خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب ڏهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي خُفِّ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

انهن حديثن جو باب جيڪي رسول الله

جي موزن پائڻ جي باري ۾ آيون آهن

 

سمجهاڻي: بعض سيرت نگارن لکيو آهي ته حضور ڪريم جن جا ڪافي تعداد ۾ موزا هئا. انهن مان چار اهي هئا جيڪي کين خيبر مان مليا هئا.

معجزو: الطبراني الاوسط ۾ الحبر کان روايت آندي آهي ته رسول الله جن جو معمول هو جو قضا حاجت جي لاءِ پري نڪري ويندا هئا. هڪ ڀيري پاڻ پري نڪري ويا ۽ موٽي وضو ڪري (۽ موزا جيڪي اڳ ۾ پيرن مان ڪڍي ڇڏيا هئائون) انهن مان هڪ پنهنجي پاڪ پيرن ۾ پائي بس ڪيائون ته هڪ سائو پکي آيو جنهن  ٻيو موزو مٿي کڻي مٿان اڇلايو ته ان مان وڏو ڪارو نانگ هيٺ ڪريو. اهو ڏسي پاڻ فرمايائون ته ” هي ڪرامت (معجزه) آهي جنهن سان الله مون کي عزت بخشي آهي. اي منهنجا الله!مان توکان ان شيءِ جي شر کان پناهه ٿو گهران جيڪا پنهنجي پيٽ تي هلي ٿي ۽ جيڪا ٻن پيرن تي هلي ٿي ۽ جيڪا چئن پيرن تي هلي ٿي.“ ۽ حضرت ابي امامة d کان روايت آهي ته رسول الله جن ٻه موزا گهرايا هڪ پاتائون ته ڪانءُ آيو ۽ ٻيو موزو کڻي (مٿان) ڇڏيائين ته ان مان نانگ نڪتو پوءِ پاڻ فرمايائون ته ” جيڪو الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو اهو تيستائين موزا نه پائي جيستائين اهي نه ڇنڊي. “ (المواهب شرح الشمائل ص 108)

 

}73} حَدَّثَنَا هَنَّادُ بْنُ السَّرِيِّ قَالَ : حَدَّثَنَا وَكِيعٌ ، عَنْ دَلْهَمِ بْنِ صَالِحٍ ، عَنْ حُجَيْرِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ ، عَنِ ابْنِ بُرَيْدَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، أَنَّ النَّجَاشِيَّ أَهْدَى لِلنَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ خُفَّيْنِ أَسْوَدَيْنِ سَاذَجَيْنِ ، فَلَبِسَهُمَا ثُمَّ تَوَضَّأَ وَمَسَحَ عَلَيْهِمَا.

بامحاوره ترجمو: حضرت ابو بريده d پنهنجي پيءُ کان روايت ڪري ٿو ته (حبش جي بادشاهه) نجاشي حضرت نبي ڪريم جن لاءِ ٻه لسا ڪارا موزا سوکڙي ڪري موڪليا. پاڻ سڳورن اهي موزا پائي وضو ڪيو ۽ انهن تي مک ڪيائون.

مفردات جو شرح: أَهْدَى الاهداء کان ورتل ماضيءَ جو صيغو آهي. هديه طور موڪليائين. خُفَّيْنِ ٻه موزا. ”أَسْوَدَيْن ڪاري رنگ جا. سَاذَجَيْنِ (ذال جي زبر سان) سادا جن ۾ چٽ وغيره نه هجي. فَلَبِسَهُمَا پوءِ اهي ٻئي پاڻ پائڻ فرمايائون. مَسَحَ مک ڪرڻ فرمايائون.

سمجهاڻي: هن حديث ۾ انهن ڪارن، سادن ٻن موزن جو ذڪر آهي جيڪي نجاشي بادشاهه سندن خدمت ۾ موڪليا هئا. ابنِ حبان هيشم بن عدي کان ان دلهم کان هن اسناد سان روايت آندي آهي ته ”نجاشي حضور ڪريم جن ڏانهن خط لکيو هو ته مون اوهان جو اوهان جي دين تي رهندڙ هڪ عورت ابو سفيان جي نياڻي ام حبيبھ g سان نڪاح ڪرايو آهي ۽ جامع هديا، قميص، ڪانچ، ٽوپي ۽ ٻه سادا موزا موڪلي رهيو آهيان.“ اهي جيئن پهتا ته پاڻ وضو ڪري انهن موزن تي مک ڪيائون.

فائدو: هن حديث مان هي مسئلا معلوم ٿيا (1) هديو قبول ڪري ان ۾ فورًا تصرف ڪرڻ، جو ان ۾ ان جي قبول ڪرڻ جو اظهار ۽ هديو وٺندڙ ۽ هديو ڏيندڙ جي وچ ۾ محبت واري ڳانڍاپي جو اشارو آهي.  (2) ته اهل ڪتاب کان هديو قبول ڪرڻ جائز آهي ڇوته هديو ڏيڻ وقت اهو اڃان مسلمان نه ٿيو هو. ابن العربي ߋ ائين چيو آهي ۽ زين عراقي ان کي ثابت چيو آهي. (3) موزن تي مک ڪرڻ جو جواز ثابت ٿيو ۽ ان جي جواز تي انهن جو اجماع آهي جن تي اعتماد آهي ۽ موزن تي مک ڪرڻ اسي 80 صحابن عليهم الرضوان کان روايت ڪيل آهي ۽ موزن تي مک ڪرڻ جي ذڪر واريون حديثون متواتر آهن، ان جي ڪري حنفي علماء مان بعض جو قول آهي ته ”موزن جي مسح جي انڪار ڪندڙ تي مون کي ڪافر هجڻ جو ڊپ ٿيندو هو.“ (المواهب شرح الشمائل ص 181 ، 182 جمع الوسائل ج 1 ص 127)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} ابو داؤد في ڪتاب الطهارة باب 6 المسح علي الخفين رقم الحديث 155 ج 1 ص 39 {2} ابنِ ماجہھ في ڪتاب الطهارة باب 184 المسح علي الخفين رقم الحديث 549 {3} احمد في المسند ج 5 ص 352 {4} البيهقي في سننھ ج 1 ص 282 {5} ابن السعد في الطبقات ج 1 ص 482 {6} ابو الشيخ في اخلاق النبي   ص 116، 117.

 

}74} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ ، قَالَ : حَدَّثَنَا يَحْيٰى بْنُ زَكَرِيَّا بْنِ أَبِي زَائِدَةَ ، عَنِ الْحَسَنِ بْنِ عَيَّاشٍ ، عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، عَنِ الشَّعْبِيِّ قَالَ : قَالَ الْمُغِيرَةُ بْنُ شُعْبَةَ : أَهْدَى دِحْيَةُ لِلنَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ خُفَّيْنِ ، فَلَبِسَهُمَا. وَقَالَ  إِسْرَائِيلُ : عَنْ جَابِرٍ ، عَنْ عَامِرٍ وَجُبَّةً فَلَبِسَهُمَا حَتَّى تَخَرَّقَا لاَ يَدْرِي النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَذِكًىُٗ هُمَا أَمْ لاَ.قَالَ أَبُو عِيسٰى : وَأَبُو إِسْحَاقَ هَذَا هُوَ أَبُو إِسْحَاقَ الشَّيْبَانِيُّ ، وَاسْمُهُ سُلَيْمَانُ.

بامحاوره ترجمو: حضرت مغيره d کان روايت آهي ته حضرت دحية (ڪلبي اصحابي) d نبي ڪريم جن کي ٻه موزا سوکڙي طور ڏنا ۽ پاڻ سڳورن اهي موزا پاتا.اسرائيل حضرت جابر d جـــــي واسطي سان حضرت عامر d کان روايت ڪئي ته دحية هڪ جُبو به تحفو ڏنو هـو. پاڻ سڳورن موزا پاتا ۽ جُبو ڍڪيائون نيٺ اهي پراڻا ٿي ڦاٽي ويا.

نبي ڪريم جن کي اهو ڪونه ٻڌايو ويو يا پاڻ ڪونه پڇيائون ته اهي موزا ذبح ڪيل جانور جي کل جا هئا يا اڻ ڪُٺل جانور جي کل جا هئا. 

مفردات جو شرح: أَهْدَى الاهداء کان ورتل هديه ڪـري ڏنائين. ”دحية“ جليل القدر صحابي آهي     (d) تمام گهڻو سهڻو هوندو هو تان جو گهڻو ڪري جبريل به نبي ڪريم جي خدمتِ اقدس ۾ ان جي صورت ۾ ايندو هو. ”فَلَبِسَهُمَا“ پوءِ حضور ڪريم جن اهي پاتا.

سمجهاڻي: حضرت دِحية d مشهور صحابي آهي بدر جي جنگ کان سواءِ ٻين سڀني جنگين ۾ شريڪ ٿيو هو. هن روايت ۾ آهي ته ”اسرائيل جابر کان، ان عامر کان روايت آندي آهي ته حضرت دحية حضور ڪريم جن کي هڪ جبو به هديي طور ڏنو هو. ۽ حضور ڪريم جن اهي موزا پائيندا رهيا تان جو پراڻا ٿي ڦاٽي ويا هئا. اهو جُبو مبارڪ نهايت عمدو ۽ نفيس هو ۽ حضور ڪريم جن ان موزن جي متعلق تحقيق نه ڪئي ۽ نه پڇيو ته” اهي ڪُٺل جانور جي چمڙي جا آهن يا اڻ ڪُٺل جانور جا.“ ڇوته ان پڇا ڪرڻ جي ضرورت ناهي ۽ موزن تي مسح ڪرڻ سفر ۽ حضر ۾ اهل السنة وٽ متواتر حديثن سان ثابت آهي. (جمع الوسائل ج 1 ص 128) ۽ علامه بيجوري ߋ لکيو آهي ته حضور ڪريم جن جو موزن کي ايترو استعمال ڪرڻ جو ڦاٽي پيا مان ثابت ٿيو ته ڪپڙن کي به ڦاٽڻ تائين استعمال ڪجي ڇوته ان ۾ تواضع آهي ۽ محدث ترمذي پنهنجي”الجامع“ ۾ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه g کان روايت آندي آهي ته حضور ڪريم جن ان کي فرمايو ته ”ڪپڙي کي تيستائين پراڻو نه سمجهه جيستائين ان کي چَتي هڻين.“ (المواهب شرح الشمائل ص 183)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: }1{  ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 116 {2} الطبراني في المعجم الڪبير رقم الحديث 991، 992 ج 20 ص 413، 414.  {3}  البغوي في شرح السنة رقم الحديث 3151 ج 12 ص 72.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting