئا. اهو ئي اطاعت ، فرمانبرداري ۽ محبت جو پاڪ جذبو هو. جنهن جي بدولت اڄ محمدي امت (علٰي صاحبها الصلٰوة والسلام) وٽ پنهنجي نبي جي هر سنت، هر عمل ۽ هر ادا محفوظ آهي. صحابي  فرمايو ته ”مون پنهنجو هٿ سندن گريبان مبارڪ کان اندر ڪري سندن نبوت جي مُهر کي لڳايو. ”جَيبُ“ هونئن ته ان ڪپڙي (يعني کيسي) کي چئبو آهي جيڪو گريبان جي مٿان رکيو ويندو آهي تان ته ان ۾ ڪا شيءِ رکجي. پر علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته هتي ان مان مراد ڳچيءَ کي چؤڌاري ڦرڻ واري پٽي آهي. هڪ صحابي d کي پنهنجي آقا   سان ايترو والهانه عشق ۽ نهايت درجي جي محبت هئي جو ان جڏهن سندن قميص مبارڪ جو ڳلو کليل ڏٺو ته بي اختيار بنجي بي صبري ۽ بيوسي جي عالم ۾ هر قسم جي آداب جي پرواهه نه ڪندي سندن کليل ڳلي مبارڪ جي اندران هٿ داخل ڪري نبوت جي مُهر کي هٿ لڳائڻ جي سعادت حاصل ڪئي ۽ ان جي برڪت ۽ نورانيت سان پنهنجي وجود کي بابرڪت ۽ منور بنايو ۽ ٻئي طرف حضور ڪريم جن جي انهن تي شفقت، رافت، عنايت ۽ مهرباني جو ڪمال ڏسو جو انهن کي ائين ڪرڻ کان منع نه ڪيائون. صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين جي عقيدت ۽ انتهائي محبت به هن مان ظاهر آهي نه ته ڪنهن کي مجال آهي جو ائين ڪري. علامه ابراهيم بن محمد البيجوري ߋ المتوفي سن 1276 هه لکيو آهي تهاِنَّمَا قَصَدَ التَّبَرُّکَ .“ (يعني ان برڪت جو ارادو ڪيو هو)                                   (المواهب شرح الشمائل ص 157)

قميص جو ڳلو سامهون رکڻ: هن حديث مان ثابت ٿيو ته سندن قميص جو ڳلو اڳيان سيني جي سامهون هو. جيئن هلندڙ دور ۾ معمول آهي. علامه جلال الدين سيوطي ߋ فرمايو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته اڳيان رکڻ بدعت آهي اهي بي علم آهن ۽ هن حديث مان اهو به معلوم ٿيو ته حضرت قرة d کي  نبوت جي مُهر جي خبر هئي ۽ هن حديث مان هي ڳالهيون به ثابت ٿيون. (1) قميص پائڻ جائز آهي. (2) ان ۾ ٻِيڙي يا بٽڻ هڻڻ (3) ڳلو کولي ڇڏڻ (4) اهڙي نموني ڳلي جي مٿان ڪنڌ واري پٽي رکرائڻ جو ان مان هٿ اندر داخل ٿي سگهي. (5) ڪنهن جو ان جي اندران هٿ داخل ڪرڻ  ان ارادي سان ته ان جي هيٺان جيڪڏهن ڪا برڪت واري شيءِ آهي ته ان مان برڪت حاصل ڪجي جائز آهي. ۽ هن حديث مان حضور ڪريم جن جي تواضع ۽ شفقت جو ڪمال به ظاهر آهي. (المواهب شرح الشمائل ص 158) علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته ”حضور ڪريم جن صحابي جي هن فعل کي جيڪو سندن وڏي منصب جي جلالت ۽ ادب جي رعايت جي منافي هو معاف ڪيو هو. خصوصًا ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ائين ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي ۽ بعض علماء جو قول آهي ته ” ممڪن آهي جو صحابي اجازت ورتي هجي.  (شرح المناوي علي حاشية جمع الوسائل ج 1 ص 111 ، فضائل النبي ص 46)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1}  ابو داؤد في ڪتاب اللباس باب 25 في حل الازار رقم الحديث 4082 ج 4 ص 55 {2} ابن ماجہھ في ڪتاب اللباس باب 11 حل الازار رقم الحديث 3578 {3 احمد في المسند ج 3 ص 434 {4} الطبراني في الڪبير رقم الحديث 49 ص 19، 21 {5}  ابن حبان في صحيحہھ رقم الحديث 5452 ج 12 ج 266، ص 267 {6} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 92 {7}  البيهقي في الشعب ج 5 ص 171.

 

}59}  حَدَّثَنَا عَبْدُ بْنُ -حُمَيْدٍ قَالَ-: حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ الْفَضْلِ قَالَ : حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ ، عَنْ حَبِيبِ بْنِ الشَّهِيدِ،  عَنِ الْحَسَنِ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ خَرَجَ وَهُوَ يَتَّكِئُ عَلَى أُسَامَةَ بْنِ زَيْدٍ عَلَيْهِ ثَوْبٌ قِطْرِيٌّ قَدْ تَوَشَّحَ بِهِ ، فَصَلَّى بِهِمْ.وَقَالَ عَبْدُ بْنُ حُمَيْدٍ : قَالَ مُحَمَّدُ بْنُ الْفَضْلِ : سَأَلَنِي يَحْيَى بْنُ مَعِينٍ عَنْ هَذَا الْحَدِيثِ أَوَّلَ مَا جَلَسَ إِلَيَّ ، فَقُلْتُ : حَدَّثَنَا حَمَّادُ بْنُ سَلَمَةَ ، فَقَالَ : لَوْ كَانَ مِنْ كِتَابِكَ ، فَقُمْتُ لِأُخْرِجَ كِتَابِي فَقَبَضَ عَلَى ثَوْبِي ثُمَّ قَالَ : أَمِلۡهُ عَلَيَّ ؛ فَإِنِّي أَخَافُ أَنْ لاَ أَلْقَاكَ ، قَالَ : فَأَمْلَيْتُهُ عَلَيْهِ ، ثُمَّ أَخْرَجْتُ كِتَابِي فَقَرَأْتُ عَلَيْهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته بيشڪ نبي ڪريم اسامه بن زيد d تي ٽيڪ ڏئي گهر کان ٻاهر نڪري آيا. مٿن يمني چادر هئي، جا ويڙهي آيا ۽ اچي (مسجد نبوي شريف ۾) اصحابن سڳورن عليهم الرضوان کي نماز پڙهايائون.

مفردات جو شرح: ”متکيء“ ٽيڪ ڏئي ويهندڙ. قطري يمني چادر، ڪپهه جو ٿلهو ڪپڙو، بحرين جي پاسي واري شهر کان آندو ويندو آهي جنهن جو نالو قطر آهي پر قاف کي زير  ۽ طا جي جزم خلافِ قياس آهي. تَوَشَّحَ بِہٖ ان سان ويڙهجي ويٺا هئا. اَمۡلِلۡہُ ان کي لکراء . املاء ڪر.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ بيان ٿيو ته حضور ڪريم   جن پنهنجي گهر مبارڪ کان ان حال ۾ ٻاهر تشريف فرما ٿيا جو اسامه بن زيد d تي ٽيڪ ڏيندڙ هئا ۽ اهو يا ان بيماريءَ جي دوران هو جنهن ۾ پاڻ (ظاهري) انتقال فرمايو هيائون. يا ڪنهن ٻئي وقت طبيعت مبارڪ ناساز هئي. پر علي قاري ߋ جو قول آهي ته هي وصال شريف واري وقت طبيعت جي ناساز هجڻ  جي دور جو واقعو آهي. اهو قول ترجيح وارو آهي.

 اسامه بن زيد جو احوال : اسامه بـن زيــد d مشهور صحابي آهي. رسول الله جو آزاد ڪيل  غلام جو پُٽ هو. حضور ڪريم جن جي آزاد ڪيل ٻانهي ام ايمن جو فرزند هو. حضور ڪريم جو پيارو ۽ سندن پياري زيد جو پيارو هو. حضور ڪريم جن کيس هڪ لشڪر جو امير بنايو هو جنهن ۾ حضرت  عمر d جهڙو جليل القدر صحابي به امارت جي ماتحت هو. (جمع الوسائل ج 1 ص 111) ۽ ان امير ٿيڻ وقت سندس عمر ويهه سال هئي. 75 سال جي عمر ۾ سن 54 هه ۾ مدينه منوره ۾ وفات ڪئي هئائين . (شرح المناوي علي جمع الوسائل ج 1 ص 111) ۽ ترجيح هن قول کي آهي ته حضور ڪريم جو اهو ٽيڪ ڏئي نڪرڻ سندن دنيا تان ظاهري رحلت ڪرڻ وقت هو. جيئن دار قطني جي روايت ۾ آهي ته حضور ڪريم جن اسامه بن زيد d ۽ فضل بن عباس f  جي وچ ۾ نڪتا هئا ان بيماريءَجي حالت ۾ جنهن ۾ (ظاهري) وفات ڪئي هيائون ۽ پنهنجن اصحابن رضي الله عنهم سان گڏجي نماز پڙهي هيائون. ۽ هن قول جي تائيد امام بخاري ߋ جي ان روايت سان به ٿئي ٿي جيڪا حضرت ابن عباس f کان آندي اٿس ته جنهن بيماريءَ جي حالت ۾ حضور ڪريم جن (ظاهري) رحلت فرمائي هئي ان ۾ ٻاهر نڪتا هئا. ته سندن مٿان ڪپڙو ڍڪيل هو. ان سان ويڙهيل هئا. ۽ هتي ويڙهڻ مان مراد آهي ته هڪڙي ساڄي هٿ جي هيٺان آڻي کاٻي ڪلهي تي رکيو هيائون جيئن احرام وارو ڪندو آهي. ابن سعد ابي ضمرة الليثي جي طريقي سان حميد کان ان حضرت انس d کان روايت آندي آهي ته حضور ڪريم   جن جيڪا صحابن کي آخري نماز پڙهائي اها سندن ظاهري رحلت ڪرڻ واري بيماريءَ ۾ هئي ۽ پاڻ ان وقت ڪپڙي ۾ ويڙهيل هئا. هن حديث جي راوي عبد بن حُميد چيو ته محمد بن الفضل چيو ته يحيى بن معين (يحيى بن معين ميم جي زبر سان) وڏو بزرگ هو. جنهن جي جلالت  شان، ثقھ هجڻ، هن شان ۾ اڳي هجڻ تي علماء جو اجماع آهي، ايتريقدر جو امام احمد بن حنبل ߋ فرمايو ته ”يحيى بن معين کان حديث ٻڌڻ سينن جي شفاء آهي ۽ هن کي اهو شرف حاصل ٿيو هو جو جنهن کٽ تي حضور ڪريم جن کي غسل ڏنو ويو هو ان تي هن کي غسل ڏنو ويو ۽ جنهن کٽ تي حضور ڪريم جن جي جسم اطهر کي کنيو ويو هو ان تي هن کي به کنيو ويو هو. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته يحييٰ  بن معين ߋ المدني، الغطفاني، البغدادي آهي. مشهور مناقب جو صاحب، جرح ۽ تعديل جو امام. اهو امام جنهن هٿ سان ڏهه هزار حديثون لکيون هيون ۽ قديم ۽ جديد دور وارن ان جي امامت تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ان لاءِ امام احمد ߋ جو اهو قول ئي ڪافي اهي ته ”جيڪا حديث يحيى بن معين ߋ نه ٿو ٻڌائي اها حديث ئي ناهي. سن 149 هه ۾ ڄائو هو ۽ سن 283 هه ۾ مدينه منوره ۾ وفات ڪئي هئائين. (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 112)  محمد بن فضلߋ چيو ته يحيى بن معين ߋ جيئن مون وٽ ويٺو ته مون کان هن حديث جي متعلق پڇيائين. مون حديث پڙهڻ شروع ڪئي ته فرمايائين ”اها جيڪڏهن تنهنجي ڪتاب مان هجي ها ته ڀلو هو. پوءِ ڪتاب ڪڍڻ لاءِ اٿيس ته يحيى بن معين مون کي ڪپڙي کان وٺي اٿڻ کان روڪيو ان ڊپ کان ته متان حديث ٻڌڻ کان پهريان ئي اجل اچي وڃي، ان کان پوءِ فرمايائين ته ”اها مون کي املاء (يعني بيان) ڪري ٻڌاءِ .مان ڊڄان ٿو ته متان تو سان وري ملاقات نه ٿئي. مون ان جي اڳيان اها بيان ڪري ان کان پوءِ پنهنجو ڪتاب ڪڍي ان مان به کيس پڙهي ٻڌايم.                                                      (جمع الوسائل مع شرح المناوي ج 1 ص 112)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1}  ابنِ حبان في صحيحھ رقم الحديث 2335 ج 6 ص 104 {2} ابو الشيخ في اخلاق النبي 5 ص 101 {3} احمد في المسند ج 3 ص 262 . {4} ابو يعلى في مسنده رقم الحديث 2785 ج 5 ص 170 {5} الطحاوي في شرح المعاني ج 1 ص 381 {6} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3092. ج 12 ص 23.

 

}60} حَدَّثَنَا سُوَيْدُ بْنُ نَصْرٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ الْمُبَارَكِ ، عَنْ سَعِيدِ بْنِ إِيَاسٍ الْجُرَيْرِيِّ ، عَنْ أَبِي نَضْرَةَ ، عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا اسْتَجَدَّ ثَوْبًا سَمَّاهُ بِاسْمِهِ عِمَامَةً أَوْ قَمِيصًا أَوْ رِدَاءً ،  ثُمَّ يَقُولُ : اللَّهُمَّ لَكَ الْحَمْدُ كَمَا كَسَوْتَنِيهِ ، أَسْأَلُكَ خَيْرَهُ وَخَيْرَ مَا صُنِعَ لَهُ ، وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّهِ وَشَرِّ مَا صُنِعَ لَهُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو سعيد خدري d کان روايت آهي ته جڏهن رسول الله جن نئون ڪپڙو پائيندا هئا ته ان جو خاص نالو رکندا هئا. جيئن پَٽڪو، پهرياڻ يا چادر ان کان پوءِ (هي) دعا گهرندا هئا:” اي الله ! هن ڪپڙي ڍڪائڻ تي تنهنجو حمد آهي. آءُ توکان هن جي ۽ جنهن جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي ، ان جي ڀلائي گهران ٿو ۽ توکان هن جي شر ۽ جنهن لاءِ هي ٺاهيو ويو، ان جي شر کان پناهه گهران ٿو.“

مفردات جو شرح: ”اِسۡتَجَّد جنهن وقت نئون ڪپڙو پاتائون. سَمَّاهُ سما تسمية کان ورتل ماضيءَ جو صيغو. ان جو نالو رکيائين.کَسَوۡتِنِيۡهٖ کسوت واحد مخاطب جو صيغو نِيۡہِ ٻه مفعول آهن. تو اهو مون کي ڍڪايو. پارايو.صُنِعَ ٺاهيو ويو.

سمجهاڻي: مطلب ته پاڻ ڪريم جن نئون ڪپڙو پائيندا هئا ته ان کي نالي سان ياد ڪرڻ فرمائيندا هئا. جيئن پڳ يا قميص يا چادر  وغيره. جيئن حديث شريف ۾ آيو آهي. کَانَ لَهٗ عِمَامَةُٗ تُسَمَّي السَّحَابَ سندن پڳ (مبارڪ) هئي جنهن کي سحاب سڏيندا هئا.

نئون ڪپڙو پائڻ وقت دعائون:  محدثن ڀلارن عليهم الرحمة هيءَ مراد به لکي آهي ته ” جنهن وقت پاڻ ڪريم ڪو نئون ڪپڙو پائيندا هئا ته حمد جي اظهار ۽ تحديث نعمت جي طور هن طرح فرمائيندا هئا. رَزَقَنِيَ اللهُ هٰذِهِ الۡعِمَامَةَ هيءَ پڳ مون کي الله   عطا فرمائي آهي. يا هيءَ قميص يا چادر عنايت ڪئي آهي، ان کان پوءِ هيءَ دعا پڙهندا هئا. اَللّٰهُمَّ لَکَ الۡحَمۡدُ کَمَا کَسَوتَنِيۡهِ اَسۡالُکَ خَيۡرَهٗ وَ خَيۡرَ مَا صُنِعَ لَهٗ وَ اَعُوۡذُبِکَ مِنۡ شَرِّهٖ وَ شَرِّ مَا صُنِعَ لَهٗ صرف هيءَ دعا نه پر اهڙيون مختلف موقعن تي ٻيون دعائون به منقول آهن. حضرت عمر فاروقِ اعظم d کان مرفوع روايت آهي جنهن کي ابن حبان ۽ الحاڪم آندو آهي ته ”جنهن نئون ڪپڙو پائي پوءِ چيو اَلۡحَمۡدُللهِ الَّذِيۡ کَسَانِي مَااُوَارِي بِهٖ عَوۡرَتِيۡ وَاَتَجَمَّل بِهٖ فِيۡ حَيَاتِيۡ ان کان پوءِ پراڻو ڪپڙو في سبيل الله صدقو ڪيائين ته جيئري ۽ مرڻ کان پوءِ الله جي حفظ، پناهه ۽ پردي ۾ هوندو. حضرت معاذ بن انس d کان مرفوع روايت آهي جيڪا امام احمد آندي آهي ته . جنهن نئون ڪپڙو پائي هيءَ دعا پڙهي اَلۡحَمۡدُللهِ الِّذِيۡ  کَسَانِي هٰذا وَرَزَقَنِيۡهِ مِنۡ غَيۡرِ حَوۡلٍ وَلَا قُوَّةٍ “  ته الله ان جا اڳيان گناهه بخش ڪرڻ فرمائيندو.“ ۽ ابو داؤد جي روايت ۾ وَمَا تَاَخَّرَ ۽ پويان گناهه آيو آهي مگر هر دعا کان پهريان بسم الله پڙهڻ سنت آهي.  (انوارِ غوثيھ ص 96)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1}  ابو داؤد في ڪتاب اللباس في ترجمتہھ رقم الحديث 4020، 4021 ج 4 ص 41، 42 {2} النسائي في عمل اليوم والليلة رقم الحديث 309 ص 274. {3} الحاڪم في المستدرڪ ج 4 ص 192 {5} ابنِ حبان في صحيحہھ رقم الحديث 5396، 5397 ج 7 ص 392. {6} موارد الظمآن ص 348.

 

}61} حَدَّثَنَا هِشَامُ بْنُ يُونُسَ الْكُوفِيُّ قَالَ : حَدَّثَنَا الْقَاسِمُ بْنُ مَالِكٍ الْمُزَنِيُّ ، عَنِ الْجُرَيْرِيِّ ، عَنْ أَبِي نَضْرَةَ ، عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ نَحْوَهُ.

مفردات جو شرح خاص ناهي.

سمجهاڻي : ”نحوه“ چيائين ”مثلہھ“ نه چيائين ڇوته ”مثلہھ“ چوي ها ته پوءِ ساڳيا الفاظ مراد هجن ها.

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي انهن جو ذڪر هن کان اڳئين حديث جي تخريج ۾ ڪري آيا آهيون.

 

}62}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا مُعَاذُ بْنُ هِشَامٍ قَالَ : حَدَّثَنِي أَبِي ، عَنْ قَتَادَةَ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ أَحَبَّ الثِّيَابِ إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَلْبَسُهُ الْحِبَرَةُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت انس بن مالڪ d کان روايت آهي ته رسول الله جيڪي ڪپڙا پائيندا هئا تن مان(سائي رنگ واري) يمني چادر کي پسند فرمائيندا هئا.

مفردات جو شرح: اَحَبَّ گهڻو پسند ۽ صحيح نسخي ۾ يَلۡبَسُهَا“ آيل آهي جنهن ڪپڙي کي پائيندا هئا. ان چوڻ سان زمين تي وڇائڻ وارو ڪپڙو نڪري ويو ۽ يَلۡبَسُهَا ۾ ها منصوب ضمير الثِّيَابَ ڏانهن وري ٿو. يا احب ڏانهن وري ٿو پوءِ ها تانيث جو ضمير معنى جي لحاظ سان آهي. اَلۡحِبۡرَةُ (پيش سان) ان جي ڪري جو اهو ”کَاَن“ جو اسم مؤخر آهي ۽ احب ان جي خبر مقدم آهي. هي ان روايت مطابق آهي جيڪا تصحيح المصابيح ۾ الجزري لکي آهي ۽ ان جي برعڪس يعني ”احب“ کي پيش ۽ الحبرة “ کي زبر به جائز آهي.  ۽ ”الشمائل“ جي اڪثر نسخن ۾ هن کي صحيح قرار ڏنو ويو آهي. اَلۡحِبۡرَة (عنبة وانگر) يماني چادر ڪپهه مان ٺهيل سهڻي سينگاريل هئي. التحبير جي معنى تحسين آهي.

سمجهاڻي: هن روايت ۾ ذڪر ڪيل آهي ته ڪائنات جي آقا ، اسان جي مولى محبوب ڪريم جن کي پائڻ وارن ڪپڙن مان ” الحبرة“ يماني چادر گهڻو پسند هئي. الحبرة چادر جا مختلف نمونا هئا. ڳاڙهن ليڪن سان هوندي هئي ۽ چمڪندڙ نموني سان به هئي ۽ اها ڪپڙن ۾ جيڪي يمن ۾ ٺاهيا ويندا هئا اهميت واري ۽ شرف واري هئي. ۽ وڌيڪ پسند ڇو هئي ان جي لاءِ علماء ٽي سبب لکيا آهن. (1) اها سبز رنگ جي هئي ۽ سائي رنگ وارو ڪپڙو اهل الجنة جو لباس آهي. (2) اها اڻت جي لحاظ سان سهڻي هئي. (3) اها سرڪارِ دو عالم جن جي جسم اطهر سان مناسب ۽ گهڻو نرم هئي. ۽ سرڪارِ دو عالم جن جو جسم اطهر به گهڻو نرم هوندو هو. هي سندن طبيعت موافق هئي سخت ڪپڙو کين تڪليف ڏيندو هو. قرطبي ߋ فرمايو ته ”الحبرة“ ان جي ڪري سڏي وئي جو اها سينگاريل هئي. التحبير تحسين کي چيو ويندو آهي. قرآن ڪريم جي آيتفَهُمۡ فِيۡ رَوۡضَةٍ يُحۡبِرُوۡنَ“  ۾ يُحبرونَ سينگاريو ويندو. جي معنى ۾ آهي. جزري فرمايو ته هن ۾ دليل آهي ته حبره چادر ڍڪڻ مستحب آهي ۽ ڳاڙهن پٽن واري چادر ڍڪڻ جائز آهي. علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته حضور ڪريم جن سبيلن ڪپڙن ۾ قميص کي پسند ڪندا هئا ۽ اڻ سبيلن ۾ چادر کي پسند ڪندا هئا. ۽ گهر ۾ گهروارين سان رهندي قميص پائڻ پسند ڪندا هئا. ۽ ٻاهر صحابه ڪرام سان ويهندي چادر پسند ڪندا هئا. محدث الزين العراقي ߋ فرمايو ته ” جيڪڏهن ترجيح ڏانهن ڏسبو ته حضرت انس d جي هيءَ حديث سيده ام سلمه g جي روايت ڪيل اڳئين حديث کان وڌيڪ آهي ڇوته بخاري ۽ مسلم جي متفق عليه آهي ۽ باب جي اول ۾ آيل ام سلمة g  واري روايت به هن سان سُڃاتي وڃي ٿي. ۽ علامه علي قاري ߋ  لکيو آهي ته ” قميص جو وڌيڪ پيارو هجڻ صفت جي لحاظ سان آهي. مطلب ته اها به پسند ڪيل ڪپڙن مان هئي جيئن حبره چادر. جيئن گهڻين شين جي باري ۾ آيو آهي ته ”اها افضل العبادات آهي“ يا چيو وڃي ته کين قميص ٺاهڻ جي لحاظ سان پياري هئي ۽ چادر رنگ جي لحاظ سان پياري.    (جمع الوسائل  مع شرح المناوي على حاشية ج 1 ص 115)

فائدو: محبوب آقا، ڪائنات جي دلبر جن جي جسمِ اطهر کي رحلت کان پوءِ حبره چادر سان ڍڪيو ويو هو. يعني سندن مٿان اها چادر وجهي ڇڏي هيائون. (انوارِ غوثيھ ص 97)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} البخاري في کتاب اللباس باب 18 البرودوالحبر والشملة حديث رقم 5813 ج 10 ص 276 {2} مسلم في کتاب اللباس والزينة باب 5 فضل لباس ثياب الحبرة حديث رقم 2079 حديث الکتاب 33 ج 3 ص 1648 {3} النسائي في کتاب الزينة باب 92 لبس الحبرة ج 8 ص 203 {4} احمد في المسند ج 3 ص 291 {5} ابو يعلى في مسنده حديث رقم 3012 ج 5 ص 366 {6} البيهقي في شعب الايمان ج 5 ص 170 {7} البغوي في شرح السنة.حديث رقم 3066 ج 12 ص 3.

 

}63} حَدَّثَنَا مَحْمُودُ بْنُ غَيْلاَنَ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّزَّاقِ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ عَوْنِ بْنِ أَبِي جُحَيْفَةَ ، عَنْ أَبِيهِ قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَعَلَيْهِ حُلَّةٌ حَمْرَاءُ كَأَنِّي أَنْظُرُ إِلَى بَرِيقِ سَاقَيْهِ.قَالَ سُفْيَانُ : أُرَاهَا حِبَرَةً.

بامحاوره ترجمو: حضرت عون d پنهنجي پيءُ ابو جحيفة d کان روايت ٿو ڪري ته مون نبي ڪريم جن کي ڳاڙهو وڳو پهريل ڏٺو، ڄڻ ته مان هينئر به پاڻ سڳورن جي پنين مبارڪن جي چمڪ يا اڇاڻ کي ڏسي رهيو آهيان. حضرت سفيان d چيو ته، اها ڳاڙهين ليڪن واري يمني چادر هئي.

مفردات جو شرح : ”وَعَلَيۡهِ حال آهي ”حلية“ هڪ قسم جا ٻه ڪپڙا. هڪ گوڏ ۽ هڪ چادر. ”بريق“ چمڪار، نورانيت، ”ساق“ پني مبارڪ.

سمجهاڻي: حضور ڪريم جن جي مشهور صحابي حضرت ابي جُحيفة جو بيان آهي ته مون (سيدنا) رسول الله جن کي ڏٺو. ۽ ان کي اهو ديدار  حجة الوداع جي موقعي تي بطحاء مڪه ۾ ٿيو هو، جيئن اها صراحت بخاري جي روايت ۾ آيل آهي، ۽ بطحاء مڪه مڪرمه کان ٻاهر آهي ۽ ان کي ابطح به چوندا آهن ۽ امام بخاري ߋ جي روايت ۾ هيئن به آهي ته ”مون ڏٺو ته“ ماڻهو سندن وضو ڪرڻ کان پوءِ سندن پاڪ عضون تي رهيل آلاڻ کي هٿن سان کڻي پنهنجي منهن کي مکي رهيا هئا. ۽ جن کي جسم جي آلاڻ کڻڻ جو موقعو نه مليو ته اهو پنهنجي ساٿيءَ جي کنيل آلاڻ تي هٿ لڳائي پوءِ پنهنجي منهن وغيره کي مکي رهيو هو. ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته اهو سندن وضوء کان بچيل پاڻي هو. ۽ امام بخاري ߋ جي روايت ۾ هي به آهي ته ”ماڻهو سندن هٿن پيارن کي وٺي پنهنجن منهن تي گهمائي رهيا هئا ۽ ابو جحيفھ فرمايو ته ” مون به سندن هٿ مبارڪ کي وٺي منهن تي گهمايو ته اهو برف کان ٿڌو ۽ مشڪ کان وڌيڪ خوشبودار هو. ۽ اهو مڪه مڪرمه مان نڪرڻ کان پوءِ هو. پاڻ اتاهين نڪري ٻه رڪعتون شڪراني جو نفل پڙهي روانا ٿي مدينه منوره ۾ تشريف فرما ٿيا هئا. ۽ پاڻ حجة الوداع جي دوران مڪه مڪرمه ۾ رهڻ جي نيت نه ڪئي هيائون.

 ڳاڙهو وڳو : هن مان مراد ٻه يمني چادرون آهن جن ۾ ڪارن سان گڏ ڳاڙها ليڪا به هئا جيئن يمني چادرن ۾ عام هوندو آهي. خالص ڳاڙهو ڪپڙو پائڻ مڪروهه ۽ منع ڪيل آهي. جيئن ابو داؤد حضرت ابنِ عمر f کان روايت آندي آهي ته ”هڪ شخص نبي ڪريم جن وٽان لنگهيو ۽ ان کي ٻه ڳاڙها ڪپڙا پاتل هئا. ان حضور ڪريم جن تي سلام ڪيو ته پاڻ ان کي جواب نه ڏنائون.“ علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته ”ڳاڙهو ڪپڙو شيطان جو سينگار آهي ۽ ان سان غرور ۽ سرڪشي پيدا ٿيندي آهي. حضرت امام حسن بصري d  نبي ڪريم، رؤف رحيم  جن کان روايت آندي آهي پاڻ ارشاد فرمايائون  ته اِنَّ الۡحُمۡرَةَ مِنۡ زِيۡنَةِ الشَّيۡطَانِ (بلاشڪ ڳاڙهورنگ شيطان جي زينت آهي.)

پنيءَ مبارڪ جي چمڪار : حديث پاڪ ۾ ”بريق“ لفظ آيو آهي، ان مان مراد چمڪار آهي. بريق لفظ خود مصدر آهي. صحابي d حضور ڪريم جن جي پني مبارڪ ڏانهن نهاريو. هن مان معلوم ٿيو ته ڪنهن جي پنيءَ ڏانهن نهارڻ جائز آهي. ان شرط سان ته فتني جو سبب نه بنجي اهو اجماع آهي ۽ مستحب آهي.  ته ”ڪپڙو اڌ پنين تائين هجي ۽ مصنف (ترمذي) روايت آندي آهي ته ”پنهنجي گوڏ (ڀيڏين کان) مٿي رک. اهو وڌيڪ صاف ۽ وڌيڪ تقوى وارو آهي.“ ۽ طبراني جي روايت آهي ته ”جيڪو ڪپڙو (ڊگهو رکڻ جي ڪري) زمين سان لڳي جهنم ۾ آهي.“

مسئلو : مردن جي لاءِ سنت آهي ته قميص پنين تائين ڊگهي رکن ۽ ڀيڏين تائين ڊگهي رکڻ به جائز آهي. ۽ ڀيڏين کان هيٺ تڪبر جي نيت سان حرام آهي ۽ ان نيت کان سواءِ مڪروه آهي ۽ عورتن کي ڀيڏيون ڍڪڻ به جائز آهن پر مردن وانگر انهن کي به تڪبر ڪرڻ حرام آهي. ”اُرَاهَا“ مضارع مجهول جو صيغو. يعني منهنجو گمان آهي ته اها ڳاڙهن (پَٽن) واري هئي. علامه زمزلي ߋ شمائل جي حاشيه ۾ لکيو آهي ته ”هيءُ هڪ ڊگهي حديث جو حصو آهي. سڄي هن طرح آهي ته مان نبي ڪريم جن جي خدمت ۾ مڪه مڪرمه ۾ آيس ته پاڻ ” ابطح“ نالي ميدان ۾ ڳاڙهي رنگ جي چمڙي مان ٺهيل خيمي ۾ تشريف فرما هئا. حضرت بلال حبشي d سندن خدمت ۾ وضوء جو پاڻي کڻي آيو ته پوءِ ڪي (سندن هٿن پاڪن تائين) پهچي رهيا هئا. ته ڪي وضو واري پاڻيءَ جا ڇنڊا حاصل ڪري رهيا هئا. نبي ڪريم جن ڳاڙهي (پَٽن) واري وڳي سان ٻاهر تشريف فرما ٿيا ۽ مان سندن پنين جي چمڪار ڏانهن ڏسي رهيو هوس پوءِ بلال اذان ڏني. ۽ مان ان جي بانگ وقت ان جي وات ڏانهن هِتان هُتان ڏسي رهيو هوس ۽ سڄي طرفحَيَّ عَلَي الصَّلٰوةِ ۽ کٻي طرفحَيَّ عَلَي الۡفَلَاحِچئي رهيو هو. سندن اڳيان (ستره جي لاءِ) نيزو کوڙيو ويو پاڻ اڳيان اچي ظهر جو فرض ٻه رڪعتون پڙهيائون. ان وقت سندن اڳيان اتي جا گڏهه ۽ ڪُتا لنگهي رهيا هئا. پر انهن جي اڳيان لنگهڻ کان منع نه ڪئي هيائون، ان کان پوءِ عصر (يعني ٽيپهري) نماز به ٻه رڪعتون پڙهيائون. ۽ مدينه منوره ۾ اچڻ تائين هر چئن رڪعتن وارو فرض ٻه ٻه رڪعتون پڙهندا آيا.

                               (رواه البخاري في ڪتاب الاذان باب 19 رقم الحديث 634، ج 2 ص 114)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} مسلم في ڪتاب  الصلواة باب 47 سترة المصلي رقم الحديث 503 ج 1 ص 360 {2} ابو داؤد في ڪتاب الصلواة باب 34  في المؤذن يستدير في اذانھ رقم الحديث 520  ج 1 ص 143 . {3} النسائي في ڪتاب الاذان باب 13 ڪيف يصنع المؤذن في اذانه ج 2 ص 12 {4} احمد في المسند ج 4 ص 308، 309 {5} الدارمي في ڪتاب الصلواة باب 8 في الاستدارة في الاذان رقم الحديث 1198 ج 1 ص 292 {6} عبدالرزاق في المصنف رقم الحديث 2314 ج 2 ص 17 بقصة الصلواة فقط {7} ابو يعلي في مسنده رقم الحديث 887 ج 2 ص 188.

 

}64} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ خَشْرَمٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عِيسٰى بْنُ يُونُسَ ، عَنْ إِسْرَائِيلَ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ قَالَ : مَا رَأَيْتُ أَحَدًا مِنَ النَّاسِ أَحْسَنَ فِي حُلَّةٍ حَمْرَاءَ مِنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، إِنْ كَانَتْ جُمَّتُهُ لَتَضْرِبُ قَرِيبًا مِنْ مَنْكِبَيْهِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت براء بن عازب d چوي ٿو ته مون (ليڪن واري) ڳاڙهي وڳي ۾ رسول الله جن کان وڌيڪ سهڻو ٺهندڙ ماڻهو ڪونه ڏٺو. پاڻ سڳورن جا وار مبارڪ ڪلهن کي ويجها هئا.

مفردات جو شرح: ”مِنَ النَّاسِ ۾ من بياني آهي. اَحۡسَنَ گهڻو سهڻو فِي حُلَّةِ حَمۡرَآءً واقع کي بيان ڪرڻ جي لاءِ آهي قيد جي لاءِ ناهي. مِن رَّسُوۡلِ اللهِ احسن سان متعلق آهي. جُمَّةِ“ (جيم جي پيش ۽ ميم جي شد  سان) مٿي جا وار. لَتَضۡرِبُ ملن پيا. مَنۡکَبۡيۡہِ سندن ڪلهن سان.

سمجهاڻي: حضرت براء بن عازب d هن روايت ۾ حضور ڪريم جن جي ڳاڙهن پَٽَن واري وڳي ۽ وارن جي چوٽيءَ جو بيان ڪيو آهي جيڪو حضور ڪريم جي ڪلهن پاڪن تي پهتل هو. ۽ ابو داؤد هلال بن عامر d کان ان پنهنجي پيءُ کان روايت آندي آهي ته مون رسول الله جن کي مِنى جي ميدان ۾ پنهنجي اُٺ تي خطبو پڙهندي ڏٺو ۽ سندن مٿان ڳاڙهي چادر ڍڪيل هئي. هن روايت جي سندَ حسن آهي ۽ حسنُ اسناد سان طارق المحاربي کان طبراني به اهڙي روايت آندي آهي. هنن حديثن مان بظاهر ڳاڙهي ڪپڙي پائڻ جو جواز ملي ٿو.

علماء جو اختلاف: ڳاڙهو ڪپڙو پائڻ ۾ علماء جا مختلف قول آهن. (1) مطلقًا جائز آهي. هنن حديثن جي ڪري (2) مطلقًا منع آهي. جيئن حضرت عبدالله بن عمر f کان روايت آهي ته حضور ڪريم جن مون کي ٻه معصفر رنگ سان رنگيل ڪپڙا ڏنا هئا. جيڪي ڳاڙها نظر ايندا آهن اهڙي معنى واري حديث حضرت ابن عمر f کان بيهقي ۽ ابن ماجھ به آندي آهي ۽ بيهقي رافع الثقفي کان مرفوع روايت آندي آهي ته ”شيطان ڳاڙهي رنگ کي پسند ڪندو آهي ان کان ۽ شهرت واري ڪپڙي کان بچندا ڪيو.“ ۽ ابو داؤد ۽ ترمذي پنهنجي جامع ۾ حسن چوندي حضرت ابنِ عمر f کان ۽ بزار به بني اسد جي هڪ عورت کان روايت آندي آهي ته مان ام المؤمنين سيده زينب g جي خدمت ۾ حاضر هيس، ۽ اسين ان جي ڪپڙن کي ”مغرة“ رنگ ڏئي رهيا هياسون ته اوچتو نبي پاڪ جن تشريف فرما ٿيا ۽ ”مغرة“ رنگ ڏسي واپس هليا ويا ۽ سيده زينب g اهو  ڏسي ڪپڙا ڌوئي ڳاڙهي رنگ کي ختم ڪري ڇڏيو ته پوءِ پاڻ موٽي اچي تشريف فرما ٿيا. هن جي سند ۾ راوي ضعيف آهي.    (3) قول هي آهي ته هلڪي ڳاڙهي رنگ وارو ڪپڙو به مڪروه آهي. ان جي حجت حضرت ابنِ عمر f جي مذڪور روايت آهي. (4) قول هي آهي ته ”ڳاڙهو ڪپڙو زينت ۽ شهرت جي خيال سان مطلق مڪروه آهي باقي گهر ۾ يا محنت ڪرڻ جي دوران پائڻ مڪروه ناهي. (5) اهو ڳاڙهو ڪپڙو جيڪو اُڻڻ کان پوءِ رنگ ڪيو ويو هجي. اهو منع ناهي. (جمع الوسائل ج 1 ص 117) هيءَ حديث اڳ ۾ مذڪور آهي هتي ڳاڙهي وڳي جي ذڪر جي لحاظ سان وري آندي وئي آهي.

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: اهي هن کان پهريان حديث جي تخريج ۾ بيان ٿي چڪا آهن.

 

}65} حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا عُبَيْدُ اللَّهِ بْنُ إِيَادٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ أَبِي رِمْثَةَ قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَعَلَيْهِ بُرْدَانِ أَخْضَرَانِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو رمثھ d کان روايت آهي ته مون رسول الله جن کي ڏٺو ته کين ٻه سايون چادرون ڍڪيل هيون.

مفردات جو شرح: ”اَلۡبُرۡدَانِ البرد جو تثنيو آهي. النهاية ۾ آهي ته اهو ليڪن واري معروف ڪپڙي جو قسم آهي، ٻه چادرون. اَخۡضَرَانِ سائي رنگ جون. علي القاري ߋ لکيو آهي ته ”انهن ۾ ساوا ليڪا هئا.

سمجهاڻي: هيءَ حديث هن باب جي حديث 8 واري ساڳي آهي علامه علي قاري ߋ ابن بطال جو قول آندو آهي ته ”ساوا ڪپڙا جنت وارن جو لباس آهي ۽ اهو شرف ڪافي آهي ان جي ڪري اهو شرفاء (آل رسول ) جو لباس رهيو آهي پر ان سان ساون ڪپڙن جو اڇن ڪپڙن کان ڀلو هجڻ ثابت نه ٿيندو جيئن اڳتي اچي رهيو آهي ۽ مشڪواة ۾ حضرت يعلى بن اميه d کان روايت آهي ته رسول الله جن سائي چادر سان بيت الله شريف جو طواف ڪيو هو.              (رواه الترمذي و ابو داؤد و ابن ماجه والدارمي)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث 43 جي بحث ۾ لکيل آهي.

 

}66}  حَدَّثَنَا عَبْدُ بْنُ حُمَيْدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَفَّانُ بْنُ مُسْلِمٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ اللَّهِ بْنُ حَسَّانَ الْعَنْبَرِيُّ ، عَنْ جَدَّتَيْهِ ، دُحَيْبَةَ وَعُلَيْبَةَ ، عَنْ قَيْلَةَ بِنْتِ مَخْرَمَةَ قَالَتْ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ وَعَلَيْهِ أَسْمَالُ مُلَيَّتَيْنِ كَانَتَا بِزَعْفَرَانٍ وَقَدْ نَفَضَتْهُ. وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ طَوِيلَةٌ.

بامحاوره ترجمو: حضرت قيلھ بنت مخرمة g کان روايت آهي ته مون پاڻ ڪريمن کي ڏٺو ته مٿن ٻه پرااڻيون زعفراني چادرون ڍڪيل هيون، جن جو رنگ ڦٽي ويو هو. ان حديث ۾ وڏو قصو آهي.

مفردات جو شرح: ”اسمال سمل جو جمع آهي. سمال ۽ سمول به ان جو جمع ايندو آهي جنهن جي معنى پراڻو ڪپڙو آهي چيو ويندو آهي. سمل الثوب“ يا ” ثوب سميل“ ڪپڙو پراڻو ٿي ويو يا پراڻو ڪپڙو. مَلِيَّتَيۡنِ هي ملية جو تثنيو آهي. ملية مصغر آهي. مَلِيَّتَيۡنِ جي معنى ٻه چادرون . ”مهذب“ جي صاحب فرمايو آ ته ملاءة چادر جي معنى ۾ آهي ۽ اسمال هڪ کان مٿي جي لاءِ هوندو آهي ۽ اسمال جي مليتين ڏانهن اضافت بيانيہھ آهي. يعني حضور ڪريم کي ٻه اسمال چادرون ڍڪيل هيون.قَدۡ نَفَضَ هٽي ويا. پري ٿي ويا. اثر زائل ٿي ويو. (انوارِ غوثيه ص 100)

سمجهاڻي: هن حديث ۾ آهي ته ”حضور ڪريم جن کي ٻه چادرون زعفران سان رنگ ڏنل ڍڪيل هيون پر پاڻ انهن کي ڇنڊي اهو رنگ ڪڍي يا گهٽ ڪري ڇڏيو هيائون ۽ هڪ حديث ۾ آهي ته نَهَيٰ عَنِ التَّزَعۡفُرِ لِلرَّجَالِ حضور ڪريم جن مردن کي زعفراني رنگ کان منع فرمايو.“ يعني هٿ، پير يا ڪپڙا زعفران  سان رنگڻ کان امام بغوي فرمايو ته ” زعفران جو گهڻو رنگ ڪرڻ مردن لاءِ منع آهي باقي ٿوري زعفران جي استعمال ڪرڻ جي اجازت حضرت عبدالرحمان بن عوف d جي روايت مان ثابت آهي. علماء فرمايو آهي ته حديث ۾ زعفران سان ڪپڙي کي رنگ ڪرڻ کان منع آيل آهي پر حضور ڪريم جن جي ڇنڊڻ جي ڪري جڏهن چادرن ۾ اثر نه رهيو هو. تڏهن استعمال فرمايون هيائون.

پراڻا سادا ڪپڙا پائڻ: هن حديث ۾ حضور ڪريم جن جي طرفان پراڻيون چادرون پائڻ مذڪور آهن. سلف صالحين ۽ جمهور صوفين ان جي تابعداري ڪئي آهي ۽ جن نقشبندي قاعدين ۽ شاذلي سادات ڀلا ڪپڙا ۽ ڀليون سواريون اختيار فرمايون آهن سو ان جي ڪري ته سلف صالحن هوا پرستن خواهشات جي پوڄارين کي ڏٺو ته اهي زيب، زينت ۽ ڀلي لباس تي فخر ڪن ٿا ته انهن ڀلارن وري پراڻا ۽ سادا ڪپڙا اختيار ڪيا ان کي حقير سمجهڻ جي لاءِ جنهن کي حق حقير قرار ڏنو آهي ۽ غافلن ان کي عظيم سمجهيو آهي ۽ هاڻي قلب ڪٽجي ويا ۽ اها معنى وساري وئي ۽ هاڻي غافلن، بي دينن  صوفي سڏائيندڙن ماڻهن کي ڌوڪي ڏيڻ جي لاءِ پراڻا ۽ سادا ڪپڙا ڍڪي دنيا جي حاصل ڪرڻ جو حيلو ۽ مال کسڻ جو وسيلو بنايو آهي ان جي ڪري ڪم ابتو ٿيو ۽ انهن جي للهِ مخالفت ڪندڙ، سنت جو متبع ٿيو ان جي ڪري عارف بالله ابو الحسن شاذلي قدس الله سره پراڻن ڪپڙن پائيندڙ کي جنهن سندس ڀلن ڪپڙن تي اعتراض ڪيو هو فرمايو ته ”اي فلاڻا! منهنجي هيء هيئت الحمدلله ٿي چوي ۽ تنهنجي هيئت ”مون کي لله ڪجهه ڏيو ٿي چوي.“ ۽ پر نقشبندي حضرات جو خاص غرض پنهنجي بدن کي ڍڪڻ ۽ پنهنجن ڪمن ۾ ٻين کي ٻڌائڻ ۽ ڏيکاءَ کان پري رهڻ آهي. ۽ الله جو فرمان آهي ته: قُلْ مَنْ حَرَّمَ زِیۡنَۃَ اللھ الَّتِیۡۤ  اَخْرَجَ لِعِبَادِھ  وَالطَّیِّبٰتِ مِنَ الرِّزْقِؕ  (سورة اعراف آيت 32) (فرماءِ ته الله جنهن زينت کي پنهنجن ٻانهن لاءِ ڪڍيو آهي ۽ رزق مان پاڪ شين کي ڪنهن حرام ڪيو آهي؟“)

ان جي ڪري حضور ڪريم جن کان ڀلا ڪپڙا پائڻ ۽ لذيذ پاڪ، صاف کاڌا کائڻ به ثابت آهي ۽ پراڻا ۽ سادا ڪپڙا غالبًا تواضع اختيار ڪرڻ ۽ هن ڳالهه تي نظر رکڻ لاءِ اختيار ڪيائون ته هي طريقو هر طبقي لاءِ وڌيڪ سلامتيءَ وارو آهي ۽ صحيح حديث آهي ته اِنَّ اللهَ جَمِيۡلُٗ يُّحِبُّ الۡجَمَالَ (بيشڪ الله سُهڻو آهي سونهن کي محبت رکندو آهي) ۽ هڪ روايت ۾ اَللهُ نَظِيۡفُٗ يُحِبُّ النِّظَافَةَ الله نظيف آهي نظافت سان محبت رکندو آهي.“ ۽ السنن جي صاحبن روايت آندي آهي ته ”نبي ڪريم جن هڪ شخص کي ڏٺو جنهن کي سٺو ڪپڙو پاتل نه هو. پاڻ ان کي فرمايائون ته ”ڇا تو وٽ مال آهي؟ ان عرض ڪيو ته ”هائو“ پاڻ فرمايائونس ته ”ڪهڙي مال مان“؟ عرض ڪيائين ته ”هر قسم جي مال اٺن ۽ ٻڪرين مان الله ڏنو آهي.“ پوءِ پاڻ ان کي فرمايائون ته”پاڻ تي ان جي نعمت ۽ ڪرم کي ظاهر ڪر“ قال ۽ حال جي زبان سان ان جو شڪر ۽ حمد ڪر تان ته اهو تنهنجي لاءِ حال ۽ مال ۾ واڌاري جو سبب بنجي. الله فرمايو آهيوَ اَمَّا بِنِعْمَۃِ رَبِّکَ فَحَدِّثْ ﴿٪۱۱ (سورة الضحى آيت11)   (۽ پر پنهنجي رب جي نعمت کي پوءِ کولي کولي بيان ڪر) ۽ السنن ۾ هيئن به حديثون آيل آهن تهاِنَّ اللهَ يُحِبَّ اَن يَّريٰ اَثَر نِعۡمَتِھ عَلٰي عَبۡدِه (بلاشڪ الله هي ڳالهه پسند ڪري ٿو ته پنهنجي ٻانهي تي پنهنجي نعمت جو اثر ڏسي) ڇوته ان سان باطني جمال جي خبر پوندي آهي جو الله جي نعمت جو شڪر ڪيو ويندو آهي ۽ هتي فعل ۽ ترڪ جي لحاظ سان ڪي ڪري پوندا آهن ته ڪي چڙهي ويندا آهن. سڄو مدار نيت تي آهي نه فخر جي لاءِ ڀلا ڪپڙا ڪجن نه بخيلي ۽ حقير سمجهڻ جي ڪري نه پائجن. بلاشڪ هيءُ به حديث آهي ته ”سادا (۽ پراڻا) ڪپڙا پائڻ ايمان مان آهي.“ ۽ حضور ڪريم جن ٻاهران ملڻ لاءِ آيلن وفدن لاءِ سينگارجي ايندا هئا ۽ حقيقت ۾ ظاهري جمال کي اعتبار ناهي جيئن الله فرمايو وَ اِذَا  رَاَیۡتَہُمْ  تُعْجِبُکَ اَجْسَامُہُمْؕ.“ (سورة المنافقون آيت 4)  (۽ جڏهن انهن کي ڏسندؤ ته اوهان کي انهن جا جسم وڻندا) پر غالبًا باطن ظاهر جو عنوان هوندو آهي ۽ مدار دلين جي پاڪائي ۽ غيبن جي ڄاڻندڙ الله جي معرفت تي آهي. ان جي ڪري حديث ۾ آهي ته اِنَّ اللهَ لَايَنۡظُرُ اِلٰي صُورِکُمۡ وَاَمۡوَالِکُمۡ وَلٰکن يَنۡظُرُ اِلٰي قُلُوۡبِکُمۡ وَ اَعۡمَالِکُمۡ“ (بلاشڪ الله اوهان جي صورتن ۽ مالن ڏانهن نه ٿو نهاري پر اوهان جي دلين ۽ اوهان جي اعمال ڏانهن ٿو نهاري. (جمع الوسائل ج 1 ص 118، 119) هن حديث ۾ لفظ وفي الحديث ”قصھ طويلھ“ ان قصي جي تشريح ته وڏي آهي پر هتي مختصر لکجي ٿي ۽ اها هي آهي ته ”هڪ شخص حضور ڪريم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين : اَلسَّلَامُ عَلَيۡکُمۡ وَرَحۡمَةُ اللهِ يَا رَسُوۡلَ اللهِ! پاڻ ان کي جواب ۾ فرمايائونعَلَيۡکَ السَّلَامُ وَ رَحۡمَةُ اللهِ ان وقت پاڻ ٻه پراڻيون چادرون جن کي زعفران لڳل هو پر ان جو اثر نه رهيو هو. ڍڪيو ويٺا هئا.  ۽ سندن هٿ مبارڪ ۾ کجيءَ جي ڇڙي هئي ۽ پاڻ پنهنجن پيرن تي هئا يعني ٻنهي رانن کي پنين سان ملائي ڇڏيو هيائون. (اهو ويهڻ جو فقيراڻو انداز آهي) بيبي قيله فرمايو ته حضور ڪريم جي ان هيئت  ۾ اهڙو رعب ۽ جلال هو جو مون تي سندن هيبت ۽ خوف طاري ٿي ويو. ۽ حضور ڪريم جن کي مجلس ۾ هڪ ويٺل عرض ڪيو ته ” مسڪين ڊڄي وئي آهي“ پوءِ پاڻ مون ڏانهن نهاري فرمايائون ته. ”سڪون سان ويهه“ پوءِ مون  کان اهو ڊپ لٿو. ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته ”مان سندن پويان هُيس پاڻ مون ڏانهن ڪونه نهاريائون پر فرمايائون ته ”اي مسڪين! سڪون سان ويهه!“ جڏهن ائين فرمايائون ته مونکي جيڪو خوف ٿيو هو اهو الله لاهي ڇڏيو. (المواهب شرح الشمائل ص 170) محدثن فرمايو ته ” جڏهن هن ڳالهه جو حديث جي متن سان تعلق نه هو تڏهن محدث ترمذي ߋ اهو قصو بيان نه ڪيو صرف اشارو ڪري ڇڏيو. (انوارِ غوثيہھ ص 101)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي : {1} الطبراني  رقم الحديث 1 ج 25 ص 7، 12 {2} مجمع الزوائد ج 6 ص 12 {3} ابن السعد في الطبقات ج 1 ص 317، 320 {4} ابن منده کما في الاصابة ج 4 ص 380، 381.

}67} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا بِشْرُ بْنُ الْمُفَضَّلِ ، عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عُثْمَانَ بْنِ خُثَيْمٍ ، عَنْ سَعِيدِ بْنِ جُبَيْرٍ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : عَلَيْكُمْ بِالْبِيَاضِ مِنَ الثِّيَابِ لِيَلْبِسْهَا أَحْيَاؤُكُمْ ، وَكَفِّنُوا فِيهَا مَوْتَاكُمْ ، فَإِنَّهَا مِنْ خَيْرِ ثِيَابِكُمْ.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابنِ عباس f کان روايت آهي ته رسول الله جن فرمايو :” اوهان اڇا ڪپڙا پائيندا ڪريو ۽ اوهان مان جيئرا به اهي اڇا ڪپڙا ڍڪين ۽ پنهنجن مئلن کي به انهن اڇن ڪپڙن ۾ ڪفن ڏيو. هن ڪري جو اڇو ڪپڙو تمام پاڪ صاف سٺو ڪپڙو آهي.

مفردات جو شرح : ”عَلَيۡکُمۡ اسم فعل الزموا جي معنى ۾ آهي يعني اي امتي لازم ڪري وٺو. البياض اڇا . هن مان مراد اڇا ڪپڙا آهن انهن ۾ مبالغو ڪندي ،” زيد“ ، عدل وانگر چيو ويو آهي ڄڻ ته اهو سفيد هجڻ جو عين آهي. ”ليلبس“ امر غائب جو صيغو، جڳائي ته پائنِ اَحۡيَاءُکُمۡ حي جو جمع. اوهان جا جيئرا. ”کفنوا“ ڪفن پارايو. تڪفين کان ورتل امر جمع حاضر جو صيغو. ”امواتکم ميت جو جمع. اوهان مان مري وڃڻ وارن کي ”خير“ ڀلو.

سمجهاڻي : هن حديث ۾ سيد المرسلين جن اڇن ڪپڙن جي فضيلت ارشاد فرمائي آهي ته اهي ڀلن ڪپڙن مان آهن، پر ائين نه فرمايائون ته”اهي ڀلا آهن، ڇوته ڀلي هجڻ جي لاءِ صرف اڇو رنگ هجڻ ڪافي ناهي. بلڪه ان ۾ وڳي جو ٺاهڻ، پاڪ هجڻ، تڪبر، وڏائي، ٻڌائڻ ۽ ڏيکاءُ کان آزاد هجڻ به ضروري آهي ۽ يا ”من“ تبعيض جي ان جي ڪري آندي وئي آهي ته سائي ڪپڙي کان ان جي برتري ثابت نه ٿئي جو اهو اهل جنت جو لباس آهي ۽ ان حيثيت سان اڇي کان ڀلو آهي يا حيثيت ۾ برابر آهن.

اڇو ڪپڙو پائڻ سنت آهي: علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته اڇو ڪپڙو پائڻ سنت آهي جو حضور ڪريم جن ان جي پائڻ جو حڪم ڪيو آهي. خصوصي طور محافل ۾ اڇو ڪپڙو پائي وڃجي. جيئن جمعه جي نماز ۾ وڃڻ. مسجد ۾ حاضري ڏيڻ ۽ انهن محفلن ۾ وڃڻ جتي ملائڪن جي آمد ٿيندي آهي جيئن قرآن ڪريم جي تلاوت ۽ ذڪر جا اجتماع ۽ سنت آهي ته ”عيد جي ڏينهن ڀلي کان ڀلو ڪپڙو پائجي ڀلي اڇو نه هجي. ڇوته ان ڏينهن زينت جو اظهار ۽ نعمت جو ارفاع مقصود آهي ۽ ٻئي رفعت واري ڪپڙي سان مناسب آهن. علامه موصوف لکيو آهي ته اول اڇو ڪپڙو آهي پوءِ سائو، پوءِ ڦڪو (سونهري) رنگ وارو. ۽ هن ۽ هن کان پويان اچڻ وارين روايتن کي هن باب ۾ آڻڻ جو سبب واضح ناهي ڇوته انهن ٻنهي ۾ اها صراحت ناهي ته حضور ڪريم جن پاڻ اڇا ڪپڙا پاتا آهن پر اڇن ڪپڙن جي پائڻ جي امر ڪرڻ ۽ شوق ڏيارڻ مان ثابت آهي ته پاڻ به اڇا ڪپڙا پائيندا هئا. ۽ صراحتًا به آيو آهي ته پاڻ اڇا ڪپڙا پائيندا هئا. جيئن بخاري ۽ مسلم حضرت ابو ذر d کان روايت آندي آهي ته ”مان حضور ڪريم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته کين اڇا ڪپڙا پاتل هئا. (المواهب شرح الشمائل ص 171)

هيءَ حديث جن ٻين محدثن آندي آهي: انهن جو ذڪر حديث 52 جي وضاحت ۾ لکي آيا آهيون.

}68}  حَدَّثَنَا مُحَمَّدُ بْنُ بَشَّارٍ قَالَ : حَدَّثَنَا عَبْدُ الرَّحْمٰنِ بْنُ مَهْدِيٍّ قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ حَبِيبِ بْنِ أَبِي ثَابِتٍ ، عَنْ مَيْمُونِ بْنِ أَبِي شَبِيبٍ ، عَنْ سَمُرَةَ بْنِ جُنْدُبٍ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ : اِلْبَسُوا الْبَيَاضَ ؛ فَإِنَّهَا أَطْهَرُ وَأَطْيَبُ ، وَكَفِّنُوا فِيهَا مَوْتَاكُمْ.

بامحاوره ترجمو: حضرت سمرة بن جندب کان روايت آهي ، رسول الله جن ارشاد فرمايو ته :” اوهان پاڻ به اڇا ڪپڙا پايو ڇوته اهي نهايت پاڪ ۽ سٺا آهن ۽ پنهنجن ميتن کي به انهن اڇن ڪپڙن سان ڪفن ڍڪايو.“

مفردات جو شرح: ”اِلْبَسُوا ڍڪيو جمع امر جو صيغو آهي.اَطۡهَرُ يعني نظيف آهي. علي القاري ߋ لکيو آهي ته لادنس فيه ولاوسخ نه ان ۾ ميرنهه آهي نه گدلائپ.

سمجهاڻي: هن حديث جو شرح ڪندي علامه مناوي ߋ لکيو آهي ته وڌ ۾ وڌ اڇا ڪپڙا جن جي اڇائي  وڌيڪ هجي پايو. اهي وڌيڪ پاڪ آهن جو انهن ۾ ڪوبه نشان ٿيندو ته نظر ايندو۽ ٻين رنگين ڪپڙن ۾ اهو ناهي ۽ جيڪڏهن اڇي ڪپڙي تي پليدي لڳندي ته ظاهر ٿي پوندي ۽ اڇا ڪپڙا جلد جلد ڌوتا ويندا آهن ان جي ڪري به اهي پاڪ صاف گهڻو رهندا آهن ۽ علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته جڏهن اڇي ڪپڙي کي رنگ ڪيو ويندو آهي ته ممڪن آهي ته ان سان گڏ پليد ڪپڙو به رنگ جي لاءِ شامل ڪيو ويو هجي پوءِ رنگ ئي پليد ٿي ويو هجي. ”اطيب“ وڌيڪ پاڪ، صاف . هي طيب کان ورتل آهي ان ۾ غالبًا تواضع ۽ انڪساري هوندي آهي. تڪبر ۽ وڏائي کان خالي هوندو آهي ۽ سهڻو به لڳندو آهي ڇوته ان هيئت تي هوندو آهي جنهن تي الله ان کي پيدا ڪيو آهي. الله جو ارشاد آهي فِطْرَتَ اللھ  الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ (سورة روم آيت 30)  (ترجمو :الله جي طرفان پيدا ڪرڻ جنهن تي ماڻهن کي پيدا ڪيو اٿس الله جي خلقت ۾ ڪا تبديلي ناهي) ۽ الله جي خلقت ۾ تبديل ۽ تغير نه ڪرڻ سهڻي شيءِ آهي. مگر جڏهن غير جي مستحب هجڻ لاءِ ڪو نص اچي ته پوءِ ان تي عمل ڪيو ويندو. جيئن عورت جي لاءِ هٿن جي ميندي هڻڻ يا ڪو مباح غرض يا ضرورت هجي. جيئن بعض صوفين گيڙو ڪپڙو پسند ڪيو آهي جو ان ۾ هر هر ڌوئڻ جي تڪليف ناهي.  ۽ ان جي ڪري به اڇو ڪپڙو ڀلو آهي جو ڌوئڻ جي ڪري ان جي رنگ ڦٽڻ يا لهڻ جو خطرو ناهي ۽ وڌيڪ لذت وارو آهي ڇوته مؤمن کي لذت پاڪ ڪپڙي جي صفائي ۽ ٿوري تي راضي رهڻ ۾ آهي.“ ۽ ابو نعيم جي هيءَ روايت به آهي ته رسول الله جن هڪ ميرن ڪپڙن واري شخص کي ڏٺو ته فرمايائون ”هي ايترو به ڪونه ٿو لهي جنهن سان پنهنجن ڪپڙن کي صاف رکي “ ۽ اڇي ڪپڙي جي وڌيڪ هجڻ ۾ اهو به راز آهي جو اهو جيئن ڌوپندو ويندو تيئن وڌيڪ اجرو ۽ سهڻو لڳندو.وَکَفِّنُوۡا فِيۡهَا مَوۡتَاکُمۡ ۽ انهن اڇن ڪپڙن ۾ پنهنجي مري ويلن کي ڪفن ڏيو.“ ۽ شايد هن ۾ اهو خفي اشارو آهي ته دنيا ۾ اڇن ڪپڙن جو ڍڪڻ ان جي ڪري ڀلو آهي جو اهو آخرت جو لباس ياد ڏياري ٿو ۽ اهو به اشارو ڏي ٿو ته نيٺ هر شيءِ فنا آهي ان جي ڪري عقل واري لاءِ مناسب آهي ته ان جي حصول لاءِ گهڻيون مصيبتون برداشت نه ڪري. ابن ماجه حضرت ابو الدرداء d کان روايت آندي آهي  ته رسول الله جن ارشاد فرمايو ته :”بلاشڪ وڌيڪ سهڻو جنهن سان اوهان الله جو پنهنجين قبرن ۽ مسجدن ۾ ديدار ڪيو ٿا اڇا ڪپڙا آهن.“ ان ۾ اشارو آهي ته ”ٻانهن لاءِ لائق آهي ته اهي جيئري يا مرڻ کان پوءِ الله ڏانهن اصلي فطرت م رجوع ڪن جيڪو اڇي ڪپڙي سان مشابهه آهي يعني فطرتي توحيد واري عقيدي سان. اهڙي طرح جو جيڪڏهن اهو ٻانهو ۽ ان جي طبيعت اڪيلا ڇڏيا وڃن ته عقلي ۽ نقلي دليل کان سواءِ ئي توحيد جو عقيدو اختيار ڪن. ۽ پوءِ ان کي عوارض ڦيرائن ٿا جن ڏانهن حديث ۾ اشارو ڪيل آهي ته ” پوءِ ان جا پيءُ ماءُ ان کي يهودي يا نصارو يا مجوسي بنائن ٿا“ ۽ اڇي ڪپڙي پائڻ ۾ اندر کي ٺڳي، ڌوڪي، دشمني ۽ برن اخلاقن کان (جيڪي حقيقي يا حڪمي نجاست سان مشابهه آهن) پاڪ رکڻ ڏانهن به اشارو آهي. جيئن الله جو فرمان آهي: اِلَّا مَنْ اَتَی اللھ  بِقَلْبٍ سَلِیۡمٍ ﴿ؕ۸۹  (سورة شعراء  آيت 89) (مگر جنهن الله وٽ سلامتيءَ واري دل آندي) حاصل هي آهي ته ظاهر جي نظافت، پاڪ رکڻ ۽ سينگارڻ ۾ باطن جي امر تي گهڻو اثر هوندو آهي ۽ حديث مان دليل ملي ٿو ته ” اطيب“ جي معنى احسن وٺجي ۽ ڄاڻڻ گهرجي ته اڇو ڪپڙو ڪفن ۾ ان جي ڪري افضل آهي جو ميت ملائڪن سان ملي ٿو. پوءِ جيئن محفلن  ۾ ماڻهن سان ملڻ مهل اڇا ڪپڙا پائڻ ڀلا آهن تيئن ملائڪن سان ملڻ مهل به اڇا ڪپڙا پائڻ ڀلا آهن. بهرصورت جيڪڏهن ديني مصلحت جي تقاضا آهي مثال طور ڪنهن هديي ڏيڻ واري مخلص جي دلجوئي مقصود هجي يا ٻئي ڪنهن قسم جو نفعو ان تي مترتب هجي ته ڀلو لباس پائڻ افضل ۽ پسند ڪيل آهي نبي ڪريم جن هڪ ڀيري ستاويهن ڏاچين جي بدلي ۾ هڪ وڳو خريد ڪري پاتو هو. پر اها هڪ وقتي ۽ عارضي شيءِ هئي ورنه ته آقا جو عام طور لباس سادو هوندو هو. (خصائل نبوي ص 54، 55)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1}  النسائي في ڪتاب الزينة من سننہھ الڪبرى باب 90 الامر بلبس الثياب البيض رقم الحديث 9642 ج 5 ص 477 {2} ابن ماجہھ في ڪتاب اللباس باب 5 البياض من الثياب رقم الحديث 3567 {3} احمد في المسند ج 5 ص 13، 17، 18، 19 {4} الحاڪم في المستدرک ج 1 ص 354 ، 355 {5}  عبدالرزاق في المصنف رقم الحديث 6199 ج 3 ص 429 {6} البيهقي في سننہھ ج ص 402 {7} البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3087 ج 12 ص 18

 

}69}  حَدَّثَنَا أَحْمَدُ بْنُ مَنِيعٍ ،  قَالَ حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ زَكَرِيَّا بْنِ أَبِي زَائِدَةَ  قَالَ : حَدَّثَنَا أَبِي ، عَنْ مُصْعَبِ بْنِ شَيْبَةَ ، عَنْ صَفِيَّةَ بِنْتِ شَيْبَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ قَالَتْ : خَرَجَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ذَاتَ غَدَاةٍ وَعَلَيْهِ مِرْطٌ مِنْ شَعَرٍ أَسْودَ.

با محاوره ترجمو: حضرت عائشه g کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن رسول الله جن صبح جو ٻاهر نڪتا، ته مٿن ڪارن وارن (ڏاس يا اُن) جي چادر ويڙهيل هئي.

مفردات جو شرح : ”ذَاتَ غَدَاةٍ عرب ذات يوم. ذات ليلة الفاظ استعمال ڪندا آهن جنهن ۾به ذات لفظ مضاف هوندو آهي ان مان سندن مراد صبح ، يا ڏينهن يا رات هوندا آهن. مضاف جي معنى ذهن ۾ نه هوندي آهي”ذَاتَ“ لفظ معنى کان سواءِ تاڪيد جي لاءِ آڻيندا آهن. مِرْطٌ (ميم جي زير را جي جزم سان) سگهي، ويڪري چادر جيڪا ريشم يا اُنَ يا وارن يا ٿلهي ڪپڙي مان ٺاهي ويندي آهي ان سان گوڏ ٻڌي ويندي آهي. أَسْودَ ڪارا.

سمجهاڻي: ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g و عن ابيها هن حديث ۾ سرڪارِ دو عالم جي ٻاهر تشريف فرما ٿيڻ کي ذڪر ڪندي فرمايو ته ” پاڻ هڪ ڀيري صبح جو ٻاهران  حال ۾ تشريف فرما ٿيا جو سندن مٿان ڪارن وارن (اٺ جي ڏاس) جي چادر ويڙهيل هئي. اهو شايد ڪمبل هو جيڪو غالبًا صبح جي وقت استعمال ڪيو ويندو آهي. ۽ ٻين حديثن مان به حضور ڪريم جن جي چادر ويڙهڻ ثابت آهي ، ان ڪري اڪثر صالح فقراء چادر ويڙهي پنهنجي محبوب جي سنت مطهره کي زندهه رکندا آهن جيئن ڪنهن شاعر ڏاڍو سهڻو چيو آهي.

شہنشاھ عالم کا بستر تو دیکھو         چٹائی کھجوروں کی کالی کملیا

هيءَ روايت ٻين هنن محدثن آندي آهي {1} مسلم ڪتاب اللباس والزينة باب 6 رقم الحديث 2081 ج 3 ص 1649 {2}  ابو داؤد في ڪتاب اللباس باب 6 في لبس الصوف والشعر رقم الحديث 4032 ج 4 ص 44.

 

}70} حَدَّثَنَا يُوسُفُ بْنُ عِيسىٰ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ قَالَ : حَدَّثَنَا يُونُسُ بْنُ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنِ الشَّعْبِيِّ ، عَنْ عُرْوَةَ بْنِ الْمُغِيرَةِ بْنِ شُعْبَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَبِسَ جُبَّةً رُومِيَّةً ضَيِّقَةَ الْكُمَّيْنِ.

بامحاوره ترجمو: حضرت عروة d پنهنجي پيءُ مغيرة بن شعبة d کان روايت ڪري ٿو حضرت مغيرة d چيو ته پاڻ ڪريم جن رومي جُبو پاتو هو. ان جُبي جون ٻانهون سوڙهيون هيون.

مفردات جو شرح : ”جُبَّةً جُبو مبارڪ. رُومِيَّةً رومي ضَيِّقَةَ تنگ،  سوڙهو.

سمجهاڻي: حضرت مغيرة هن روايت ۾ ٻه ڳالهيون بيان ڪيون آهن. هڪ ته رسول الله جن رومي جبو ڍڪيو هو. ٻيو ته ان جون ٻانهون سوڙهيون هيون. علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته پاڻ اهو غزوه تبوڪ واري سفر ۾ پاتو هيائون ۽ جُبَّة معروف لباس مان آهي ۽ رومي روم ڏانهن نسبت آهي ۽ گهڻين روايتن ۾ هڪ ٻئي جي مخالفت ناهي ڇوته ان دور ۾ شام ملڪ ۾ روم وارن جي رهائش هوندي هئي. ۽ روم ڏانهن ان جي نسبت ان جي ڪري ڪيل آهي جو ان جا ٺاهڻ وارا رومي هئا. علامه علي قاري ߋ لکيو آهي ته اهو به ممڪن آهي ته ڪپڙو هڪڙن ٺاهيو هجي سلائي ٻين ڪئي هجي.  ۽ اهو سندن سفر جي دوران هو. جيئن امام بخاري زڪريا بن ابي زائدة جي طريقي سان شعبي کان سندَ سان آندو آهي. حضرت مغيرة d فرمايو ته ”مان رسول الله جن سان سفر ۾ گڏ هيس پوءِ پاڻ مون کي فرمايائون ته توسان پاڻي گڏ آهي؟“ مون عرض ڪيو ته ”هائو“ پوءِ پاڻ پنهنجي سواريءَ تان هيٺ لٿا ۽ پنڌ ڪري رات جي انڌيري ۾ مون کان غائب ٿي ويا، وري موٽي آيا پوءِ مون سندن اڳيان کَليءَ مان پاڻي وهايو ۽ پاڻ پنهنجو منهن مبارڪ ۽ هٿ مبارڪ ڌوتائون. ان وقت کين صوف جو جبو مبارڪ پاتل هيو. ان جون ٻانهون اهڙيون سوڙهيون هيون جو پنهنجا پاڪ هٿ ان مان ٻاهر ڪڍي نه سگهيا ۽ ٻانهن کي اندران ڪڍيائون. ڌوئي پوءِ مٿي پاڪ جي مک ڪيائون ۽ موزن جي به مک ڪيائون. ۽ موطا ۽ مسند ابو داؤد ۾ آهي ته اهو صبح جي نماز جو وقت هو. مغيره d فرمايو ته پوءِ مان ساڻن گڏ آيس ته جماعت اڳ ۾ شروع ٿي چڪي هئي. حضرت عبدالرحمان بن عوف d امامت ڪري رهيو هو. نبي پاڪ جن ان نماز جي آخري رڪعت ۾ پهتا جڏهن حضرت عبدالرحمان بن عوف d سلام ورايو ته پاڻ اٿي رهيل نماز پوري ڪيائون۽ ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويا. حضرت مغيره d فرمايو ته مون ارادو ڪيو ته عبدالرحمان d کي پوئتي هٽايان پر رسول الله جن ارشاد فرمايو ته ”ڇڏيس“. (جمع الوسائل ج 1 ص 123)

فائدا: هن حديث مان هي فائدا حاصل ٿين ٿا (1) ته ڪافرن جا استعمال ڪيل ڪپڙا جيستائين انهن جي پليد هجڻ جو يقين نه ٿئي. ڌوئڻ کان سواءِ به پاڻ جائز آهن ڇوته رسول الله جن تفصيل پڇڻ کان سواءِ رومي جُبو زيب تن فرمايو هو . (2) صوف جو ڪپڙو ڍڪڻ جائز آهي ۽ امام مالڪ d فرمايو ته جيڪڏهن ٻيو ڪپڙو لڀي ته صوف جو ڪپڙو پائڻ مڪروه آهي. ڇوته ان ۾ زهد جي مشهوري آهي زهد جو لڪ ۾ رکڻ وڌيڪ آهي. (3) ٻانهن جي ٻانهوڙيءَ سفر ۾ تنگ ۽ سوڙهي رکڻ مستحب آهي. سفر کان سواءِ ٻانهوڙي ڪشادي هجي ڇوته صحابن جون ٻانهوڙيون ڪشاده هونديون هيون. ابن حجر فرمايو ته اهو تڏهن جڏهن ثبوت ملي ته حضور ڪريم جن خصوصي طور سفر ۾ اهي سوڙهيون رکيون هيون. نه ته ممڪن آهي ته سرديءَ کان بچاءَ جي لاءِ ائين ڪيو ويو هجي. (4) اسان جي فقھ جي ڪتابن ۾ آهي ته ٻانهوڙي جو ڪپڙو هڪ گرانٺ جيترو ويڪرو هجي. (جمع الوسائل ج 1 ص 123)  (5) محدثن جي هن باب ۾ گفتگو ۽ روايتن مان معلوم ٿيو ته رسول الله جن سادو لباس پائڻ پسند ڪندا هئا. گهڻو ڪري سندن ڪپڙو سخت هوندو هو. ۽ صوف جو ڪپڙو به پائيندا هئا. ۽ ڪنهن به هڪ قسم جي ڪپڙي تي بند نه رهندا هئا. ۽ نه ڪو ان ۾ غلو ڪندا هئا. بلڪه ضرورت آهر استعمال ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن اعلى قسم جا ڪپڙا به پائيندا هئا. سندن خدمت ۾ ٽيٽيهه اٺن ۽ هڪ ڏاچيءَ جي عيوض ورتل وڳو پيش ڪيو ويو ته اهو پاڻ پاتائون. (6)  ڪانچ نبي ڪريم جن جي (ظاهري رحلت کان پوءِ)سندن سامان مان ملي هئي. پر راجح قول مطابق پاڻ پاتي نه هيائون. ۽ ڪانچ پهريان  پهريان حضرت ابراهيم عليٰ نبينا وعليه الصلٰوة والسلام پاتي هئي ۽ حضرت ابن مسعود d کان مرفوع حديث ۾ آيو آهي ته”حضرت موسى عليٰ نبينا وعليه الصلٰوة والسلام جڏهن الله سان ڳالهايو هو ته ان کي صوف جي چادر ۽ صوف جي ٽوپي ۽ صوف جو جبو ۽ ڪانچ پاتل هئي. ۽ سلف صالحين نبي ڪريم جن جي سادن ڪپڙن  پائڻ ۾ اتباع ڪندا هئا. جو دنياوي زيب، زينت کي حقير سمجهندا هئا پر هاڻي ان سادي لباس کي ڄار بنائي پاڻ کي درويش ظاهر ڪري ماڻهن کي ڦرڻ ، لٽڻ سان گڏ گمراهه ڪندا ٿا وتن. فيصلو ڪندڙ قول اهو آهي ته ڪڏهن ڀلا ڪپڙا پائڻ سٺو ڪم آهي جيڪي اطاعت تي مدد ڪن ۽ حضور ڪريم جن به ان جي ڪري ٻاهران اچڻ وارن وفدن سان ڀلا ڪپڙا پائي ملندا هئا. ۽ ڪڏهن اهي ناپسند ڪيل آهن جيڪڏهن دنيا ۽ تڪبر جي لاءِ استعمال ڪيا وڃن. (المواهب شرح الشمائل ص 175) علماء لکيو آهي ته سفيد ڪپڙي جي مؤمن سان مشابهت آهي جيئن سفيد ڪپڙي تي داغ نظر ايندو آهي ۽ بُرو لڳندو آهي تيئن مؤمن جي روشن قلب تي به گناهه جو داغ نظر ايندو آهي ۽ برو لڳندو آهي.

مسئلو: ڪفن ۾ اڇو ڪپڙو استعمال ڪرڻ گهرجي پر ان ۾ رنگين ڪپڙو به جائز آهي. بعض علماء جو قول آهي ته ”ڪافرن جي ملڪ جو نئون ٺهيل ڪپڙو ڌوئڻ کان سواءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو باقي انهن جو استعمال ٿيل ڪپڙو ضرور ڌوئڻ گهرجي . (فضائل النبي ص 50)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} البغوي في الشمائل رقم الحديث 755 ج 2 ص 517 ،       {2} البخاري في ڪتاب الوضوء باب 35 الرجل يوضي صاحبھ رقم الحديث 182 ج 1 ص 285، 286 {3} مسلم في ڪتاب الطهارة باب 22 المسح علي الخفين رقم الحديث 274 حديث الکتاب 79، 80 ج 1 ص 230 {4} ابو داؤد في ڪتاب الطهارة باب 59 المسح علي الخفين رقم الحديث 149 ج 1 ص 37، 38 {5} احمد في المسند ج 4 ص 249 {6} مالڪ في الموطا ڪتاب الطهارة باب 8 ماجاء في المسح علي الخفين حديث رقم 713 ج 1 ص 194.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting