خالص ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ

حضرت علامه مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جي تصنيفات

حضرت قبلا استاد سائين علامه محمد ادريس ڏاهري جن جا ڪتاب

 

باب اڻويهون

 

بَابُ مَا جَاءَ فِي مِشْيَةِ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ.

هن باب ۾ اهي حديثون آهن جن ۾

 رسول الله جي هلڻ (جي صفت) جو بيان آهي

 

سمجهاڻي: هن باب ۾ مِشْيَةِ“ لفظ آيل آهي مِشْيَةِ سِدرَةُ وانگر. اها هيئت آهي جيڪا انسان هلڻ ۾ اختيار ڪندو آهي. هن باب ۾ محبوب ڪريم، رؤف رحيم جي هلڻ ۽ رفتار جي حسن ۽ خوبي جو ذڪر ڪيل آهي. هن باب ۾ محدث ترمذي ٽي (3) حديثون آنديون آهن.

 

}123} حَدَّثَنَا قُتَيْبَةُ بْنُ سَعِيدٍ قَالَ : حَدَّثَنَا ابْنُ لَهِيعَةَ ، عَنْ أَبِي يُونُسَ ، عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ قَالَ : وَلاَ رَأَيْتُ شَيْئًا أَحْسَنَ مِنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَأَنَّ الشَّمْسَ تَجْرِي فِي وَجْهِهِ ، وَمَا رَأَيْتُ أَحَدًا أَسْرَعَ فِي مِشْيَتِهِ مِنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ كَأَنَّمَا الأَرْضُ تُطْوَى لَهُ إِنَّا لَنُجْهِدُ أَنْفُسَنَا وَإِنَّهُ لَغَيْرُ مُكْتَرِثٍ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابو هريره d کان روايت آهي ته رسول الله جن کان وڌيڪ مون ڪوبه سهڻو ڪونه ڏٺو، ڄڻ ته سندن منهن مبارڪ ۾ سج چمڪي رهيو آهي. هلڻ ۽ رفتار ۾ حضور ڪريم جن کان ڪوبه تڪڙو هلندڙ ڪونه ڏٺم. ڄڻ ته سندن لاءِ زمين ويڙهجي ٿي وڃي. اسان پاڻ کي هلڻ ۾ تڪليف ڏئي کين مس پُڄندا هئاسون ۽ پاڻ سڳورا مزي مزي سان پوري رفتار سان هلندا هئا.

مفردات جو شرح: کَانَّ گويا ڪه تَجۡرِيۡ هلي پيو اَسۡرَعَ گهڻو تڪڙو. تُطۡوَي ويڙهي ٿي وڃي، سميٽي يا ليٽائي ٿي وڃي. لَنُجۡهِدُ پوري محنت ۽ مشقت ڪيون پيا. پورو زور لڳايون پيا.

سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ سيدنا رسول الله جن جو حُسن ۽ سندن هلڻ جو انداز بيان ٿيل آهي. حضرت ابو هريره d جو فرمان ته ”مون رسول الله جن کان وڌيڪ سهڻو نه ڏٺو“ هتي ڏسڻ مان مراد يا اک جو ڏسڻ آهي يا ڄاڻڻ آهي مطلب ته اهڙو سهڻو مون ڏٺو ته نه پر منهن جي علم ۾ به ناهي ۽ علامه بيجوري ߋ علم واري معنى کي وڌيڪ بليغ قرار ڏنو آهي ”ڄڻ ته سندن منهن مبارڪ ۾ سج هلي رهيو آهي.“ مطلب ته سندن منهن مبارڪ جا جلوا ۽ چمڪارا سج جي چمڪارن وانگر هئا. ۽ هتي تشبيه ڏنَلُ جنهن سان تشبيه ڏنو ويو آهي ان کان وڌيڪ آهي ۽ صحابي d جو ان مان مقصود سندن حسن جو اعلى هجڻ ۽ سج کان به وڌيڪ هجڻ آهي ۽ منهن مبارڪ کي خاص طور ان جي ڪري بيان ڪيو ويو آهي جو ان ۾ جلوه گر ٿيندڙ محاسن ظاهر ٿيندا آهن ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته جيڪڏهن کين ڏسين ها ته سج کي اڀرندڙ ڏسين ها ۽ هي به تقريبًا آهي ورنه  ته“ پاڻ سج کان بلڪه هر شيءِ کان وڌيڪ سهڻا هئا.“

محبوب جو پاڇو نه هوندو هو: حضرت ابنِ عباس f جي حديث مبارڪ ۾ آهي ته رسول الله جن جو پاڇو نه هوندو هو ۽ پاڻ سج جي روشني ۾ بيهندا هئا ته ان جي روشني کان سندن روشني وڌيڪ هوندي هئي. ۽ جيڪڏهن گهر ۾ رکيل ڏيي جي ڀر ۾ هوندا هئا. ته سندن روشني ان کان به وڌيڪ هوندي هئي. (المواهب شرح الشمائل ص 238 جمع الوسائل مع شرح المناوي ص 176)

هن مضمون کي حضرت شيخ سعدي ߋ هن طرح ڪيو آهي. 

اے چهره زیبائے تو  رشک بتان آذری۔۔۔۔ ہر چند و صفت می کنم لیکن ازان بالاتری

 يعني اي محبوب اوهان جو منهن مبارڪ اهڙو سهڻو آهي جو آذر جا سهڻا ٺهيل بُت به ان سان رشڪ ڪن ٿا. مان اوهان جي جيتري وصف بيان ڪيان اوهان ان کان به بالا ۽ بلند آهيو.

آفا قہا گردیده ام، مہر بتان ورزیدھ ام، بسیار خوبان  دیدھ ام ليکن تو چیزے دیگری

دنيا جا پاسا گهميو ڦريو آهيان، ڀلا جسم  ڳوليا اٿم، گهڻا سهڻا ڏٺا اٿم پر اوهان ڪا ٻي شيءِ آهيو.

ہرگز نیا ید در نظر، صورت زرویت خوبتر، شمسی ندانم یا قمر یا زہرھ یا مشتری۔

ڪڏهن به نظر ۾ اوهان جي صورت کان ڀلي صورت نظر ۾ نه آئي آهي نه ڪو سج ٿو ڄاڻان نه چنڊ نه زهره نه مشتري(ستارا) محترم عبدالقيوم ضياء سليمي (شاعر) مذڪور مضمون کي هن طرح بيان ڪيو آهي.

کھڑے ہوئے نہ کبھی آفتاب رخشاں میں

مگر جمال جبین  آفتاب  پر  رہا  غالب

دیے کے پاس کھڑا  آپ کو نہیں دیکھا

چراغ رخ تھا مگر  ماہتاب  پر  غالب  ( انوارِ غوثیہ ص ۱۷۹)

۽ هن حديث ۾ ٻيو ذڪر محبوب ڪريم جي هلڻ جي طريقي جو آهي. (هلڻ جو ذڪر ته سندن حُليي مبارڪ جي ذڪر ۾ تبعًا اچي چڪو آهي) سندن هلڻ جي ڪيفيت حيران ڪندڙ هئي. هلندا هئا ته ڄڻ زمين سندن قدمن جي هيٺان ويڙهجندي ويندي هئي. صحابي d فرمايو ته”اسين پاڻ کي تڪليف ڏئي مس مس کين پهچندا هئاسون ۽ پاڻ معمولي رفتار سان هلندا هئا ۽ جيڪو فاصلو اسين تڪليف سان طئي ڪندا هئاسون اهو پاڻ بغير تڪليف جي طئي ڪندا هئا ۽ اهو کين الله جي طرفان عطا ڪيل قوت جو ڪرشمو هو. پاڻ پنهنجي طور تي آرام سان هلندا هئا سندن لحاظ سان يَمۡشُوۡنَ عَلَي الۡاَرۡضِ هَوۡنًا (الله جا ٻانها زمين تي نرميءَ سان هلن ٿا) ۽ وَاقۡصِدۡ فِيۡ مَشۡيِکَ (پنهنجي هلڻ ۾ وچٿرو رهه) تي پورو عمل هو ان ۾ ڪا تڪليف يا مشقت نه ڪندا هئا. ۽ اهو سندن معمول هو جيئن سندن حُسن هميشه حُسن هو. حالات جي تبديليءَ سان تبديل نه ٿيندو هو، ۽ تيز رفتار هلڻ مان سندن مقصد ساٿين کي ٿڪائڻ نه هو پر سندن مزاج مبارڪ ائين هئي.

                                                                      (جمع الوسائل ج 1 ص 176)

هيءَ حديث ٻين هنن محدثن آندي آهي: {1} احمد في المسند  ج 2 ص 350 {2} ابن سعد في الطبقات ج 1 ص 379، 380 {3} ابو الشيخ في اخلاق النبي ص 211.

}124} حَدَّثَنَا عَلِيُّ بْنُ حُجْرٍ ، وَغَيْرُ وَاحِدٍ قَالُوا : حَدَّثَنَا عِيسَى بْنُ يُونُسَ ، عَنْ عُمَرَ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ مَوْلَى غُفْرَةَ قَالَ : أَخْبَرَنِي إِبْرَاهِيمُ بْنُ مُحَمَّدٍ ، مِنْ وَلَدِ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ قَالَ : كَانَ عَلِيٌّ إِذَا وَصَفَ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ : كَانَ إِذَا مَشَى تَقَلَّعَ كَأَنَّمَا يَنْحَطُّ مِنْ صَبَبٍ.

با محاوره ترجمو: حضرت ابراهيم بن محمد f (حضرت علي d جو پوٽو) چوي ٿو ته حضرت علي d نبي پاڪ جن جون سهڻيون صفتون بيان ڪندي چوندو هو ته رسول الله جن جڏهن هلندا هئا ته پير مبارڪ زور سان کڻندا هئا، ڄڻ ته ڪنهن لاهي ۾ ٿا لهن.

مفردات جو شرح: وَصَفَ وصف کان ورتل . تعريف ڪرڻ، صفت بيان ڪرڻ، حليو بيان ڪرڻ. تَقلَّعَ مضبوطيءَ سان قدم کڻڻ. يَنۡحَطَّ انحطاط کان ورتل، لهڻ ۽ ان جي اصل معنى آهي مٿانهين کان هيٺ اچڻ. صَبَبِ هيٺانهين. ”صب“ هيٺ لهڻ.

 

}125} حَدَّثَنَا سُفْيَانُ بْنُ وَكِيعٍ قَالَ : حَدَّثَنَا أَبِي ، عَنِ الْمَسْعُودِيِّ ، عَنْ عُثْمَانَ بْنِ مُسْلِمِ بْنِ هُرْمُزَ ، عَنْ نَافِعِ بْنِ جُبَيْرِ بْنِ مُطْعِمٍ ، عَنْ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا مَشَى تَكَفَّأَ تَكَفُّؤًا كَأَنَّمَا يَنْحَطُّ مِنْ صَبَبٍ.

با محاوره ترجمو: حضرت علي بن ابو طالب d کان روايت آهي ته رسول الله جن جڏهن هلندا هئا ته ٿورو اڳتي جهڪي هلندا هئا، ڄڻ ته مٿانهين کان هيٺ ٿا لهن.

مفردات جو شرح: ”تَکُفَّاءُ رڪاوٽ کان سواءِ اڳتي جُهڪيل قدم به قدم هلڻ.

سمجهاڻي: هنن ٻنهي مذڪور روايتن جي سمجهاڻي باب ماجاء في خلق رسول الله جي حديث 3 واري ساڳي آهي اتي ڏسڻ گهرجي. هي ٻئي حديثون به ٻين انهن محدثن آنديون آهن جن جو ذڪر حديث نمبر 7 ۽ حديث نمبر 5 ۽ 6 ۾ لکي آيا آهيون.

 

 


فهرست

فهرست

پنهنجي پاران

تقريظ1حضرت سڄڻ سائين

تقريظ 2 پير ڪرم الله

تقريظ 3 مفتي عبدالرحيم

تقريظ 4 مفتي محمد جان

تقريظ 5 مفتي فهيم احمد

تقريظ 6 مولانا حبيب الرحمان

تقريظ 7 عبدالرسول قادري

مقدمھ

بسم الله  جي تشريح

خطبة الکتاب

محدث ترمذي  جي سوانح

باب1: رسول الله جي سهڻي صورت جو بيان

باب2 :  مُهَرِ نبوت

باب3:  وارن  مبارڪ

باب 4:  ڦڻي ڏيڻ

باب 5:  اڇا  وار مبارڪ

باب 6: خضاب  ڪرڻ

باب 7: سرمو پائڻ

باب 8 پوشاڪ مبارڪ

باب 9 گذران مبارڪ

باب 10:  موزا پائڻ

باب 11:  جتي پائڻ

باب 12: منڊي مبارڪ

باب 13 ساڄي هٿ ۾ منڊي

باب 14: تلوار مبارڪ

باب 15:  زره مبارڪ

باب 16:  خود (لوهي ٽوپ)

باب 17:  پڳ مبارڪ

باب 18:  گوڏ مبارڪ 

باب 19:  هلڻ مبارڪ

باب 20 تيل ۾ سڻڀو  ڪپڙو

باب 21: ويهڻ مبارڪ

باب 22 ٽيڪ ڏئي ويهڻ

باب 23 ٻئي تي ٽيڪ ڏئي هلڻ

باب 24:  کائڻ مبارڪ

باب 25:  ماني مبارڪ

باب 26:  ٻوڙ مبارڪ

باب 27 کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ

باب 28 کائڻ کان اول ۽ پوءِ دعا

باب 29 پاڻي  وارو پيالو مبارڪ

باب 30:  ميون واپرائڻ

باب 31 پيئڻ واريون شيون

باب 32:  پيئڻ جو طريقو

باب 33 خوشبوءِ لڳائڻ

باب 34:  گفتار مبارڪ

باب 35:  کلڻ مبارڪ

باب 36 خوشطبعي  مبارڪ

باب 37 شعر متعلق ارشاد

اهم خبرون

حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري

دامت برڪاتهم العاليه جن

هر اسلامي مهيني جي پهرئين آچر تي

دعوت حق الله تعالي جي ذڪرجي محفل ڪندا آهن

هن ذڪر جي مجلس ۾ پاڻ محبوب عليه الصلواه والسلام جن سان محبت جو درس به ڏيندا آهن

ته ڪافي پريشان حال شخصن کي ذڪر و فڪر جي ذريعي سندن تڪليفن جو حل پڻ ٻڌائيندا آهن.

 

Copyright Notice All contents @ 2010 Bulbul e Madina.com Site Designed By:
. مولوي رحيم بخش ڏاهري فرام تاج مسجد مورو سنڌ
Free Web Hosting